islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. ٽیون سیپارو

    ٽیون سیپارو

    Rate this post

    2:253 – 253. اِھي پيغمبر آھن اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيوسون، منجھانئن ڪن سان الله ڳالھايو ۽ ڪن کي درجن ۾ وڏو ڪيائين، ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي کي چٽا مُعجزا ڏناسون ۽ کيس پاڪ رُوح سان مدد ڏني سون، ۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا ته جيڪي (ماڻھو) اُنھن (پيغمبرن) کان پوءِ هُئا سي پاڻ وٽ چِٽن مُعجزن اچڻ پڄاڻان (پاڻ ۾) نه وڙھن ھا پر اختلاف ۾ پيا پوءِ منجھانئن ڪن ايمان آندو ۽ منجھانئن ڪن ڪفر ڪيو، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته (پاڻ ۾) نه وڙھن ھا، پر الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.

    2:254 – 254. اي مؤمنؤ جيڪي اوھان کي ڏنوسون تنھن مان اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ خرچ ڪريو جنھن ۾ نه ڪو واپار ۽ نه ڪا ياراڻي آھي ۽ نه ڪا پارت ھلندي، ۽ ڪافر ئي ظالم آھن.

    2:255 – 255. الله (اُھو آھي جو) اُن کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آھي، (اُھو سدائين) جيئرو (جھانن کي) بيھڪ ڏيندڙ آھي، کيس نڪي پنڪي ۽ نڪي ننڊ وٺندي آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس (ملڪيت) آھي. ڪير آھي جو سندس موڪل ڌاران وٽس پارت ڪري سگھي؟ جيڪي اُنھن (مخلوقن) جي اڳيان آھي ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (سڀ) ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي گھري تنھن کان سواءِ سندس علم مان ڪنھن ذري کي (اُھي) گھيرو ڪري نه سگھندا آھن، سندس (بادشاھيءَ جي) ڪرسيءَ آسمانن ۽ زمين کي لپيٽيو آھي، ۽ اُنھن جي سنڀال کيس نه ٿڪائيندي آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏي وڏائيءَ وارو آھي.

    2:256 – 256. دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇوته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي، تنھنڪري جيڪو طاغوت (يعني خُدا کانسواءِ ٻـين معبودن) کي نه مڃي ۽ الله کي مڃي تنھن بيشڪ اھڙي مُحڪم ڪڙي کي ورتو، جنھن کي ڇڄڻ نه آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    2:257 – 257. الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍندو آھي، ۽ جيڪي ڪافر آھن تن جا مددگار (خُدا کانسواءِ جن جي عبادت ڪن ٿا سي) بت آھن کين سوجھري مان اونداھين ڏانھن ڪڍندا آھن، اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

    2:258 – 258. (اي پيغمبر) تو اُنھن ڏانھن نه ڏٺو ڇا؟ جنھن پنھنجي پالڻھار بابت ابراھيم سان (انھيءَ مغروريءَ سبب) تڪرار ڪيو جو الله کيس بادشاھي ڏني ھئي، جڏھن ابراھيم چيو ته منھنجو پالڻھار اُھو آھي جو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، (ڪافر) چيو ته آءٌ (به) جياريان ٿو ۽ ماريان ٿو. ابراھيم چيو ته الله سج کي اوڀر کان اوڀاريندو آھي تنھنڪري (تون) اُن کي اولھ کان اوڀار پوءِ ڪافر ھَڪو ٻَڪو ٿي ويو، ۽ الله ظالم ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

    2:259 – 259. يا اِنھيءَ طرح اُنھي (پيغمبر) کي (ڏٺئي ڇا؟) جو ھڪ ڳوٺ وٽان ھن حالت ۾ لنگھيو جو اُھو پنھنجي ڇتين سوڌو ڊٺل ھو، (ڏسي ڪري) چيائين ته ھن کي الله ڪھڙي طرح سندس ڦٽڻ کانپوءِ وسائيندو، پوءِ الله کيس سؤ ورھيه ماريو وري کيس (جياري) کڙو ڪيائين، الله چيو ته ڪيترو رھينءِ؟ چيائين ته ھڪ ڏينھن يا ڪجھ پھر دير ڪئي اٿم، الله چيو ته بلڪ سؤ ورھيه دير ڪئي اٿيئي پوءِ پنھنجي طعام ۽ پاڻيءَ ڏانھن نھار جو اُھو نه سينواريو آھي، ۽ پنھنجي (مئل) گڏھ ڏانھن نھار (ته جياري توکي ڏيکاريون) ۽ (اِھو ھِن لاءِ ڪيوسين) ته توکي ماڻھن لاءِ نشاني ڪريون ۽ (ھاڻي گڏھ جي) ھڏن ڏانھن ڏس ته کين ڪئن چوريون ٿا وري اُنھن (ھڏن) کي گوشت پھرايون ٿا. پوءِ جنھن مھل ان تي (اِھو حال) پڌرو ٿيو (تڏھن) چيائين ته ڄاڻان ٿو ته الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.

    2:260 – 260. ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي ڏيکار ته ڪھڙي طرح مئلن کي جياريندو آھين، (الله) چيو ته نه ٿو وسھين ڇا؟ (ابراھيم) چيو ته ھائو (وسھان ٿو) پر ھن لاءِ ته منھنجي دل کي تسلّىٰ ٿئي. (الله) چيو ته چار پکي وٺ پوءِ کين پاڻ وٽ ذرا ذرا ڪر پوءِ منجھانئن ڪو ڀاڱو ھر ھڪ جبل تي رک وري کين سڏ ته توڏانھن ڊوڙندا ايندا، ۽ ڄاڻ ته الله غالب حڪمت وارو آھي.

    2:261 – 261. جيڪي (ماڻھو) پنھنجا مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن تن جو مثال اُنھيءَ داڻي جي مثال وانگر آھي جو ست سنگ ڄمائي ھر ھڪ سنگ ۾ سڀ داڻو ھجي، ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي (تنھن کي) ٻيڻو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آھي.

    2:262 – 262. جيڪي (ماڻھو) پنھنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچيندا آھن وري پنھنجي ڏيڻ پٺيان نڪي ٿورو رکندا آھن ۽ نڪي ايذائيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن ثواب آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.

    2:263 – 263. مِٺو ڳالھائڻ ۽ معاف ڪرڻ اُنھيءَ خيرات کان ڀَلو آھي جنھن جي پٺيان ايذاءُ ھُجي، ۽ الله بي پرواہ بُردبار آھي.

    2:264 – 264. اي مؤمنؤ پنھنجين خيراتن کي اِحسان رکڻ ۽ ايذائڻ سان اُنھيءَ ماڻھوءَ وانگر نه وڃايو جيڪو پنھنجو مال ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ خرچي ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃي، پوءِ سندس مثال (اُنھيءَ) لسي پھڻ وانگر آھي جنھن تي ٿوري مٽي (پيل) ھجي ۽ مٿس وڏو مينھن وسي پوءِ ڇنڊي ڇڏيس، (ته رياء وارن) جيڪي ڪمايو تنھن مان ڪنھن ذري تي (اُھي) وس وارا نه ٿيندا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

    2:265 – 265. ۽ جيڪي پنھنجن مالن کي الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ پنھنجين دلين ۾ پڪي يقين پيدا ڪرڻ لاءِ خرچيندا آھن تن جو مثال ھڪ باغ وانگر آھي جو دڙي تي ھجي اُن تي وڏڦڙو مينھن وسي ۽ پنھنجو ڦر ٻيڻو ڪري، پر جيڪڏھن مٿس وڏڦڙو مينھن نه وسي ته ماڪ بس ھجيس، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

    2:266 – 266. اوھان مان ڪو ھڪ (دل سان) گھرندو آھي ڇا؟ ته اُن کي کجين ۽ ڊاکن جو ھڪ باغ ھجي جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون ھجن اُن لاءِ منجھس سڀ ڪنھن (جنس جا) ميوا ھجن ۽ کيس پوڙھائي اچي وٺي ۽ ان کي ھيڻو اولاد ھجي، پوءِ اُن (باغ) کي (اھڙو) واچوڙو لڳي جنھن ۾ باھه ھجي تنھنڪري (سندس باغ) سڙي وڃي، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ (چٽيون) نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.

    2:267 – 267. اي مؤمنؤ جيڪي ڪمايوَ تنھن مان ( ۽ پڻ) جيڪي اوھان لاءِ زمين مان پيدا ڪيوسين تنھن مان ڪي سٺيون شيون (خدا ڪارڻ) خرچ ڪيو، ۽ ان مان خراب شيء خرچ ڪرڻ جي نيت ھن ھوندي نه ڪريو جو (پاڻ) اُن ۾ پنھنجين اکين ٻوٽڻ کانسواءِ کيس وٺڻ وارا نه ھجو، ۽ ڄاڻو ته الله بي پرواہ ساراھيل آھي.

    2:268 – 268. (اي مسلمانؤ) شيطان اوھان کي سڃائيءَ جو ڀؤ ڏيندو آھي ۽ اوھان کي بي حيائيءَ (جي ڪمن) جو حڪم ڪندو آھي، ۽ الله اوھان کي پنھنجي پاران بخشش ۽ ڀلائيءَ جو وعدو ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.

    2:269 – 269. جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي سمجھ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي سمجھ ڏني ويئي تنھن کي بيشڪ گھڻي چڱائِي ڏِني ويئي، ۽ سمجھ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو نصيحت نه مڃيندو آھي.

    2:270 – 270. ۽ (اي مسلمانؤ) جيڪي اوھان مال خرچيو يا باس باسيو تنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.

    2:271 – 271. جيڪڏھن خيراتون پڌريون ڪري ڏيندؤ ته اُھي (ڪھڙيون نه) چڱيون آھن، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڳجھو ڪندؤ ۽ اُھي محتاجن کي ڏيندؤ ته اُھي اوھان لاءِ (ويتر) ڀليون آھن، ۽ الله اوھان جا ڪي گناہ اوھان کان ميٽيندو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.

    2:272 – 272. (اي پيغمبر) توتي اُنھن (ڪافرن) کي ھدايت (يعني دل ۾ اثر پيدا) ڪرڻ لازم نه آھي پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو اوھان لاءِ آھي، ۽ الله جي رضامندي طلبڻ کانسواءِ (اوھين) خرچ نه ڪريو، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيو (اُن جو ثواب) اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان تي ظلم نه ڪبو.

    2:273 – 273. اھڙن فقيرن کي (خيرات ڏيڻ لازم آھي) جيڪي الله جي واٽ ۾ روڪيل آھن (واپار لاءِ) مُلڪ ۾ سفر ڪري نه سگھندا آھن، ناواقف (سندن) بي طمعي سببان کين آسودا ڀائيندا آھن، سندين پيشانين مان کين سڃاڻندو آھين، چنبڙي ماڻھن کان نه پنندا آھن، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.

    2:274 – 274. جيڪي پنھنجا مال رات جو ۽ ڏينھن جو ڳجھو ۽ پَڌرو خرچيندا آھن تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اَجر آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.

    2:275 – 275. جيڪي وياج کائيندا آھن سي (قبرن مان) رڳو اُنھيءَ (ماڻھوءَ) جي اُٿڻ جھڙو اُٿندا جنھن کي جِنّ اثر سببان چريو ڪيو ھجي، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھي (وياج خور) چون ٿا ته واپار وياج جھڙو ئي آھي، ھن ھوندي جو الله واپار کي حلال ڪيو آھي ۽ وياج کي حرام ڪيو آھي، پوءِ جنھن کي پنھنجي پالڻھار وٽان نصيحت آئي ۽ (وياج) ڇڏيائين تنھن لاءِ جيڪي اڳي ڪيائين سو (ھينئر معاف) آھي، ۽ (آخرت ۾) سندس ڪم الله ڏانھن (سونپيل) آھي، ۽ جن ھيءَ عادت نه ڇڏي سي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

    2:276 – 276. الله وياج (جو کٽيو) ناس ڪري ڇڏيندو آھي ۽ خيراتن کي وڌائيندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن بي شڪر گنھگار کي دوست نه رکندو آھي.

    2:277 – 277. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ نماز پڙھيائون ۽ زڪوٰة ڏنائون تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اَجر آھي، ۽ نڪي کين ڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.

    2:278 – 278. اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جيڪڏھن اوھين (الله ۽ رسول کي) مڃيندڙ آھيو ته جيڪي وياج مان رھيل آھي سو ڇڏيو.

    2:279 – 279. پوءِ جيڪڏھن (ائين) نه ڪندؤ ته الله ۽ سندس رسول جي پاران اوھان کي جنگ جي سُڌ ھجي، ۽ جيڪڏھن توبه ڪيوَ ته اوھان لاءِ اوھان جي مالن جي موڙي آھي، نڪي وڌيڪ وٺو ۽ نڪي اوھان کي گھٽ ڏبو.

    2:280 – 280. ۽ جيڪڏھن (قرضي) سڃو ھجي ته سگھ تائين مُھلت ڏيڻ لازم آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته اوھان جو (قرض) بخشڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي.

    2:281 – 281. ۽ (اي ماڻھو) اُنھيءَ ڏينھن کان ڊڄو جنھن ۾ الله ڏانھن موٽايا ويندؤ، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ کي جيڪي ڪمايائين تنھن جو پورو بدلو ڏبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.

    2:282 – 282. اي مؤمنؤ جڏھن ڪنھن ٺھرايل (مُدت) تائين قرض جو معاملو ڪريو تڏھن اُن کي لکو، ۽ اوھان جي وچ ۾ لکندڙ کي انصاف سان لکڻ گھرجي، ۽ جئن کيس الله سيکاريو تئن لکندڙ لکڻ کان انڪار نه ڪري پوءِ لکڻ گھرجيس، ۽ جنھن تي قرض آھي سو (مطلب) بيان ڪري ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجيس ۽ منجھانئس ڪُجھ نه گھٽائي، پوءِ جنھن تي قرض آھي سو جيڪڏھن اَٻوجھ يا ھيڻو ھجي يا بيان نه ڪري سگھي ته سندس سنڀاليندڙ کي اِنصاف سان بيان ڪرڻ گھرجي، ۽ پنھنجن (مسلمانن) مڙسن مان ٻه گواھ شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ٻه مڙس نه ھجن ته ھڪ مڙس ۽ ٻه زالون (اُنھن) شاھدن مان جيڪي اوھان کي وڻن (شاھد ڪريو ھن لاءِ) ته جي اُنھن (ٻنھي) مان ھڪڙي وساريندي ته اُنھن مان ٻي کيس ياد ڏياريندي، ۽ جڏھن شاھد (شاھديءَ ڏانھن) سڏيا وڃن ته انڪار نه ڪن، ۽ اُن جي مدت تائين ٿوري يا گھڻي (قرض) جي لکي ڏيڻ کان نه ٿڪجو، اِھو (لکڻ) الله وٽ انصاف کي تمام ويجھو ۽ شاھديءَ لاءِ بلڪل بيھڪ وارو آھي ۽ اوھان جي شڪ ۾ نه پوڻ کي (به) ڏاڍو ويجھو آھي پر جيڪڏھن اوھان جو واپار رُوبرو ھجي جو اوھين ھٿون ھٿ پاڻ ۾ پيا ڪريو ته اُن جي نه لکڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ جڏھن ڳنھو وڪڻو ته شاھد ڪريو، ۽ لکندڙ ۽ شاھد کي نه ڏکوئجي، ۽ جيڪڏھن (اھڙو ڪم) ڪندؤ ته اُھو اوھان کي گُناہ آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله اوھان کي سيکاري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

    2:283 – 283. ۽ جيڪڏھن اوھين مسافريءَ ۾ ھُجو ۽ لکندڙ نه لھو ته ھٿڻ گروي وٺڻ لازم آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي اعتبار رکن ته جنھن تي اعتبار رکيو ويو تنھن کي پنھنجي امانت (يعني قرض) ادا ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄڻ گھرجي، ۽ شاھدي نه لڪايو، ۽ جيڪو اُن کي لڪائيندو ته بيشڪ سندس دل ڏوھارڻ آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندڙ آھي.

    2:284 – 284. جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سا الله جي ئي (ملڪيت) آھي، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جيڪڏھن پڌرو ڪريو توڻي اُھو لڪايو (ته به) الله اوھان سان اُن جو حساب ڪندو، پوءِ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي عذاب ڪندو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.

    2:285 – 285. پيغمبر (ﷴ ﷺ) ڏانھن جيڪي سندس پالڻھار کان لاٿو ويو سو اُن مڃيو آھي ۽ مؤمنن (به)، سڀڪنھن الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن کي مڃيو آھي، (چون ٿا ته) سندس پيغمبرن مان ڪنھن ھڪ (جي مڃڻ) ۾ فرق نه ڪندا آھيون، ۽ چيائون ته ٻڌوسون ۽ سندس (حُڪم) مڃيوسون، اي اسان جا پالڻھار تنھنجي بخشش گھرون ٿا ۽ تو ڏانھن موٽڻو آھي.

    2:286 – 286. الله ڪنھن کي سندس وس ڌاران تڪليف نه ڏيندو آھي، جيڪي (چڱو) ڪمايائين سو سندس (فائدي) لاءِ آھي ۽ جيڪي (بڇڙو) ڪمايائين سو مٿس آھي، اي اسان جا پالڻھار جيڪڏھن وساريون يا چوڪ ڪريون ته اسان کي نه پڪڙ، ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان تي اھڙو بار نه رک جھڙو اسان کان اڳين تي رکيو ھيئي، ۽ اي اسان جا پالڻھار (جنھن بار) جي کڻڻ جي اسان کي سگھ ڪانھي سو اسان تي نه رک، ۽ اسان کي معاف ڪر، ۽ اسان کي بخش، ۽ اسان تي مِھر ڪر، تون اسان جو سائين آھين تنھنڪري اسان کي ڪافر ٽوليءَ تي سوڀ ڏي.

    ——————————————————————————–
    سورة 3- آل عِمرَان

    3:1 – 1. الٓمَّٓ.

    3:2 – 2. الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (جو سدائين) جيئرو (جڳ جي) بيھڪ ڏيڻ وارو آھي.

    3:3 – 3. توتي (اُھو) ڪتاب سچ سان لاٿائين (جو) جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳي آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ توريت ۽ اِنجيل کي لاٿائين.

    3:4 – 4. اڳي ئي ماڻھن جي ھدايت لاءِ ۽ (سچ ۽ ڪُوڙ ۾) سنڌو وجھندڙ لاٿائين، جن الله جي آيتن جو اِنڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي.

    3:5 – 5. بيشڪ الله تي ڪائي شيء نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ ڳجھي رھندي آھي.

    3:6 – 6. اُھو (الله) اھو آھي جيڪو (مائن) ڳڀيرڻن ۾ جئن گھرندو آھي (تئن) اوھان جي شڪل ٺاھيندو آھي، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (اُھوئي) غالب حِڪمت وارو آھي.

    3:7 – 7. اُھو (الله) آھي جنھن توتي ڪتاب لاٿو جنھن مان ڪي آيتون مُحڪم آھن (يعني اُنھن جي معنىٰ صاف آھي) اُھي ڪتاب جو اصل آھن ۽ ٻيون متشابه آھن (يعني اُنھن جون معنائون گھڻيون ٿي سگھن ٿيون)، پوءِ جن دلين ۾ ڏنگائي آھي سي مَنجھانئس جيڪي مُتشابه آھن تن جي پُٺيان خرابي ڳولڻ ۽ سندس مراد ڳولڻ لاءِ لڳندا آھن، ۽ الله کانسواءِ اُن جي مُراد ڪوئي نه ڄاڻندو آھي، ۽ (جيڪي) علم ۾پڪا (آھن سي) چوندا آھن ته اُنھن کي مڃيوسُون اِھي مڙئي اسان جي پالڻھار وٽان آھن، ۽ ڌيان وارن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه نصيحت نه وٺندو آھي.

    3:8 – 8. اي اسان جا پالڻھار جڏھن تو اسان کي ھدايت ڪئي تنھن کان پوءِ اسان جي دلين کي ڏنگائي نه ڏي ۽ پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر، ڇوته تون ئي بخشڻھار آھين.

    3:9 – 9. اي اسان جا پالڻھار تون اُن ڏينھن ۾ ماڻھن کي گڏ ڪندڙ آھين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، ڇوته الله (پنھنجي) انجام کي نه ڦيرائيندو آھي.

    3:10 – 10. بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کان ڪڏھن نه سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد الله (جي عذاب) مان ڪجھ نه ٽاريندو، ۽ اِھي دوزخ جو ٻارڻ آھن.

    3:11 – 11. (اُنھن جو حال) فرعونين جي ۽ اُنھن جي حال جھڙو آھي جي کانئن اڳ ھؤا، (اُنھن) اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو، پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.

    3:12 – 12. (اي پيغمبر) ڪافرن کي چؤ ته سگھو ھيڻا ٿيندؤ ۽ دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي.

    3:13 – 13. اُنھن ٻن ٽولين جي (پاڻ ۾) ويڙھ ڪرڻ ۾ اوھان لاءِ بيشڪ نشاني آھي، ھڪڙي ٽولي الله جي واٽ ۾ وڙھي ۽ ٻي (ڪافرن جي) ھئي (مسلمانن) کين پنھنجو ٻيڻو اکين جي ڏيٺ سان ڏٺو ٿي، ۽ الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پنھنجيءَ مدد سان سگھ ڏيندو آھي، ڇوته اُن ۾ (سمجھ جي) اکين وارن لاءِ ضرور عبرت آھي.

    3:14 – 14. ماڻھن لاءِ زالن ۽ پُٽن ۽ سونَ ۽ چانديءَ جي (وڏن وڏن) سٿيلن ڍيرن ۽ نشان ڪيلن گھوڙن ۽ ڍورن ۽ پوک جي سڌن جو پيار سينگاريو ويو آھي، اِھو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آھي، ۽ الله وٽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.

    3:15 – 15. (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ ان کان ڀليءَ (شيء) جي سڌ ڏيان؟ جن (شرڪ کان) پاڻ بچايو تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن ۽ پاڪ زالون ۽ (پڻ) الله جي پاران راضپو آھي، ۽ الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.

    3:16 – 16. جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان توکي مڃيو آھي تنھنڪري اسان جا ڏوھ اسان کي بخش ۽ باہ جي عذاب کان اسان کي بچاءِ.

    3:17 – 17. اُھي صابر ۽ سَچا ۽ تابعداري ڪندڙ ۽ سخي ۽ پرڀاتين جو بخشش گھرندڙ آھن.

    3:18 – 18. الله (ھي) گواھي ڏني آھي ته الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مَلائِڪ ۽ علم وارا (به) انصاف تي بيھڪ وارا ٿي (اِھا شاھدي ڏيندا آھن)، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.

    3:19 – 19. بيشڪ وڻندڙ دين الله وَٽ اِسلام آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن (اڳ) تڪرار نه ڪيو پر وٽن علم آيو تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ضد سببان (تڪرار ڪيائون)، ۽ جيڪو الله جي حڪمن کي نه مڃيندو ته بيشڪ الله (به) سگھو حساب وٺندڙ آھي.

    3:20 – 20. پوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين ته چؤ پنھنجو مُنھن (يعني سر) مُون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھن الله لاءِ نِوايو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چؤ ته اسلام آندو اَٿوَ؟ (يا نه) پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين ته بيشڪ سِڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن ته توتي رڳو پيغام پُھچائڻ آھي، ۽الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.

    3:21 – 21. بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نٿا مڃين ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿا ڪُھن ۽ ماڻھن مان جيڪي (کين) اِنصاف جو حُڪم ڪن ٿا تن کي ٿا ڪُھن پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي سُڌ ڏي.

    3:22 – 22. اِھي (اُھي) آھن جن جي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي ويئي، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي.

    3:23 – 23. (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب مان ڪو ڀاڱو ڏنو ويو تن کي نه ڏٺو اَٿئي ڇا؟ (جو) الله جي ڪتاب ڏانھن (ھن لاءِ) سڏيا وڃن ٿا ته سندن وچ ۾ نبيرو ڪري پوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري ويندي آھي ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ (به) آھن.

    3:24 – 24. اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي چون ٿا ته باھ ڪن ڳاڻوَن ڏينھن کانسواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا رھيا تنھن کين سندن دين ۾ ٺڳيو آھي.

    3:25 – 25. پوءِ ڪھڙو (حال ٿيندن) جڏھن کين اُھو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن ۾ گڏ ڪنداسين، ۽ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پُورو بَدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نه ڪبو.

    3:26 – 26. (اي پيغمبر) چؤ ته اي الله مُلڪ جا مالِڪ جنھن کي گھرين تنھن کي بادشاھي ڏئين ۽ جنھن کان وڻيئي تنھن کان بادشاھي کسين، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي مانوارو ڪرين ۽ جنھن کي وڻيئي تنھن کي بي مانو ڪرين، تنھنجي ھٿ ۾ چڱائي آھي، ڇوته تون سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھين.

    3:27 – 27. رات کي (گھٽائي) ڏينھن آڻين ٿو ۽ ڏينھن کي (گھٽائي) رات ۾ آڻين ٿو، ۽ مُئي مان جِيئري کي ڪڍين ٿو ۽ جيئري مان مُئي کي ڪڍين ٿو، ۽ جنھن کي گھُرين تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھين.

    3:28 – 28. (گھُرجي ته) مُؤمن مُؤمنن کانسواءِ ڪافرن کي دوست نه بڻائين، ۽ جيڪو اِئين ڪندو تنھن جو الله (جي دين) سان (ڪُجھ) واسطو نه آھي ھِن کانسواءِ ته اِنھن (ڪافرن) کان پاڻ بچائڻ لاءِ بچاءُ ڪريو، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ڏانھن موٽڻو آھي.

    3:29 – 29. (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جي لڪائيندؤ يا اُھو پڌرو ڪندؤ ته (به) اُن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سوبه) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي.

    3:30 – 30. اُنھيءَ ڏينھن سڀڪو (ماڻھو) جيڪو چڱو ڪم ڪيائين ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪيائين تنھن کي آڏو لھندو، (بڇڙي ڪم کي ڏسي) گھرندو ته جيڪر سندس ۽ اُن جي وچ ۾ گھڻي ڊيگھ ھجي ھا، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي گھڻو مھربان آھي.

    3:31 – 31. (اي پيغمبر) چؤ ته جي اوھين الله کي دوست رکندا آھيو ته منھنجي تابعداري ڪريو ته الله اوھان کي دوست رکندو ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    3:32 – 32. (اي پيغمبر) چؤ ته الله ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦري ويا ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي.

    3:33 – 33. بيشڪ الله آدم ۽ نُوح ۽ ابراھيم جي اولاد ۽ عِمران جي اولاد کي جھانن (وارن) تي سدورو ڪيو آھي.

    3:34 – 34. جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو نسل آھن، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    3:35 – 35. جڏھن عِمران جي زال چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار جيڪي مُنھنجي پيٽ ۾ آھي سو تولاءِ آجو ڪيل نذر ڪيم تنھنڪري مون کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين.

    3:36 – 36. پوءِ جنھن مھل اُن کي ڄڻيائين تڏھن چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون ڌيءُ ڄڻي، ۽ جيڪي اُن (بي بيءَ) ڄڻيو تنھن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، ۽ (چيائين ته) پُٽ ڌيءُ جھڙو نه آھي، ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ آءٌ اُن کي ۽ سندس نسل کي تڙيل شيطان (جي شر) کان تنھنجي پناھ ۾ سونپيان ٿي.

    3:37 – 37. پوءِ اُن کي سندس پالڻھار چڱي قبولڻ سان قبوليو ۽ اُن کي چڱي پالڻ طرح پاليائين ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيائين، جڏھن ڪڏھن زڪريا مٿس حُجري ۾ لنگھندو ھو ته وٽس طعام (رکيل) لھندو ھو، (ھڪ وقت) چيائين ته اي مريم ھيءُ ڪٿان تولاءِ (آيو) آھي چيائين ته اِھو الله وٽان (آيو) آھي، چوته الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.

    3:38 – 38. اُتي زڪريا پنھنجي پالڻھار کي سڏيو، چيائين اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽان مون کي چڱو اولاد بخش، ڇو ته تون دُعا جو ٻڌندڙ آھين.

    3:39 – 39. پوءِ مَلائڪن سڏيس ۽ اُن مَسجد ۾ بيٺي نماز پڙھي ٿي (ملائڪن چيس ته) الله توکي يحيىٰ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ڏئي ٿو جو الله جي حُڪم (سان پيدا ٿيل عيسىٰ) جو سَچو ڪندڙ ۽ سردار ۽ جَتو سَتو ۽ صالحن مان پيغمبر آھي.

    3:40 – 40. چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي پُٽ ڪئن ٿيندو جو بيشڪ مُون کي ته پوڙھائي اچي رسي آھي ۽ مُنھنجي زال سَنڍ آھي، (ملائڪ) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙيءَ طرح ڪندو آھي.

    3:41 – 41. چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُون کاءِ ڪا نشاني مُقرّر ڪر، (الله) فرمايو ته تنھنجي نشاني (ھيءَ) آھي ته ٽي ڏينھن اشاري کانسواءِ ماڻھن سان ڳالھائي نه سگھندين، ۽ پنھنجي پالڻھار کي گھڻو ياد ڪر ۽ صُبح جو ۽ سانجھيءَ جو ساراھِ.

    3:42 – 42. ۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن چيو ته اي مريم الله توکي سڳورو ڪيو ۽ توکي پاڪ ڪيائين ۽ توکي جھانن جي زالن تي سڳورو ڪيائين.

    3:43 – 43. اي مريم پنھنجي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجدو ڪر ۽ رُڪُوع ڪندڙن سان گڏجي رُڪُوع ڪر.

    3:44 – 44. اِھا ڳجھين خبرن مان آھي اُن کي توڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ (تون) تڏھن وٽن نه ھئين جڏھن پنھنجا قلم (پُکن لاءِ واھيءَ ۾) وڌائون ٿي ته اُنھن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو، ۽ تڏھن به وٽن نه ھئين جڏھن تڪرار ڪندا رھيا.

    3:45 – 45. جڏھن ملائڪن مريم کي چيو ته اي مريم الله پاڻ وٽان توکي ھڪ (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل پٽ) جي خوشخبري ڏئي ٿو، سندس نالو عِيسىٰ پُٽ مريم جو مرتبي وارو دنيا ۽ آخرت ۾ ٿيندو ۽ ويجھن مان آھي.

    3:46 – 46. ۽ پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ جوانيءَ ۾ ماڻھن سان ڳالھائيندو ۽ صالحن مان آھي.

    3:47 – 47. چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي ڪئن وياءُ ٿيندو؟ جو مون کي (ڪنھين) ماڻھوءَ نه ڇھيو آھي، (ملائڪن) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙي طرح پيدا ڪندو آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي ته اُن لاءِ ڇڙو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي.

    3:48 – 48. ۽ کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريندو.

    3:49 – 49. ۽ (اُن کي) بني اسرائيلن ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليندو، (عيسىٰ وڏو ٿيو ۽ چيائين ته) مون اوھان جي پالڻھار وٽان نشاني آندي آھي، ته آءٌ اوھان لاءِ مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو (بوتو) بڻائيندس پوءِ منجھس ڦوڪيندس ته الله جي حُڪم سان پکي ٿيندو، ۽ (ماءُ ڄاول) اَنڌي ۽ ڪُوڙھي کي ڇُٽائيندس ۽ الله جي حُڪم سان مُئي کي جياريندس، ۽ جيڪي کائيندا آھيو ۽ جيڪي پنھنجن گھرن ۾ سانڀيندا آھيو سو اوھان کي ڏسيندس، جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو ته اوھان لاءِ اُن ۾ نشانيون آھن.

    3:50 – 50. ۽ جيڪو مون کان اڳ توريت (جو ڪتاب) آيل آھي تنھن جو سچو ڪندڙ آھيان ۽ جيڪي (شيون) اوھان تي حرام ڪيل آھن تن مان ڪي اوھان لاءِ حلال ڪندس ۽ اوھان جي پالڻھار وٽان اوھان لاءِ نشانيون آنديون اٿم، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ مُنھنجي تابعداري ڪريو.

    3:51 – 51. بيشڪ الله مُنھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اھا سنئين واٽ آھي.

    3:52 – 52. پوءِ جنھن مھل عيسىٰ کائن ڪُفر (جا ڪم) اکين سان ڏٺا (تنھن مھل) چيائين ته الله (جي دين) ڏانھن مُنھنجا واھرو ڪير آھن؟ حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا واھرو آھيون، الله کي مڃيوسون، ۽ شاھد ھُج ته اسين پَڪ مُسلمان آھيون.

    3:53 – 53. (چيائون) اي اسانجا پالڻھار جيڪي تو لاٿو سو مڃيوسون ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪئي سون تنھنڪري اسانکي شاھدن ۾ لک.

    3:54 – 54. ۽ ((يھودين) رٿ رٿي ۽ الله به (ڳجھي) رٿ رٿي، ۽ الله چڱو (ڳجھي) رٿ رٿيندڙ آھي.

    3:55 – 55. (ياد ڪر) جڏھن الله چيو ته اي عيسىٰ آءٌ توکي ماريندڙ ۽ پاڻ ڏانھن مٿاھون ڪندڙ آھيان ۽ جن ڪُفر ڪيو تن (جي بھتانن) کان توکي پاڪ ڪندڙ آھيان ۽ جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي قيامت تائين ڪافرن تي مٿاھون (غالب) ڪندڙ آھيان، وري مون ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي پوءِ اوھان جي وچ ۾ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو (تنھن بابت) نبيرو ڪندس.

    3:56 – 56. پوءِ (اُنھن مان) جن ڪُفر ڪيو تن کي دُنيا ۽ آخرت ۾ بلڪل سخت سزا ڏيندس، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو نه آھي.

    3:57 – 57. ۽ (اُنھن مان) جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (الله) سندن پورھيو پُورو ڏيندو، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.

    3:58 – 58. اھو (قصّو) جو توتي پڙھون ٿا سو نشانين ۽ حِڪمت واري ڪتاب مان آھي.

    3:59 – 59. الله وٽ عيسىٰ (جي پيدا ڪرڻ) جو مثال آدم جي مثال جھڙوئي آھي، اُن (آدم) کي مِٽيءَ مان بڻايائين وري اُن چيائين ته ٿي پؤ ته ٿي پيو.

    3:60 – 60. (اِھا ڳالھ) تنھنجي پالڻھار وٽان سچي آھي تنھنڪري شڪ ڪندڙن مان نه ھُج.

    3:61 – 61. پوءِ اُن پڄاڻا جو تو وٽ ڄاڻپ آئي جيڪو توسان اِن بابت جھڳڙو ڪري ته چؤ ته اچو ته (اسين) پنھنجن پُٽن ۽ اوھان جي پُٽن ۽ پنھنجين زالن ۽ اوھان جي زالن ۽ پاڻ کي ۽ اوھان کي سڏيون، پوءِ زاريءَ سان دُعا گھرون پوءِ الله جي لَعنت ڪُوڙن تي ڪريون.

    3:62 – 62. اِھو قِصو ضرور سَچّو آھي، ۽ الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، ۽ الله ئي غالب حِڪمت وارو آھي.

    3:63 – 63. پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته بيشڪ الله به فسادين کي ڄاڻندڙ آھي.

    3:64 – 64. (اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ھڪ ڳالھ ڏانھن اچو جا اسان ۽ اوھان جي وچ ۾ ھڪ جھڙي آھي ته الله کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريون ۽ نڪي ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ ڪريون ۽ نڪي اسان مان ڪو ڪنھن کي (به) الله ڌاران پالڻھار ڪري مڃي، پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته شاھد ھُجو ته اسين پڪ مُسلمان آھيون.

    3:65 – 65. اي ڪتاب وارؤ ابراھيم بابت ڇالاءِ جھڳڙو ڪريو ٿا؟ ۽ توريت ۽ انجيل نه لاٿا ويا پر کانئس پوءِ، پوءِ اوھين نه سمجھندا آھيو ڇا؟

    3:66 – 66. (اي يھوديؤ) اوھين اُھي آھيو جو جنھن شيء جي اوھان کي ڄاڻپ آھي تنھن بابت ته جھڳڙو ڪندا آھيو پر جي اوھان کي ڪا ڄاڻپ آھي ئي نه تنھن بابت ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟ ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

    3:67 – 67. ابراھيم نڪو يھودي ھو ۽ نڪي نصراني پر حَنيف (ھڪ طرفو) مُسلمان ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو.

    3:68 – 68. ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو، ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي.

    3:69 – 69. ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي گھرندي آھي ته جيڪر اوھان کي ڀُلائين، ۽ اُھي پاڻ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي نه ڀلائيندا آھن ۽ نه پروڙيندا آھن.

    3:70 – 70. اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇالاءِ نه ٿا مڃو؟ ۽ حالانڪ اوھين شاھدي ڏيو ٿا.

    3:71 – 71. اي ڪتاب وارؤ ڇالاءِ سچ کي ڪُوڙ سان ملائيندا آھيو ۽ سچ کي لڪائيندا آھيو؟ ھن ھوندي (به) جو اوھين ڄاڻندا آھيو.

    3:72 – 72. ۽ ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي (پاڻ ۾) چوي ٿي ته جيڪي مؤمنن تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۾ مڃيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو ته مانَ اُھي ڦري وڃن.

    3:73 – 73. ۽ جيڪو اوھان جي دين جي تابعداري ڪري تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه مڃيو، چئو ته ھدايت الله واري ھدايت آھي ۽ چون ٿا ته ھيءَ به نه مڃيو ته جھڙو (دين) اوھان کي ڏنو ويو آھي تھڙو دين اُنھن کي ڏنو ويندو يا اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان کي الزام ڏيندا، چؤ ته ڀلائي الله جي ھٿ ۾ آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھا ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.

    3:74 – 74. جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجي ٻاجھه سان خاص ڪندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.

    3:75 – 75. ۽ ڪتاب وارن مان ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن تمام گھڻو مال امانت رکين ته اُھو (سمورو) توکي ورائي ڏيندا، ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن ھِڪ مُھر امانت رکين ته مٿن سدائين بيھڻ کانسواءِ توکي ورائي نه ڏيندا، اِھو (نه ڏئڻ) ھن سببان آھي جو چون ٿا ته اڻ پڙھيلن (جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نه آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻڻ ھوندي به ڪُوڙ چوندا آھن.

    3:76 – 76. ھائو جنھن پنھنجو انجام پاڙيو ۽ ڊنو ته بيشڪ الله ڊڄندڙن کي دوست رکندو آھي.

    3:77 – 77. جيڪي الله سان ڪيل انجامن ۽ پنھنجن قسمن جي عوض ٿورو مُلھ وٺندا آھن اِھي (اُھي) آھن جن کي آخرت ۾ ڪو بھرو نه آھي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن الله ساڻن ڳالھائيندو ۽ نڪي اُنھن ڏانھن نھاريندو ۽ نڪي کين (گناھن کان) پاڪ ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    3:78 – 78. ۽ منجھائن ھڪ ٽولي آھي جا ڪتاب (پڙھڻ) ۾ پنھنجين زبانن کي ھن لاءِ وچڙائيندي آھي ته ان کي اوھين ڪتاب مان ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو ڪتاب مان نه آھي، ۽ (پڻ) چوندا آھن ته اُھو الله وٽان آھي ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽان نه آھي، ۽ اُھي ڄاڻڻ ھوندي به الله تي ڪُوڙ چوندا آھن.

    3:79 – 79. ڪنھن به ماڻھوءَ کي نه جڳائيندو آھي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي اُھو وري ماڻھن کي چوي ته الله کانسواءِ مُنھنجا ٻانھا ٿيو پر (چوندو ته) رب جا (سچا ٻانھان) ٿيو انھيءَ ڪري جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڻ انھيءَ ڪري جو پڙھو ٿا.

    3:80 – 80. ۽ ملائڪن ۽ پيغمبرن کي پالڻھار ڪري مڃڻ جو اوھان کي حڪم نه ڪندو، جڏھن اوھين خُدا جا فرمانبردار ٿيا ھجو ته پوءِ اوھان کي ڇو ڪُفر جو حُڪم ڪندو.

    3:81 – 81. ۽ (ياد ڪر) جڏھن الله (سڀني) پيغمبرن کان انجام ورتو ته جيڪي ڪتاب ۽ حڪمت اوھان کي ڏيان تنھن کانپوءِ ھڪ پيغمبر جيڪو (علم) اوھان وٽ آھي تنھنجو سچو ڪندڙ اوھان وٽ اچي ته کيس ضرور مڃجو ۽ کيس ضرور مدد ڏجو، (الله) چيو ته اوھين اقرار ڪري چڪؤ ۽ اُن تي مُنھنجي (حُڪم جي) بار کي کنيوَ، چيائون ته اقرار ڪيوسون، (الله) چيو ته اوھين شاھد ھجو، ۽ آءٌ (به) اوھان سان گڏ شاھد آھيان.

    3:82 – 82. پوءِ جيڪي ھن پڃاڻان ڦرندا سي ئي بي دين آھن.

    3:83 – 83. الله جي دين کانسواءِ ڇو ٻيو (دين) طلبيندا آھن ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن تن سرھو توڙي ارھو ٿي کيس مڃيو آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندا.

    3:84 – 84. (اي پيغمبر) چؤ ته اسان الله کي ۽ جيڪي اسان تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ۽ جيڪي ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ (اُن جي) اولاد تي لاٿو ويو ۽ جيڪي موسٰي ۽ عيسٰي ۽ (ٻين) پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو تنھن کي مڃيون ٿا، اُنھن مان ڪنھن ھڪ ۾ فرق نه ٿا ڀانيون، ۽ اسان اُن (الله) کي مڃيندڙ آھيون.

    3:85 – 85. ۽ جيڪو اسلام ڌاران ٻيو دين طلبيندو تنھن کان اُھو ڪڏھن نه قبول ڪبو، ۽ اُھو آخرت ۾ ڇيئي وارن مان آھي.

    3:86 – 86. الله اُن قوم کي ڪئن ھدايت ڪندو جي پنھنجي اِيمان آڻڻ کانپوءِ ڪافر ٿيا ۽ (پھريائين) اقرار ڪيائون ته پيغمبر سچو آھي ۽ وٽن معجزا (به) آيا، ۽ الله ظالم ٽولي کي ھدايت نه ڪندو آھي.

    3:87 – 87. اِھي اُھي آھن جن تي سزا (ھيءَ) آھي ته مٿن الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لَعنت آھي.

    3:88 – 88. اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نه اُنھن کي مُھلت ڏبي.

    3:89 – 89. پر جن اُن کانپوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون، ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي.

    3:90 – 90. جن پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪُفر ڪيو وري ڪُفر ۾ وڌيا تن جي توبه ڪڏھن قبول نه ڪبي، ۽ اُھي ئي ڀليل آھن.

    3:91 – 91. جن ڪُفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن مان ڪو ھڪڙو اگرچه سڄيءَ زمين جيترو سونُ (پنھنجن گناھن جي) عوض ڏئي ته به اُھو اُن کان قبول نه ڪبو، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي.