islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. مشرق وسطى واري سياسي صورتحال جي باري ۾ ڪجهه سوال جواب

    مشرق وسطى واري سياسي صورتحال جي باري ۾ ڪجهه سوال جواب

    Rate this post

    جيڪا شئ عوام کي روڊن تي اچڻ ، ظالم ۽ ڊڪٽيٽر حڪمرانن خلاف آواز اٿارڻ جو سبب بڻي آهي اها حڪومتن طرفان ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي ديني، ثقافتي، سياسي، اقتصادي ۽ اجتماعي ميدان ۾ قومي عزت ۽ وقار کي پائمال ڪرڻ آهي.

    مسلمان عرب ملڪن ۾ گڏيل طور تي رونما ٿيڻ وارا انقلاب ۽ اتان جي سياسي نظام جي حڪمرانن جي سرنگوني، ان جي سببن ۽ اصلي مقصد جي باري ۾گھڻا ئي سوال ڪيا وڃن ٿا. جن جا مختلف سياسي مبصرن پنهنجي معلومات ۽ ذوق مطابق ڪيئي جواب ڏنا آهن ۽ ان خطي جي سياسي تبديلين تي پنهنجي رائي ڏني آهي. انهن مان ڪجهه سوالن ۽ انهن جي جوابن کي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:

    1. ان سياسي تبديلين کي مختصر طور تي ڪيئن بيان ڪري سگھجي ٿو؟

    اگر اسان تيونس، مصر، بحرين، يمن ۽ ليبيا جي حڪومتن تي نظر وجهنداسين. جتي باقي عرب ملڪن کان پهريان سياسي تبديلين جنم ورتو آهي ته ڏسنداسين ته يورپي ملڪن سان ڳانڍاپو، ڪرپشن، آمريت، ناڪامي، دين ۽ ديندار ماڻهن سان دشمنيءَ ۾ هي سڀ حڪومتون هڪ جهڙي خصوصيتن جون حامل آهن. ان ڪري اسان اهو نتيجو وٺنداسين ته اهي سڀ ملڪ جتي هي تمام خصوصيات موجود آهن اهي سڀ سياسي تبديلين جي نشاني تي آهن. البته اتي موجود سياسي نظام جي نوعيت ۽ ان پنجن خصوصيتن جي گھٽ ۽ زورائتو هجڻ ڪري سياسي تبديلين ۾ فرق پئجي سگھي ٿو، ٻئي طرف هي سڀ خصوصيتون عزت سان مربوط آهن، ۽ چيو وڃي ٿو ته جيڪا شئ عوام کي روڊن تي سراپا احتجاج لاءِ آڻڻ واري آهي اها ملڪي ۽ غير ملڪي سطح تي ديني، ثقافتي، سياسي، اقتصادي ۽ اجتماعي ميدانن ۾ حڪمرانن طرفان قومي عزت ۽ وقار کي پائمال ڪرڻ آهي. هي اهي ئي سبب آهن جيڪي ايران جي اسلامي انقلاب جا سبب بڻيا هئا.
    حضرت امام خميني (ره) طرفان عوامي اڳواڻ ۽ سرواڻ طور باقاعده اقدام ان وقت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو جڏهن ايران جي پارليمنٽ ۾ “ ڪپٽلائزيشن” وارو قانون پاس ٿيو، ان موقعي تي امام (ره) جو واضح مؤقف اهو هو ته اسان جي عزت کي سرعام وڪڻيو ۽ پائمال ڪيو ويو آهي. امام(ره) فرمايو: مون پنهنجي سيني کي توهان جي بندوقن لاءِ تيار ڪري ڇڏيو آهي، پر توهان جو ظلم ۽ ڏاڍ براشت نه ڪبو، ان ڪري ايران، اترين افريقا ۽ مشرق وسطى جي عرب ملڪن ۾ انقلاب جي اصل بنياد “عزت” آهي.

    ڪافرن سان نبي سڳوريؐ جي پهرين ڳالهه“ قولوا لا اله الا الله تفلحوا” هئي، پاڻ سڳورن ائين نه فرمايو ته “ قولوا لا اله الا الله تسلموا ” ان جي دليل واضح آهي. فلاح ۽ ڪاميابي ايمان ۽ اسلام جو نتيجو آهن، ان ڪري پاڻ سڳورن فلاح (آزادي ۽ ڪمال يا ٻين لفظن ۾عزت) جو لفظ استعمال ڪيو. هي هڪ واضح حقيقت آهي ته عزت، اسلام جو ثمرو آهي ۽ الله پاڪ ان باري ۾ فرمايو آهي:

    ان العزة لله جميعا هو السميع العليم(سوره يونس آيه 56)

    عزت صرف ۽ صرف الله تي ايمان، ۽ پاڪ رسول جي تعليمات تي عمل ڪندي ئي حاصل ڪري سگھجي ٿي.

    2. انهن ملڪن ۾ سياسي تبديلين جي ٿيڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟

    ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته انسان جي انفرادي يا اجتماعي رويي ۾ ٿيندڙ هر تبديلي بغير ڪنهن مقدمي ۽ سابقي کان بغير ممڪن ئي ڪانهي. انساني معاشري ۾ ٿيندڙ تبديليون جهڙي ريت مشڪل ۽ مونجهاري واريون هونديون آهن جنهن جي کول، تجزيي ۽ تحليل لاءِ گھڻن ئي گذريل واقعن کي نظر ۾ رکڻ جي ضرورت هوندي آهي، اهڙي ريت عرب دنيا ۾ به ٿيندڙ هاڻوڪن انقلابن ۾ به ڪجهه سبق سيکاريندڙ واقعا پڻ موجود آهن جيڪي يقيناً ان حالتن تي گھڻا ئي اثر انداز آهن انهن مان
    پهريون واقعو: ايران وارو اسلامي انقلاب آهي، جيڪو حقيقت ۾ يورپي دنيا جي اهم اسٽريٽجڪ اڏي تي عوامي قبضو هو، ۽ ان هڪ ڇڙواڳ حڪومت جو خاتمو ڪيو، جيڪا هڪ طاقتور فوج جي حامل هئي.
    ٻيون واقعو: 1979 کان 1988 تائين روسي فوج جو مقابلو هو، جنهن ۾ افغان مجاهدن جي جنگي مزاحمت هئي، جنهن ۾ سڀ کان گھٽ وسيلن جي حامل عوام هڪ بي رحم سپر پاور کي گوڏا ٽيڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

    ٽيون واقعو: 1983 ۾ لبنان تي اسرائيلي قبضي کان وٺي 2007 ۾ حزب الله ۽ اسرائيل درميان 33 ڏينهن واري جنگ دوران لبناني عوام جي مزاحمت ۽ ڳجهي طاقت جي حامل آرمي، نيوي ۽ ائير فورس کان خالي اسرائيل جي مقابلي ۾ ڪاميابي هئي.
    چوٿون واقعو: يمن ۾ 2004 کان 2010 تائين الحوثي گروپ طرفان يمن، سعودي عرب ۽ اردن درميان اسلام مخالف اتحاد جي مقابلي ۾ مزاحمت آهي. حوثي گروپ ان دوران ٿورڙي وسيلن سان 6 دفعا اتحادي فوجين جو مقابلو ڪيو ۽ آخرڪار ٽن صوبن صعده، عمران ۽ حجه تي قبضو ڪرڻ کان علاوه اترين يمن ۾ موجود سعودي عرب جي 53 فوجي اڏن جو پڻ خاتمو ڪيو.

    پنجون واقعو: عراق ۾ 2003 کان 2011 تائين عوام جي 3 لک امريڪي حفاظتي فوج جي مقابلي ۾ فتح آهي، جيڪا هڪ ڊگھي عرصي لاءِ عراق ۾ رهڻ لاءِ آيل هئي. عراقي عوام ملڪ ۾ قبائلي ۽ مذهبي ويڙهه ۽ اختلافن باوجود پنهنجي مرضي جي جمهوري حڪومت آڻڻ ۽ پنهنجي پسند جي قانون آڻڻ ۾ ڪامياب رهي. هي پنج واقعا ڪجهه شين کي ثابت ڪن ٿا هڪ ته اسلام ۽ اسلامي ليڊرشپ ۾ ماڻهن کي انقلاب آڻڻ تي تيار ڪرڻ ۽ انهن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. اسلام هڪ فائدي مند ۽ ذميوار نظام کي وجود ۾ آڻڻ جي پوري طاقت رکي ٿو، جيڪو پنهنجي دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. ان کان سواءِ يورپي طاقتن جو مقابلو ڪرڻ ۽ انهن کي هارائڻ ممڪن آهي. ان ڪري ئي ايران جي اسلامي انقلاب جو اڳواڻ آية الله سيد علي خامنه اي، حزب الله جو جنرل سڪريٽري سيد حسن نصر الله، اسلامي جمهوري ايران جو صدر محمود احمدي نزاد ۽ فلسطيني وزير اعظم اسماعيل هنيه، مشرق وسطى ۽ اترين افريقا جي محبوب ترين شخصيتن مان شمار ٿيندا آهن.
    پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ڪجهه تجزيه نگار ان حقيقتن کي ڍڪي هي دعوا ڪندا آهن ته هن خطي ۾ ٿيندڙ سياسي تبديليون صرف ۽ صرف انٽرنيٽ تي موجود ڪجهه ويب سائيٽن جي ڪري ئي آهن.

    3. ڇا ان سياسي تبديلين کي انقلاب جي نالي سان ياد ڪري سگھجي ٿو؟

    انقلاب جي تعريف هن ريت ڪئي ويئي آهي:

    “ڪنهن ملڪ ۾ حاڪم نظام، اقدار ۽ قانونن ۾ بنيادي ۽ اچانڪ تبديلي ” ڪجهه سياسي ماهرن ان ۾ اضافو ڪيو آهي ته هي تبديلي شدت پسندي ۽ قتل عام سان هجي ته ان کي انقلاب چئي سگھجي ٿو، پر ڪجهه ماهر، انقلاب کي شدت پسندي سان مشروط نٿا ڄاڻن.
    هاڻ تائين عرب ملڪن ۾ جيڪي به واقعا ٿيا آهن، اگرچه انهن کي بنيادي تبدلي نٿا چئي سگھون، ۽ اگر ڪو انقلاب جي گذريل تعريفن کي پنهنجي سامهون رکي تجزيو ڪرڻ چاهي ته هو اهو ئي چوندو ته اڃان انقلاب ناهي آيو، پر اها ڳالهه صحيح ڪونهي، ڇو ته ان ملڪن ۾ في الحال سياسي تبديلين جي شروعات ٿي آهي ۽ اڃان عوام ميدان ۾ آهي، ان ملڪن ۾ جيڪا تبديلي اتان جي حاڪم طاقتن ۾ اچي چڪي آهي ان کي بنيادي تبديلي چئي سگھجي ٿو. هي بنيادي تبديلي ڇا آهي ۽ ڪيئن پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي؟ مثال طور تي اگر مصر ۾ موجوده صدارتي طاقت بالڪل ختم ٿي وڃي ۽ ان جڳهه تي پارليماني طاقت اقتدار سنڀالي ۽ اليڪشن به آزاد ٿين ته اسان چئي سگھنداسين ته مصر جي سياسي نظام ۾ بنيادي تبديلي اچي چڪي آهي. ڇو ته هڪ ڇڙواڳ حڪومت ختم ٿي وئي ۽ جمهوري حڪومت ان جي جڳهه تي آئي آهي، اهڙي حڪومت مڪمل طور تي هڪ نئين حڪومت هوندي ڇو ته آزاد اليڪشن جو نتيجو يقيني طور تي اسلام پسند عناصر جي فتح ۾ ئي هوندو، ۽ اسلام، قانون سازي جو بنيادي محور بڻجي ويندو. مصر ۾ هاڻي تائين ڪهڙي تبديلي اچي چڪي آهي؟ سياسي نظام جو اڳواڻ ختم ٿي چڪو ۽ هڪ اعلى فوجي ڪائونسل تشڪيل ڏني وئي جيڪا اگرچه اڳوڻي صدر پاران جوڙي وئي پر ان طارق البشري جي اڳواڻي ۾ قانون دانن جي هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني، جنهن جي ذميواري ملڪ جي نئين قانون جو ابتدائي ڍانچو تيار ڪرڻ هو، ۽ جيڪو صدر کان پارليمنٽ ڏانهن طاقت جي منتقلي تي مبني هجي. ان ڪميٽي اعلان ڪيو ته هلندڙ سال سيپٽمبر تائين آزاد اليڪشن کي يقيني بڻايو ويندو. ان صورتحال کي سامهون رکندي چئي سگھجي ٿو ته مصر ۾ اچڻ واري تبديلي هڪ بنيادي تبديلي آهي، البته مصري عوام کي سازشن کان هوشيار رهڻ کپي، هي بنيادي تبديلي ايندڙ ڪجهه مهينن تائين وجود ۾ ايندي. ۽ امريڪا ۽ اسرائيل کي اهو حق پهچي ٿو ته هو اهو چون ته نئين مصر ۾ انهن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي.

    4. آمريڪي حڪومت دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين تي ڪنهن به قسم جو ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، اگرچه اهو ظاهر پئي ڪري ته صورتحال ان جي هٿن ۾ آهي، پر امريڪي حاڪمن جي متضاد ڳالهين مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته اگرچه هو سياسي تبديلين جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن، پر ان تبديلين کي ڪنٽرول ۽ يا انهن جو رخ بدلائڻ لاءِ ڪنهن چڱي منصوبا بندي ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪا آهن. هاڻوڪي حالات ۾ اگرچه ان خطي کي پنهنجي توجه جو مرڪز بڻايو اٿس پر ان وٽ ڪو مؤثر پلان ڪونهي. هو ڪائي منصوبا بندي ڪري به نٿا سگھن ڇو ته انقلابي جي نوعيت انٽي يورپ آهي، ۽ هو مجبور آهن ته انقلابين جي حق ۾ مؤقف اختيار ڪن.

    ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته عرب ملڪن ۾ ايندڙ انقلاب اسلامي آهن، جيڪي پنهنجي گھربل نتيجن يعني سياسي نظام ۽ ملڪي ۽ بين الاقوامي پاليسين ۾ بنيادي تبديلين کي ضرور حاصل ڪندا.
    منبع:http://www.shiasindh.com نویسنده:ذیشان مهدی سومرو