islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 79 سوره النازعات

    79 سوره النازعات

    Rate this post

    (1) وَالنَّازِعَاتِ غَرْقًا
    1 – 1. اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي.

    (2) وَالنَّاشِطَاتِ نَشْطًا
    2 – 2. ۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي.

    (3) وَالسَّابِحَاتِ سَبْحًا
    3 – 3. ۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي.

    (4) فَالسَّابِقَاتِ سَبْقًا
    4 – 4. پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي.

    (5) فَالْمُدَبِّرَاتِ أَمْرًا
    5 – 5. پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي.

    (6) يَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ
    6 – 6. ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي.

    (7) تَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ
    7 – 7. ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو.

    (8) قُلُوبٌ يَوْمَئِذٍ وَاجِفَةٌ
    8 – 8. تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون.

    (9) أَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ
    9 – 9. انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون.

    (10) يَقُولُونَ أَئِنَّا لَمَرْدُودُونَ فِي الْحَافِرَةِ
    10 – 10. چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟

    (11) أَئِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً
    11 – 11. ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟

    (12) قَالُوا تِلْكَ إِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ
    12 – 12. چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي.

    (13) فَإِنَّمَا هِيَ زَجْرَةٌ وَاحِدَةٌ
    13 – 13. پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي.

    (14) فَإِذَا هُم بِالسَّاهِرَةِ
    14 – 14. پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا.

    (15) هَلْ أتَاكَ حَدِيثُ مُوسَى
    15 – 15. (اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟

    (16) إِذْ نَادَاهُ رَبُّهُ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى
    16 – 16. جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو.

    (17) اذْهَبْ إِلَى فِرْعَوْنَ إِنَّهُ طَغَى
    17 – 17. ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي.

    (18) فَقُلْ هَل لَّكَ إِلَى أَن تَزَكَّى
    18 – 18. پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟

    (19) وَأَهْدِيَكَ إِلَى رَبِّكَ فَتَخْشَى
    19 – 19. ۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين.

    (20) فَأَرَاهُ الْآيَةَ الْكُبْرَى
    20 – 20. پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين.

    (21) فَكَذَّبَ وَعَصَى
    21 – 21. پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين.

    (22) ثُمَّ أَدْبَرَ يَسْعَى
    22 – 22. وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو.

    (23) فَحَشَرَ فَنَادَى
    23 – 23. پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين.

    (24) فَقَالَ أَنَا رَبُّكُمُ الْأَعْلَى
    24 – 24. پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان.

    (25) فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكَالَ الْآخِرَةِ وَالْأُولَى
    25 – 25. پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.

    (26) إِنَّ فِي ذَلِكَ لَعِبْرَةً لِّمَن يَخْشَى
    26 – 26. بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي.

    (27) أَأَنتُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَمِ السَّمَاء بَنَاهَا
    27 – 27. ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟

    (28) رَفَعَ سَمْكَهَا فَسَوَّاهَا
    28 – 28. اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين.

    (29) وَأَغْطَشَ لَيْلَهَا وَأَخْرَجَ ضُحَاهَا
    29 – 29. ۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين.

    (30) وَالْأَرْضَ بَعْدَ ذَلِكَ دَحَاهَا
    30 – 30. ۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين.

    (31) أَخْرَجَ مِنْهَا مَاءهَا وَمَرْعَاهَا
    31 – 31. اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين.

    (32) وَالْجِبَالَ أَرْسَاهَا
    32 – 32. ۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين.

    (33) مَتَاعًا لَّكُمْ وَلِأَنْعَامِكُمْ
    33 – 33. اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ.

    (34) فَإِذَا جَاءتِ الطَّامَّةُ الْكُبْرَى
    34 – 34. پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو.

    (35) يَوْمَ يَتَذَكَّرُ الْإِنسَانُ مَا سَعَى
    35 – 35. اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين.

    (36) وَبُرِّزَتِ الْجَحِيمُ لِمَن يَرَى
    36 – 36. ۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو.

    (37) فَأَمَّا مَن طَغَى
    37 – 37. پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو.

    (38) وَآثَرَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا
    38 – 38. ۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين.

    (39) فَإِنَّ الْجَحِيمَ هِيَ الْمَأْوَى
    39 – 39. تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي.

    (40) وَأَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوَى
    40 – 40. ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين.

    (41) فَإِنَّ الْجَنَّةَ هِيَ الْمَأْوَى
    41 – 41. پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي.

    (42) يَسْأَلُونَكَ عَنِ السَّاعَةِ أَيَّانَ مُرْسَاهَا
    42 – 42. (اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟

    (43) فِيمَ أَنتَ مِن ذِكْرَاهَا
    43 – 43. (اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟

    (44) إِلَى رَبِّكَ مُنتَهَاهَا
    44 – 44. اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي.

    (45) إِنَّمَا أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخْشَاهَا
    45 – 45. جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين.

    (46) كَأَنَّهُمْ يَوْمَ يَرَوْنَهَا لَمْ يَلْبَثُوا إِلَّا عَشِيَّةً أَوْ ضُحَاهَا
    46 – 46. جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا.