islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. ٻارنهون سیپارو

    ٻارنهون سیپارو

    4 (80%) 1 vote

    11:6 – 6. ۽ ڪو چُرندڙ زمين ۾ آھي ئي نه پر سندس روزي الله تي آھي ۽ سندس رھڻ جو ھنڌ ۽ سنديس سانڀڻ جي جاءِ (الله) ڄاڻندو آھي، سڀ پڌري ڪتابن ۾ لکيل آھي.

    11:7 – 7. ۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو ۽ سندس عرش پاڻي تي ھو (اھو بڻائڻ ھن ڪري آھي) ته اوھان کي پرکي ته اوھان مان عملن جي ڪري ڪير تمام چڱو آھي، ۽ جيڪڏھن انھن کي چوين ته موت کانپوءِ اوھين جياريا ويندؤ ته ڪافر ضرور چوندا ته ھي پڌرو جادو آھي.

    11:8 – 8. ۽ جيڪڏھن ڪنھن مُقرّر مُدّت تائين کائن عذاب کڻي ھٽايون ته ضرور چوندا ته اُن کي ڪنھن جھليو آھي؟ خبردار جنھن ڏينھن (اُھو عذاب) وٽن ايندو (تنھن ڏينھن) کائن ٽرڻو نه آھي ۽ جنھن (شيء) سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي.

    11:9 – 9. ۽ جيڪڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکايون ٿا (۽) وري اُھا کانئس کسيون ٿا، ته اُھو نااميد بي شڪر (بڻيو) آھي.

    11:10 – 10. ۽ جيڪڏھن ان کي ڏک پھچڻ کانپوءِ سُک پُھچايون ته ضرور چوندو ته مون کان ڏک ويا، اھو پڪ سرھو وڏائي ڪندڙ ٿيندو آھي.

    11:11 – 11. پر جن صبر ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.

    11:12 – 12. پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي توڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھن مان متان ڪي ڇڏي ڏئين ۽ (پڻ) متان دل تنگ ڪرين ڪافرن جي ھن چوڻ تي ته مٿس خزانو ڇونه لاٿو ويو يا ملائڪ ساڻس ڇونه آيو، (نه ڇڏ ۽ نه دل تنگ ڪر) ڇوته تون ڊيڄاريندڙ ئي آھين ۽ الله ھر شيء جو سنڀاليندڙ آھي.

    11:13 – 13. بلڪ (ائين) به چون ٿا ته اُھو (قرآن) پاڻ ٺاھيو اٿس، چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته (اوھين به) اُن جھڙيون ڏہ سورتون پاڻون ٺاھيل آڻيو ۽ الله کانسواءِ (ٻـين) جن کي سڏي سگھو تن کي سڏيو.

    11:14 – 14. پوءِ جيڪڏھن اوھان جو (اھو چوڻ) قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته (اُھو قرآن) رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آھي ۽ (ڄاڻو) ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ اوھين اسلام تي (مُحڪم) ڇونه رھندؤ.

    11:15 – 15. جيڪو دنيا جي حياتي ۽ سندس سينگار گھرندو ھجي تن کي دنيا ۾ (ئي) سندن عملن جو اجورو پورو ڏينداسون ۽ انھن کي اُن ۾ گھٽ نه ڏبو.

    11:16 – 16. اِھي اُھي آھن جن لاءِ آخرت ۾ باہ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي، ۽ جيڪي دنيا ۾ ڪيائون سو چٽ ٿيو ۽ جيڪي ڪمائيندا ھوا سو باطل ٿيو.

    11:17 – 17. (اُھو ماڻھو گمراھن جھڙو نه آھي) جيڪو پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان پڌري حجت تي ھجي ۽ الله کان اُن لاءِ شاھد (يعني قرآن پڙھندو) ھجي ۽ اُن (قرآن) کان اڳ موسىٰ جو ڪتاب (توريت) امام ۽ رحمت (به گواہ ھجي)، اِھي (ماڻھو) اُن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا، (پوءِ انھن جي سڀني) ٽولين مان جيڪو اُن (قرآن) جو انڪار ڪندو تنھن جي رھڻ جو ھنڌ باھ آھي، تنھنڪري (تون) کانئس شڪ ۾ نه ھُج، اُھو تنھنجي پالڻھار جي پار کان حق (لٿو) آھي پر گھڻا ماڻھو ايمان نه ٿا آڻين.

    11:18 – 18. ۽ جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي، اھي پنھنجي پالڻھار جي آڏو ڪيا ويندا ۽ شاھد چوندا ته اھي آھن جن پنھنجي پالڻھار تي ڪوڙ چيو، خبردار (انھن) ظالمن تي الله جي لعنت آھي.

    11:19 – 19. جيڪي الله جي واٽ کان جھليندا آھن ۽ ان جي ڏنگائي گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي آخرت کي نه مڃيندا آھن.

    11:20 – 20. اُھي مُلڪ ۾ ڪڏھن عاجز ڪرڻ وارا نه آھن ۽ الله کانسواءِ (ٻيا ڪي) انھن جا مددگار نه آھن، انھن کي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، جو ٻُڌي نه ٿي سگھيا ۽ نه ٿي ڏٺائون.

    11:21 – 21. اِھي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو.

    11:22 – 22. بيشڪ اِھي (ماڻھو) ضرور آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن.

    11:23 – 23. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن نويا سي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

    11:24 – 24. انھن ٻن ٽولين جو مثال انڌي ۽ ٻوڙي ۽ ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ وانگر آھي، (اھي) مثال ۾ برابر آھن ڇا؟ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو.

    11:25 – 25. ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو (اُن چيو ته) آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آھيان.

    11:26 – 26. ته الله کانسواءِ (اوھين ٻئي جي) عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

    11:27 – 27. پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو ته توکي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نٿا ڏسون ۽ اسان مان بي سوچ خسيسن کان سواءِ (ٻيو) تنھنجو تابعدار نه ٿا ڏسون، ۽ پاڻ کان اوھان جي ڪا زيادتي نه ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙ ڀائيندا آھيون.

    11:28 – 28. (نوح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي) ڏسيو ته سھين ته جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار جي پڪي حجت تي ھجان ۽ پاڻ وٽان مون کي رحمت ڏني ھجيس ۽ (جنھن جي حقيقت) اوھان کان لڪائي وئي ھجي ته اُن (جي مڃڻ) جو ھن ھوندي اوھان کي ڇو زور ڪريون جو اوھين اُن کي بڇان ڀائيندا ھجو؟

    11:29 – 29. ۽ اي منھنجي قوم (آءٌ) اوھان کان اُن بابت ڪو مال نٿو گھران، منھنجو اجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان، ڇوته اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن پر آءٌ اوھان کي جاھل قوم ڏسان ٿو.

    11:30 – 30. ۽ اي منھنجي قوم جيڪڏھن کين تڙيندس ته مون کي الله کان ڪير ڇڏائيندو، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟

    11:31 – 31. ۽ آءٌ اوھان کي نٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (ڪو) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي چوان ٿو ته آءٌ ملائڪ آھيان ۽ جن کي اوھان جون اکيون ھيڻو ڏسن ٿيون تن لاءِ نٿو چوان ته الله کين ڪا چڱائي نه ڏيندو، جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، (جي چوندس ته) آءٌ انھيءَ مھل ظالمن مان ٿيندس.

    11:32 – 32. چيائون اي نوح بيشڪ تو اسان سان جھڳڙو ڪيو پوءِ اسان سان گھڻو جھيڙو ڪيئي جيڪڏھن سچن مان آھين ته اسان سان جيڪو انجام ڪرين ٿو سو اسان وٽ آڻ.

    11:33 – 33. (نوح) چيو ته اُھو اوھان وٽ رڳو الله آڻيندو جيڪڏھن اُن گھريو ته ۽ اوھين (ڀڄي) عاجزي ڪرڻ وارا نه آھيو.

    11:34 – 34. ۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کي نصيحت ڏيڻ گھران ته جيڪڏھن الله اوھان جو ڀُلائڻ گھرندو ته منھنجي نصيحت اوھان کي ڪو نفعو نه ڏيندي، اُھو اوھان جو پالڻھار آھي، ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ.

    11:35 – 35. بلڪ (ھيئن به) چوندا آھن ته (ھن پيغمبر) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چئو ته جيڪڏھن مون اُن کي پاڻ ٺاھيو آھي ته منھنجو ڏوھ مون تي آھي ۽ جيڪي اوھين ڏوھ ڪندا آھيو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان.

    11:36 – 36. ۽ نُوح ڏانھن وحي ڪيو ويو ته جنھن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ تنھنجي قوم مان ٻيو ڪوبه ڪڏھن ايمان نه آڻيندو تنھنڪري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي تون رنج نه ٿي.

    11:37 – 37. ۽ اسان جي روبرو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي جوڙ ۽ ظالمن بابت مون کي نه چئج، ڇوته اُھي ٻوڙيا ويندا.

    11:38 – 38. ۽ ٻيڙي بڻائڻ لڳو، جڏھن ڪڏھن سندس قوم مان ڪا ٽولي وٽانئس لنگھي ٿي (ته) مٿس ٺـٺوليون ڪيائون، (نوح) ٿي چيو ته جيڪڏھن اوھين اسان تي ٺـٺوليون ڪريو ٿا ته اسين (به) اھڙيون ٺـٺوليون اوھان تي ڪنداسون جھڙيون ٺـٺوليون (اوھين) ڪريو ٿا.

    11:39 – 39. پوءِ جنھن کي عذاب پھچندو تنھن کي سگھوئي ڄاڻندؤ جو (اُھو) ان کي خوار ڪندو ۽ مٿس سدائين عذاب (پيو) لھندو.

    11:40 – 40. (انھيءَ ڪم ۾ ھوا) ايتري تائين جو اسان جو حُڪم آيو ۽ تنور اُڀاميو چيوسون ته سڀڪنھن جنس (جي جانورن) مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ جن بابت حڪم ٿي چڪو آھي (ته ھلاڪ ڪبا) تن ڌاران ٻيا پنھنجي گھر وارا ۽ جن ايمان آندو سي منجھس چاڙھ، ۽ ٿورن کانسواءِ مٿس ايمان نه آندو ھوائون.

    11:41 – 41. ۽ (نوحؑ) چيو ته منجھس چڙھو الله جي نالي سان سندس ھلڻ ۽ سندس بيھڻ آھي، ڇوته منھنجو پالڻھار ضرور بخشيندڙ مھربان آھي.

    11:42 – 42. ۽ اُھا جبلن جھڙين لھرين ۾ کين (کڻي) ھلڻ لڳي، ۽ نوحؓ پنھنجي پٽ کي سڏيو ۽ اُھو ڪناري تي ھو ته اي مُنھنجا پُٽ اسان سان چڙھ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ھُج.

    11:43 – 43. چيائين ته (اھڙي) جبل تي پناھ وٺندس جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو، (نوحؑ) چيو ته اڄ الله جي عذاب کان ڪو بچائيندڙ ڪونھي پر جنھن تي (پاڻ) رحم ڪري (سو بچي سگھندو)، ايتري ۾ ٻنھي جي وچ ۾ لھر اچي پئي ۽ (اُھو) ٻڏلن مان ٿيو.

    11:44 – 44. ۽ فرمايو ويو ته اي زمين (تون) پنھنجو پاڻي چُھي وڃ ۽ اي آسمان (تون پنھنجو پاڻي) بند ڪر ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو ۽ (ٻيڙي جبل) جوديءَ تي بيٺي ۽ چيو ويو ته (شل) ظالمن جي قوم ناس ٿئي.

    11:45 – 45. ۽ نوحؑ پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ۽ چيائين اي منھنجا پالڻھار منھنجو پٽ (به) منھنجي گھر وارن منجھان آھي ۽ بيشڪ تنھنجو انجام بلڪل سچو آھي ۽ تو حاڪمن جو حاڪم آھين.

    11:46 – 46. (الله) فرمايو ته اي نوح اُھو تنھنجي گھر وارن مان نه آھي، ڇوته اَڻ سڌريل ڪمن وارو آھي، تنھنڪري جنھن جي توکي ڪا خبر نه آھي تنھن بابت مون کان نه پُڇ، آءٌ توکي نصيحت ڪريان ٿو ته متان جاھلن مان ٿئين.

    11:47 – 47. (نوحؓ) چيو ته اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي مون کي خبر نه آھي تنھن بابت توکان پڇڻ جي آءٌ تو وٽان پناھ گھران ٿو، ۽ جي تون نه بخشيندين ۽ رحم نه ڪندين ته ڇيئي وارن مان ٿيندس.

    11:48 – 48. چيو ويو ته اي نوحؑ اسان جي طرف کان سلامتي ۽ برڪتن سان لھ جي توتي ھجن ۽ انھن ٽولين تي (به) جيڪي توساڻ آھن، ۽ (ٻيون ڪي) جماعتون ھونديون جن کي آسودو ڪنداسون وري انھن (مان ڪافرن) کي اسان وٽان ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.

    11:49 – 49. اِھي (قصا) ڳُجھين خبرن مان آھن جي تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، ھن کان اڳ نڪي (ان کي) تون ڄاڻندو ھئين ۽ نڪا تنھنجي قوم ڄاڻندي ھئي، پوءِ صبر ڪريو، بيشڪ پڇاڙي پرھيزگارن لاءِ آھي.

    11:50 – 50. ۽ عادين ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو.

    11:51 – 51. اي منھنجي قوم اوھان کان (ھن پيغام پھچائڻ تي) ڪو اجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو رڳو انھي تي آھي جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي، پوءِ اوھين ڇونه ٿا سمجھو.

    11:52 – 52. ۽ اي منھنجي قوم پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو ته اوھان تي لڳولڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي سگھ تي سگھ وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نه ڦيريو.

    11:53 – 53. چيائون ته اي ھُود اسان وٽ ڪوئي دليل نه آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ تي پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نه آھيون ۽ نڪي توکي مڃيندڙ آھيون.

    11:54 – 54. اسين توکي رڳو (ھي ڳالھ) چئون ٿا ته اسان جي ڪِن بُتن توکي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو بيشڪ آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين به شاھد ھُجو تحقيق آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو.

    11:55 – 55. اُن (الله) ڌاران پوءِ مون سان سڀئي مدائي ڪريو وري مون کي مُھلت نه ڏيو.

    11:56 – 56. تحقيق مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار الله تي ڀروسو ڪيو آھي، ڪو (جاندار) چرندڙ نه آھي جنھنجي پيشانيءَ (جي چڳه) اُن (الله) کانسواءِ ٻيو ڪو (ھٿ ۾) وٺندڙ ھجي بيشڪ منھنجو پالڻھار سڌيءَ واٽ تي آھي.

    11:57 – 57. پوءِ جيڪڏھن ڦرندؤ ته (مون کي ڇا ٿيندو) بيشڪ جنھن پيغام سان اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايم، ۽ منھنجو پالڻھار اوھان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوھان جي جاءِ تي وھاريندو، ۽ اوھين کيس ڪُجھ ذرو نقصان پھچائي نه سگھندؤ، بيشڪ منھنجو پالڻھار سڀني شين تي نگھبان آھي.

    11:58 – 58. ۽ جنھن مھل اسان جو عذاب پھتو (تنھن مھل) ھود کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ کين سخت عذاب کان ڇڏايوسون.

    11:59 – 59. ۽ اھو حال عادين جو آھي جو پنھنجي پالڻھار جي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ پنھنجي پيغمبرن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀڪنھن ھٺيلي فساديءَ جي حُڪم جا تابعدار ٿيا.

    11:60 – 60. ۽ ھن دُنيا ۾ (به) ۽ قيامت جي ڏينھن (به) پويان لعنت لاتي وين، خبردار تحقيق عادين پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، خبردار عادين کي لعنت ھجي جو ھود جي قوم ھوا.

    11:61 – 61. ۽ ثمود جي قوم ڏانھن سندن ڀاءُ صالحؑ کي موڪليوسون، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ (ڪو ٻيو) معبود نه آھي، اُنھيءَ اوھان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ منجھس اوھان کي آباد ڪيائين تنھنڪري کانئس بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو، بيشڪ منھنجو پالڻھار ويجھو (۽) قبول ڪندڙ آھي.

    11:62 – 62. چيائون ته اي صالح ھن کان اڳ بيشڪ اسين تو ۾ (ڪيئي) اُميدون رکندا ھواسون (جي ھاڻي بند ٿيون) اسان جي ابن ڏاڏن جن کي پوڄيو تن جي پوڄڻ کان اسان کي ڇو ٿو جھلين؟ ۽ جنھن ڏانھن اسان کي سڏين ٿو تنھن کان اسين بلڪل شڪ ۾ پيل آھيون.

    11:63 – 63. (صالح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي اوھين) ڏسو ته سھين ته جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار کان چٽيءَ حُجت تي ھجان ۽ پنھنجي طرف کان مون تي ٻاجھ ڪئي ھجيس ته جيڪڏھن (آءٌ اوھان جو چيو مڃي) سندس نافرماني ڪريان ته الله کان مون کي ڪير ڇڏائيندو؟ پوءِ اوھان مون لاءِ رڳو نقصان وڌايو؟

    11:64 – 64. ۽ اي منھنجي قوم ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني (مُعجزو) آھي پوءِ ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ (جتي وڻيس اُتي) چَري ۽ ان کي ڪو ايذاءُ نه پھچايو نه ته پوءِ اوھان کي ستت ئي عذاب اچي وٺندو.

    11:65 – 65. پوءِ اُن جو کُچون ڪپي (ماري) وڌائون پوءِ (صالحؑ) چيو ته اوھين پنھنجن گھرن ۾ (ڇڙا) ٽي ڏينھن فائدو وٺو، اُھو فائدو ڪوڙو نه آھي.

    11:66 – 66. پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو (تنھن مھل) صالح ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون ۽ قيامت جي ڏينھن جي خواري کان (به) تحقيق تنھنجو پالڻھار طاقت وارو ۽ غالب آھي.

    11:67 – 67. ۽ (انھن) ظالمن کي ھڪ خوفناڪ آواز ورتو پوءِ صبح جو پنھنجن حويلين ۾ ڪرونڊڙا ٿي مري ويا.

    11:68 – 68. ڄڻڪ منجھس رھيا ئي نه ھوا، خبردار ثمودي پنھنجي رب کان منڪر ٿيا، ٻڌو! ثمودين تي لعنت ھجي.

    11:69 – 69. ۽ بيشڪ اسانجا قاصد ابراھيمؑ وٽ خوشخبري (ڏيڻ) لاءِ آيا (پوءِ) سلام ڏنائون، (ابراھيمؑ) سلام ورايو پوءِ ڀُڳل گابي (جي گوشت آڻڻ) ۾ ڪا دير نه ڪيائين.

    11:70 – 70. پوءِ جنھن مھل سندن ھٿن کي اُن (گوشت) ڏانھن نه پھچندو ڏنائين (تنھن مھل) کين اوپرو ڀانيائين ۽ کائن دل ۾ ڊنون چيائون ته نه ڊڄ اسان کي لُوط جي قوم ڏانھن موڪليو ويو آھي.

    11:71 – 71. ۽ سنديس زال جا بيٺل ھُئي سا کِلي پوءِ ان کي اسحاق جي (ڄمڻ جي) ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب جي مُبارڪ ڏنيسون.

    11:72 – 72. چيائين ته مون لاءِ افسوس آھي آءٌ ھن حالت ۾ ڄڻينديس ڇا جو آءٌ پاڻ ڪراڙي جھور آھيان ۽ ھيءُ منھنجو مڙس ٻڍو آھي، ھي ته ھڪ عجيب ڳالھ آھي.

    11:73 – 73. چيائون ته الله جي حُڪم تي عجب ڇو ٿي ڪرين اي ھن گھر وارؤ اوھان تي الله جي ٻاجھ ۽ سندس برڪتون آھن، بيشڪ اھو (الله) ساراھيل وڏائيءَ وارو آھي.

    11:74 – 74. پوءِ جنھن مھل ابراھيمؑ کان ڀؤ لٿو ۽ خوشخبري پُھتس (ته اُن وقت) لُوط جي قوم بابت اسان سان تڪرار ڪرڻ لڳو.

    11:75 – 75. ڇوته اِبراھيم بُردبار نرم دل (الله ڏانھن) موٽندڙ ھو.

    11:76 – 76. (چيوسون ته) اي ابراھيمؑ اِن خيال کان مُڙي وڃ، تحقيق تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اچي چڪو آھي، ۽ کين اَڻ ٽر عذاب اچڻ وارو آھي.

    11:77 – 77. ۽ جڏھن اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا (تڏھن) سندن (اچڻ) سببان خفي ٿيو ۽ انھن جي سببان تنگدل ٿيو ۽ چيائين ته ھي ڏينھن سخت آھي.

    11:78 – 78. ۽ سندس قوم ڏانھس ڊوڙندي آئي، ۽ (اُھي) اڳي بُڇڙا ڪم ڪندا ھئا، چيائين ته اي منھنجي قوم ھيءُ منھنجون ڌيئرون اوھان جي (نڪاح) لاءِ ڏاڍيون سٺيون آھن پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجي مھمانن (سان بڇڙي ھلت ڪري) ۽ مونکي لڄي نه ڪريو، اوھان ۾ ڪو ڀلارو مڙس ڪونھي ڇا (جو اوھان کي جھلي) ؟

    11:79 – 79. چيائون ته تون پڪي طرح ڄاڻي چڪو آھين ته اسان کي تنھنجي ڌيئرن ۾ ڪا احتياجي ڪانه آھي، ۽ توکي ته معلوم آھي جو اسين گھرون ٿا.

    11:80 – 80. (لُوط) چيو ته جيڪڏھن مون کي اوھان سان مقابلي جي سگھ ھجي ھا يا ڪنھن ڏاڍي اوٽ جي پناھ وٺان ھا (ته جيڪي ڪرڻو ھو سو ڪريان ھا).

    11:81 – 81. (ملائڪن) چيو ته اي لُوط اسين تنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون (اُھي) تو وٽ ڪڏھن نه پھچي سگھندا پوءِ (تون) پنھنجي گھر وارن سوڌو ڪجھ رات ڏئي نِڪر ۽ اوھان کي جڳائي ته ڪو ھڪڙو پوءِ تي ڪافرن جي عذاب ڏانھن نه واجھائي پر تنھنجي زال (واجھائيندي)، ھن ڪري ته جو (عذاب) اُن (ڪافرن جي) قوم کي پھچندو سو اُن کي (به) پھچڻو آھي، سندن (عذاب پھچڻ جي) انجام جي مھل صبح آھي، صُبح ويجھو نه آھي ڇا؟

    11:82 – 82. پوءِ جنھن مھل اسان جو حُڪم پھتو ته اُن (ڳوٺ) کي ھيٺ مٿي ڪيوسون ۽ اُن تي پڪي مٽيءَ جا ڳوڙھا لڳولڳ وسايا سون.

    11:83 – 83. جو تنھنجي پالڻھار وٽان نشان ٿيل ھوا، ۽ اُھا (سزا) ظالمن کان پري نه ھئي.

    11:84 – 84. ۽ مدين (جي قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيبؑ کي موڪليوسون، (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبُود ڪونھي، ۽ ماڻ ۽ تور گھٽائي نه ڏيو آءٌ اوھان کي آسودو ڏسان ٿو آءٌ اوھان تي وڪوڙيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

    11:85 – 85. ۽ اي منھنجي قوم ماڻ ۽ تور انصاف سان پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سندين شيون گھٽائي نه ڏيو ۽ نڪي مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو وجھو.

    11:86 – 86. جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته الله جي بچايل بچت اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان.

    11:87 – 87. چيائون ته اي شعيب تنھنجي نماز توکي حڪم ڪيو آھي ڇا ته جنھن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کي يا پنھنجن مالن ۾ جيڪي ڪرڻ گھرندا آھيون سو ڇڏي ڏيون، (چٿر ڪري چيائون) ته بيشڪ بردبار سنئين رستي وارو آھين.

    11:88 – 88. (شعيبؑ) چيو ته اي منھنجي قوم (اوھين ڏسو ته سھي ته آءٌ) جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار کان چِٽي حُجّت تي ھجان ۽ پنھنجي پار کان چڱي روزي مون کي ڏني ھجيس (ته اوھان جو چيو ڪئن مڃيندس) ۽ جنھن کان اوھان کي جھليان ٿو تنھن کان اوھان (کي جھلڻ) جي ابتڙ ھلڻ نٿو گھران، جيڪي ٿي سگھيم سو سڌارڻ کانسواءِ نه گھرندس، ۽ الله (جي فضل) کانسواءِ مون کي ڪا سگھ نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ ڏانھس موٽان ٿو.

    11:89 – 89. ۽ اي منھنجي قوم اوھان کي مون سان دشمني ڪرڻ اھڙي عذاب جو سبب نه بڻجي جھڙو عذاب نوح جي قوم يا ھود جي قوم يا صالح جي قوم کي پُھتو، ۽ لُوط جي قوم اوھان کان ڪا پري نه آھي.

    11:90 – 90. ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري اڳيانس توبه ڪريو، تحقيق منھنجو پالڻھار مھربان (سڀڪنھن جو) سڄڻ آھي.

    11:91 – 91. چيائون ته اي شعيب جيڪي تون چوين ٿو تنھن مان گھڻو نٿا سمجھون ۽ توکي پاڻ مان بلڪل ھيڻون ڏسون ٿا، ۽ جيڪڏھن تنھنجو ڪڙم نه ھجي ھا ته توکي پٿرن سان ماريون ھا، ۽ تون اسان تي ڪو سردار نه آھين.

    11:92 – 92. (شعيب) چيو ته اي منھنجي قوم اوھان وٽ منھنجو ڪڙم الله کان وڌيڪ پيارو آھي ڇا؟ ۽ اُن (الله جي حُڪم) کي پنھنجي پٺيءَ پويان اُڇلي ڇڏيو اٿوَ، تحقيق جيڪي ڪندا آھيو سو منھنجي پالڻھار جي قابو ۾ آھي.

    11:93 – 93. ۽ اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي پر تي عمل ڪريو آءٌ (به) عمل ڪندڙ آھيان، سگھوئي ڄاڻندؤ ته ڪنھن کي عذاب پھچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ جيڪو ڪوڙو آھي تنھن کي به، ۽ انتظار ڪريو آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.

    11:94 – 94. ۽ جنھن مھل اسان جو عذاب آيو تنھن مھل شعيبؑ کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو ھو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ ظالمن کي سخت ڪڙڪي (اچي) پڪڙيو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ گوڏن ڀر مري ويا.

    11:95 – 95. ڄڻڪ منجھن رھيا ئي نه ھوا، خبردار مدين وارن تي ڦِٽ ھجي جھڙي ثمود قوم تي لعنت ٿي.

    11:96 – 96. ۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجين نشانين ۽ پڌري حُجّت سان موڪليوسون.

    11:97 – 97. فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ (سڀ ماڻھو) فرعون جي حُڪم جي پويان لڳا، ۽ فرعون جو حُڪم سڌو نه ھو.

    11:98 – 98. قيامت جي ڏينھن (فرعون) پنھنجي قوم جو اڳواڻ ٿيندو پوءِ کين باھ ۾ گھيڙيندو، ۽ جنھن گھٽ ۾ گھيڙيا ويندا سو بڇڙو آھي.

    11:99 – 99. ۽ ھن (دنيا) ۾ (به) لعنت انھن کي پويان لڳائي ويئي ۽ قيامت جي ڏينھن (به) جيڪو (لعنت جو) انعام ملين سو بڇڙو آھي.

    11:100 – 100. (اي پيغمبر) اھي ڳوٺن جون خبرون آھن جي توتي بيان ڪريون ٿا انھن مان (ڪي) قائم (آھن) ۽ (ڪي) ناس ٿيل.

    11:101 – 101. ۽ اسان انھن تي ظلم نه ڪيو پر ھنن پاڻ تي (پاڻھين) ظلم ڪيو پوءِ جنھن مھل تنھنجي پالڻھار جو حُڪم پھتو (ته) سندن معبودن جن کي الله کان سواءِ سڏيندا ھوا کائن ڪُجھ به نه ٽاريو، ۽ ھلاڪي کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه وڌايائون.

    11:102 – 102. ۽ ائين تنھنجي پالڻھار جو اُن مھل ڳوٺن (وارن) کي اُن حالت ۾ پڪڙڻ ٿيندو آھي جڏھن اُھي ظُلم ڪندڙ ٿيندا آھن، بيشڪ سندس پڪڙ سخت ڏکوئيندڙ آھي.

    11:103 – 103. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ انھيءَ لاءِ نشاني آھي جو آخرت جي عذاب کان ڊنو، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ ماڻھن کي ميڙبو ۽ اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن ۾ (سڀ) حاضر ٿيندا.

    11:104 – 104. ۽ مُقرّر مُدت کانسواءِ ان کي نه ٿا ڍر ڏيون.

    11:105 – 105. جنھن ڏينھن (اُھو) ايندو ته ڪو ماڻھو اُن (الله) جي موڪل کانسواءِ نه ڳالھائيندو، پوءِ اُنھن مان ڪي بدبخت ھوندا ۽ ڪي نيڪ بخت ھوندا.

    11:106 – 106. پوءِ جيڪي بدبخت ٿيا سي باہ ۾ (گھڙندا) انھن کي منجھس چيڪَ ۽ دانھَن ھوندي.

    11:107 – 107. مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو ان کانسواءِ آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، بيشڪ تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.

    11:108 – 108. ۽ جيڪي نيڪ بخت ڪيا ويا سي بھشت ۾ (گھڙندا) مگر جيترو وقت تنھنجي پالڻھار گھريو (ان کانسواءِ) آسمانن ۽ زمين جي بقا ھجڻ تائين منجھس سدائين رھندا، (اِھا) بخشش اَڻ کٽ آھي.

    11:109 – 109. تنھنڪري اِھي جيڪا پوڄا ڪندا آھن تنھن کان تون شڪ ۾ نه رھ، جھڙو سندن پيءُ ڏاڏا اڳ پوڄيندا ھوا اِن کانسواءِ اِھي نه پوڄيندا آھن، ۽ اسين کين اَڻ کٽ (عذاب) جو سندن پورو حصّو ڏيندڙ آھيون.

    11:110 – 110. ۽ بيشڪ موسىؑ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف پيو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حڪم اڳي نه ٿي چڪي ھا ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ھا، ۽ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ پيل آھن.

    11:111 – 111. ۽ جنھن مھل (اُٿاريا ويندا ته) سڀڪنھن کي تنھنجو پالڻھار سندن اعمالن جو پورو بدلو ڏيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھنجي اُھو خبر رکندڙ آھي.

    11:112 – 112. پوءِ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي تئن تون مُحڪم رھ ۽ جن توسان توبه ڪئي (سي به محڪم رھن) ۽ حد کان نه لنگھو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

    11:113 – 113. ۽ ظالمن ڏانھن لاڙو نه ڪريو نه ته اوھان کي باھ لڳندي ۽ الله کان سواءِ ڪو اوھان جو دوست نه آھي وري مدد نه ڏبوَ.

    11:114 – 114. ۽ ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۽ پوياڙي جي وقتن ۾ ۽ ڪو وقت رات ۾ (به) نماز پڙھ، تحقيق چڱايون مداين کي نينديون آھن، نصيحت وٺندڙن لاءِ اِھا نصيحت آھي.

    11:115 – 115. ۽ صبر ڪر بيشڪ الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي.

    11:116 – 116. پوءِ اوھان کان اڳ اڳين صدين وارن مان (گھڻا) سمجھ ڀريا ڇونه ٿيا جو (ماڻھن کي) ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) کان جھلين ھا پر ڪي ٿورڙا ٿيا جن کي منجھائن بچايوسون، ۽ جيڪي ظالم ھوا سي جنھن (مال) ۾ آسودا ڪيا ويا تنھنجي پٺيان لڳا ۽ اُھي ڏوھاري ھوا.

    11:117 – 117. ۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار اھڙو نه آھي جو ڳوٺن کي سندن سڌريل رھاڪُن ھوندي ظلم سان ناس ڪري ڇڏي.

    11:118 – 118. ۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا ته (سڀني) ماڻھن کي ھڪ ئي مذھب (تي) ڪري ھا ۽ (اُھي) سدائين مختلف (مذھب تي) رھندا.

    11:119 – 119. پر جن تي تنھنجي پالڻھار رحم ڪيو (سي ھڪ ئي مذھب تي رھندا)، ۽ کين انھيءَ لاءِ (الله) پيدا ڪيو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جو ٻولُ پورو ٿيو جو جنن ۽ ماڻھن مان گڏي دوزخ ضرور ڀريندس.

    11:120 – 120. ۽ (اي پيغمبر) پيغمبرن جي خبرن مان تو وٽ ايترو بيان ڪريون ٿا جنھن سان تنھنجي دل کي مضبوط ڪريون، ۽ اُنھن (خبرن) ۾ حق ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت ۽ سمجھاڻي آئي آھي.

    11:121 – 121. ۽ (اي پيغمبر) جيڪي نه مڃيندا آھن تن کي چؤ ته اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو، اسين (به) عمل ڪندڙ آھيون.

    11:122 – 122. ۽ انتظار ڪريو، اسين (به) انتطار ڪندڙ آھيون.

    11:123 – 123. ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ رڳو الله کي (معلوم) آھي ۽ سڀ ڪم ڏانھس موٽايو ويندو آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ مٿس ڀروسو رک، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن کان تنھنجو پالڻھار بي خبر نه آھي.

    ——————————————————————————–
    سورة 12- یُوسُف

    12:1 – 1. الرٰ، ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.

    12:2 – 2. بيشڪ اسان اُن کي قُرآن عربي (ٻوليءَ وارو) ڪري نازل ڪيو ته مانَ اوھين سمجھو.

    12:3 – 3. (اي پيغمبر) اسين توڏانھن ھن قرآن ۾ پنھنجي وحي موڪلڻ سان ڏاڍو چڱو قصّو توکي پڙھي ٻڌايون ٿا، ۽ تون ھن کان اڳ بيشڪ بي خبرن مان ھئين.

    12:4 – 4. (ياد ڪر) جڏھن يوسفؑ پنھنجي پيءُ کي چيو ته اي ابا مون يارھن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا انھن کي ڏٺم ته مون کي سجدو ٿا ڪن.

    12:5 – 5. (يعقوبؑ) چيو ته اي منھنجا پٽ پنھنجو خواب پنھنجن ڀائرن وٽ بيان نه ڪج نه ته تولاءِ ڪو ڦند ڦيريندا، بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو ويري آھي.

    12:6 – 6. ۽ اھري طرح تنھنجو پالڻھار توکي سڳورو ڪندو ۽ توکي خوابن جو تعبير سيکاريندو ۽ پنھنجي نعمت توتي ۽ يعقوبؑ جي اولاد تي اھڙي طرح پوري ڪندو جھڙي اڳ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ تي پوري ڪيائين، بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    12:7 – 7. بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس ڀائرن (جي قصي) ۾ پڇندڙن لاءِ (گھڻيون) نشانيون آھن.

    12:8 – 8. جڏھن (پاڻ ۾) چيائون ته بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ (بن يامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان ڏاڍا پيارا آھن جيتوڻيڪ اسين (گھڻا ڄڻا) ڏاڍي ٽولي آھيون، بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آھي.

    12:9 – 9. (ھاڻي گھرجي ته) يُوسفؑ کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو ته اوھان جي پيءُ جي مھاڙ اوھان لاءِ نرالي ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو.

    12:10 – 10. منجھائن (ھڪ) چوندڙ چيو ته يُوسف کي نه ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪي) ڪندڙ آھيو ته کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس ته ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو.

    12:11 – 11. (يعقوبؑ کي) چيائون ته اي بابا توکي ڇا ٿيو آھي يُوسفؑ جي نسبت ۾ توکي اسان تي ھن ھوندي به ڪو ڀروسو نٿو ٿئي جو اسين سندس خيرخواہ آھيون.

    12:12 – 12. سڀاڻي اسان سان کيس موڪل ته کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگھبان آھيون.

    12:13 – 13. (يعقوبؑ) چيو ته اوھان جو کيس نئَڻ مون کي ضرور مونجھو ٿو ڪري ۽ ڊڄان ٿو ته (متان) کيس بگھڙ کائي ۽ کانئس اوھين بي خبر ھجو.

    12:14 – 14. چيائون ته اسان جي (گھڻن ڄڻن جي) ڏاڍي ٽولي ھوندي به جيڪڏھن کيس بگھڙ کاڌو ته اسين انھيءَ مھل ضرور ٽوٽي وارا ھونداسون.

    12:15 – 15. پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (ته) اُن کي کوھ جي تري ۾ اڇلڻ جي پڪ ڪيائون، ۽ ڏانھس وحي ڪيوسون ته سندن ھن واقعي جي کين ضرور سڌ ڏيندين ۽ اُھي (توکي) نه ڄاڻندا.

    12:16 – 16. ۽ پنھنجي پيءُ وٽ رات جو روئيندا آيا.

    12:17 – 17. چيائون ته اي بابا اسين ڊڪون پورائڻ وياسون ۽ يُوسف کي پنھنجي وسلن تي ڇڏيوسون پوءِ اُن کي بگھڙ کاڌو ۽ توڻي اسين سچا آھيون ته به تون اسان کي وسھندڙ نه ٿيندين.

    12:18 – 18. ۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو ته (ائين نه آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي الله کان مدد گھري وڃي ٿي.

    12:19 – 19. ۽ (اُن کوھ تي) قافلو آيو پوءِ پنھنجي پاڻي ڀريندڙ کي موڪليائون جنھن پنھنجو ٻوڪو وڌو، چيائون وھ واھ! ھي نينگر آھي، ۽ کيس ھڪ (چڱي) وٿ سمجھي لڪايائون، ۽ جيڪي ڪيائون ٿي سو الله ڄاڻندڙ آھي.

    12:20 – 20. ۽ کيس (ڀائرن) ھلڪيءَ بھا سان وڪيو جو ڪي ٿورا پئسا ھوا، سندس حق ۾ بيزاري ڪندڙ ھوا.

    12:21 – 21. ۽ مصر وارن مان جنھن کيس ڳڌو تنھن پنھنجي زال (زليخا) کي چيو ته ھن جي چڱي تعظيم ڪج مانَ اسان کي ڪو فائدو ڏئي يا کيس پٽيلو ڪري رکون، ۽ ا ھڙي طرح يُوسفؑ کي مصر ۾ جاءِ ڏني سون، ۽ ھن لاءِ ته کيس خوابن جو تعبير سيکاريون، ۽ الله پنھنجي ڪم تي غالب آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

    12:22 – 22. ۽ جنھن مھل (يُوسفؑ) پنھنجي جوانيءَ کي پھتو (ته) حِڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون.

    12:23 – 23. ۽ جنھن زال جي گھر ۾ اُھو ھو تنھن سندس نفس کي راڻيو ٿي ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چيائين ته اوري آءُ، (يوسف) چيائين ته الله جي پناھ گھريم انھي منھنجي نپائيندڙ (يعني عزيز) مون کي چڱي ھنڌ رکيو آھي، ھيءَ (ڳالھ) سچي آھي ته ظالم نه ڇٽندا.

    12:24 – 24. ۽ بيشڪ (اُھا) ان ڏانھن لڙي ۽ (يُوسفؑ) به اُن ڏانھن لڙيو، جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو دليل نه ڏسي ھا (ته جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿئي ھا)، اھڙي طرح (انھي ڪري ٿيو) ته بڇڙائي ۽ بي حيائي کانئس ٽاري سون، سچ آھي ته اھو اسان جي خالص ٻانھن مان ھو.

    12:25 – 25. ۽ ٻئي دروازي ڏانھن ڊوڙيا ۽ زال ان (يُوسف) جو پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ۽ سندس مڙس کي دروازي وٽ مليا، (زليخا) چيو ته جيڪو تنھنجي گھر واريءَ سان مدائي ڪرڻ جو ارادو ڪري تنھنجي سزا قيد ڪرڻ يا ڏکوئيندڙ عذاب کانسواءِ (ٻي ڪا) نه آھي.

    12:26 – 26. (يُوسفؑ) چيو ته ھن مون کي منھنجي نفس کان راڻيو ٿي ۽ سندس گھر جي ڀاتين مان ھڪ شاھد شاھدي ڏني، ته جيڪڏھن ھن جو پھراڻ اڳ کان ڦاڙيو ويو آھي ته (زليخا) سچي آھي ۽ اُھو ڪوڙن مان آھي.

    12:27 – 27. ۽ جيڪڏھن سندس پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ويو آھي ته (زليخا) ڪوڙي ۽ اھو سچن مان آھي.

    12:28 – 28. جنھن مھل (عزيز) پھراڻ پٺيءَ کان ڦاٽل ڏٺو (ته) چيائين ته (اي زالون) اھو (چوڻ) اوھان جي مڪرن مان آھي، ڇوته اوھان جو مڪر وڏو آھي.

    12:29 – 29. (اي) يوسف اِن (ڳالھ) کان منھن موڙ، ۽ (اي زليخا) تون (به) پنھنجي مدائيءَ جي بخشش گھر، ڇوته تون ئي خطا وارن مان آھين.

    12:30 – 30. ۽ شھر ۾ ڪيترين زالن پچاريو ته عزيز جي زال پنھنجي جوان ٻانھي کي سندس نفس کان (بڇڙي ڪم لاءِ) راڻيندي آھي، بيشڪ (يُوسف جو) پيار سندس دل ۾ پيھي ويو آھي، اسين کيس پڌري گمراھيءَ ۾ ضرور ڏسنديون آھيون.

    12:31 – 31. پوءِ جنھن مھل (زليخا) سندن گلا ڪرڻ ٻڌي (ته) انھن ڏانھن (ماڻھو) موڪليائين ۽ انھن لاءِ مجلس تيار ڪيائين ۽ منجھائن ھر ھڪ کي ڪپ ڏنائين ۽ چيائين ته (اي يُوسفؑ) مٿن نِڪر، جنھن دم کيس ڏٺائون ته کيس وڌيڪ (سھڻو) ڄاتائون ۽ پنھنجا ھٿ وڍيائون، ۽ چيائون ته الله پاڪ وڏو آھي ھيءُ (نينگر) ماڻھو نه آھي، پر ھڪ سڳورو ملائڪ آھي.

    12:32 – 32. (زليخا) چيو اِھو اُھو آھي جنھن (جي محبت) ۾ اوھين مون کي ٽوڪينديون ھُيؤ، ۽ بيشڪ سندس نفس کان کيس راڻيم ٿي پوءِ پاڻ بچايائين، ۽ کيس جيڪي حُڪم ڪريان ٿي سو جيڪڏھن نه ڪندو ته ضرور قيد ڪيو ويندو ۽ ضرور بي فرمانن مان ٿيندو.

    12:33 – 33. (يُوسفؑ) چيو اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڪم) ڏانھن مون کي سڏين ٿيون تنھن کان مون کي قيد پسند آھي، ۽ جيڪڏھن سندن مڪر مون کان نه ٽاريندين ته انھن ڏانھن لڙندس ۽ جاھلن مان ٿيندس.

    12:34 – 34. پوءِ سندس پالڻھار ان جي دُعا قبول ڪئي ۽ کانئس اُنھن جو مڪر ٽاريائين، ڇوته اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    12:35 – 35. وري به نشانين جي ڏسڻ کان پوءِ کين ھيءَ (ڳالھ) نظر آئي ته ڪجھ وقت تائين کيس ضرور قيد وجھن.

    12:36 – 36. ۽ ساڻس ٻه جوان قيد ۾ گھڙيا، انھن مان ھڪ چيو ته مون پاڻ کي (ننڊ ۾) ڏٺو ته شراب نپوڙيان ٿو، ۽ ٻئي چيو ته مون پاڻ کي مٿي تي ماني کڻندو ۽ منجھانئس پکين کي کائيندو ڏٺو، اسان کي اُن جي تعبير جي خبر ڏي، بيشڪ اسين توکي ڀلارن مان ڏسون ٿا.

    12:37 – 37. (يُوسفؑ) چيو ته جيڪو طعام اوھين کائيندا آھيو سو اوھان وٽ ايندو ئي نه پر اوھان وٽ ان جي اچڻ کان اڳيئي سندس تعبير آءٌ اوھان کي ڏسيندس، اِھو (تعبير ڪرڻ) انھن (ڳالھين) مان آھي جي منھنجي رب مونکي سيکاريون آھن، بيشڪ مون اُن قوم جي پر ڦٽي ڪئي آھي جيڪي الله کي نه مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت جا به مُنڪر آھن.

    12:38 – 38. ۽ پنھنجي پيءُ ڏاڏن ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ يعقوبؑ جي دين جي پيروي ڪئي اٿم، ڪنھن شيءِ کي الله سان شريڪ ڪرڻ اسان کي نه جڳائيندو آھي، اھو اسان تي ۽ ٻـين ماڻھن تي الله جو فضل آھي پر گھڻا ماڻھو شڪرانو نه ڪندا آھن.

    12:39 – 39. اي منھنجا سنگتي قيدي (ھيءَ ڳالھ سمجھندا آھيو ته) ڌارو ڌار گھڻا رب چڱا آھن يا اڪيلو غالب الله (چڱو آھي) ؟

    12:40 – 40. الله کانسواءِ جن جي اوھين پوڄا ڪندا آھيو اُھي رڳو نالا آھن جي اوھان ۽ اوھان جي پيءُ ڏاڏن نالا رکيا آھن انھن جي بابت الله ڪا سندَ نازل نه ڪئي آھي، الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي حڪومت نه آھي، حُڪم ڪيائين ته خاص اُن (الله) کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، اُھو دين قائم آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

    12:41 – 41. اي منھنجا قيدي سنگتي اوھان مان ھڪڙو پنھنجي بادشاھ کي شراب پياريندو، ۽ ٻيو سوريءَ چاڙھيو ويندو ۽ سندس مٿي مان پکي کائيندا، جنھن بابت پڇو ٿا سو ڪم پورو ٿي ويو.

    12:42 – 42. ۽ انھن ٻنھي مان جنھن لاءِ گمان ھوس ته (نيٺ) ڇٽندو تنھن کي چيائين ته پنھنجي بادشاھ وٽ مون کي ياد ڪج، پوءِ شيطان سندس بادشاھ وٽ کانئس يادگيري وسارائي ڇڏي تنھنڪري (يُوسفؑ) ڪيترائي ورھيه قيد ۾ رھيو.

    12:43 – 43. ۽ بادشاھ چيو ته مون (ننڊ) ۾ ست ٿُلھيون ڳـئون ڏٺيون آھن جن کي ستن ڏٻرين کاڌو ٿي ۽ (پڻ) ست ساوا سنگ ۽ ٻيا ست سُڪا (ڏٺا اٿم)، اي سردارؤ جيڪڏھن اوھين خواب جو تعبير ڪندا آھيو ته منھنجي خواب جو مون کي تعبير ٻڌايو.

    12:44 – 44. چيائون (اھي) پريشان خواب آھن، ۽ اسين ڪوڙن خوابن جو تعبير نه ڄاڻندا آھيون.

    12:45 – 45. ۽ جيڪو ٻنھي مان ڇُٽو ھو ۽ گھڻي دير کانپوءِ ياد آيس تنھن چيو ته ان جي تعبير جي آءٌ توکي سُڌ ڏيندس پوءِ مونکي موڪليو.

    12:46 – 46. (پوءِ بندي خاني ڏانھن ويو چيائين) اي سچا يُوسفؑ ستن ٿلھين ڳئن بابت جن کي ستن ڏٻرين کاڌو ۽ ستن ساون سنگن ۽ ٻـين (ستن) سُڪن بابت تعبير ٻڌاءِ ته آءٌ ماڻھن ڏانھن موٽان ته مانَ اُھي ڄاڻن.

    12:47 – 47. (يوسف) چيو ته ست ورھيه ساندہ پوک ڪندا رھو، پوءِ جيڪو فصل لُڻو تنھن مان جيڪي کائو تنھن کانسواءِ ٻيو (سڀ) سندن سَنگن ۾ (رکي) ڇڏيو انھن ٿورن کانسواءِ جيڪي اوھين کائو.

    12:48 – 48. وري اُن کانپوءِ ست سال سختيءَ جا ايندا انھن لاءِ جيڪي (اَن) اڳي رکي ڇڏيو ھوندوَ سو جيڪي بچائي رکندؤ تنھن مان ٿورڙي کانسواءِ (ٻيو سڀ) کائي ويندا.

    12:49 – 49. وري اُن کانپوءِ اھڙو ورھ ايندو جنھن ۾ ماڻھن تي مينھن وسايو ويندو ۽ منجھس (ڊاک وغيرہ) نپوڙيندا.

    12:50 – 50. ۽ بادشاھ چيو ته يُوسفؑ کي مون وٽ آڻيو، جنھن مھل وٽس قاصد آيو (ته ان وقت يُوسفؑ) چيو ته پنھنجي بادشاھ ڏانھن موٽ پوءِ کانئس پُڇ ته انھن زالن جو ڪھڙو حال ھو جن پنھنجا ھٿ وڍيا، ڇوته منھنجو پالڻھار سندن مِڪر کي ڄاڻندڙ آھي.

    12:51 – 51. (بادشاھ عورتن کان) پڇيو ته اوھان جو ڇا حال ھو جڏھن يُوسفؑ کي سندس نفس کان راڻيوَ ٿي، چيائون ته الله پاڪ آھي ڪا بُڇڙائي مٿس نه ڄاتي سون، عزيز جي زال چيو ته ھاڻي حق پڌرو ٿيو، مون کيس سندس نفس کان راڻڻ گھريو ھو ۽ اُھو بيشڪ سچن مان آھي.

    12:52 – 52. (يُوسفؑ چيو ته) اِھو ھن لاءِ ھو ته (عزيز) ڄاڻي ته مون پرپٺ سندس خيانت نه ڪئي ھئي ۽ الله خيانت ڪندڙن جو فريب پورو ٿيڻ نه ڏيندو آھي.