islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 93 سوره الضحی

    93 سوره الضحی

    Rate this post

    (1) وَالضُّحَى
    1 – 1. مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.

    (2) وَاللَّيْلِ إِذَا سَجَى
    2 – 2. ۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.

    (3) مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلَى
    3 – 3. ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.

    (4) وَلَلْآخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْأُولَى
    4 – 4. ۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.

    (5) وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَى
    5 – 5. ۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.

    (6) أَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيمًا فَآوَى
    6 – 6. توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.

    (7) وَوَجَدَكَ ضَالًّا فَهَدَى
    7 – 7. ۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.

    (8) وَوَجَدَكَ عَائِلًا فَأَغْنَى
    8 – 8. ۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.

    (9) فَأَمَّا الْيَتِيمَ فَلَا تَقْهَرْ
    9 – 9. تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.

    (10) وَأَمَّا السَّائِلَ فَلَا تَنْهَرْ
    10 – 10. ۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.

    (11) وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ
    11 – 11. ۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.