islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 96 سوره العلق

    96 سوره العلق

    Rate this post

    (1) اقْرَأْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِي خَلَقَ
    1 – 1. (اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.

    (2) خَلَقَ الْإِنسَانَ مِنْ عَلَقٍ
    2 – 2. ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.

    (3) اقْرَأْ وَرَبُّكَ الْأَكْرَمُ
    3 – 3. پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.

    (4) الَّذِي عَلَّمَ بِالْقَلَمِ
    4 – 4. جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.

    (5) عَلَّمَ الْإِنسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ
    5 – 5. ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.

    (6) كَلَّا إِنَّ الْإِنسَانَ لَيَطْغَى
    6 – 6. سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.

    (7) أَن رَّآهُ اسْتَغْنَى
    7 – 7. جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.

    (8) إِنَّ إِلَى رَبِّكَ الرُّجْعَى
    8 – 8. بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.

    (9) أَرَأَيْتَ الَّذِي يَنْهَى
    9 – 9. اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.

    (10) عَبْدًا إِذَا صَلَّى
    10 – 10. (منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.

    (11) أَرَأَيْتَ إِن كَانَ عَلَى الْهُدَى
    11 – 11. ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.

    (12) أَوْ أَمَرَ بِالتَّقْوَى
    12 – 12. يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.

    (13) أَرَأَيْتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلَّى
    13 – 13. ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.

    (14) أَلَمْ يَعْلَمْ بِأَنَّ اللَّهَ يَرَى
    14 – 14. ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.

    (15) كَلَّا لَئِن لَّمْ يَنتَهِ لَنَسْفَعًا بِالنَّاصِيَةِ
    15 – 15. ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.

    (16) نَاصِيَةٍ كَاذِبَةٍ خَاطِئَةٍ
    16 – 16. اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.

    (17) فَلْيَدْعُ نَادِيَه
    17 – 17. پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.

    (18) سَنَدْعُ الزَّبَانِيَةَ
    18 – 18. اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.

    (19) كَلَّا لَا تُطِعْهُ وَاسْجُدْ وَاقْتَرِبْ
    19 – 19. ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.