islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 95 سوره التین

    95 سوره التین

    Rate this post

    (1) وَالتِّينِ وَالزَّيْتُونِ
    1 – 1. انجير ۽ زيتون جو قسم آھي.

    (2) وَطُورِ سِينِينَ
    2 – 2. ۽ طُور سينا جو.

    (3) وَهَذَا الْبَلَدِ الْأَمِينِ
    3 – 3. ۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.

    (4) لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِي أَحْسَنِ تَقْوِيمٍ
    4 – 4. ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.

    (5) ثُمَّ رَدَدْنَاهُ أَسْفَلَ سَافِلِينَ
    5 – 5. وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.

    (6) إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ فَلَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ
    6 – 6. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.

    (7) فَمَا يُكَذِّبُكَ بَعْدُ بِالدِّينِ
    7 – 7. پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟

    (8) أَلَيْسَ اللَّهُ بِأَحْكَمِ الْحَاكِمِينَ
    8 – 8. حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟