islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 94 سوره الشرح

    94 سوره الشرح

    Rate this post

    (1) أَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ
    1 – 1. (اي پيغمبر) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟

    (2) وَوَضَعْنَا عَنكَ وِزْرَكَ
    2 – 2. ۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون.

    (3) الَّذِي أَنقَضَ ظَهْرَكَ
    3 – 3. جنھن تنھنجي پٺي کي ڳرو ڪيو ھو.

    (4) وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ
    4 – 4. ۽ تنھنجي ساراھ تولاءِ مٿاھين ڪئي سون.

    (5) فَإِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا
    5 – 5. ڇوته بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.

    (6) إِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا
    6 – 6. بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.

    (7) فَإِذَا فَرَغْتَ فَانصَبْ
    7 – 7. تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين ته (عبادت لاءِ) محنت ڪر.

    (8) وَإِلَى رَبِّكَ فَارْغَبْ
    8 – 8. ۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ.