islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. مسلمانن جي ايڪتا جو هفتو ۽ بيداري اسلامي

    مسلمانن جي ايڪتا جو هفتو ۽ بيداري اسلامي

    Rate this post

    عرب جزيري مان هڪ اهڙي وقت پاڻ سڳورن حضرت محمد (ص) جو نور سان ڀريل ظهور ٿيو هو، جڏهن عرب وارا جاهليت ۽ پوئتي پيل جي مثال بڻجي چڪا هئا. علم ۽ هنر کان بلڪل پري، هي معاشرو گهڻن ڏکن ۾ ڦاٿل هو، هتان جا ماڻهو تجارت کي هي پنهنجو وسيلو بڻائي ويٺا هئا، ان واپار ۾ سڀ کان گهڻو نفعو بتن ۽ غلامن جي خريد ۽ فروخت ڪرڻ واري کي سمجهيو ويندو هو. عورت تفريح جي طبيعت ۽ ڌي عزت ۽ غيرت جو سوال سمجهيو ويندو هو، حلال ۽ حرام جي فرق کان اٻوجهه هي معاشرو هڪ اهڙي هادي، رهبر ۽ رهنما جو وڏي شدت سان انتظار ڪري رهيو هو جيڪو انهن جي زندگين کي سنواري سگهي. اهڙي بگڙيل اخلاقي ۽ انساني قدرن کان خالي معاشري کي ڪنهن معجزي جهڙي شخصيت ئي سئين واٽ تي آڻي پئي سگهي. اهڙي طرح الله تعالى جي طرفان پاڻ سڳورن حضرت محمد مصطفى (ص) کي معجزي جي طور تي ئي انهي معاشري ۾ موڪليو، پاڻ سڳورن(ص) ماڻهن تائين الله تعالى جو پيغام پهچايو، اهو اوهان جي شخصيت ۽ گُڻن جو ئي ڪمال آهي، جو اڄ چوڏهن سال جي گذرڻ جي باوجود خداوند متعال جو سڏ هر لمحي هن پوري زمين تي گونجي رهيو آهي. انڊونيشيا کان فجر جي آذان بلند ٿيندي آهي، جيڪا سماٽرا، ملائيشا، ڍاڪا، سريلنڪا، انڊيا، پاڪستان، افغانستان ايران، مسقط، سعودي عرب ، يمن، عراق، ترڪي، لبيا، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ لڳاتار يارنهن ڪلاڪن تا گنجدي رهي ٿي اڃا اهو سلسلو جاري ئي هوندو آهي ته ظهر ۽ عصر جي آذان شروع ٿي ويندي آهي، اهو پاڻ سڳورن (ص) جي شخصيت جو ئي اثر آهي ته هي ڌرتي هڪ لمحو به اوهان جي پيغام کان خالي ناهي رهندي، ربيع الاول جو اهو ڀلارو مهينو آهي جنهن ۾ حضور ڪريم (ص) جن هن دنيا ۾ آيا ۽ پنهنجي نور سان سڄي دنيا کي منور ڪيائين انهي ڪري هي مهينو هر هڪ مسلمان لاءِ هڪ جيترو عقيدت ۽ احترام جو حامل آهي. امام الانبياء، خاتم المرسلين، سيدالعالمين جي ولادت جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ هفته وحدت مسلمين جي نالي سان هڪ هفتو ملهايو ويندو آهي، سڄي دنيا جا مسلمان هن مبارڪ موقعي تي نبي ڪريم (ص) جي ذڪر ۾ محفلون آباد ڪندا آهن ۽ پاڻ سڳورن جي سيرت ۽ ڪردار کي دنيا جي سامهون پيش ڪندا آهن. اسلام جي بي مثال پيغام ۽ نبي اڪرم (ص) جي عالمگير شخصيت ۽ ان جي تعليم مان استفادو حاصل ڪندي مسلمان دنيا ۾ مرڪزي قوت ٿي ڪري اُڀريا آهن.

    پاڻ ڪريم (ص) پنهنجي امت کي سڀ کان وڌيڪ اتحاد ۽ اتفاق جو درس ڏنو ۽ فرقه واريت کان بچڻ جو درس ڏنو. اسلامي ملت جي قوت جو بنيادي راز به اهو ئي آهي. انهي ڪري اوهان جي ولادت جي موقعي تي مسلمان هفته وحدت مسلمين جي نالي سان ملهائيندا آهن، دنيا ۾ عظيم ۽ عاليشان اجتماع منعقد ٿيندا آهن، ريليون ڪڍيون وينديون آهن جنهن ۾ توحيد وارا ڀرپور شرڪت ڪندا آهن، ولادت جي موقعي تي قرئت جا مقابلا ٿيندا آهن، نعتن جا پروگرام رکيا ويندا آهن، جنهن ۾ لکين ثناء ڪندڙ رحمة للعالمين جي دربار ۾ عقيدت پيش ڪندا آهن.

    هي سڀ محفلون نه صرف نئين نسل کي فڪري صلاحيت عطا ڪنديون آهن بلڪه علمي سرمائي ۾ پڻ اضافو ڪنديون آهن. خاتم النبين حضرت محمد (ص) سان محبت جو تقاضو ته هي هجي جو ربيع الاول جي برڪتن ڀريل سڄي مهيني کي اسلامي حڪومتون سرڪاري سطح سان ملهائن ها. پر حقيقت ۾ ائين نه آهي موجوده وقت ۾ پاڪستان سميت ملت اسلامي کي جن مسئلن جو منهن ڏسڻو پيو انهي جي حل لاءِ پاڻ سڳورن (ص) جي تعليم ۽ سندن زندگي مبارڪ جي هر لمحي کي اڄاڳر ڪرڻ ضروري آهي. هفته وحدت مسلمين اسلامي تعليمات کي فروغ ڏيڻ جو بهترين موقعو آهي، اسلامي ملڪن جي حڪمرانن کي گهرجي ته ان مبارڪ موقعي مان پوري طرح فائدو حاصل ڪن ۽ حضور اڪرم (ص) جي ڪردار ۽ پيغام کي اسلامي ملڪن تائين پهچائڻ ۾ عملي ڪردار ادا ڪن، جتي اسلامي تعليم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، اڄ دنيا ۾ مسلمانن جي درميان فرعي، لساني، زميني اختلافن کي بنياد بڻائي ڪري تقسيم در تقسيم جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، عراق، افغانستان، يمن، ڪشمير، فلسطين ۽ پياري وطن پاڪستان جا حالات ان ڳالهه جو ڏس ڏيئي رهيا آهن ته رحمة للعالمين حضرت محمد (ص) سيرت ۽ ڪردار سان جيڪو امت مسلمه کي درس ڏنو اڄ اسان انهي کان پري ٿي ويا آهيون، جيڪڏهن اڄ به نبي ڪريم (ص) جي هي امت محمدي هڪ ٿي ڪري دنيوي مسئلن جي انهي ٻيلي کي ڪٽڻ جي لاءِ سندرو ٻڌي تيار ٿئي ته انهي ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اسلام ۽ اسلامي طرز زندگي جي دشمن کي هميشه هميشه لاءِ نيست ۽ نابود ڪري ڇڏي.

    هفته وحدت جا ڏينهن ئي اهي خوبصورت موقعا آهن، جڏهن مسلم حڪمران پنهنجي عوام جي مطالبي سان اسلامي بلاڪ ٺاهڻ جو اعلان ڪري I M F ورلڊ بينڪ جي پنجي مان آزادي لاءِ گڏيل اسلامي ڪرنسي کي جاري ڪري ۽ اسلامڪ بينڪ جو افتتاح ڪري آمريڪا، برطانيا، سوئيزرلينڊ ۽ ٻين غير اسلامي ملڪن ۾ موجود پنهنجي قيمتي اثاثن کي اسلامي ملڪن ۾ منتقل ڪري اسلامي ملڪن لاءِ تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ پنجاهه فيصد گهٽتائي جو اعلان ڪري اسلامي ملڪن جي درميان عوامي ۽ قومي ضرورت جي سڀني منصوبن کي يهودين ۽ نصيرين جي عالمي قانونن کان ڌار ڪري انهي کي فوري طور تي مڪمل ڪرڻ سان گڏو گڏ وڌيڪ منصوبن جو اعلان ڪري پاڙيسري ملڪ پاڻ ۾ دفاعي معاهدا ڪن ۽ پنهنجي سرزمين تي جڙتو سپر پاورن کي انٽيليجنسن ۽ ڇانوڻين کي خالي ڪرائي، ڪنهن به اسلامي ملڪ جي خلاف آمريڪا، اسرائيل يا هندوستان جي هٽ ڌرمي کي تمام اسلامي ملڪن جي خلاف هٽ ڌرمي جي قرارداد منظور ڪري انهي کي قانون جي درجي ۾ لاڳو ڪيو وڃي. O I C جيڪا سياسي ميدان ۾ ڪابه خاطر خواهه ڪارگردگي ظاهر نٿي ڪري اها اسلامي ملڪن ۾ آمريڪي ايجنسين جي طرفان ٿيڻ واري دهشتگردي جو نوٽيس وٺي ۽ ان جي متعلق پنهنجي متفقه لائحه عمل جو اعلان ڪري.

    عرب حڪمران به هاڻ رنگ رلين کي ڇڏي ڪري داخلي ۽ خارجي خصوصاً اسلامي معاملن ۾ پنهنجي دل چسپي جو اظهار ڪري ۽ مسلمانن جي خلاف ٿيندڙ سڀني سازشن جي مرڪزن کي ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ايران ۾ هينئر لاڳو ٿيندڙ پابندين جي خلاف آواز اٿاري، امت جي اجتماعي مسئلن کي حل ڪرڻ سان ئي هر مسلمان جا انفرادي مسئلا حل ٿيڻ ممڪن آهن، جڏهن ته موجوده مسلم حڪمران پاڻ سڳورن جي ڏسيل واٽ جي بجائي يهودين ۽ نصيرين کي پاڻ تي مسلط ڪيو ويٺا آهن جنهن جي ڪري ايدڙ نسلون به گمراهي جو شڪار ٿي رهيون آهن، غير اسلامي ملڪن ۽ ان جي حڪومت کي رول ماڊل بڻائي انهي جي نقل ڪرڻ جي ڪري روحاني ۽ اسلامي قدرن ۽ اخلاق زوال جو شڪار آهن. رياست ۽ عوام جا اهي مسئلا انهي وقت تائين ختم نٿا ٿي سگهن، جيستائين پاڻ سڳورن جي حڪمن کي مڪمل طور لاڳو نه ڪيو وڃي، ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي جيڪڏهن پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ کي نمونه عمل بڻايو وڃي ته صرف پاڪستان جا نه پر پوري دنيا جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، پاڻ سڳورن (ص) جي پاڪ هستي صرف مسلمانن جي لاءِ قابل احترام ڪونهي بلڪه سڄي انسانيت لاءِ معزز آهي ڇو ته پاڻ سڳورا (ص) سڄي جهان لاءِ رحمت نڻجي ڪري آيا، حضور اڪرم (ص) پنهنجي پوري زندگي ۾، پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ٻين جي حقن کي ان طرح محفوظ ڪيو جيڪو سڄي انسانيت لاءِ روشن مينار آهي.

    هفته وحدت ۾ پاڻ سڳورن جي محفلن کي منعقد ڪري اهڙا سُر وکيريا وڃن ۽ ٻئي طرف عاشقان رسول (ص) ، آفتاب رسالت جي حضور ۾ ڀرپور عقيدت پيش ڪري حقيقي لطف ۽ سڪون پائيندا آهن ۽ پنهنجي آخرت جو سهڻي نموني انتظام ڪندا آهن
    http://www.shiafiker.com ن:مجاهد حسین مخلصی