islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. مولا علي عليه السلام مخالفين جي نظر ۾

    مولا علي عليه السلام مخالفين جي نظر ۾

    Rate this post

    حد ثنا قتيبه بن سعيد و محمد بن عباد (تقاربا في اللفظ) قال حدثنا حاتم (وهو ابن اسماعيل ) عن بڪير بن مسمار عن عامر بن سعد بن ابي وقاص عن ابيه قال امر معايه بن ابي سفيان سعدا فقال ما منعڪ ان تسب ابا التراب، فقال اما ذڪرت ثلاثا قال لهن له رسول الله صلي الله عليه وسلم فلن اسبه لان تڪون واحده منهن احب الي من حمر النعم، سمعت رسول الله صلي الله عليه وسلم يقول خلفه في بعض مغازيه فقال له علي يا رسول الله
    خلقتني مع النساء الصبيان قال له رسول الله صلي عليه وسلم ترضيٰ ان تڪون مني منزله هارون من موسيٰ الا اله لا نبوت بعدي، وسمعت يقول يوم خيبر لاعطين الرايت رجلا يحب الله رسوله قال فتطاولنا لها قال ادعو الي اليا فاتي به ارمد فبصق في عينه و ورفه الرايه اليه ففتح الله عليه ولما نزلت هٰزه الايه “تعالوند ع ابنائنا وابنائڪم دعا رسول الله صلي الله عليه وسلم عليا و فاطمه و حسنا و حسينا فقال اللهم هائولاءِ اهلي.
    ترجمو: اسان سان قتيبه بن سعيد ۽ محمد بن عباد ڳالهه ڪئي. (لفظن ۾ ڦير هين ) ٻنهن چيو ته اسان سان حاتم (جيڪو اسماعيل جو پٽ آهي) ان بڪير بن مسمار کان ٻڌيو ان عامر بن سعد بن ابي وقاص کان ان پنهنجي پيءُ کان ته معاويه بن ابي سفيان سعد کي حڪم ڏنو ته توکي ڪهڙي ڳالهه روڪي ٿي ، ته تون ابوتراب کي گهٽ وڌ ڳالهين ته ان چيو ته جڏهن مون کي اهي ٽي ڳالهيون ياد اينديون آهن جيڪي رسول صل الله عليه و آله وسلم جن ان لاءِ چيون ته مان کيس هرگز گهٽ وڌ نه ڳالهائيندو آهيان ، جيڪڏهن انهن مان هڪ به مون کي ملي وڃي ته اها منهنجي لاءِ ڳاڙهن اٺن کان به وڌيڪ آهي ، جڏهن پاڻ سڳورا صل الله عليه و آله وسلم هڪ جنگ دوران کيس پٺيان ڇڏيون پيا وڃن ته مون ٻڌو ته عليءَ عليه السلام چيو يا رسول الله اوهان مون کي زالن ۽ ٻارن ۾ ڇڏيون پيا وڃو. پاڻ فرمايائون ته ” ڇا تون ان ڳالهه تي راضي نه آهين ته تنهنجو درجو مون سان ائين هجي جيئن هارون جو موسيٰ سان هو، سواءِ ان جي ته مون کان بعد ڪو به نبي نه ايندو ۽ ٻڌو مون رسول پاڪ صل الله عليه و آله وسلم کي خيبر واري ڏينهن چوندي ته آئون جهنڊو اهڙي مرد کي ڏيندس جيڪو الله ۽ ان جي رسول سان پيار ڪندو آهي ۽ الله ۽ ان جو رسول ان سان محبت ڪندا آهن، چيائين پوءِ اسان ان جو انتظار ڪرڻ لڳاسين ته فرمايائون مون کي علي سڏي ڏيو. پوءِ هو آيو ۽ سندس اکيون اٿيل هيون. پاڻ ڪريم جن سندن اکين ۾ لٻ مبارڪ هنئي ۽ جهنڊو سندس حوالي ڪيو پوءِ الله تعاليٰ سندس هٿ تي فتح عطا فرمائي ۽ جڏهن آيل ندع “اوهان پنهنجن پٽن کي سڏايو اسين پنهنجن پٽن کي سڏيون” لٿي. رسول الله صه جن علي عليه السلام، فاطمه عليها السلام ۽ حسن عليه السلام، حسين عليه السلام کي سڏيو ۽ چيو اي منهنجا الله هي منهنجو اهل آهي
    منبع:http://www.mwilayat.com