islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. “ ولايت فقيه جو نظام هڪ مختصر نگاه ۾ ”

    “ ولايت فقيه جو نظام هڪ مختصر نگاه ۾ ”

    Rate this post

    ولايت فقيه جو خاڪو پيش ڪرڻ جي لاءِ بعض معرفتي مقدمات جي ضرورت آهي جنهن ۾هڪ خاص حڪمت عملي (strategy) پاتي وڃي ۽ ان ۾ڪنهن زمان يامڪان جي شرط نه هجي انهن ئي خاصيتن کي نگاه ۾ رکند ي ان نظام جوهڪ مخصتر خاڪو پيش نظر آهي_
    ولايت فقيه جي معني
    لغت ۾ولايت جومطلب “ڪنهن ڪم کي پنهنجي ذمي کڻڻ ۽ان ڪم تي منصوب ٿيڻ آهي ” جڏهن ته قرآن جي اصطلاح ۾ حق تصرف ملڪيت سرپرستي ۽ حڪومت جي معني ۾ آهي
    ولايت جا قسم
    ولايت جون ٻه قسمون آهن هڪ ولايت ( 1) تڪويني (2) ولايت تشريعي ولايت تڪويني يعني هن پوري عالم تي سرپرستي ۽حڪومت ڪرڻ جڏهن ته ولايت تشريعي مان مراد شريعت بڻائڻ جو حق رکڻ حڪومت ۽معاشري جي امور ۾ تصرف ڪرڻ ته جيئن ماڻهن جي هدايت، نصيحت، تربيت ۽سعادت ۾ڪوخلل وارد نه ٿئي
    ولايت جارتبا
    1، خداوند متعال جي ولايت: خداوند متعال سوره شورى ۾فرمائي ٿو (فاالله هوالولي ) صرف خداولي ۽سرپرست آهي…. ولايت مستقل نموني سان چاهي ولايت تڪويني يعني پوري عالم تي سرپرستي جو حق رکڻ يا چاهي ولايت تشريعي هجي يعني شريعت بڻائڻ ۽ حاڪميت جو حق هجي ٻئي خداوند تعالى جي ذات سان مخصوص آهن “هنالڪ الولاية الله الحق” ولايت (سرپرستي ) صرف خداوند بر حق جي آهي
    بس سڀ ولايتون قدرتو، حڪومتون ۽ شريعتون مستقل طورتي خداوند منان جي لاءِ آهن ۽صرف اهوئي ڪائنات جو ولي ۽ سرپرست آهي اهوئي خدا جيڪو جهان، ۽انسان جوخالق آهي ان الله هن دنيا ۽انسان جون مادي ۽ معنوي ضرورتون پو ريون ڪرڻ جي ذميداري کئي آهي ۽ ڪڏهن به مخلوقات کان غافل ٿي ڪري انهن کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيو اٿائين“وهو الولي الحميد ”
    ۽اهواهڙو ولي آهي جنهن جي حمد ڪئي ويندي آهي
    پاڪ فطرت ۽پاڪ ضمير رکڻ وارا ماڻهون هن ولايت حقيقي کي سڃاڻيندا آهن ۽ دل وجان سان ان کي قبول ڪري پنهنجي خدا کان علاوه ٻئي ڪنهن کي پنهنجو ولي ۽مد دگار نه چوندا آهن
    “ومالڪم من ولي ولانصير” ۽اوهان جي لاءِ خداوند کان علاوه ڪو ولي ۽ مد د گارنه آهي بس ان مقد مي کي نگاه ۾ رکندي اسين ان نتيجي تي پهتا آهيون نه انسانن جو رابطو هڪ ٻئي سان ائين آهي ته ڪو به انسان ٻين اسانن تي ولايت نه ٿو رکي. خدا ئي ولي مطلق آهي يا اهو شخص جيڪو بالواسطه يا بلاواسطه خدا جي طرف کان ولي منتخب ڪيوويوهجي
    2، پيغمبران “ عليهم السلام ” جي ولايت:
    الله تعالى پيغمبرن کي هن جهان تي پنهنجو جانشين قرار ڏنوآهي ۽پنهنجي ولايت جا ڪجهه درجا انهن کي ڏئي ڪري انهن کي مخلوقات تي ولايت جو حق ڏنو آهي ته جئين اهي ان ئي ولايت جي ذريعي انسانن جي هدايت ۽انهن جي سربراهي ڪن خداوند جي طرف کان پيغمبرن کي ڏنل ولايت تڪويني ۽ تشريعي ڪئي مقامات تي آهي . پيغمبرن جي ولايت تڪويني جو مطلب هي آهي ته پيغمبر به پوري عالم تي تصرف ڪرڻ جوحق رکن ٿا. معجزا ڏيکارين ٿا ڪرامات انجام ڏين ٿا جن جا مثال مُردن کي زنده ڪرڻ بيمارن کي شفا پاڻي جا طشما جاري ڪرڻ ۽ جنت مان آسماني غذائون نازل ڪرڻ وغيره شامل آهن، پيغمبرن جي ولايتِ تشريعي جو مطلب شريعت دريافت ڪرڻ جو حق رکڻ ۽ اِلٰهي احڪام کي حڪومت جي تشڪيل جي ذريعي جاري ڪرڻ آهي ته جيئن ماڻهن جي دايت ۽ تربيت ٿي سگھي ۽ انهن احڪام جي پيروي ڪرڻ سان دنياوي ۽ اخروي سعادت حاصل ڪن پيغمبرن جي ماڻهن تي ولايت خدا جي ارادي کان خالي ۽ خارج نه آهي، بلڪه انهن جي ولايت انهن جي ولايت شريععت کي دريافت ڪندي ۽ اجراء ڪندي به خداوند جي اذن ۽ مشيت جا محتاج آهن….

    3، پيغمبر اسلامﷺ جي ولايت:
    “ النبي اولى بالمومنين من انفسهم ”
    “ بيشڪ نبي تمام مومنين کان انهن جي مناسبت سان انهن کان وڌيڪ اولى آهي ”
    اصل ۽ حقيقي ولايت صرف خداوند متعال جي آهي ۽ صرف خدا ئي اهو عظيم مقام جنهن کي چاهي عطا ڪري سگھي ٿو، گذشته آيت جي مطابق خداوند متعال مقام ولايت جي حق کي پيغمبر اسلامﷺ کي بخشيو آهي ۽ رسول اڪرم کي اهل ايمان جي جان، مال، ناموس ۽ ٻين تمام امورن تي سرپرست ۽ صاحبِ اختيار قرار ڏنو آهي، پيغمبر اسلامﷺ گذشته تمام پيغمبرن جي جي رسالت ، ولايت، حڪومت، علوم، فضائل، تمام معجزات ۽ ڪرامات جا وارث آهن ۽ ان سلسلي ۾ امام محمد باقرؑ جن فرمائن ٿا “ خداوند عزيز ۽ جليل حضرت آدم کان وٺي خاتم تائين پيغمبرن جي علوم معجزات ۽ امتيازات کي پيغمبر اسلامﷺ جي لاءِ جمع ڪيو آهي”
    پيغمبر خاتم تمام مخلوقات کان اشرف ۽ افضل آهن، جنهن جي ڪري پاڻ جن جو مقام ۽ سندس منزلت الله تعالى جي دربار ۾ بي نظير ۽ ممتاز آهن. ان ئي بنياد تي پيغمبر اسلام جي ولايتِ تڪويني ۽ تشريعي تمام پيغمبرن کان وڌيڪ عطا ڪئي وئي آهي.
    4، معصوم امامن عليهم السلام جي ولايت:
    “ قال رسول الله: يا ابن عباس ولايتهم ولايتي ولايتي ولاية اللهِ”
    (آئمه معصومين) جي ولايت ولايت منهنجي ولايت آهي، منهنجي ولايت الله جي ولايت آهي.
    هن روايت جي مطابق سرور ڪونين جي ولايت خدا جي ولايت آهي ، جنهن انهن جي ولايت کي قبول ڪيو ان خدا جي ولايت کي قبول ڪيو ۽ جنهن انهن جي ولايت کي جٽلايو ان الله جي ولايت کي جھٽلايو ۽ ٻي طرف کان آئمه ( فقاهت جو 12 معصوم ڪڙيون ) جي ولايت جن کي خداوند متعال اهو منصب عطا ڪيو آهي اها سرورِ ڪائنات جي ولايت آهي… بس نتيجو اهو ٿئي ٿو ته بنيادي طور تي حضرت محمدﷺ ۽ آئمه طاهرين ۽ خدا جي ولايت ۾ ڪو فرق ۽ جدائي نه آهي فرق صرف رتبي ۾ آهي يعني خداوند متعال جي ولايت ذاتي ۽ استقلالي آحي جڏهن ته پيغمبر اسلامﷺ ۽ ان جي اهل بيت جي ولايت خدا جي طرفان عطا ٿيل آهي،،

    5، فقهاء ۽ آئمه جي نائبين جي ولايت:
    “ الفقهاء ورثة الانبياء ” فقهاء انبياء جا وارث آهن، پيغمبر ۽ معصومين جيڪي خداود جي طرف کان تمام بشريت جي لاءِ ولي منصوب ٿيا آهن پنهنجي طرف کان انهن ماڻهن کي جيڪي ولايت جي شرطن ( عدالت، فقاهت، درايت ) تي پورا لهن تمام انسانن تي ولي بڻائي سگھن ٿا ٻين الفاظن ۾ بيان ڪيو وڃي ته پيغمبر ۽ آئمه معصومين اهو حق رکن ٿا. ته پنهنجي طرف کان بعض اشخاص کي معاشري تي ولي مقرر ڪن ٿا ان صورت ۾ اهي اشخاص ان معاشري تي ولي مقرر ڪن. ان صورت ۾ اهي اشخاص ان معاشري تي ولايت جو حق خداوند متعال کانپيغمبر 7 آئمه جي ذريعي حاصل ڪندا آهن
    ولايت فقيه آئمه جي زماني ۾: اهي فقهاء جيڪي ولايت ۽ حڪومت ڪرڻ جو حق رکن ٿا… انهن جي تاريخ سرور ڪونين جي زماني تائين پهچي ٿي اگر پيغمبر اڪرمﷺ اسلام جي زماني جي فقهاء جو تذڪرو ڪيو وڃي جيڪي ان عظيم مقام تي پهتا هيا ته ان ۾ “ حذيفه بن يمان﷦﷦﷦﷦رحمة الله عليه” “سلمان فارسي” “عمار ياسر” “ محمد بن ابو بڪر” “ ڪميل” “ مالڪِ اشتر ” جن جا نالا ذڪر ڪئي بغير انسان رهي نه ٿو سگھي… انهن عظيم هستين کانپوءِ جيڪي شخص ان عظيم درجي آئمه جي وڪالت جي سرجي تي فائز ٿيا اهي علي بن يقتين، عبد الله العظيم حسني ۽ احمد بن اسحاق قمي جهڙيون شخصيتون هيون ۽ ان نميني سان اسان کي اها خبر پوي ٿي ته اهو عظيم منصب انقلاب کانپوءِ نه بڻايو ويو آهي بلڪه هڪ اهڙو سلسلو آهي جيڪو پيغمبر اڪرمﷺ ۽ آئمه معصومين جي زماني کان شروع ٿيو جنهن جو بنياد پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ولايت ۽ حڪومت جو جاري هجڻ آهي جيڪو اڄ امام غائبؑ جي نيابت ۾ دنيا جي مسلمين جي سرپرستي ۽ رهنمائي ڪري رهي آهي.
    6، امام زمانؑ جي نائبين جي ولايت:
    امام مهدي جي ولايت جي شروع ٿيڻ سان ئي مولا جي غيبت صغرى جو زمانو شروع ٿي ويو جنهن جي ڪري انهن جا شيعه براه راست انهن سان رابطو ڪرن کان محروم ٿي ويا هيا آئمه طاهرين جي موجود هئڻ کان وٺي غيبت صغرى تائين شيعه معاشرو معصومين جا اصحاب و وڪلاء جي ذريعي آئمه طاهرين سان رابطو قائم رکندا هيا…
    جڏهن غيبت صغرى شروع ٿي ته ته شيعه معاشرو ڄاڻيندو هيو ته ان کي امام جي اصحاب سان رابطو ڪرڻو آهي ان ئي جي لاءِ امام جي غيبت جي ڪري شيعه معاشري کي ڪو نقصان نه پهتو ٻئي طرف امام مهدي غيبت صغرى ۾ صاحبِ شرائط فقهاء کي پنهنجي طرف کان ولايت عامه بخشي ۽ چار اصحاب کي خاص طور تي پنهنجو نائب مقرر فرمايو جن ولايت فقيه جي نظام کي عروج تي پهچايو…..
    الف، نواب خاص جي ولايت:
    امام زمانه غيبت صغرى جا 69 ساله ( 260 کان 329 تائين ) جي فاصلي ۾ چار اعلم ۽ برجسته فقهاء کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو جيڪي فقاهت ۽ دين شناسي سان گڏو گڏ عدالت، بصيرت، درايت، لياقت، شجاعت، تقوى، ۽ دشمن جو مقابلو ڪرڻ جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت سان مالا مال هيا.
    ب، نواب عام جي ولايت:
    عام نيابت ۾ خاص نيابت جي بر خلاف امام زمانه ڪنهن خاص شخص کي امت جي هدايت جي لاءِ معين نه فرمائن ها. بلڪه معيار ۽ ڪلي قانون ماڻهن جي اختيار ۾ ڏئي ڇڏين ها ته جيئن هر زماني ۾ جيڪو شخص انهن معيارن ۽ قانون تي پورو لهندو ان کي ماڻهن جي رهبري ۽ هدايت جي لاءِ منتخب ڪيو وڃي، نيابت عامه جو مقام آئمه طاهرين بالخصوص امام مهديؑ فقيهه علاماء جيڪي ولايت جي شرائط تي پورا لهندا هجن کي عطا فرمايو آهي…
    ولايت ۽ سرپرستي جون 64 ڪڙيون امام جي غيبت جي زماني ۾:
    امام زمانه شرعي معيار جي حامل دين شناس ۽ ديندار فقهاء کي غيبت جي زماني ۾ ماڻهن تي پنهنجي حجت قرار ڏنو آهي غيبت صغرى جي ابتدا کان وٺي هاڻي تائين جنهن جو دورانيه فاصلو تقريبا 1100 سال آهي اسين اهو مشاهدو ڪيو آهي ته 64 رهبرن ۽ ديني پيشوائن ولايت فقيهه جو عهدو سنڀاليو آهي ۽ شيعن جي ديني ۽ سياسي رهنمائي ڪندي امام مهدي جي طرف کان ماڻهن تي حجت آحن..
    غيبت ڪبرى جي دوران فقيه جي ولايت ۽ زعامت جو هي سلسلو هڪ تدريجي ۽ ڪامل حرڪت طئي ڪندو آيو جنهن جي هدايت ۽ حمايت امام زمانه جن ڪئي آهي، هي سلسلو جنهن کي کي امام زمانه جي خاص توجه حاصل آهي شيخ ڪليني کان شروع ٿيو ۽ بغير ڪنهن جدائي ۽ انقطاع جي جاري رهندي اسانجي زماني ۾ 64 ڪڙيون طئي ڪري امامِ خميني ۽ حضرت آية الله العظمى خامنه اي “ حفظہ الله ” جي ولايت تائين پهتو عالم تشيع جي ولايت جي ان سلسلي رهنمائي ڪندي پنهنجي 63 وين ڪڙي جي طو ر تي امام خميني کي انتخاب ڪيو ان مرد مجاهد ۽ ابرهيمِ زمانه هي اها ذميداري سنڀاليندي ولايت ۽ مرجعيت کي ان جي ڪمال تائين پهچائي ڇڏيو ان مرد الٰهي پندهرين صدي هجري ۾ جمهوري اسلامي جو مقدس نظام تاسيس ڪري ڪري “ ولايت فقيهه ۽ مرجعيت” کي ان جي حقيقي معنى بخشي ۽ اهڙي نموني فقيهه جي ولايت ۽ مرجعيت بلندي حاصل ڪندي هڪ نئي دور ۾ وارد ٿي، غيبت ڪبرى ۾ فقيهه جي ولايت جي سلسلي ۾ 64وين ڪڙي ۾ اسين حضرت آية الله العظمى امام خامنه اي “حفظہ الله” جي ولايت تائين پهچون ٿا اها ولايت جيڪا مجلسِ خبرگان “ امام زمانه جي نواب عامه جو مجموعو ” جي هوشياري ۽ بصيرت سان 1368 هه_ ش کان شروع ٿي ۽ اميد آهي ته امام زمان جي ظهور تائين جاري رهندو…. ( انشا الله )
    نویسنده عارف حسین