islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 97 سوره القدر

    97 سوره القدر

    Rate this post

    (1) إِنَّا أَنزَلْنَاهُ فِي لَيْلَةِ الْقَدْرِ
    1 – 1. بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو.

    (2) وَمَا أَدْرَاكَ مَا لَيْلَةُ الْقَدْرِ
    2 – 2. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته شب قدر ڇا آھي.

    (3) لَيْلَةُ الْقَدْرِ خَيْرٌ مِّنْ أَلْفِ شَهْرٍ
    3 – 3. شب قدر، ھزار مھينن کان ڀلي آھي.

    (4) تَنَزَّلُ الْمَلَائِكَةُ وَالرُّوحُ فِيهَا بِإِذْنِ رَبِّهِم مِّن كُلِّ أَمْرٍ
    4 – 4. منجھس ملائڪ ۽ رُوح پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان سڀڪنھن ڪم (جي پورائي) لاءِ لھندا آھن.

    (5) سَلَامٌ هِيَ حَتَّى مَطْلَعِ الْفَجْرِ
    5 – 5. اُنھيءَ رات پرھ ڦُٽڻ تائين سلامتي آھي.