islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. پاڪستان ۾ ديني مدرسن جو ڪردار

    پاڪستان ۾ ديني مدرسن جو ڪردار

    Rate this post

    پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بي روزگاري جي واڌاري مڊل ڪلاس طبقي جو مڪمل طور تي خاتمو ڪري ڇڏيو آهي ۽ وري غربت جي واڌاري پاڪستان کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو آهي: هڪ اپر ڪلاس جنهن ۾ وڏيرا، تاجر ۽ زميندار پيا اچن ته ٻيون ڪلاس يا طبقو جنهن ۾ غريب عوام پئي اچي، جنهن کي کاڌ خوراڪ جي رسي ۾ اهڙي ريت الجھايو ويو آهي جو هن کي ٻئي ڪنهن طرف سوچڻ ته پري جي ڳالهه آهي نهارڻ جي به فرصت ڪو نه ٿي ملي.! هي طبقو مشڪل سان ٽن ويلن جي ماني پيو کائي، ٻارن کي تعليم ۽ صحت جهڙيون بنيادي سهولتون ڏيڻ ته انهن لاءِ انتهائي مشڪل ٿي چڪو آهي. غربت جي ان ڏکوئيندڙ حالت مان ڪجهه طاقتن بي پناهه فائدو ورتو،پاڪستان ۾ مدرسا ئي اهڙا ادارا آهن جن ۾ مفت تعليم سان گڏوگڏ رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ ڪجهه روپيا وظيفو پڻ ملندو آهي، معاشري جي اڪثريت ان سهولت مان فائدو وٺندي پنهنجي ٻارن کي مهانگي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ بجائي مدرسن جي حوالي ڪيو، نفسياتي ماهرن مطابق غربت کان تنگ آيل ماڻهن سان گڏوگڏ معاشري جا ان فٽ ٻار پڻ مدرسن ۾داخل ڪرايا ويا.اهڙا ٻار جيڪي اسڪول ۾ نه پڙهي سگھيا يا جيڪي نالائق هئا ماءُ ۽ پيءُ يا پنهنجي علائقي لاءِ آزار بڻيل ٻار کي به مدرسي جي مولوي حوالي ڪيو ويو، جيڪو ان مدرسي ۾ مولوي جي کٽ سان يا عمارتن جي ٿنبن سان ٻڌي رکيو ويندو آهي، جتي ان کي تشدد جو نشانو به بڻايو ويندو آهي ۽ ان سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. سپاهه صحابه جا مدرسا اهڙي گھڻن ئي کُتابين سان ڀريل آهن، ڪجهه عرصو پهريان بي بي سي به ساڳئي موضوع تي هڪ ڊاڪومينٽري ٺاهي ۽ نشر پڻ ڪئي وئي جنهن کان بعد بي بي سي جي دفتر تي حملا پڻ ڪيا ويا. مدرسا جتي عام ماڻهو لاءِ هڪ سهارو بڻيل آهن اتي ئي والدين جي آخرت به پيا سنوارن، پر ان ۾ اڪثر مدرسن جو غلط استعمال ٿيو، مدرسا اسان جي معاشري ۾ نه صرف هڪ خاص اهميت رکن ٿا بلڪي هر مذهب ۽ مڪتب فڪر ۾ انتهائي قابل احترام آهن. برصغير (پاڪ ۽ هند) ۾ اگر مدرسن جي تاريخ کي ڏٺو وڃي ته هڪ تحقيق مطابق مدرسن جو باقاعدهه آغاز 11 صدي جي آخر ۽ 12 صدي جي شروعات ۾ ٿيو. ان کان پهريان ديني علم کي سکڻ لاءِ مسجدن کي استعمال ڪيو ويندو هو، پر مدرسن جي ٺهڻ کان پوءِ مسجدن ۾ ديني علم سکڻ جو تسلسل ٽٽڻ لڳو ۽ هڪ اهڙ و ڏينهن آيو جڏهن مدرسا ئي ديني درسگاهه بڻجي ويا. مدرسن جي ٺهڻ سان ئي ان جي اهميت آهستي آهستي وڌندي ويئي جيڪا هن زماني تائين باقي آهي. بر صغير پاڪ ۽ هند جي جدا ٿيڻ کان پوءِ مدرسن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو رهيو، تقسيم وقت نئين ڄاول پاڪستان ۾ مدرسن جي تعداد 200 کان به گھٽ هئي، جڏهن ته ان ۾تعليم هيٺ کتابين جي تعداد مشڪل سان هزارن ۾ هئي، پر اڄ جتي هڪ طرف مدرسن جي تعداد هزارن تائين پهچي چڪي آهي اتي مدرسن ۾ پڙهندڙ کتابين جي تعداد لکن کان به ٽپي ويئي آهي. شروعاتي دور ۾ مدرسن ۾ ديني تعليم سان گڏوگڏ دنياوي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي پر آهستي آهستي مدرسا صرف ديني تعليم تائين محدود رهجي ويا، نائن اليون کان پوءِ آمريڪا ۽ دنيا جون ڪجهه رياستون دهشتگردي خلاف جنگ تي متفق ٿيون، ان دوران پاڪستان ۾ موجود ديني علم جي مرڪزن يعني مدرسن جي باري ۾ مختلف رايا ۽ نظريا سامهون آيا، ڪيترائي ڀيرا مدرسن کي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي جي واڌاري جو اهم ذريعو پڻ چيو ويو. پوري پاڪستان ۽ بالخصوص خيبر پختونخواهه ۽ فاٽا ۾ مدرسن جي تعداد ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو آمر صدر ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿيو، ان دوران ماڻهن کي مڪمل اختيار ڏنو ويو ته جتي چاهين مدرسو کولي پيا سگھن. خاص طور تي جڏهن روس افغانستان تي حملو ڪيو ته آمريڪا سميت ڪيترين ئي طاقتن روس خلاف افغانن کي نه صرف سپورٽ ڪئي بلڪي هر طرح جي امداد به ڏني وئي. آمريڪا روس کي شڪست ڏيڻ لاءِ افغانستان ۾ هلندڙ جنگ کي جهاد چئي جهادي ويڙهاڪ تيار ڪيا ۽ پاڪستان ۾ هلندڙ مدرسن کي مڪمل سپورٽ ڪيو. ان دوران مدرسن کي جهاد جي تبليغ لاءِ سڀ کان بهتر ذريعي طور استعمال ڪيو ويو. مدرسن ۾ کلي عام افغانستان واري جهاد جو لٽريچر ڏنو ويو تاڪي ماڻهن جي گھڻي کان گھڻي تعداد روس خلاف جنگ ۾ شامل ڪئي وڃي. نائن اليون کان پوءِ جڏهن يورپي طاقتن ۽ يورپي ميڊيا مدرسن خلاف بيان بازي شروع ڪئي ته گڏوگڏ پاڪستان ۾ مدرسن جي اصلاح حوالي سان به حڪومت کان مطالبن جو ڊگھو سلسلو شروع ٿيو، ان دوران جڏهن هڪ طرف کان پاڪستان افغانستان ۾ طالبان ۽ القاعدهه خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو اتحادي بڻيو ته ٻئي طرف پاڪستان ۾ موجود مدرسن ۾ آمريڪي اشاري تي مدرسن ۾ اصلاح لاءِ عملي اقدام ڪيا پيا وڃن، اصلاح لاءِ سڀ کان پهريان مدرسن جي رجسٽريشن کي لازمي قرار ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ نصاب ۾ بنيادي تبديلي جون ڳالهيون به ٻڌڻ ۾ آيون، مذڪوره اصلاحي ايجنڊي جي باري ۾ پهريان ته مليل جليل رد عمل سامهون آيو پر جلد ئي ان جي مخالفت ڪئي ويئي.

    پاڪستان ۾ موجود مدرسن جي تعداد جيڪا هزارن ۾ آهي، ان ۾ مختلف مذهبي نظريات جي بنياد تي ديني تعليم ڏني پئي وڃي.

    پاڪستان ۾ موجود مدرسا 5 مذهبن جي نمائندگي ڪن ٿا ان مدرسن جي تفصيل هيٺ ذڪر ڪجي ٿي:

    1. وفاق المدارس…..ديوبندي، 2. وفاق المدارس…..اهل حديث، 3. وفاق المدارس……اهل تشيع 4. تنظيم المدارس….بريلوي، 5. رابطة المدارس…..جماعت اسلامي

    مٿي ذڪر ڪيل مذهبي نظامن ۾ سڀ کان وڌيڪ تقويت ديوبندي نظريي جي مدرسن کي ئي ملي، جنهن جي اصل شروعات 1829ع کان 1877ع ۾ مولانا محمد قاسم ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهي جي رهنمائي ۾ ٿي. گذريل ڪجهه سالن ۾ هڪ رپورٽ مطابق هن وقت سڀ کان وڌيڪ مدرسا وفاق المدارس(ديوبندي) مذهب جا آهن جڏهن ته سڀ کان گھٽ مدرسا وفاق المدارس (اهل تشيع) جا آهن. مدرسن جي تفصيل هيٺ ذڪر ڪجي ٿي:

    وفاق المدارس(ديوبندي) 2000 کان 3000، وفاق المدارس(اهل حديث 1500 کان 2000، وفاق المدارس (اهل تشيع)150 کان 200، تنظيم المدارس(بريلوي)200 کان 300، ان رپورٽ مطابق ان مدرسن ۾ پڙهندڙ ڪتابين جي تعداد 7 لک جي قريب آهي، جنهن ۾ اڪثريت پاڪستانين جي آهي، جڏهن ته گڏوگڏ غير ملڪي کتابي پڻ زير تعليم آهن. ان مدرسن ۾ پاڪستاني زير تعليم کتابين جي تعداد 5 لک کان وڌيڪ آهي جڏهن ته باقي افغانستان ۽ ٻين اسلامي ملڪن جا آهن. ( اهو واضح رهي ته هڪ اندازي مطابق ان تعداد ۾ ٻيڻو اضافو به ٿي چڪو آهي پر حتمي انگ اکر جي باري ۾ واضح تفصيل دستياب ڪونهن. اهڙي ريت ملڪ جي ٻين حصن جيان خيبر پختونخواهه ۾ به ليڊيز مدرسن جي تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي، گذريل ڪجهه سالن ۾ شايع ٿيل رپورٽ مطابق اُن وقت ليڊيز مدرسن جي تعداد 1000 کان گھٽ هئي جڏهن ته هن وقت ان ۾ واضح واڌارو اچي چڪو آهي. خيبر پختونخواهه جو شايد ئي ڪو ڳوٺ هجي جتي ليڊيز مدرسو نه هجي. ديوبندي مدرسن کي جتي افغان جنگ دوران جهادي فڪر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو اتي سياسي طور پڻ استعمال ڪيا ويا. جنهن جي سڀ کان واضح مثال 2002ع جي اليڪشن ۾ متحدهه مجلس عمل جي ڪاميابي جي صورت ۾ سامهون آئي. متحدهه مجلس عمل جي سياسي اميدوارن خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ مدرسن ذريعي ئي پنهنجو سياسي ايجنڊا عوام تائين پهچايو. مجلس عمل جي سياسي اميدوارن ان سلسلي ۾ مسجدن کي به استعمال ڪيو. اهڙي ريت مدرسن جو اتان جي جھڳڙن کي حل ڪرائڻ ۽ صلح ڪرائڻ ۾ به اهم ڪردار رهيو آهي. خيبر پختونخواهه ۾ مدرسن جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته اتان جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ مدرسن کي پنهنجي مسئلي مسائل کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، ان سان گڏوگڏ مدرسن جي اهميت خيبر پختونخواهه ۽ فاٽا ۾ رمضان المبارڪ ۽ عيدين جي موقعي تي کُلي ڪري سامهون پئي اچي، مدرسن جي ئي فيصلي تي روزو رکيو ويندو آهي ۽ انهن جي ئي فيصلي تي عيد به پڙهي ويندي آهي، ان سلسلي ۾ چارسدهه، بنون، نوشهرهه، مردان ۽ پشاور قابل ذڪر آهن.
    مذڪوره جاين تي شهرن ۽ ڳوٺن جي سطح تي رؤيت هلال ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا مقامي شاهدن جي شاهدي ۽ ثابتي جي روشني ۾ فيصلا ڪندي آهي، هي فيصلا اڪيلي ڳوٺن ۽ ضلعن جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي، ان لاءِ ضروري ناهي ته سڀ مدرسن ۾ هڪ ئي ڳالهه تي اتفاق هجي، نائن اليون کان پوءِ پوري دنيا ۾ مدرسن کي بدنام ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ مدرسن ۾ پڙهائيندڙ عالمن کي به دهشتگردن جو حامي چيو ويو، پر ان ڳالهه کي وساري نه ٿو سگھجي ته انهي دوران دهشتگردن خلاف سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم STAND وٺڻ وارا عالم سڳورا به انهي مدرسن جا هئا. انهن ۾ مولانا حسن جان ۽ مفتي سرفراز نعيمي جهڙيون هستيون شامل آهن. انهي مدرسن ۾ موجود عالم سڳورا ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي معاشري ۾ پنهنجو ڪردار سڀ کان بهتر ۽ سهڻي نموني سان ادا ڪري سگھيا آهن. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان عالم سڳورن ۽ مدرسن کي قومي ڌڙن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي.
    منبع:http://www.shiasindh.com نویسنده ذیشان مهدی سومرو