islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. ٻيون سیپارو

    ٻيون سیپارو

    Rate this post

    سورة 2- البَقَرَة

    2:142 – 142. ماڻھن منجھان ڪي بي سمجھ سگھو چوندا ته اُنھن (يعني مسلمانن) کي سندن اُھو قبلو جنھن ڏي (نماز پڙھندا) ھئا تنھن کان ڪھڙيءَ ڳالھ ڦيرايوَ؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوڀر ۽ اولھ الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سِڌيءَ واٽ ڏانھن دڳ ڏيکاريندو آھي.

    2:143 – 143. ۽ (جھڙي طرح اوھان جو قبلو ڀلو ڪيوسين) اھڙيءَ طرح اوھان کي ڀلي ٽولي ڪئي سون ته ماڻھن تي شاھد ھجو ۽ پيغمبر (ﷴ ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي، ۽ (اي پيغمبر) جنھن (طرف) تي (اڳي) ھئين تنھن کي قبلو مقرر نه ڪيو ھو سون مگر ھن لاءِ ته جيڪو پيغمبر جي پٺيان لڳي تنھن کي اُنھيءَ کان نکيڙيون جيڪو پنھنجين کڙين (ڀر پوءِ) تي ڦري، ۽ بيشڪ (اِھو) جن کي الله ھدايت ڪئي تن کان سواءِ (ٻـين) تي ضرور ڏکيو آھي، ۽ الله جو شان اھڙو نه آھي جو اوھان جي ايمان کي وڃائي، ڇو ته الله ماڻھن سان ضرور شفقت ڪندڙ مھربان آھي.

    2:144 – 144. (اي پيغمبر) آسمان ڏانھن تنھنجو منھن (ھرھر) ڦيرائڻ بيشڪ ڏسون ٿا، پوءِ جنھن قبلي کي پسند ڪرين ٿو (اوڏانھن) توکي ضرور ڦيرائينداسين، پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي مُنھن کي تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ (اي مسلمانؤ) اوھين جتي ھجو تتي پنھنجا منھن اوڏانھن ڦيرايو، ۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي سي ضرور ڄاڻن ٿا ته اِھو (ڦيرائڻ) سندن پالڻھار وٽان بلڪل سچ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کان الله بي خبر نه آھي.

    2:145 – 145. ۽ (قسم آھي) ته جن کي ڪتاب ڏنو ويو آھي تن وٽ جيڪڏھن (تون) سڀ دليل آڻين ته (به) تنھنجي قبلي جي تابعداري نه ڪندا، ۽ نڪي تون سندن قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھين، ۽ نڪي اُنھن مان ڪي ڪن جي قبلي جي تابعداري ڪندڙ آھن، ۽ (قسم آھي) ته ان کانپوءِ جو تو وٽ علم آيو جيڪڏھن سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين ته تون اُن مھل ظالمن مان آھين.

    2:146 – 146. جن کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون سي اُن (قبلي جي ڦير) کي اِئين سڃاڻندا آھن جئن پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، ۽ منجھانئن ڪا ٽولي ڄاڻ ھوندي بيشڪ سچ کي لڪائيندي آھي.

    2:147 – 147. اِھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي تنھنڪري تون شڪ وارن مان بنھ نه ٿيءُ.

    2:148 – 148. ۽ سڀ ڪنھن لاءِ (ڪو) ھڪڙو قبلو آھي جنھن ڏانھن اُھو مھاڙ ڪندو آھي پوءِ چڱاين ڏانھن اڳرائي ڪريو، جتي ھوندؤ (اُتان) الله اُوھان کي گڏ ڪري آڻيندو، ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

    2:149 – 149. ۽ (اي پيغمبر) جتان (به) نڪرين ته پنھنجو منھن تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ بيشڪ اِھو (ڦيرائڻ) تنھنجي پالڻھار وٽان بلڪل سچ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.

    2:150 – 150. ۽ جتان (به) نڪرين ته پنھنجو منھن تعظيم واريءَ مسجد ڏانھن ڦيراءِ، ۽ جتي ھجو (تتي) پنھنجا منھن ان ڏانھن ڦيرايو (ھن لاءِ) ته منجھانئن جن ظلم ڪيو تن کان سواءِ ٻـين ماڻھن کي اوھان تي ڪا حجت نه رھي، پوءِ کانئن نه ڊڄو، ۽ (ھن لاءِ) ته (آءٌ) پنھنجي نعمت اوھان تي پوري ڪريان ۽ مانَ اوھين ھدايت وارا ٿيو.

    2:151 – 151. جھڙيءَ طرح اوھان تي نعمت پوري ڪئي سون (تھڙيءَ طرح) اوھان منجھان پيغمبر اوھان ۾ موڪليوسون جو اسان جون آيتون اوھان تي پڙھندڙ آھي ۽ اوھان کي پاڪ ڪندو آھي ۽ اوھان کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو آھي ۽ جيڪي نه ڄاڻندا ھيؤ سو (پڻ) اوھان کي سيکاريندو آھي.

    2:152 – 152. تنھنڪري مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوھان کي ياد ڪريان ۽ منھن جو شڪر ڪريو ۽ منھن جي بي شڪري نه ڪريو.

    2:153 – 153. اي مؤمنؤ صبر ۽ نماز سان مدد وٺو، ڇوته الله صابرن سان آھي.

    2:154 – 154. ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُسن تن کي مئل نه چئو، بلڪ (اُھي) جيئرا آھن پر اوھين نه ٿا پروڙيو.

    2:155 – 155. ۽ اوھان کي ڀوَ ۽ بک ۽ مالن جي ۽ جندن جي ۽ ميون جي گھٽتائيءَ مان ڪنھن شيء سان ضرور پرکينداسون، ۽ (اي پيغمبر) اُنھن صابرن کي خُوشخبري ڏي.

    2:156 – 156. جن کي جڏھن ڪا اوکائي پھچي ٿي (تڏھن) چون ٿا ته اسين الله جا (ٻانھا) آھيون ۽ اسين ان ڏانھن موٽندڙ آھيون.

    2:157 – 157. اُنھن تي سندن پالڻھار وٽان مھربانيون ۽ ٻاجھ آھي، ۽ اِھي ئي سڌيءَ واٽ وارا آھن.

    2:158 – 158. صفا ۽ مروہ (جبل) الله (جي عبادت) جي نشانين مان آھن، پوءِ جيڪو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو بجاءِ آڻي تنھن کي ٻنھي جي طواف ڪرڻ ۾ گناھ نه آھي، ۽ جيڪو وڌيڪ چڱائي ڪندو (تنھن جي الله قبول ڪندو) ڇو ته الله قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    2:159 – 159. جيڪي پڌريون ڳالھيون ۽ ھدايتون لاٿيون اٿئون تن کي جيڪي (ماڻھو) اُن کانپوءِ جي اُنھن کي ماڻھن لاءِ ڪتاب (توريت) ۾ ظاھر ڪيوسون، لڪائيندا آھن تن تي الله لعنت ڪندو آھي ۽ لعنت ڪندڙ (به) انھن تي لعنت ڪندا آھن.

    2:160 – 160. پر جن توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ۽ بيان ڪيائون تن تي (ٻاجھ سان) موٽندس، ۽ آءٌ ڏاڍو ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان آھيان.

    2:161 – 161. جن ڪفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن تي الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لعنت آھي.

    2:162 – 162. اُن لعنت ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نڪي کين مھلت ڏبي.

    2:163 – 163. ۽ اوھان جو خدا اڪيلو خدا آھي، ان کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، (اُھو) ٻاجھارو مھربان آھي.

    2:164 – 164. آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ ( ۾)، ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ( ۾)، ۽ ٻيڙيون جي اُنھيءَ (سامان) سان جو ماڻھن کي نفعو ڏيندو آھي درياءَ ۾ ترنديون آھن تن ( ۾)، ۽ جيڪي آسمان کان (مينھن جو) پاڻي الله وسايو پوءِ اُن سان زمين کي ان جي وسامڻ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن ( ۾)، ۽ اُن (زمين) ۾ سڀ جنس جا جانور پکيڙيائين تنھن ( ۾)، ۽ ھوائن جي گھلڻ ( ۾)، ۽ آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ نوايلن ڪڪرن ۾، سمجھ واريءَ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.

    2:165 – 165. ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي الله کانسواءِ (ٻـين کي) الله جھڙو ڪري وٺندا آھن الله جي پيار وانگر پيارو رکندا اٿن، ۽ جن ايمان آندو سي الله جي دوستيءَ ۾ ڏاڍا زور آھن، ۽ جن ظلم ڪيو سي جيڪڏھن (ھن ڳالھ کي ھاڻي) سمجھن ته جنھن مھل (قيامت جي ڏينھن) عذاب ڏسندا ( ۽ سمجھندا) ته سموري سگھ الله کي آھي ۽ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي (ته جيڪر ڏاڍا پشيمان ٿين).

    2:166 – 166. جنھن مھل اڳواڻ پٺيان لڳندڙن کان بيزار ٿيندا ۽ عذاب کي ڏسندا ۽ سندن (سڀ) لاڳاپا ڇڄندا،

    2:167 – 167. ۽ (تنھن مھل) پٺيءَ لڳندڙ چوندا ته جيڪر اسان کي (وري دنيا ۾) موٽڻو ھجي ھا ته کانئن ائين بيزار ٿيون ھا جئن اسان کان بيزار ٿيا آھن، اھڙي طرح الله سندن ڪرتوتن کي مٿن پشيمانيون بڻائي ڏيکاريندو، ۽ اُھي باھ مان نڪرڻ وارا نه آھن.

    2:168 – 168. اي ماڻھؤ جيڪي شيون زمين ۾ آھن تن مان پاڪ حلال کائو، ۽ شيطان جي وکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.

    2:169 – 169. (شيطان) رڳو اوھان کي بڇڙائيءَ ۽ بي حيائيءَ جو حڪم ڪري ٿو ۽ ھيءُ ته جيڪي ڳالھيون نه ڄاڻندا آھيو سي الله جي نسبت ۾ چئو.

    2:170 – 170. ۽ جڏھن کين چئجي ٿو ته جيڪي الله لاٿو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چون ٿا ته (نه) بلڪ جنھن تي پنھنجن پئن ڏاڏن کي ڏٺوسون تنھن جي پٺيان لڳنداسون، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هُئا ۽ نڪي سڌيءَ واٽ تي هُئا.

    2:171 – 171. ۽ ڪافرن (کي سڏيندڙ) جو مثال اُن ماڻھوءَ جي مثال وانگر آھي جو اھڙِيءَ شي کي واڪو ڪري ٻڌائي جا سڏ ۽ ڪوڪ کانسواءِ (ڪجھ) نه ٻڌي. (ڪافر) ٻوڙا، گونگا، انڌا آھن تنھنڪري اُھي (ڪجھ به) نه ٿا سمجھن.

    2:172 – 172. اي مؤمنؤ جيڪا اوھان کي روزي ڏني سون تنھن مان سٺيون شيون کائو ۽ جيڪڏھن اوھين نلو الله جي عبادت ڪندڙ آھيو ته سندس شڪرانو ادا ڪريو.

    2:173 – 173. اوھان تي رڳو مُئل ۽ رَت ۽ سُوئر جو ماس ۽ جنھن شي تي الله کانسواءِ ٻئي جو نالو پڪارجي سا حرام ڪيائين، پوءِ جيڪو نڪي بي فرماني ڪندڙ ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي ( ۽ کائي) تنھن تي گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    2:174 – 174. الله ڪتاب مان جيڪي لاٿو سو جيڪي ماڻھو لڪائيندا آھن ۽ اُن جي بدلي ٿورو ملھ وٺندا آھن اِھي پنھنجن پيٽن ۾ باھ کانسواءِ نه کائيندا آھن ۽ الله ساڻن قيامت جي ڏينھن نه ڳالھائيندو ۽ نڪي کين سنواريندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    2:175 – 175. اِھي (اُھي) آھن جن ھدايت جي بدران گمراھي ۽ بخشش جي بدران عذاب ڳڌو، پوءِ عجب آھي ته کين (دوزخ جي) باہ تي ڪھڙيءَ (ڳالھ) صبر ڪرايو.

    2:176 – 176. اِھو ھِن ڪري (آھي) جو الله سچ سان ڪتاب (توريت) لاٿو، ۽ جن ڪتاب بابت تڪرار ڪيو سي ضرور وڏي ڦيٽي ۾ آھن.

    2:177 – 177. اوڀر ۽ اولھ ڏانھن اوھان جو پنھنجن مُنھَن کي ڦيرائڻ ڪا چڱائي نه آھي پر (اصل) چڱائي (ان لاءِ) آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جنھن (ماڻھوءَ پنھنجو) مال اُن جي پيار ھوندي (به) مٽيءَ وارن ۽ ڇورن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ ٻانھَن جي گردنين (آجي ڪرڻ) ۾ ڏنو، ۽ نماز پڙھيائين ۽ زڪوٰة ڏنائين، ۽ (اُھي ماڻھو جي) جڏھن انجام ڪندا آھن تڏھن پنھنجو انجام پاڙيندا آھن، ۽ سڃائيءَ ۽ اوکائيءَ ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪرڻ وارا آھن، اِھي سچا آھن، ۽ اِھي ئي پرھيزگار آھن.

    2:178 – 178. اي مؤمنؤ خون ٿيلن بابت اوھان تي بدلي وٺڻ ۾ برابري لازم ڪئي ويئي، (جئن ته) آجي جي عيوض آجو ٻانھي جي عيوض ٻانھو ۽ زال جي عيوض زال آھي، پوءِ جنھن کي سندس ڀاءُ جي طرفان ڪجھ ڇڏيو وڃي ته پوءِ (خون بھا وٺڻ ۾) چڱيءَ ريت سان (ان جي) پويان پوڻ گھرجي ۽ ان (وارث) ڏانھن (خون جي بھا) چڱيءَ ريت سان پھچائڻ گھرجي، اِھو (حڪم) اوھان جي پالڻھار وٽان ھلڪائي ۽ ٻاجھ آھي، پوءِ جيڪو ھن (حڪم) کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    2:179 – 179. اي ڌيان وارؤ اوھان لاءِ قصاص (وٺڻ) ۾ حياتي آھي ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.

    2:180 – 180. جڏھن اوھان مان (ڪنھن) ھڪ کي موت ويجھو ٿئي (اُھو) جيڪڏھن (ڪُجھ) مال ڇڏي ته تڏھن اوھان تي ماءُ پيءُ ۽ مِٽن لاءِ چڱائيءَ سان وصيّت ڪرڻ لازم ڪئي ويئي، اِھو پرھيزگارن تي لازم آھي.

    2:181 – 181. پوءِ جيڪو اُن (وصيّت) کي اُن جي ٻڌڻ کانپوءِ ڦيرائيندو ته اُن (ڦيرائڻ) جو گُناہ اُن جي ڦيرائيندڙن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    2:182 – 182. پوءِ جيڪو وصيّت ڪندڙ جي طرفداري يا گناہ ڄاڻي سو انھن (وصيّت ڪيل ۽ وارثن) جي وچ ۾ پرچاءُ ڪري ته مٿس گناہ نه آھي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    2:183 – 183. اي مؤمنؤ جئن اوھان کان اڳين تي (روزا) فرض ڪيا ويا ھئا تئن اوھان تي (به) روزا فرض ڪيا ويا آھن ته مانَ اوھين پرھيزگاري ڪريو.

    2:184 – 184. (روزا) ڳڻيل ڏينھن آھن، پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار (ھجي) يا مسافريءَ تي ھجي (تنھن تي) ٻـين ڏينھن مان ڳڻي رکڻ (لازم) آھي، ۽ جن کي (مسڪين جي کاڌي ڏيڻ جي) سگھ آھي تن تي ھڪ مسڪين جو کاڌو فديه (يعني فطرانو ڏيڻ) لازم آھي، پوءِ جيڪو چڱائي وڌيڪ ڪندو تنھن لاءِ اُھا ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن عِلم وارا آھيو (ته اوھين سمجھي چڪا ھوندؤ) اوھان جو روزو رکڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.

    2:185 – 185. رمضان جو مھينو اھڙو (ڀلو) آھي جنھن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻھن لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھي ۽ (اُن ۾) ھدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) سَنڌي وجھڻ جون چٽيون ڳالھيون آھن،پوءِ اوھان مان جيڪو اُنھيءَ مھيني ۾ (گھر ۾) حاضر ھجي تنھن کي اُن ۾ روزو رکڻ گهرجي، ۽ جيڪو بيمار ھُجي يا سفر تي (ھُجي) تنھن کي ٻـين ڏينھن مان (اوترو) ڳاڻاٽو (لازم) آھي. الله اوھان تي آساني ڪرڻ گھرندو آھي ۽ اوھان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گھرندو آھي، ۽ (گھرندو آھي) ته اوھين ڳَڻ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوھان کي ھدايت ڪيائين تنھن تي الله کي وڏائيندا رھو ۽ مانَ اوھين شُڪرانو ڪريو.

    2:186 – 186. ۽ (اي پيغمبر) جڏھن مُنھنجا ٻانھا توکان مُنھنجي پُڇا ڪن (تڏھن چؤ) ته آءٌ ويجھو آھيان، جڏھن (ڪو) مُون کي سڏي ٿو تڏھن سڏيندڙ جو سڏ ورنايان ٿو تنھنڪري مُنھنجو حُڪم قبول ڪرڻ گھرجين ۽ مون تي ايمان آڻڻ گھرجين ته مانَ اُھي سُڌرن.

    2:187 – 187. روزي جي رات ۾ اوھان لاءِ پنھنجين زالن سان صُحبت ڪرڻ حلال ڪئي ويئي، (جو) اُھي اوھان جو ڍڪ آھن ۽ اوھين اُنھن جو ڍڪ آھيو. الله ڄاتو ته اوھين پاڻ سان خيانت ڪندا ھيؤ پوءِ اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو ۽ اوھان کي معاف ڪيائين، پوءِ ھاڻي ساڻن صُحبت ڪريو ۽ الله اوھان لاءِ جيڪي (اولاد) لکيو آھي تنھن جي طلب ڪريو ۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين ڪاري ڌاڳي کان باکه جو اڇو ڌاڳو اوھان لاءِ پڌرو ٿئي، پوءِ روزو رات توڻي پورو ڪريو، ۽ جنھن حالت ۾ اوھين مسجدين ۾ اعتڪاف وارا ھجو ته اُنھن (زالن) سان صُحبت نه ڪريو. اِھي الله جون حدون آھن پوءِ اُنھن کي ويجھا نه وڃو، اھڙيءَ طرح الله ماڻھن لاءِ پنھنجا حُڪم پڌرا ڪندو آھي ته مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.

    2:188 – 188. ۽ اوھين پنھنجا مال پاڻ ۾ ناحق سان نه کائو ۽ اُن (مال) کي حاڪمن ڏانھن ھن لاءِ (وڍيءَ طور) نه پھچايو ته ماڻھن جي مال مان ڪجھ (ڀاڱو) ڏوھ سان کائو ھن ھوندي به جو اوھين ڄاڻندا آھيو.

    2:189 – 189. (اي پيغمبر) توکان چنڊن (يعني مھينن) بابت پڇن ٿا، چؤ ته اِھي ماڻھن ۽ حج لاءِ وقت مُقرر ٿيل آھن، ۽ چڱائي (ھن ۾) نه آھي ته (احرام جي حالت ۾) گھرن ۾ سندن پٺين پاسن کان اچو پر (اصل) چڱائي (اُنھيءَ لاءِ) آھي جيڪو (الله کان) ڊڄي، ۽ گھرن ۾ سندن درن کان اچو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.

    2:190 – 190. جيڪي اوھان سان وڙھن تن سان الله جي واٽ ۾ وڙھو ۽ حد کان نه لنگھو، ڇوته الله حد کان لنگھندڙن کي پيارو نه رکندو آھي.

    2:191 – 191. ۽ جتي لَھونِ اتي ڪُھونِ ۽ جتان اوھان کي لوڌيائون اُتان لوڌيونِ ۽ فتنو (يعني شرڪ) ويڙھ کان ڏاڍو (بڇڙو) آھي، ۽ اوھين تعظيم واريءَ مسجد وٽ (ايسين) نه وڙھونِ جيسين منجھس اوھان سان (نه) وڙھن. پوءِ جيڪڏھن اوھان سان وڙھن ته اُنھن کي ماريو، ڪافرن جي سزا اِئين آھي.

    2:192 – 192. ۽ جيڪڏھن بس ڪن (ته اوھين به بس ڪريو ڇو) ته الله بخشڻھار مھربا ن آھي.

    2:193 – 193. ۽ ايستائين اُنھن سان وڙھو جيستائين فتنو (يعني شرڪ) نه رھي ۽ خاص الله جو دين ٿئي، پوءِ جيڪڏھن بس ڪن ته ظالمن کانسواءِ ڪنھين تي وڌيڪ ھلت ڪرڻ نه جڳائي.

    2:194 – 194. تعظيم وارو مھينو تعظيم واري مھيني جي بدلي آھي ۽ تعظيمون (ھڪ ٻئي جون) آڙ پاڙ آھن، پوءِ جيڪو اوھان تي وڌيڪ ھلت ڪري تنھن تي اوتري وڌيڪ ھلت ڪريو جيتري اوھان تي وڌيڪ ھلت ڪيائين، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن ساڻ آھي.

    2:195 – 195. ۽ الله جي واٽ ۾ خرچيو ۽ (پاڻ کي) پنھنجي ھٿن سان ھلاڪت ۾ نه وجھو، ۽ چڱائي ڪريو، ڇوته الله چڱائي ڪندڙن کي دوست رکندو آھي.

    2:196 – 196. ۽ حج ۽ عُمرو الله (جي راضپي) لاءِ پورو ڪريو، پوءِ جيڪڏھن روڪيا وڃو ته جا قرباني آسانيءَ سان لڀي (سا لازم آھي)، ۽ پنھنجا مٿا تيسين نه ڪوڙايو جيسين قرباني پنھنجيءَ جاءِ تي (نه) پھچي. پوءِ اوھان مان جيڪو بيمار ھجي يا سندس مٿي ۾ اھنج ھجي (ته جي وقت کان اڳيئي ئي ڪوڙايائين) ته روزا يا خيرات يا قرباني عوض ڏيڻ (لازم) آھي، پوءِ جڏھن بي ڀَوَا ٿيو تڏھن جيڪو فائدو وٺي (يعني) عمري کي حج سان (گڏي) سو جا قرباني آسانيءَ سان لڀي (سا ڪري). پوءِ جيڪو (قرباني) نه لھي (تنھن تي) حج (جي ڏينھن) ۾ ٽي ڏينھن روزا لازم آھن ۽ ست تڏھن جڏھن (سفرکان) موٽو، اِھي پورا ڏھ (روزا) آھن، اِھو (حُڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جنھنجو ڪٽنب تعظيم واريءَ مسجد جي ويجھو رھندڙ نه ھجي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله ڏاڍو عذاب ڪندڙ آھي.

    2:197 – 197. حج (جو وقت) معلوم مھينا آھن، پوءِ جنھن منجھن (احرام ٻڌڻ سان پاڻتي) حج فرض ڪيو ته حج ۾ نه جماع جائز آھي ۽ نه گار ۽ نه جھيڙو، ۽ جيڪا چڱائي ڪريو ٿا تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي، ۽ سَمر کڻو ڇو ته ڀلو سَمر پرھيزگاري آھي، ۽ ڌيان وارؤ مون کان ڊڄو.

    2:198 – 198. (حج ۾) پنھنجي پالڻھار کان روزيءَ گھرڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، پوءِ جڏھن عَرفات کان موٽو تڏھن مَشۡعَرالۡحَرام (يعني مزدلفہ) وٽ الله کي ياد ڪريو، ۽ جئن اوھان کي سڌو رستو ڏيکاريائين تئن اوھين (به) کيس ياد ڪريو، ۽ بيشڪ اُن کان اڳ (اوھين) اڻڄاڻن مان ھيؤ.

    2:199 – 199. پوءِ (اوھين) اُتان (عرفات کان) موٽو جتان عام ماڻھو موٽن ٿا ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    2:200 – 200. پوءِ جڏھن پنھنجي حج جا اَرڪان پُورا ڪريو تڏھن (مِنىٰ ۾) اوھين پنھنجن اَبن ڏاڏن جي ياد ڪرڻ وانگر بلڪ (اُن کان وڌيڪ) گھڻي قدر الله کي ياد ڪريو. پوءِ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته اسان جا پالڻھار اسان کي دنيا ۾ (ئي چڱائي) ڏي تن کي آخرت ۾ (ڪا) چڱائي نصيب نه آھي.

    2:201 – 201. ۽ منجھائن ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي دنيا ۾ (به) چڱائي ۽ آخرت ۾ (به) چڱائي ڏي ۽ اسان کي باھ جي عذاب کان بچاءِ.

    2:202 – 202. اُھي ماڻھو جيڪي ڪمايائون تنھن مان کين نصيب آھي، ۽ الله سگھو حساب ڪندڙ آھي.

    2:203 – 203. ۽ ڳڻيلن ڏينھن (مِنىٰ وارن) ۾ الله کي ياد ڪريو، پوءِ جيڪو ٻن ڏينھن ۾ تڪڙو نڪري تنھن تي گناھ ڪونھي، ۽ جيڪو دير ڪري تنھن تي (به) گناھ نه آھي (اھو حُڪم) اُن لاءِ آھي جيڪو پرھيزگاري ڪري، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوھين ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ.

    2:204 – 204. ۽ ماڻھن مان ڪو (اِھڙو) آھي جو سندس ڳالھائڻ دنيا جي حياتيءَ ۾ توکي عجب ۾ وجھندو آھي ۽ جيڪي سندس دل ۾ آھي تنھن تي الله کي شاھد ڪندو آھي ھن ھوندي به جو اُھو وڏو جھيڙاگر آھي.

    2:205 – 205. ۽ جڏھن توکان موٽندو آھي تڏھن ملڪ ۾ ھن لاءِ ڪوشش ڪندو آھي ته منجھس فساد وجھي ۽ پوک ۽ نسل ناس ڪري، ۽ الله فساد کي پسند نه ڪندو آھي.

    2:206 – 206. ۽ جڏھن اُن کي چئبو آھي ته الله کان ڊڄ تڏھن وڏائي کيس گناہ تي آڪڙائيندي آھي پوءِ کيس (سزا) دوزخ بس آھي، ۽ اُھو ضرور بڇڙو ھنڌ آھي.

    2:207 – 207. ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪڻندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي مھربان آھي.

    2:208 – 208. اي ايمان وارؤ پورا اسلام ۾ داخل ٿيو، ۽ شيطان جي وِکن تي نه ھلو، ڇوته اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.

    2:209 – 209. پوءِ جيڪڏھن اوھين ان کانپوءِ جو اوھان وٽ چٽا دليل آيا (اِسلام کان) ٿڙندؤ ته ڄاڻو ته الله غالِب حڪمت وارو آھي.

    2:210 – 210. (ڪافر) ھن کان سواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته الله (جو عذاب) جُھڙ جي پاڇن ۾ وٽن اچي ۽ ملائڪ (به) ۽ ڪم فيصل ڪيو وڃي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا ويندا آھن.

    2:211 – 211. (اي پيغمبر) بني اِسرائيلن کان پُڇا ڪر ته کين ڪيتريون چٽيون نشانيون ڏنيون سين، ۽ جيڪي الله جي نعمت کي پاڻ وٽ اچڻ کانپوءِ مٽائيندو ته بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آھي.

    2:212 – 212. ڪافرن لاءِ دُنيا جي حياتي سينگاري ويئي ۽ مؤمنن سان ٺـٺوليون ڪندا آھن، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن سي قيامت جي ڏينھن اُنھن (ڪافرن) جي مٿئون ھوندا، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.

    2:213 – 213. سڀ ماڻھو ھڪ ٽولي هُئا، پوءِ (ڦري اِختلاف ۾ پيا تنھنڪري) الله پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ ساڻن سچ سان ڪتاب ھن لاءِ لاٿائين ته (اُھو ڪتاب) ماڻھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن (تنھن بابت) نبيرو ڪري، ۽ اُنھيءَ بابت (ٻئي ڪنھن به) تڪرار نه ڪيو پر جن کي اُھو (ڪتاب) ڏنو ويو تن پڌرن حڪمن اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ پيل سببان (تڪرار ڪيو)، پوءِ الله اُھا سچي ڳالھ جنھن بابت جھڳڙو ڪيائون تنھن ڏانھن پنھنجي حُڪم سان مؤمنن کي سڌو رستو ڏيکاريو، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.

    2:214 – 214. (اي مسلمانؤ اوھين) ھن ھوندي به بھشت ۾ گھڙڻ جو گمان ڪندا آھيو ڇا؟جو اڃان اوھان کي اُنھن جي حالت نه آئي آھي جيڪي اوھان کان اڳ گذريا، جن کي سڃائي ۽ ڏُک پُھتو ۽ ايستائين لوڌيا ويا جيستائين پيغمبر ۽ جي مؤمن ساڻس هُئا (تن دُعا گُھري) چيو ٿي ته الله جي مدد ڪڏھن پھچندي؟ (چيو وين ته) ھوشيار رھو ته الله جي مدد ويجھي آھي.

    2:215 – 215. (اي پيغمبر) توکان پڇن ٿا ته (اُھي) ڇا خرچين؟ (کين) چؤ ته جيڪو مال خرچي سو ماءُ پيءُ ۽ مائٽن ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي (ڏيڻ) جڳائي، ۽ جيڪا چڱائي ڪندؤ (سا لھندؤ) ڇوته الله اُنکي ڄاڻندڙ آھي.

    2:216 – 216. (اي مؤمنؤ) اوھان تي (ڪافرن سان) ويڙھ ڪرڻ فرض ڪئي ويئي آھي ۽ اُھا اوھان کي ناخوش لڳندي آھي، ۽ شايد (اوھين) ڪنھن شي کي ناخوش ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھا اوھان لاءِ ڀلي ھُجي، ۽ شايد ڪنھن شي کي پيارو رکو ۽ اُھا اوھان لاءِ بڇڙي ھجي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

    2:217 – 217. (اي پيغمبر) توکان تعظيم وارن مھينن ۾ وڙھڻ بابت پُڇن ٿا، چؤ ته مَنجھن ويڙھ ڪرڻ وَڏو گناھ آھي، ۽ الله جي واٽ کان جھلڻ ۽ الله کي نه مڃڻ ۽ تعظيم واريءَ مسجد کان روڪڻ، ۽ سندس رھڻ وارن کي منجھائنس لوڌڻ الله وٽ (اُن کان) تمام وڏو گناھ آھي، ۽ فتنو (يعني شرڪ) خون ڪرڻ کان بلڪل وڏو ڏوھ آھي. ۽ (ڪافر) جيڪڏھن پڄي سگھندا ته اوھان سان ايستائين سدائين پيا وڙھندا جيستائين اوھان کي اوھان جي دين (اسلام) کان ڦيرائين، ۽ اوھان مان جيڪي پنھنجي دين کان ڦرندا پوءِ اُھي ڪافر ٿي مرندا تن جي ڪئي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪُٽ ٿي ويئي، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

    2:218 – 218. جن ايمان آندو ۽ جن الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيو ۽ جھاد ڪيو سي الله جي ٻاجھ جا اميدوار آھن، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    2:219 – 219. (اي پيغمبر) توکان شراب ۽ جؤا بابت پڇن ٿا، چؤ ته اُنھن ۾ وڏو گناھ ۽ ماڻھن لاءِ (ڪجھ) فائدا آھن، ۽ سندن فائدي کان اُنھن جو گناھ تمام وڏو آھي. ۽ (پڻ) توکان پڇن ٿا ته (اُھي) ڇا خرچين، چؤ ته (گھرج کان) وڌيڪ (خرچيو) اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ آيتون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ڌيان رکو.

    2:220 – 220. دنيا ۽ آخرت (جي ڪمن) ۾، ۽ (اي پيغمبر) توکان يتيمن بابت پڇن ٿا، چؤ ته اُنھن لاءِ سڌار ڀلي آھي، جيڪڏھن کين (کاڌي پيتي ۾ پاڻ سان) گڏيو ته اوھان جا ڀائر آھن، ۽ الله بگاڙيندڙ کي سڌاريندڙ کان ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان کي سختيءَ ۾ وجھي ھا، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.

    2:221 – 221. ۽ (اي مسلمانؤ ايستائين) مشرڪياڻين کي نه پرڻيو جيستائين ايمان آڻين، ۽ بيشڪ مؤمنياڻي ٻانھي مشرڪياڻيءَ کان ڀلي آھي جيتوڻيڪ اوھان کي (مشرڪياڻي) زيادہ وڻي، ۽ اوھين (ايسين) مشرڪن کي نه پرڻايو جيسين ايمان آڻين، ۽ بيشڪ مؤمن ٻانھو مُشرڪ کان ڀلو آھي جيتوڻيڪ اوھان کي (مشرڪ) زيادہ وڻي، اِھي (مُشرڪ) باھ ڏانھن سڏيندا آھن، ۽ الله پنھنجي ارادي مُوجب بھشت ۽ بخشش ڏانھن سڏيندو آھي، ۽ پنھنجون آيتون ماڻھن لاءِ بيان ڪندو آھي ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.

    2:222 – 222. ۽ (اي پيغمبر) توکان حيض (جي حڪم) بابت پُڇن ٿا، چؤ ته اُھا پليتي آھي تنھنڪري زالن کان حيض ۾ پري ٿيو ۽ ايستائين کين ويجھا نه وڃو جيستائين پاڪ ٿين، پوءِ جڏھن بلڪل پاڪ ٿين تڏھن جنھن واٽ کان الله اوھان کي موڪل ڏني آھي (اُنھيءَ کان) اُنھن ڏانھن اچو، ڇوته الله توبه ڪندڙن کي دوست رکندو آھي ۽ (پڻ) پاڪائي ڪندڙن کي دوست رکندو آھي.

    2:223 – 223. اوھان جو زالون اوھان لاءِ پوک آھن، پوءِ پنھنجيءَ پوک ڏانھن جئن وڻيوَ تئن اچو، ۽ پاڻ لاءِ (چڱا ڪم) اڳي موڪليو، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته اوھين ساڻس ملاقي ٿيندڙ آھيو، ۽ مُؤمنن کي خوشخبري ڏي.

    2:224 – 224. ۽ اوھين پنھنجن قسمن لاءِ چڱائي ڪرڻ ۽ پرھيزگاري ڪرڻ ۽ ماڻھن جي وچ ۾ صُلح ڪرائڻ کان (پاسو ڪرڻ واسطي) الله جو اِسم پيش نه ڪريو، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    2:225 – 225. الله اوھان کي اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ نه وٺندو آھي پر اوھان جي دلين جيڪا نيت ڪئي آھي تنھن تي پڪڙيندو آھي، ۽ الله بخشڻھار بُردبار آھي.

    2:226 – 226. جيڪي پنھنجي زالن (جي صُحبت) کان قسم کڻن تن کي چار مھينا ترسڻو آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُنھن ڏانھن اُن وقت ۾) موٽيا ته (ڀلي موٽن) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    2:227 – 227. ۽ جيڪڏھن طلاق جو پڪو ارادو ڪيائون (ته ڀلي ڪن) ڇوته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    2:228 – 228. ۽ طلاق ڏنلون زالون پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) ٽي حيض جھلين، ۽ جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃينديون آھن ته الله سندن ڳڀيرڻن ۾ جيڪي (ٻار يا حيض) پيدا ڪيو آھي سو کين لڪائڻ روا نه آھي، ۽ اِن (مدت) ۾ سندن مڙس جيڪڏھن سڌارو گھرن ته سندن موٽائڻ جا وڌيڪ حقدار آھن، ۽ جھڙا (مُڙس جا حق) اُنھن (زالن) تي آھن تھڙا اُنھن (زالن) جا (حق مڙسن تي) چڱيءَ ريت سان آھن، مُڙسن کي مٿن وڏو مانُ (يعني حڪومت) آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

    2:229 – 229. طلاق (رجعي پورا) ٻه ڀيرا آھي، پوءِ چڱيءَ طرح سان جھلڻ يا اِحسان سان ڇڏڻ (لازم) آھي، ۽ جيڪو کين ڏنو اَٿوَ تنھن مان ڪجھ (ورائي) وٺڻ اوھان کي ھن (حالت) کان سواءِ حلال نه آھي جو ٻئي الله جي حدن کي نه پوري ڪرڻ کان ڊڄن، پوءِ جيڪڏھن (اي مسلمانؤ) اوھين ڊڄو ته ٻئي الله جي حدن کي پورو ڪري نه سگھندا ته (زال) جيڪا شي عيوض ۾ ڏئي تنھن (جي ڏيڻ وٺڻ) ۾ ٻنھي تي گناھ نه آھي. اِھي الله جون حدون آھن اُنھن کان لنگھي نه وڃو، ۽ جيڪي الله جي حدن کان لنگھي ويندا سي ئي ظالم آھن.

    2:230 – 230. پوءِ جيڪڏھن اُن کي (ٽين) طلاق (به) ڏنائين ته اُن کانپوءِ (اُھا زال) اُن کي (ايستائين) حلال نه ٿيندي جيستائين (اُھا) ٻيو مُڙس پرڻي، پوءِ جيڪڏھن (اُن به) کيس طلاق ڏني ته جيڪڏھن ٻئي (ڄڻا) الله جي حدن کي قائم رکي سگھڻ (جي پڪ) ڀانئين ٿا ته (تڏھن پاڻ ۾ نڪاح ڪري) موٽن ته ٻنھي تي گناھ نه آھي، ۽ اِھي اَلله جون حدون آھن اُنھن کي اُن قوم لاءِ بيان ڪندو آھي جي ڄاڻندا آھن.

    2:231 – 231. ۽ جڏھن زالن کي (ٻه ڀيرا) طلاق ڏيو پوءِ اُھي پنھنجي (عدت جي) مدي کي (اچي) پھچڻ لڳن ته (تڏھن يا) اُنھن کي چڱيءَ ريت سان رکو يا اُنھن کي چڱيءَ ريت سان ڇڏيو، ۽ ڏکوئڻ لاءِ کين نه جھليو نه زيادتي ڪريو، ۽ جيڪو ائين ڪندو تنھن بيشڪ پاڻ تي ظلم ڪيو، ۽ الله جي حُڪمن کي ٺـٺوليون ڪري نه وٺو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو ۽ جيڪي اوھان تي ڪتاب ۽ دانائيءَ مان لاٿائين جنھن سان اوھان کي نصيحت ڏيندو آھي (اُھو احسان به ياد ڪريو)، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

    2:232 – 232. ۽ جڏھن زالن کي طلاق ڏيو پوءِ پنھنجي (عدت جي) مُدّت کي پھچن ته کين پنھنجن مُڙسن سان پرڻجڻ کان نه جھليو جڏھن ته پاڻ ۾ چڱيءَ ريت سان راضي ٿين، اِھو (حُڪم) آھي جيڪو اوھان مان الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃي تنھن کي اُن سان نصيحت ڏجي ٿي، اِھو (حُڪم) اوھان کي صاف ڪندڙ ۽ بلڪل پاڪ ڪندڙ آھي، ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

    2:233 – 233. ۽ مائر پنھنجن ويائن کي پورا ٻه ورھيه ٿڃ پيارين (اِھو حُڪم) اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو ٿڃ پيارڻ جي مُدّت پُوري ڪرڻ گُھري، ۽ اُنھن (مائرن) جي خوراڪ ۽ اُنھن جي پوشاڪ ھليءَ چليءَ وانگر پيءُ تي آھي، ڪنھن کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف نه ٿي ڏجي، ماءُ کي وياءُ سببان تڪليف نه ٿي ڏجي ۽ نڪي پيءُ کي وياءُ سببان (تڪليف ڏجي)، ۽ وارث تي (به) اھڙو ئي (حق) آھي، پوءِ جيڪڏھن ٻئي پنھنجي رضامندي ۽ صَلاح سان (ٻار جي ٿڃ) ڇڏائڻ گھرن ته مٿن گناھ نه آھي، ۽ جيڪڏھن پنھنجي اولاد کي (ٻئي کان) کير پيارڻ گھرو ته جڏھن اوھان ھليءَ چليءَ وانگر (پياريندڙ کي) جيڪي ڏيڻو ڪيو سو پھچايو تڏھن اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

    2:234 – 234. ۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين ته اُھي (زالون) پاڻ کي چار مھينا ۽ ڏھ ڏينھن ترسائين، پوءِ جڏھن پنھنجيءَ (عدّت جي) مُدّت کي پُھچن تڏھن جيڪي ھليءَ چليءَ وانگر (يعني شرعي نڪاح) پنھنجي حق ۾ ڪن تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ ڪونھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.

    2:235 – 235. ۽ زالن جي سڱ ڇڪائڻ بابت (عدت ۾) جيڪي آڇ ڪريو يا دلين ۾ لڪايو تنھن ۾ اوھان تي گناھ نه آھي، الله ڄاتو آھي اوھين اُنھن (زالن) کي سگھو ئي ياد ڪندؤ پر رواجيءَ طرح چئي چوڻ کانسواءِ کين ڳجھو انجام نه ڏيو، ۽ نڪي ايستائين نڪاح جي پڪي نيت ڪريو جيستائين عدت پنھنجيءَ مدت کي پھچي، ۽ ڄاڻو ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي تنھنڪري کانئس ڊڄو، ۽ ڄاڻو ته الله بخشڻھار بُردبار آھي.

    2:236 – 236. جيڪڏھن زالن کي (اُنھيءَ وقت) طلاق ڏيو جڏھن اڃا کين ھٿ نه لاتو اَٿوَ يا اُنھن لاءِ ڪابين مُقرر نه ڪيو اَٿوَ ته اوھان تي گناھ ڪونھي، ۽ کين نفعي وٺڻ لاءِ ھليءَ چليءَ وانگر جورو ڏيو، آسودي تي پنھنجي وس آھر ۽ سڃي تي پنھنجي وس آھر آھي، (اِھو ڪم) ڀلارن تي لازم آھي.

    2:237 – 237. ۽ جيڪڏھن کين ھٿ لائڻ کان اڳ ھن حالت ۾ انھن کي طلاق ڏيو جو ڪابين مُقرّر ڪيو اٿو تنھن جو اَڌ (ڏيڻ لازم آھي) پر جي (زالون) بخشين يا جنھن جي ھٿ ۾ نڪاح جي ڳنڍ آھي (يعني مڙس) سو بخشي (يعني پورو ڏي)، ۽ اوھان جو بخشڻ پرھيزگاريءَ کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ اوھين پاڻ ۾ نيڪيءَ کي نه وساريو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

    2:238 – 238. سڀني نمازن تي ۽ (خصوصاً) وچين نماز تي نگھباني ڪريو، ۽ الله لاءِ فرمانبردار ٿي بيھو.

    2:239 – 239. پوءِ جيڪڏھن دشمنن کان ڊڄو ته پيادا ٿي يا سوار ٿي (اشارن سان نماز پڙھو)، پوءِ جڏھن بي ڀَوَا ٿيو تڏھن جئن اوھان کي (نماز جا ارڪان) جي نه ڄاڻندا ھيؤ سيکاريائين تئن (سڀني رڪنن جي بجا آوريءَ سان) الله کي ياد ڪريو.

    2:240 – 240. ۽ اوھان مان جيڪي مرن ۽ زالون ڇڏين، تن کي ھڪ ورھيه تائين پنھنجين زالن لاءِ (کين) فائدي ڏيڻ ( ۽ ) نه لوڌڻ جي وصيّت ڪرڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن (اُھي) نڪرن ته جيڪي پنھنجي حق ۾ (شريعت جي) دستور مُوجب ڪن تنھن ۾ اوھان تي گُناھ نه آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.

    2:241 – 241. ۽ طلاق ڏنلن لاءِ ھليءَ چليءَ وانگر پرھيزگارن تي خرچ لازم آھي.

    2:242 – 242. اِھڙيءَ طرح الله پنھنجا حُڪم اوھان لاءِ پَڌرا ڪري ٿو ته مانَ اوھين سمجھو.

    2:243 – 243. (اي ڏسندڙ) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا؟ جيڪي پنھنجي ديس مان موت جي ڀؤ کان نڪتا ۽ اُھي (ڪيئي) ھزار هُئا، پوءِ الله اُنھن کي فرمايو ته مرو (ته مري ويا)، وري کين جياريائين، ڇوته الله ماڻھن تي وڏي فضل ڪرڻ وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.

    2:244 – 244. ۽ (اي مُسلمانؤ) الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) ويڙھ ڪريو ۽ ڄاڻو ته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    2:245 – 245. اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض اُڌارو ڏئي؟ ته (الله) اُن لاءِ گھڻي قدر وڌائي، ۽ (رزق) الله تنگ ڪري ٿو ۽ (الله) ڪشادو ڪري ٿو، ۽ ڏانھنس موٽايا ويندؤ.

    2:246 – 246. موسىٰؑ کان پوءِ بني اِسرائيلن جي ٽوليءَ ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جڏھن پنھنجي پيغمبر کي چيائون ته اسان لاءِ ڪو بادشاھ مُقرّر ڪر ته الله جي واٽ ۾ ويڙھ ڪريون، (تڏھن پيغمبر) چيو ته جيڪڏھن اوھان تي ويڙھ لازم ٿي ته اوھين وڙھڻ کي ويجھا نه ويندؤ، چيائون ته اسان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ اِنھيءَ ھوندي به نه وڙھنداسون جو (اسين) پنھنجن ديسن ۽ پنھنجن اولادن مان لوڌيا ويا آھيون، پوءِ جڏھن مٿن ويڙھ لازم ڪئي ويئي تڏھن منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀ) ڦري ويا، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.

    2:247 – 247. ۽ سندن پيغمبر کين چيو ته الله طالوت کي اوھان لاءِ بادشاہ مُقرّر ڪيو آھي، چيائون ته اُن جي بادشاھي اسان تي ڪئن ٿيندي ھن حالت ۾ جو اسين کانئس بادشاھيءَ جا وڌيڪ حقدار آھيون ۽ مال مان گھڻائي نه ڏني ويئي اٿس. (پيغمبر کين) چيو ته الله اُن کي اوھان تي پسند ڪيو آھي ۽ کيس عِلم ۽ جسم ۾ گھڻو وڌايو اٿس، ۽ الله جنھن کي گھُرندو آھي تنھن کي پنھنجو مُلڪ ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.

    2:248 – 248. ۽ کين سندن پيغمبر چيو ته اُن جي بادشاھيءَ جي نشاني اوھان وٽ صندوق جو اچڻ آھي جنھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ دِل جو آرام ۽ جيڪي مُوسىٰ جي خاندان ۽ ھارون جي خاندان (تبرڪ) ڇڏيو تنھن جي بچت آھي اُن کي مَلائِڪ کڻي ايندا، ڇوته اُن ۾ اوھان لاءِ بي شڪ (وڏي) نشاني آھي جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو.

    2:249 – 249. پوءِ جڏھن طالُوت لشڪر سوڌو نڪتو (تڏھن لشڪر کي) چيائين ته الله نديءَ جي پاڻيءَ سان توھان کي پرکيندڙ آھي، پوءِ جيڪو منجھانئس پيئندو سو منھنجو نه آھي، ۽ جيڪو منجھانئس نه چکندو سواءِ ھِن جي جو پنھنجي ھٿ سان لَپ ڀري (پيئي) سو بيشڪ مُنھنجو آھي. پوءِ منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (سڀني) اُن مان پيتو، پوءِ جنھن مھل اُھو (طالوت) ۽ سندس سنگتي مُؤمن اُن (نديءَ) کان لنگھيا (تنھن مھل پيئندڙن) چيو ته اَڄ اسان کي جالوت ۽ سندس لشڪر سان (وڙھڻ جي) سگھ نه آھي، ( ۽ تنھن مھل) جيڪي پڪو ڀروسو رکندا هُئا ته اُھي الله کي ملندا تن چيو ته ڪيتريون ٿوريون ٽوليون گھڻن ٽولين تي الله جي حُڪم سان غالب ٿي ويون آھن، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.

    2:250 – 250. ۽ جنھن مھل (اُھي طالُوتي) جالُوت ۽ سندس لشڪر (جي وڙھڻ) لاءِ نڪتا (تنھن مھل) چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان جان پير ثابت رَک ۽ ڪافر ٽوليءَ تي اسان کي سوڀ ڏئي.

    2:251 – 251. پوءِ الله جي حُڪم سان کين ڀڄايائون، ۽ دائُود جالُوت کي ڪُٺو ۽ الله اُن (دائُود) کي بادشاھي ۽ حِڪمت ڏِني ۽ جيڪي اُن لاءِ گھريائين سو سيکاريائين، ۽ جيڪڏھن الله جو ٽارڻ ھڪڙن ماڻھن سان ٻـين کي نه ھُجي ھا ته زمين ضرور خراب ٿئي ھا پر الله جھان (وارن) تي ڀلائي ڪرڻ وارو آھي.

    2:252 – 252. اِھي الله جا حُڪم آھن ھي توتي سَچ سان پڙھون ٿا، ۽ تون ضرور پيغمبرن مان آھين.