islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. نماز وڏو اهم فرض آهي.

    نماز وڏو اهم فرض آهي.

    Rate this post

    قرآن ۾ ان لاءِ بابت تاڪيد آيو آهي. ان جي ڇڏڻ کي مشرڪن جو فعل سڏيو ويو آهي:

    مُنِيبِينَ إِلَيْهِ وَاتَّقُوهُ وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَلَا تَكُونُوا مِنَ الْمُشْرِكِينَ (31) (الروم)

    ۽ سورت انعام جي تازو گڏيل آيت مان معلوم ٿيو ته قيامت کي برحق ۽ قرآن کي سچو مڃيندڙ اهي اهن جي نماز جي حفاظت ڪن ٿا ان کي ڪفر ۽ اسلام جو سنڌو چيو ويو آهي.

    فَإِنْ تَابُوا وَأَقَامُوا الصَّلَاةَ وَآَتَوُا الزَّكَاةَ فَإِخْوَانُكُمْ فِي الدِّينِ (11) (التوبه)

    بلڪ ڪافرن سان جهاد تيسين جاري رهندو جيسين اهي نماز پڙهن ۽ زڪوات ڏين

    فَإِنْ تَابُوا وَأَقَامُوا الصَّلَاةَ وَآَتَوُا الزَّكَاةَ فَخَلُّوا سَبِيلَهُمْ إِنَّ اللهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ (5) (التوبه)

    انهيءَ ڪري سلف صالحين جو اهو مسلڪ رهيو آهي ته نماز جو عمدًا تارڪ مسلمان نه آهي. ان لاءِ مٿيون آيتون خاص دليل آهن ان کاءن سواءِ ڪيتريون حديثون ان بابت دلالت ڪن ٿيون. جن مان چند ذڪر ڪجن ٿيون.

    عَنۡ جَابِرَ بْنَ عَبْدِ اللهِ قَالَ: قَالَ رَسُولَ اللهِ ﷺ بَيْنَ الرَّجُلِ وَبَيْنَ َالْكُفْرِ تَرْكُ الصَّلاَةِ » راوه مسلم وراه اهل

    السنن وصححه الترمذي (ڪتاب الصلوٰة لابن السقيم ص 36.

    جابر ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ڪنهن مد ۽ ڪفر جي وچ ۾ سنڌو نماز جو ڇڏڻ آهي يعني جيسين نماز پڙهندو تيسين ڪفر ان کان پري آهي ۽ جي ڇڏيائين ته ڪافر ٿي ويو.

    عَنْ بُرَيْدَةَ بن الحصيب الاسلمي ﷦ قَالَ سمعت رَسُولُ اللَّهِ -صلى الله عليه وسلم- « الْعَهْدَ الَّذِى بَيْنَنَا وَبَيْنَهُمُ الصَّلاَةُ فَمَنْ تَرَكَهَا فَقَدْ كَفَرَ ».

    رواه احمد وابوداؤد والنسائي والترمذي وقال حديث حسن صحيح وابن ماجة وابن حبان صحيحھ والحاڪم وقال صحيح لانعرف له علة (الترغيب والترهيب للمنذري ص 79-378ج 1) بريده ﷦ کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ کان فرمائيندي ٻڌو ته اسان مسلمانن ۽ ڪافرن جي وچ ۾ سنڌو نماز آهي پوءِ جنهن شخص ان کي ڇڏيو تنهن ڪفر ڪيو. حافظ ابن قيم ڪتاب الصلوٰة ص 37 ۾ هن روايت بابت فرمائي ٿو ته صحيح آهي ۽ ان جي سند مسلم جي شرط تي آهي.

    حديث (3) بَيْنَ الَعَبْدِ وَبَيْنَ الْكُفْرِ والايمان الصَّلاَةُ فَمَنْ تَرَكَهَا فَقَدْ كَفَرَ

    (رواه الحافظ ابولقاسم هبة الله الطبري اللالڪائي في شرح اعتقاد اهل السنة ص 822ج 4 وقال) اسناد صحيح علي شيط مسلم يعني رسول الله ﷺ جي خادم ثوبان ﷦ کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ جن کان فرمائيندين ٻڌو ته بانهي ۽ ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾ نماز آهي پوءِ جنهن ان کي ڇڏيو ته بلاشڪ شرڪ ڪيائين ۽ حافظ موصوف فرمائي ٿو ته ان جي اسنا مسلم جي شرط تي صحيح آهي.

    حديث (4) عن عباة بن الصامت ﷦ قال اوصانا رسول الله ﷺ فقال لا تشرڪوا بالله و ان حرقتم وقطعتم وصلبتم ولا تترڪوا الصلوٰة متعمدين فمن ترڪها متعمدا فقد خرج من الملة

    (ڪتاب السنة للالڪائي ص 822 ج 4) عبادة بن الصامت ﷺ کان روايت آهي ته اسان کي رسول الله ﷺ وصيت فرمائي ته الله سان شرڪ نه ڪجو اگرچه ساڙيا وڃو يا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا وڃو يا سوريءَ تي چاڙهيا وڃو ۽ ڄاڻي واڻي فرضي نماز نه ڇڏيو ته جنهن ان کي ڄاڻي واڻي ڇڏيو اهو دين اسلام کان نڪري ويو ۽ ابن قيم هي4 ڪتاب الصلوٰة ص 38 ۾ بحواله سنن ابن ابي حاتم به آندي آهي ۽ حافظ منذري الترغيب ص 379 ج 1 ۾ لکي ٿو ته هن روايت کي محمد بن نصر مروزي ڪتاب الصلوٰة ۾ ٻن اسنادن سنا آندو آهي جي خطري کان خالي آهين.

    حديث (5) عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَمْرٍو عَنِ النَّبِىِّ -صلى الله عليه وسلم- أَنَّهُ ذَكَرَ الصَّلاَةَ يَوْماً فَقَالَ « مَنْ حَافَظَ عَلَيْهَا كَانَتْ لَهُ نُوراً وَبُرْهَاناً وَنَجَاةً يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَمَنْ لَمْ يُحَافِظْ عَلَيْهَا لَمْ يَكُنْ لَهُ نُورٌ وَلاَ بُرْهَانٌ وَلاَ نَجَاةٌ وَكَانَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ مَعَ قَارُونَ وَفِرْعَوْنَ وَهَامَانَ وَأُبَىِّ بْنِ خَلَفٍ »

    (رواه احمد وابن حبان في صحيحه يعني عبدالله بن عمرو بن العاض رضي الله عنهما کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن هڪ ڏينهن نماز جو ذڪر ڪندي فرمايو ته جنهن ان جي نگهباني ڪئي (جيئن ڪو وقت ضايع نه ٿئي ۽ صحيح نموني ۾ ادا ٿئي) ته اها نماز ان جي لاءِ روشني ۽ ثابتي ۽ ڇوٽڪارو ٿيندي قيامت جي ڏينهن ۽ جنهن ان جي حفاظت ۽ نگهباني نه ڪئي ته ان لاءِ نه روشني بنبي نه ثابتي نه ڇوٽڪارو ۽ اهو قيامت جي ڏينهن قارون، فرعون، هامان ۽ ابي بن خلف سان گڏ هوندو. هيءُ حال ان جو آهي جيڪو ان جي نگهباني نٿو ڪري ڪڏهن پڙهي ٿو ڪڏهن نٿو پڙهي پوءِ جيڪو ڇڏي ڏئي ٿو انهيءَ جي ڪفر ۾ ته شڪ ئي نه رهيو. ابن قيم ڪتاب الصلاة ص 37 ۾ هيءَ حديث آڻي پوءِ فرمائي ٿو وانما خص هٰؤلاءِ الاربعة با لذڪر لانهم من رؤس الڪفر وفيه بديعة وهو ان تارڪ المحافظة علي الصلوٰة اما ان يشغله ماله اور ملڪه او رياسته اور تجارته فمن شغله عنها ماله فهو مع قارون ومن شغله عنها ملڪه فهو مع فرعون ومن شغله عنها رياسة او وزارة فهو مع هامان ومن شغله عنها تجارته فهو مع ابي بن خلف. يعني رسول الله ﷺ خان انهن چئن ڪافرن کي ان لاءِ ذڪر ڪيو آهي جو اهي ڪفر جا مشهور اڳواڻ آهن ۽ هن ۾ عجيب نڪتو آهي ته نماز کان غافل ڪرڻ واريون عام طرح ڇار شيون هونديون آهن، مال، دولت، بادشاهت يا رياست، وڏيرپ ۽ وزارت يا واپار ۽ تجارت. پوءِ جنهن شخص کي مال نماز کان مشغول ڪي ٿو ته اهو قارون سان گڏ هوندو، جنهن کي بادشاهت مشغول ڪري ٿي اهو فرعون سان گڏ هوندو، جنهن کي پنهنجي وڏيرپ ۽ وزارت مشغول ڪري ٿي سو هامان سان گڏ هوندو. جنهن کي پنهنجو واپار ۽ تجارت مشغول ڪري ته اهو ابي بن خلف سان گڏ هوندو.

    (6) حديث عن برية ﷦ عن انبي ﷺ قال بڪروا بالصلوٰة في يوم الغيم فانه من ترڪ الصلوٰة فقد ڪفر رواه ابن حبان في صحيحه (ص 18 ج 3) بترتيب الفارسي يعني بريده ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جُهڙ واري ڏينهن نماز لاءِ سعيي ان نڪرندا ڪريو. (يعني متان فوت ٿي وڃي) ڇو ته جنهن نماز ڇڏي تنهن بلاشڪ ڪفر ڪيو.

    حديث (7) عن انس ﷦ قال قال رسول الله ﷺ من ترڪ الصلوٰة متعمدا فقد ڪفر جهارا رواه الطبراني في الاوسط باسناد لاباس به (الترغيب ص 318-382 ج 1)

    يعني انس ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص ڄاڻي واڻي نماز ڇڏي ته ان ظاهر ظهور ڪفر ڪيو. حافظ منذري چوي ٿو ته ان جي اسناد ۾ ڪو خطرو نه آهي ۽ سيوطي الجامع الصغير ص 167 ج 2 ۾ ان کي حسن شمار ڪري ٿو.

    حديث(8) عن ابن عباس رضي الله عنهما قال حماد بن زيد ولا اعلمه الا قد رفعه الي النبي ﷺ قال عري الاسلام وقواعد الدين ثلاثة عليهن اسس الاسلام من ترڪ واحدة منهن فهو بها ڪافر حلال الديم شهادة ان لا الٰه الال الله وصلوٰة المڪتوبة وصوم رمضان رواه ابو يعليٰ الموصلي في سنده (ص 120 ج 1) الدصور

    يعني ابن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي ته اسلام ۽ دين جي بناء ۽ جَهل ٽي شيون آهين جنهن انهن مان ڪا هڪڙي ڇڏي ته اهو ان ڪري ڪافر آهي. ۽ ان جو خون حلال آهي (1) الله جي هيڪڙائيءَ جي شاهدي ڏيڻ يعني توحيد جو عقيدو (2) فرضي نماز (3) رمضان جا روزا. هن حديث جي سند کي منذري الترغيب ص 382 ج 1 ۾ ۽ حافظ نورالدين هيثمي مجمع الزوائد ص 48 ج 1 ۽ حسن چون ٿا.

    حديث (9) عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ – صلى الله عليه وسلم – « مَنْ صَلَّى صَلاَتَنَا ، وَاسْتَقْبَلَ قِبْلَتَنَا ، وَأَكَلَ ذَبِيحَتَنَا ، فَذَلِكَ الْمُسْلِمُ الَّذِى لَهُ ذِمَّةُ اللَّهِ وَذِمَّةُ رَسُولِهِ ، فَلاَ تُخْفِرُوا اللَّهَ فِى ذِمَّتِهِ » (رواه البخاري ص 56 ج 1)

    يعني انس ﷺ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن شخص اسان واري نماز پڙهي ۽ اسان جي قبلي ڏانهن منهن ڪيائين ۽ اسان جي ڪُٺي کاڌائين ته پوءِ اهو مسلمان آهي جنهن لاءِ الله تعاليٰ ۽ سندس رسول الله ﷺ جي طرفان امان جو ذمو ڏنل آهي. پوءِ الله سان سندس ذميداريءَ ۾ ڌوڪو نه ڪريو. حافظ ابن قيم ڪتاب الصلوٰة ص 39 ۾ فرمائي ٿو

    وججه الدلالة فيه من وجهين احدهما انه انم اجعله مسلما بهذه الثلاثة فلايڪون مسلما بدونها لثاني انه اذا صلي الي الشرق لم يڪن حتي يصلي الي قبلة المسلمين فڪيف اذا ترڪ الصلوٰة بالڪلية يعي هن حديث مان ٻن طيقن سان دليل ورتو ٿو وڃي. اول هيءُ ته جڏهن انهن ٽن ڪمن ڪرڻ واري کي مسلمان چيو ويو آهي پوءِ جو انهن کان خالي آهي سو مسلمان نه رهيو. دوم جيڪڏهن قبلي جي بجاءِ ٻي طرف منهن ڪري نماز پڙهي ته به مسلمان نه رهندو پوءِ جيڪو شخص بلڪل نماز ئي نٿو پڙهي سو وري ڪيئن مسلمان آهي؟

    حديث (10) معاذ ﷦ کان روايت آهي ته ان ۾ هي لفظ آهن ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

    راس الامر لا سلام وعموده الصلوٰة الحديث رواه احمد والترمذي وابن ماجة (مشڪواة ص 14)

    يعني حڪم جي چوٽي ۽ سر اسلام آهي ۽ ان جو ٿنڀ نماز آهي. امام نووي شرح الاربعين ص 82 ۾ امام ترمذي کان نقل ڪري ٿو ته هيءَ حديث حسن صحيح آهي. ان طرح ابن قيم ڪتاب الصلوٰة ص 38 ۾ حديث جا ذڪر ٿيل لفظ آڻي فرمائي ٿو ته هو حديث صحيح مختصر ووجه الاستدلال به انه اخبر ان الصلوٰة من الاسلام بمنزلة العمو الذي توم عليه الخيمة فکما تسقط الخيمة بسقوط عمودها فهکذا بذهب الاسلام بذهاب الصلاة وقد احتج احمد بهذا بعينه.

    يعني هيءَ حديث صحيح آهي ۽ انهيءَ مان دليل وٺڻ جو طريقو هيءُ آهي ته رسول الله ﷺ جن خبر ڏني ته نماز اسلام لاءِ ائين آهي جيئن تنبوءَ لاءِ ٿنڀ. پوءِ جهڙي طرح ٿنڀ جي ڪري پوڻ سان تنبو ڪري پوندو ان طرح نماز جي نه رهڻ سان اسلام به ڪونه رهندو. امام احمد بن حنبل به هن حديث منجهان انهيءَ طرح ان مسئلي بابت دليل ورتو آهي.

    حديث (11) عن ابي امامة قال قال رسول الله ﷺ لتنقضن عري الاسلام عروة عروة فکلما انتقضت عروة تشبث الناس بالتي تليها فاولهن نقضا الحڪم واٰخر هن الصلوٰة رواه ابن حبان (موارد الظمآن ص 87)

    ابو امامه ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ڪو وقت ايندو اسلام کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندؤ ۽ هڪ ٽڪرو ٽٽندو ته وري ماڻهو ٻئي کي لڳندا. انهن ۾ پهريون ٽڪرو ٽٽندو جو الله جو حڪم ڇڏيو ويندو ۽ آخري ٽٽڻ وارو ٽڪرو نماز هوندي. جنهن جو مطلب ته نماز جي وڃڻ کان پوءِ اسلام ختم ٿي ويو.

    حديث (12) عن معاذ بن جبل قال قال رسول الله ﷺ من ترڪ صلوٰة مکتوبة متعمدا فقد برئت منه ذمة الله رواه احمد.

    يعني جنهن شخص ڄاڻي واڻي فرضي نماز ڇڏي ته ان کان الله جي ذميداري کڄي ويئي. انهيءَ معنيٰ ۾ سنن ابن ابي حتم ۾ ابوالدرداء ﷦ کان روايت آهي ته

    اوصاني ابو القاسم ﷺ ان لا اترڪ الصلوٰة متعمد دمن ترڪها متعمدا فقد برئت منه الذمة

    يعني رسول الله ﷺ جن مون کي وصيت فرمائي ته آئون ڄاڻي واڻي فرضي نماز نه ڇڏيان ڇو ته جنهن ان کي ڄاڻي واڻي ڇڏيو تنهن لاءِ اسلام جي ذميداري ختم ٿي ويئي. حافظ ابن قيم ڪتاب الصلوٰة ص 38 ۾ ٻئي حديثون آڻي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته

    لوڪان باقيا علي اسلامه لڪانت له ذمة الاسلام

    يعني جيڪڏهن نماز ڇڏڻ کان پوءِ به هو اسلام تي باقي هجي ها ته سندس حق ۾ اسلامي ذميداري ختم نه ٿئي ها. هي سڀئي حديثون دلالت ڪن ٿيون ته نماز ڇڏڻ کان بعد انسان مسلمان ڪونه ٿو رهي. ان بابت ٻيون به گهڻيون حديثون آهن جي طوالت سببان ذڪر نه ڪيون ويون آهن ۽ هنن جي تائيد لاءِ هڪ حديث ذڪر ڪجي ٿي جا امام طبراني المعجم الصغير ص 31 طبع هند و ص 60 طبع مصر ۾ ابن عمر رضي الله عنهما کان روايت ڪري ٿو ته

    قال قال رسول الله ﷺ لا ايمان لمن لا امانة له ولا ولا صلوٰة لمن لا طهور له ولا دين لمن لا صلوٰة له انما موضع الصلاة من الدين ڪموضع الراس من الجسد.

    يعني رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن وٽ امانت نه آهي ته ايمان نه آهي ۽ جنهن وٽ پاڪائي نه آهي ته نماز نه آهي ۽ جنهن وٽ نماز نه آهي ته دين نه آهي ۽ نماز دين لاءِ ائين آهي جيئن انسان جي جسم لاءِ سر آهي يعني جيئن سِر جي ڪپجڻ کان بعد جسم نه رهيو ۽ بيڪار ٿيو ان طرح نماز جي وڃڻ کان بعد دين به ختم ٿيو. ان کان بعد اصحابن سڳورن جا فرمان نقل ڪجن ٿا.

    امير المؤمنين عمر ﷦ تي جڏهن قاتلانه حملو ٿيو ته بيهوش ٿي ويو پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو تڏهن پڇيائين ته ماڻهن نماز پڙهي آهي؟ چيائون ته هائو. پوءِ فرمايائين ته

    لا اسلام لمن تڪ الصلوٰة وفي سياق آخر لاحظ في الاسلام لمن ترڪ الصلوٰة ثم دعا بوضوء فتوضا وصلي (ڪتاب الصلوٰة القيم ص 40 بحواله ابن زنجويه)

    يعني جنهن نماز نه پڙهي تنهن جو اسلام نه آهي نه اسلام ۾ ان لاءِ ڪو ڀاڱو آهي پوءِ پاڻي گهرائي وضو ڪيائين ۽ نماز پڙهيائين. ابن قيم چوي ٿو ته هيءُ واقعو اصحابن جي جماعت جي سامهون ٿيو آهي ۽ ڪنهن ان تي اعتراض نه ڪيو آهي. تنهنڪري ان تي اصحابن جو اجماع چئبو ته نماز ڇڏڻ کان بعد اسلام نه آهي ۽ منذري الترغيب ص 385-386 ج1 ۾ بحواله ڪتاب الايمان لابن ابي شيبه ۽ التاريخ الڪبير للبخاري علي ﷦ کان روايت آڻي ٿو ته

    من لم يقل فهو ڪافر

    يعني جنهن نماز نه پڙهي سو ڪافر آهي.

    ۽ بحواله محمد بن نصر مروزي ۽ ابن عبدالبر ابن عباس ﷦ کان روايت آڻي ٿو ته:

    من ترڪ الصلوٰة فقد ڪفر

    جنهن نماز ڇڏي تنهن بلاشڪ ڪفر ڪيو ۽ بحواله محم دبن ضر ابن مسعود ﷦ کان روايت آڻي ٿو ته

    من ترڪ الصلوٰة فلادين له

    جنهن نماز ڇڏي تنهن جو ڪو دين ڪونهي ۽ بحواله ابن عبدالبر جابر بن عبدالله رضي الله عنهما کان روايت آني ٿو ته

    من لم يقل فهو ڪافر

    يعني جنهننماز نه پڙهي سو ڪافر آهي ۽ بحواله ابن عبدلابر ابوالدرداء ﷦ کان روايت آڻي ٿو ته

    لا ايمان لمن لا صلوٰة له ولا صلوٰة لمن لا وضوء له

    يعني جنهن وٽ نماز نه آهيان وٽ ايمان نه آهي ۽ جنهنجو وضو نه آهي ان جي نماز نه آهي. ۽ حافظ ابن قيم ڪتاب الصلوٰة ص 30 ۾ سعد بن ابي وقاص ﷦ کان نقل ڪري ٿو ته ان کان صحيح سند سان هن آيت:

    فَوَيْلٌ لِلْمُصَلِّينَ الَّذِينَ هُمْ عَنْ صَلَاتِهِمْ سَاهُونَ (الماعون)

    جي تفسير بابت مروي آهي ته هن مان اهي ماڻهو مراد آهن جي وقت وڃائي پڙهن ٿا ۽ جي نه پڙهندا ته ڪافر ٿيندا. ان طرح عبدالله بن احمد ڪتاب السنة ص 93 ۽ ابوبڪر الآجري ڪتاب الشريعة ص 133 ۾ قاسم بن مخيمرة تابعي کان به روايت آندي آهي ۽ ترمذيءَ ۾ عبدالله بن شقيق تابعيءَ کان روايت آهي ته

    ڪان اصحاب رسول الله ﷺ لا يرون شيئا من الاعمال ترڪه ڪفرا غير الصلوٰة (مشڪواة ص 59)

    يعني رسول الله ﷺ جا اصحابي سڳورا نماز کان سواءِ ٻئي ڪنهن به عمل جي ڇڏڻ کي ڪفر نه ڄاڻندا هئا. جنهن مان ثابت ٿيو ته نماز جي ڇڏڻ کي ڪفر چوڻ ۾ اصحاب سڳورا متفق آهن. حافظ عبدالحق اشبيلي المتوفي 581هه ڪتاب الصلوٰة ۾ لکي منبع :
    http://www.sindhislam.com/