islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. ويهين صديءَ جي سنڌ جو سرتاج مولانا غلام مهدي نجفي اعلى الله مقامه جي سوانح حيات ( پهريون حصو)

    ويهين صديءَ جي سنڌ جو سرتاج مولانا غلام مهدي نجفي اعلى الله مقامه جي سوانح حيات ( پهريون حصو)

    Rate this post

    ويهين صدي عيسوي نت نين ايجادن ،علمي برتري ، سياسي سرت ۽مذهبي ساڃاهه سبب ،انسان ذات جي تهذيبي ارتقا واري تاريخ ۾ هڪ اهم باب وارو درجو رکي ٿي. ٿلي ليکي صرف ڪمپيوٽر جي ڪارگردگي ، عظيم الشان لائبريرين جو قيام ،سوويت يونين جو ٺهڻ ۽ڊهڻ يا لا تعداد ملڪن جوسامراجي تسلط کان آزاد ٿيڻ ۽ آيت الله خميني ۽آيت الله خوئي رضوان الله عليهما جي عملي ۽ اصولي تعليم جا اثرات ،اهڙا موضوع آهن جن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويندا.

    ويهين صدي عيسوي ءَ جي برڪتن کي ويچار ۾ آڻيندي جڏهن اسان پنهنجي سونهاري سنڌ ڏَانهن نظر ڊوڙايون ٿا ته ويهين صدي عيسوي جو سنڌ لاءِ جيڪو نمايان تحفو نظر اڇي ٿو سو آهي سنڌ جو مايهء ناز عالم ،فقير منش انسان ۽ خلوص ۽ رواداريءَ جو عظيم مينار حجت الاسلام مولانا غلام مهدي اعلى الله مقامه

    پيدايش ۽ابتدائي تعليم

    مولانا غلام مهدي صاحب رحه جن 15 شعبان سن 1340 هجري قمري مطابق 13 اپريل 1924 ع تي ڳوٺ واگهريجي تعلقو ۽ ضلعو ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيا . سندن والد جو نالو حاجي نهال خان لغاري هو. حاجي نهال خان لغاري کي ڪل ٽي پٽ هئا ، قبله غلام مهدي صاحب جن پنهنجي ٻن ڀائرن محمد علي ۽ حسن علي کان ننڍا هئا .15 شعبان جي ڀلاري ڏينهن تي ڄمڻ جي نسبت سان سندن نالو غلام مهدي رکيو ويو ، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائون ، سنڌي جي پڙهائڻ ۾ سندن استاد ، سائين فيض محمد ، سائين محمد حسن ۽سائين غلام حسين هئا. فارسي ۽ عربي ابتداء ۾ حافظ محمد علي بن حافظ محمد صادق حسين وٽ پڙهيا ،بعد ۾ مولانا مزمل حسين صاحب آف ڊيرا غازي خان جي معرفت قاضي امير حسين شاه وٽ “ابتدائي علم صرف” جي تعليم حاصل ڪيائون .

    قبله غلام مهدي رحه صاحب جي استادن جي نالن ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته انهيءَ راز تان پردو هٽندو نظر اچي ٿو ته مولانا صاحب جي ابتدائي تعليم کان ئي مٿن حضرت محمدﷺ حضرت علي عليه السلام ،حضرت امام حسن عليه السلام ، حضرت امام حسين عليه السلام ۽ حضرت امام صادق عليه السلام ، جي فيض جو سايو جلوه فگن رهيو . پاڻ سنڌي فائينل جو امتحان پڻ ميرپورخاص سينٽر ۾ ويهي پاس ڪيو هئائون .
    ديني تعليم جي لاءِ لکنئو وڃڻ

    سن 1939 ع واري “لکنئو ايجيٽيشن” ۾ حصي وٺڻ سبب ميرٺ جي سينٽرل جيل ۾ باندي بڻايا ويا . جيئن سون باهه ۾ پوڻ بعد اڃا به وڌيڪ جر ڪندو آهي ، تيئن مڻياندار ماڻهو سور ۽ سختيون برداشت ڪري وڌيڪ مانُ پرائيندا آهن . مولانا غلام مهدي صاحب کي به رب پاڪ انهيءَ تڪليف جي ڀوڳڻ جي جزا اها ڏني جو ميرٺ شهر جي ديني درسگاهه “مدرسه منصبيه” ۾ کين داخلا ملي ويئي ،انهيءَ ديني ڪالج ۾ داخلا لاءِ اِن مدرسي جي شاگردن ۽ ساداتِ باره جي مولاناحڪيم سيد محمد صاحب جو وڏو هٿ هو .مولاناحڪيم سيد محمد صاحب جي معرفت کان پوءِ کين لکنئو جي مشهور شيعه درسگاهه “مدرسه ناظميه” ۾ داخلا ملي وئي ، جتي پاڻ سن 1947ع تائين ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين انهيءَ مدرسي ۾ ديني علوم سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي جي مختلف امتحانن ۾ ويٺا ، فارسي ۾ پاڻ منشي ، عالم ۽ فاضل جون سندون ۽ عربي ۾ مولوي ، عالم ۽ فاضل جون سندون الهه آباد يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائون . قبله غلام مهدي رحه صاحب جنپنهنجي ذهانت ۽ محنت جي ڏڍ تي ٻه ٻه امتحان گڏ ڏيندا هئا ، نه صرف ايترو بلڪه دستور موجب سينيئر شاگرد هجڻ جي حيثيت ۾ ننڍن ڪلاسن وارن شاگردن کي به تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ايندا هئا

    لکنئو ۾ زير تعليم هجڻ واري زماني ۾ سندن استاد محترمن جا نالا ڪجهه هن ريت آهن ، مولانا غلام مهدي ملڪ ، مولانا سيد محمد مهدي ، مولانا سيد ايوب حسين ، مولانا حافظ ڪفايت حسين ، مفتي سيد احمد علي شاه ،مولانا سيد محمد رضي مجتهد ، مولانا سيد محمد مرتضى ۽ مولانا غلام رسول ۽ سندن دور ۾ جيڪي ساٿي شاگرد هئا انهن مان مولانا سيد طيب آغا الجزائري ، مولانا سيد محمد محسن صاحب ( ماٽن روڊ ڪراچي) ، مولانا سيد محمد مرتضى (علي ڳڙهه ) ۽ مولانا منظور حسين صاحب (پرنسپل دانشگاه جعفريه واگهريجي) جا نالا به اچي وڃن ٿا .
    اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نجف اشرف جو سفر

    پاڪستان ٺهڻ بعد کين “ مدرسه ناظميه ” لکنئو ڇڏڻو پيو ۽ وطن ورڻ بعد ستت ئي “انجمن اماميه سنڌ” جي مالي امداد سان وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ نجف اشرف روانه ٿيا .نجف اشرف ۾ پاڻ معالم الاصول ،ـقوانين، شرح لمعه ، مطول ، تفسير صافي ، رياض ، شرح ڪبير ، رسائل ، مڪاسب ، ڪفايه پڙهيا ۽ درس خارج پڻ نصيب ٿين . حوزه علميه نجف اشرف ۾ جن متبرڪ هستين کان درس حاصل ڪيائون تن مان شيخ محمد ترڪ ، سيد ابوالقاسم رشتي ، شيخ محمد علي مدرس افغاني ، محمد علي سرابي ، شيخ محمد باقر ، سيد حيدر اله آبادي .ان وقت عراق ۾ آقا سيد محسن الحڪيم مرجع هئا.

    نجف اشرف جي تعليم دوران سندن ساٿين مان مولانا اختر عباس (پنجاب )، مولانا غلام مهدي جلالپوري (پنجاب)مولانا نصير حسين (پنجاب) مولانا طالب حسين (پنجاب) مولانا محمد محسن (ڪراچي ) مولاناصفدرحسين (لاهور) ۽ مولانا طيب آغاجن جا نالا محتاج متعارف نه آهن

    نجف اشرف جي حاصل ڪيل سندن مان آقا سيد محسن الحڪيم کان روايتي اجازت نامون (اجازه) ۽ مولانا سيد ابو القاسم رشتي کان تعليمي سند جا مالڪ هئا . هتي هڪ ڳالهه اِها به ذهن نشين ڪرڻ لائق آهي ته “ اِها ڳالهه طئي آهي ته ويهين صديءَ جو پهريون سنڌي طالبعلم جنهن نجف اشرف مان تعليم حاصل ڪئي سو مولانا غلام مهدي صاحب هو ، پر گذريل چند صدين تائين به اسان کي اهڙي سنڌي جو نالو نٿو ملي جيڪو نجف اشرف مان “اجازه ” حاصل ڪري آيوهجي.

    1954۾ پاڪستان واپسي

    مولانا غلام مهدي صاحب جن سن 1954 ع ۾ عراق مان واپس وريا . جيئن هڪ ڦردار وڻ پنهنجي پڪل ميون جي چمڪ ذريعي عوام الناس کي پنهنجي طرف موهيندو آهي ، بلڪل اهڙي طرح مولانا غلام مهدي صاحب به هڪ ڪامل استاد وانگر سنڌ واسين کي علم جي پالوٽ مان سيراب ڪرڻ لاءِ تيار ٿي آيو . جيئن سج جي روشني سان بيابان جي واري ءَ جا ذرڙا به چمڪڻ لڳنداآهن ، تيئن مولانا غلام مهدي صاحب جن پنهجي ڪردار ۽ گفتار سان عالم باعمل ٺاهڻ شروع ڪيا ، قبله غلام مهدي صاحب جي انهيءَ وصف سبب مان کين “شمس العلماء” سڏيان ٿو ، ها مگر مون کي خبر آهي ته برِصغير ۾ شمس العلماء انهن کي سڏيو ويندو هو جن کي انگريز سرڪار اهو لقب عطا ڪندي هئي ، انهي ڪري مان مولاناغلام مهدي اعلى مقامه جن کي “ شمس العلماء ” جهڙي سرڪاري لقب بجاءِ اسان جي سنڌ جي شيعه اثنا عشري شيعن جو سرتاج سڏي رهيو آهيان

    .ديني خدمتون:

    مولانا غلام مهدي صاحب جن جي قول ۽ فعل ۾ ڪوبه تضاد ڪونه هوندو هو. پاڻ سٺي علمي استعداد رکڻ سان گڏوگڏ هڪ عملي رھبر وانگر هيا . سندن ديني خدمتن کي آئون هٺين عنوانن ۾ ورهايان ٿو

    1سفر جون صعوبتون : ولانا غلام مهدي صاحب جن نه صرف علم پرئڻ لاءِ سفر جون سختيون سٺيون بلڪه علم حاصل ڪري ا چڻ بعد به پاڻ سموري سنڌ جي ڏوراهين ماڳن تائين به دين جي تبليغ لاءِ ويندا هئا . ڪن جڳهن تائين رسڻ لاءِ پاڻ ميلن جا ميل پيرين پيادا به ويندا هئا . جيئن جو سندن سفر قربةً الى الله هوندو هو . انهي ڪري پاڻ جيڏانهن به هڪ دفعو پير گهمائي ايندا هيا

    .منهنجو ايمان آهي ته پاڻ سموري سنڌ جا سرتاج هيا . پوءِ به هنن ڳوٺن /شهرن کي اهو شرف حاصل آهي جو انهن ماڳن کي متعدد دفعا سائين جي جتي چمڻ جي سعادت نصيب ٿي . مثال جي طور تي : باگڙجي ، ٻانڌي ، پٽڻي ، ٽنڊو آغا ، ٽنڊو ٽوڙهو ، جوهي ، جيمس آباد ، ڄاڃي ٻرڙا ، جهلوري ، چوٻار ، خانپور ، خيرپور ميرس ، خيرپور ناٿن شاه ، دادو ، رڻيپور ، روشن آباد ، روهڙي ، زوار آباد ڪنب ، سرهاري ، سعيدآباد ، سيٺارجا ، شفيع آباد ، (ڳوٺ حاجي محمد بخش زرداري ) ، ڳوٺ ڇپر ان کوسو ، ڳوٺ ڳچيل ، ڳوٺ مير غلام علي ،ڳوٺ نور محمد شاهه ، ڳوٺ نهال خان ، مقصودو رند ، ميرپورخاص ،نوابشاهه ، هالا .

    2_ تقريرون : مولانا صاحب جن جي تقرير سادن لفظن سان ٽمٽار هوندي هئي ،جيڪا هر ٻڌندڙ جي دلين ۾ جاءِ وٺندي هئي . علم سان گڏوگڏ عمل لاءِ به پختو عزم کڻي مجلسن مان اٿبو هيو .سندن مجلسن واري تقرير هجي يا ڪچهري واري گفتگو، اهڙي تاثير رکندي هئي جو پٿر دل ماڻهو به ميڻ مثل بڻجي ويندو هيو . ڪيترائي آلِ محمد جا دشمن جيڪي کيس ڳالهائڻ ۾ مات ڪرڻ لاءِ اينداهيا اُهي سندس مدلل ۽ مِٺيءُ ڳالهائڻ کان ايترو ته متاثر ٿي اٿنداهيا جو اڪثر دفعاکيس پيرين پئي ۽ هٿ چمي موڪلائيندا هئا .

    صلوات ، اسباب معرفت ، رحمت ، دعا ، علم غيب ، حقوق والدين ، نور ۽ بشر ۽ واقعات ڪربلا ، سندن لا تعداد تقريرن مان چند عنوان آهن جيڪي سامعين باربار سائين جن کان ٻڌڻ لاءِ اصرار ڪندا هئا .

    3_تحريرون : مولانا غلام مهدي صاحب جن ٻين ديني خدمتن سان گڏوگڏ تحرير جي رستي به تبليغ جو سلسلو جاري رکڻ ٿي گهريو سندن خواهش هئي ته مولاءِ ڪائنات حضرت علي مشڪل ڪشا جي اقوال جو مجموعو غرر الحکم مڪمل طور سنڌي ۾ ترجمو ٿي پوي پاڻ انهي سلسلي ۾ سفر خواهه حاضر ۾ غرر الحکم جي ترجمي ۽ تفسير ۾ مصروف رهندا هئا .انهي ڪتاب جو حصو انجمن اماميه سنڌ وارن شايع ڪرايو هو . باقي مڪمل ڪتاب اڃان شايع ٿيڻ جي او سيئڙي ۾ آهي ڪاش اسان جا اهل ثروت حضرات هن علمي خزاني کي ڇپرائي سنڌ واسين تي ٿورو به ڪن ۽ آل محمد عليهم السلام جي خوشنودي به حاصل ڪن .ان کان علاوه نهج البلاغه جو ڪجهه حصو ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب به اڻ پورا ترجمو ڪيل سندس تبرڪات ۾ شامل آهن .

    4_ مدرسا : مولانا غلام مهدي(عليه رحمت) صاحب جن هڪ بهترين مدرس هئا ،فقه ۽ حديث تي کين تمام گهڻي دسترسي هوندي هئي .سندن خواهش هئي ته سنڌ جي ننڍن ننڍن ڳوٺن تائين شيعا مدرسا قائم ٿين. پاڻ اڪثر مدرسن جي قيام ۾ ٻين جي مدد ڪندا هيا .سن 1945 ع ۾ جڏهن پاڻ عراق مان فرغ تحصيل ٿي آيا ته اچڻ ساڻ پنهنڳي ڳوٺ واگهريجي ءَ ۾ هڪ ديني مدرسو قائم ڪيائون .جنهن جو نالو “مدرسه جعفريه ” رکيائون . چند ڏينهن بعد مولانا مرحوم ثمر حسن زيدي جن سان گڏيل ڪوشش ڪري حيدر آباد ۾ مدرسه مشارع العلوم جو قيام فرمايائون . واگهريجي ۾ ئي بلاول تربيت گاهه قائم ڪيائون.۽ آخر ۾ مدرسي جعفريه کي هڪ ترقي يافته صورت ۾ ۽ جديد نڪته نظر موجب اثنا عشري مسلڪ وارن لاءِ هڪ ديني درس گاهه دانشگاهه جعفريه جي نالي سان قائم ڪيائون ،هي مدرسو هِن وقت سموري سنڌ ۾ هڪ منفرد مقام جو مالڪ مدرسو بڻجي چڪو آهي ، جنهن ۾ شاگردن جي اعلى تعليم ،سهڻي خريقي سان رهائش ، عمده خوراڪ ۽ عظيم الشان ڪتاب خاني جو اهتمام ڪيو ويو آهي . هن وقت هن مدرسي جا هيٺين شهرن ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن .

    لکي غلام شاه ، زوار آباد ڪنب، مورو ، نوابشاهه ، سانگهڙ ،شهداد پور ،شاهپور رضوي ، چنبڙ ، تلهار، ٺٽو ۽ محراب پور .

    منبع :djafria.com