islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. نزول قرآن

    نزول قرآن

    Rate this post

    شهر رمضان الذي انزل فيه القرآن هدي للناس وبينات من الهدى والفرقان *

    رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو (۽ اهو قرآن) ماڻهن لاءِ هدايت ۽ (ان ۾) هدايت ۽ حق، ناحق ۾ وڇوٽي ڪندڙ، پڌريون نشانيون موجود آهن.

    مٿئين آيت ۾ ويچار ڪبو ته، معلوم ٿيندو ربّ پاڪ رمضان مهيني جو تعارف، قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ سان ڪرايو آهي،

    ان ڳالهه جي وضاحت هن ريت آهي: هي ڀلارو مهينو، هي عظمتن وارو مهينو، هي مغفرت ۽ بخشش وارو مهينو، هي مسڪينن جي ساراهه، سنڀال لهڻ جو مهينو بلڪه ان مهيني جي عظمت لاءِ ايترو ڪافي آهي ربّ پاڪ پوري قرآن ۾ رڳو هڪ مهيني جو نالو کنيو آهي، سو رمضان مبارڪ ئي آهي، ان جاءِ تي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته: ان مهيني جي عظمت جو ڪهڙو راز آهي.؟

    سو مختصر جواب ۾ چئي سگهجي ٿو: قرآن مجيد مان اهو سمجهه ۾ اچي ٿو، ته ان مهيني جي مڙني عظمتن جو راز، ان ڳالهه ۾ لڪيل آهي ته هن ڀلاري مهيني ۾ قرآن نازل ٿيو:

    شهر رمضان الذي انزل فيه القرآن

    ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن بيباڪ جوان جي ذهن ۾ سوال اٿي،

    آخرڪار نزول قرآن ۾ اهڙي ڇا ڳالهه آهي ته رمضان مبارڪ کي مهينن جو سردار بڻائي، ”سيد الشهور“ جو لقب ڏيارائي ڇڏيو اٿس.؟

    ان ڳالهه جو جواب به آيت جي اڳئين جملي ۾ آهي: ”هدي للناس“ قرآن مڙني انسانن لاءِ هدايت آهي، پوري بشريت لاءِ هدايت آهي، هي اهڙو ڪتاب آهي، جيڪو بشريت کي مايوسي، نا اميدي، بي مقصديت، گمراهيءَ ۽ اونداهين (ظلمات) مان ڪڍي نور ڏي آڻي ٿو، هدايت، ڪري ٿو.

    قرآن جي هدايت ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟

    قرآن هدايت ڪري ٿو، يعني ان ڪلام الهي جي وسيلي انسان، نقض کان ڪمال تائين پهچي سگهي ٿو، قرآن جي پنهنجي لفظن ۾ چئجي ته ظلمات (اونداهين) کان نور ڏي آڻي ٿو، خُسران ۽ گهاٽي ۾ پيل انسان کي لاڀائتي واپار ڏي آڻي ٿو.

    والعصر * انّ الانسان لفي خسر الّا الذين آمنو وعملوا الصالحات

    اهو ڪتاب آهي جيڪو اسفل سافلين جي کڏ م ڪريل انسان کي، اعلى عليين جي درجي تي پهچائي ٿو.

    اها قرآن جي هدايت ڪئين نصيب ٿيندي.؟

    قرآن جي هدايت تڏهن پلئه پوندي جڏهن اسان قرآن کي، پنهنجي زندگيءَ جو منشور قرار ڏينداسين، جڏهن قرآن جي تعليمات کي پنهنجي وجود ۽ سماج تي نافذ ڪنداسين، ۽ جڏهن پنهنجو پاڻ ۽ سماج تي قرآن جي حڪمراني نافذ ڪئي ته هيءَ دنيا، ظلم، بربريت ۽ ڏاڍ، جبر جي چنبي مان نڪري، عدل، انصاف ۽ امنيت جي ڇانوري ۾ ايندي.
    http://www.qsindh.com ن:وسیم رضا سبحانی