islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. پندرهون سیپارو

    پندرهون سیپارو

    Rate this post

    17:1 – 1. اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

    17:2 – 2. ۽ مُوسىٰؑ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ ان کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ڪيوسون (۽ چيوسون) ته مون کان سواءِ (ٻيو) ڪو ڀرجھلو نه وٺو.

    17:3 – 3. اي (ان قوم جو) اولاد جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙھيوسون، بيشڪ اھو شاڪر ٻانھو ھو.

    17:4 – 4. ۽ بني اسرائيلن ڏانھن ڪتاب ۾ (ھيءُ حُڪم) موڪليوسون ته اوھين مُلڪ ۾ ٻه ڀيرا فساد ضرور ڪندؤ ۽ اوھين وڏي وڏائي سان ضرور ھٺيلائي ڪندؤ.

    17:5 – 5. پوءِ جڏھن ٻنھي مان پھريون انجام (فساد جو) ايندو (تڏھن) اوھان تي پنھنجا ڏاڍا سورھ ٻانھان کڙا ڪنداسون جي شھرن جي وچ ۾ ڪاھي پوندا، ۽ اھو انجام (پورو) ٿيڻو آھي.

    17:6 – 6. وري اوھان کي ھڪ ڀيرو مٿن غلبو ڏينداسون ۽ مال ۽ اولاد سان اوھان کي (لڳولڳ) وڌائينداسون ۽ اوھان کي لشڪر ڪري گھڻا ڪنداسون.

    17:7 – 7. جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ته (اُھا چڱائي) پاڻ لاءِ ڪندؤ، ۽ جيڪڏھن اوھين بڇڙائي ڪندؤ ته پاڻ لاءِ، پوءِ جڏھن ٻيو انجام (فساد جو) پھچندو ته ٻيا اوھان جا منھن ارھا ڪندا ۽ اھڙي طرح مسجد ۾ گھڙندا جھڙي طرح ان ۾ پھريون ڀيرو گھڙيا ھوا ۽ جنھن تي غالب ٿيندا تنھن کي چڱي طرح اجاڙيندا.

    17:8 – 8. (چيو ويو ته) اوھان جو پالڻھار ويجھو ئي اوھان تي ٻاجھ ڪندو، ۽ جيڪڏھن اوھين (وري) ڦرندؤ ته اسين به (سزا ڏيڻ ڏانھن) ڦرنداسون، ۽ ڪافرن لاءِ دوزخ کي بندي خانه مقرر ڪيوسون.

    17:9 – 9. ھيءُ قرآن انھي (واٽ) ڏانھن رستو ڏيکاريندو آھي جيڪا ڏاڍي سِڌي آھي ۽ انھن مؤمنن کي خوشخبري ڏيندو آھي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن انھن لاءِ وڏو اجر آھي.

    17:10 – 10. ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿون.

    17:11 – 11. ۽ ماڻھو مدائيءَ کي (اھڙو) گھرندو آھي جھڙو چڱائيءَ کي سندس گھرڻ ھوندو آھي، ۽ ماڻھو اٻھرو آھي.

    17:12 – 12. ۽ رات ۽ ڏينھن کي ٻه نشانيون ڪيون سون پوءِ رات جي نشاني کي ميٽايوسون ۽ ڏينھن جي نشاني کي ھن لاءِ روشن ڪيوسون ته پنھنجي پالڻھار جو فضل ڳوليو ۽ (پڻ ھن لاءِ) ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، ۽ سڀ ڪنھن شيء جو کولي بيان ڪيوسون.

    17:13 – 13. ۽ سڀ ڪنھن ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ سندس عمل نامو ٻڌوسون، ۽ قيامت جي ڏينھن ڪتاب انھيءَ لاءِ ڪڍنداسون جو ان کي کليل ڏسندؤ.

    17:14 – 14. (چيو ويندو ته) پنھنجو ڪتاب پڙھ، اڄ تنھنجو جيءُ توتي حساب وٺندڙ بس آھي.

    17:15 – 15. جنھن ھدايت لڌي تنھن پاڻ لاءِ ئي ھدايت لڌي، ۽ جيڪو ڀُلو سو رڳو پاڻ لاءِ ڀُلندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو، ۽ اسين ايستائين عذاب ڪندڙ نه آھيون جيستائين ڪنھن پيغمبر کي موڪليون.

    17:16 – 16. ۽ اسين جڏھن ڪنھن ڳوٺ جو ناس ڪرڻ گھرندا آھيون (تڏھن) انھن مان آسودن کي (پيغمبر جي معرفت پنھنجي عبادت جو) حُڪم ڪندا آھيون پوءِ منجھس نافرماني ڪندا آھن تنھنڪري مٿن عذاب لازم ٿيندو آھي پوءِ پاڙ پٽڻ طرح ان جي پاڙ پٽيندا آھيون.

    17:17 – 17. ۽ ڪيترائي جڳ نُوحؑ کان پوءِ ناس ڪياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ ڪافي آھي.

    17:18 – 18. جيڪو دنيا (جي آسودگي) گھرندو آھي تنھن کي ان ھنڌ اھائي جلد ڏيندا آھيون جيڪي گھرندا آھيون سو جنھن لاءِ گھرندا آھيون (تنھن کي ڏيندا آھيون) وري ان لاءِ دوزخ مقرر ڪيوسون، جنھن ۾ (ھو) خوار (۽) تڙيل ٿي گھڙندو.

    17:19 – 19. ۽ جنھن آخرت گھري ۽ ان لاءِ چڱي ڪوشش ڪئي ۽ اُھو مؤمن (به) ھجي سي اُھي آھن جن جي ڪوشش قبول ٿيل آھي.

    17:20 – 20. ھن ٽوليءَ جي ۽ ھن ٽوليءَ جي ھر ھڪ کي تنھنجي پالڻھار جي بخشش مان مدد ڪريون ٿا، ۽ تنھنجي پالڻھار جي ڏات ڪا اٽڪيل نه آھي.

    17:21 – 21. ڏس ته انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان (دنيا ۾ رزق ۽ مرتبه ۾) ڪئن ڀلو ڪيو اٿون، ۽ آخرت ته درجن ڪري بلڪل وڏي ۽ مانَ ڏيڻ ڪري بلڪل وڌيڪ آھي.

    17:22 – 22. (اي ماڻھو تون) الله سان ٻيو ڪو معبود مقرّر نه ڪر نه ته گِلارو (۽) خوار ٿي وھندين.

    17:23 – 23. ۽ تنھنجي پالڻھار حُڪم ڪيو آھي ته ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪريو، جيڪڏھن ٻنھين مان ڪو ھڪڙو تنھنجي آڏو ٻُڍائيءَ کي پھچي يا ٻَئي ته تون اُف (به) نه چئج ۽ نڪي کين جھڻڪج ۽ ساڻن چڱي ڳالھ (ادب واري) ڳالھائج.

    17:24 – 24. ۽ انھن لاءِ عاجزيءَ جون ٻانھون ٻاجھ مان ھيٺاھيون ڪج ۽ چئج ته اي منھنجا پالڻھار اُنھن تي (اھڙي طرح) ٻاجھ ڪر جھڙي طرح مون کي ننڍپڻ ۾ پاليائون ٿي.

    17:25 – 25. جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو اوھان جو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪڏھن اوھين سڌريل ھوندؤ (ته بخشيندو) ڇوته الله توبه ڪندڙن کي بخشڻھار آھي.

    17:26 – 26. ۽ مائٽي وارا ۽ مسڪينن کي ۽ مُسافرن کي سندن حق ڏي ۽ اڍنگائيءَ سان اجايو نه وڃاءِ.

    17:27 – 27. ڇوته اجايو وڃائيندڙ شيطانن جا ڀائر آھن، ۽ شيطان پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪندڙ آھي.

    17:28 – 28. ۽ جيڪڏھن تون (رزق جي اڻھوند ڪري) انھن کان منھن موڙين جنھن رزق جي ملڻ جي پنھنجي پالڻھار کان اميد رکين ٿو ته (کين جھڻڪي نه موٽاءِ ۽) ساڻن مٺي ڳالھ ڳالھاءِ.

    17:29 – 29. ۽ نڪي پنھنجي ھٿ کي پنھنجي ڳچيءَ ۾ بند ڪر ۽ نڪي اھو سارو کولي ڇڏ نه ته ملامتي ۽ عاجز ٿي ويھي رھندين.

    17:30 – 30. تنھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ گھٽ به ڪندو آھي، تحقيق اھو پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.

    17:31 – 31. ۽ پنھنجن ٻارن کي سُڃائيءَ جي ڊپ کان نه ڪُھو، اسين کين ۽ (خود) اوھان کي روزي ڏيندا آھيون، بيشڪ انھن کي ڪُھڻ وڏو ڏوھ آھي.

    17:32 – 32. ۽ زنا کي ويجھا نه وڃو ڇوته اھا بي حيائي آھي، ۽ اِھا واٽ بُڇڙي آھي.

    17:33 – 33. ۽ اھڙي جيءَ کي نه ڪُھو جنھن جو (شرعي) حق کانسواءِ ڪُھڻ الله حرام ڪيو آھي، ۽ جيڪو ناحق ماريو وڃي ان جي وارث کي (قصاص جو) اختيار ڏنوسون پوءِ جڳائي ته مارڻ ۾ زيادتي نه ڪري، ڇوته اھو مدد ڏنل ٿيو آھي.

    17:34 – 34. ۽ نڪي ڪنھن ڇوري ٻار جي مال کي چڱي نيت کانسواءِ ويجھا وڃو جيستائين ھو بلوغت کي پھچي، ۽ پنھنجو انجام پاڙيو، تحقيق انجام بابت بلڪل پڇا ٿيندي.

    17:35 – 35. ۽ جڏھن ماڻ ڀريو تڏھن پورو ڀريو ۽ سنئين ترازيءَ سان توريو، اھا (پوري ماپ ۽ تور) ڀلي ۽ عاقبت جي ڪري بلڪل چڱي آھي.

    17:36 – 36. ۽ (اي ٻانھا) جنھن شيء جي توکي ڪا سُڌ نه آھي اُن جي پويان نه لڳ، ڇوته ڪَن ۽ اک ۽ دل انھن سڀني (عضون) کان ان بابت بلڪل پڇا ٿيندي.

    17:37 – 37. ۽ زمين ۾ تون آڪڙ ڪري نه گُھم، ڇوته تون نڪي زمين کي چيري سگھندين ۽ نڪي ڊيگھ ۾ جبل (جي چوٽي) کي پھچين سگھندين.

    17:38 – 38. اُنھن سڀني (عادتن) جي بڇڙائي تنھنجي پالڻھار وٽ ناپسند آھي.

    17:39 – 39. اھي حُڪم انھن مان آھن جيڪي تنھنجي پالڻھار توڏانھن حڪمت مان وحي ڪيا آھن، ۽ الله سان ٻيو ڪوبه معبُود مُقرّر نه ڪر نه ته تون ملامتي (۽) تڙيل ٿي دوزخ ۾ وڌو ويندين.

    17:40 – 40. (اي مشرڪؤ) اوھان جي پالڻھار اوھان کي پُٽن جي لاءِ چونڊيو ۽ (پاڻ) ملائڪن کي (پنھنجيون) ڌيئر ڪري ورتائين ڇا؟ بيشڪ اوھين ھيءَ وڏي ڳالھ ڪندا آھيو.

    17:41 – 41. ۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھن لاءِ وري وري سمجھايوسون ته نصيحت وٺن، ۽ اھو انھن بابت نفرت کانسواءِ (ٻيو ڪي) ڪين ٿو وڌائي.

    17:42 – 42. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ساڻس ٻيا معبود جھڙي طرح ھوندا آھن (تھڙي طرح) ھجن ھا ته اھي انھي دم عرش جي مالڪ ڏانھن (جنگ جي) واٽ طلبين ھا.

    17:43 – 43. اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي چوندا آھن تنھن کان وڏو (۽) مٿاھون آھي.

    17:44 – 44. ست آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي منجھن آھي سي ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ ڪا (به) شيء سندس ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪرڻ کانسواءِ نه آھي پر (اوھين) سندس تسبيح نه سمجھندا آھيو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي.

    17:45 – 45. ۽ جڏھن (تون) قرآن پڙھندو آھين (تڏھن) تنھنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جي وچ ۾ (اسين) لڪل پردو ڪندا آھيون.

    17:46 – 46. ۽ ان جي سمجھڻ کان سندن دلين ۾ پردو ۽ سندن ڪَنن ۾ گھٻرائي وجھندا آھيون، ۽ جڏھن پنھنجي ھڪڙي پالڻھار کي قرآن ۾ ياد ڪرين ٿو تڏھن نفرت ڪري پنھنجين پُٺين (ڀرپوءِ) تي موٽندا آھن.

    17:47 – 47. (اي پيغمبر) جنھن مھل توڏانھن ڪن ڏيئي جنھن (ٺـٺولي ڪرڻ جي ارادي) سان (قرآن کي) ٻڌندا آھن ۽ جنھن مھل ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن جڏھن ظالم چوندا آھن ته (اوھين) رڳو جادو ڪيل مڙس جي تابعداري ڪريو ٿا (تنھن مھل سندين انھن ڳالھين کي) چڱي طرح ڄاڻندا آھيون.

    17:48 – 48. ڏس ته تولاءِ ڪھڙا مٿال ڏيندا آھن پوءِ گمراھ ٿيا تنھنڪري سڌي واٽ لھي نه سگھندا آھن.

    17:49 – 49. ۽ چوندا آھن ته جڏھن اسين (مري ڳري) ھڏا ۽ ذرا ذرا ٿينداسين (تڏھن) اسين وري نوان بڻجي اٿنداسين ڇا؟

    17:50 – 50. چؤ ته پھڻ ٿيو يا لوھ ٿيو.

    17:51 – 51. يا پنھنجين دلين ۾ جيڪا (ٻي) وڏي خلق ڀائيندا آھيو (سا ٿيو ته به اٿندؤ)، پوءِ سگھوئي چوندا ته ڪير اسان کي وري جياريندو؟ چؤ ته جنھن اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو (سو جياريندو)، پوءِ توڏانھن پنھنجو ڪنڌ لوڏيندا ۽ چوندا ته اھو ڪڏھن ٿيندو؟ چؤ ته اميد آھي ته سگھو ٿيڻو آھي.

    17:52 – 52. جنھن ڏينھن الله اوھان کي سڏيندو (تنھن ڏينھن) اوھين سندس ساراہ ڪندي ورندي ڏيندؤ ۽ ڀائيندؤ ته ٿوروئي وقت رھيا آھيون.

    17:53 – 53. ۽ (اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي چؤ ته (ڪافرن سان) بلڪل چڱي (ڳالھ) چوندا رھن، ڇوته شيطان سندن وچ ۾ جھيڙو وجھندو آھي، ڇوته شيطان ماڻھو جو پڌرو ويري آھي.

    17:54 – 54. اوھان جو پالڻھار اوھان کي چڱي طرح ڄاڻندو آھي، جيڪڏھن وڻيس ته اوھان تي ٻاجھ ڪري ۽ جيڪڏھن وڻيس ته اوھان کي عذاب ڪري، ۽ اسان توکي مٿن وڪيل ڪري نه موڪليو آھي.

    17:55 – 55. ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي، ۽ بيشڪ ھڪڙن نبين کي ٻـين کان وڌيڪ ڪيوسون ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون.

    17:56 – 56. (اي پيغمبر) چؤ ته الله کانسواءِ ٻـين جن کي (الله جھڙو) ڀائيندا آھيو تن کي سڏيو پوءِ (اھي) اوھان کان نڪي ڪنھن اھنج لاھڻ جو ۽ نڪي ڦيرائڻ جو اختيار رکندا آھن.

    17:57 – 57. ھي (ڪافر خُدا کانسواءِ) جن کي سڏيندا آھن سي پاڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وسيلو ڳوليندا آھن ته انھن مان ڪير ڏاڍو ويجھو آھي؟ ۽ سندس ٻاجھ جي اميد رکندا آھن ۽ سندس عذاب کان ڊڄندا آھن، ڇوته تنھنجي پالڻھار جو عذاب ڊڄڻ جھڙي شيء آھي.

    17:58 – 58. ۽ ڪوبه ڳوٺ نه آھي مگر (جنھن جي رھڻ وارن) کي (سندن بڇڙن ڪرتوتن سبب) قيامت جي ڏينھن کان اڳ اسين ناس ڪرڻ وارا آھيون يا ان کي سخت عذاب ڏيندڙ آھيون، اِھو حُڪم ڪتاب ۾ لکيل آھي.

    17:59 – 59. ۽ اسان کي مُعجزن موڪلڻ کان انھيءَ ڳالھ کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه روڪيو جو اڳين (ماڻھن) انھن کي ڪوڙ ڄاتو ھو، ۽ ثمود (جي قوم) کي ڏاچي مُعجزہ لاءَ ڏني سون ته اُن کي نه مڃيائون، ۽ اسين رڳو ڊيڄارڻ لاءِ مُعجزا موڪليندا آھيون.

    17:60 – 60. ۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جنھن مھل توکي چيوسون ته تنھنجي پالڻھار ماڻھن کي (پنھنجي قدرت سان) لپيٽيو آھي، ۽ اسان جيڪو توکي نظارو ڏيکاريوسون جو لعنت ڪيل وڻ قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آھي سو ماڻھن جي پرک کانسواءِ نه آھي، ۽ اسين جو کين ڊيڄاريندا آھيون سو انھن بابت وڏي شرارت کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه وڌائيندو آھي.

    17:61 – 61. ۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، (ابليس) چيو ته جنھن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيئي تنھن کي ڇو سجدو ڪريان؟

    17:62 – 62. (وري ابليس) چيو ته ڏس ھي شخص جنھن کي تو مون تي شرف ڏنو، جيڪڏھن مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏيندين ته ٿورڙن کان سواءِ سندس (ٻئي) اولاد کي پاڙئون پٽيندس.

    17:63 – 63. (الله) چيو ته وڃ پوءِ منجھانئن جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن اوھان سڀني جي سزا دوزخ آھي (۽ اھا) بلڪل پوري سزا آھي.

    17:64 – 64. ۽ منجھانئن جنھن کي (ڀُلائي) سگھين تنھن کي پنھنجي سڏ سان ڀُلاءِ ۽ پنھنجن پيادن ۽ سوارن سان مٿن چڙھائي ڪر ۽ سندن مال ۽ اولاد ۾ ڀائيواري ڪر ۽ کين انجام ڏي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ کين ڪو دلاسو نه ڏيندو آھي.

    17:65 – 65. بيشڪ منھنجن ٻانھن تي توکي ڪا سگھ نه آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار نگھبان بس آھي.

    17:66 – 66. اوھان جو پالڻھار اھو آھي جيڪو دريائن ۾ ٻيڙيون ھن لاءِ ھلائيندو آھي ته سندس فضل ڳوليو، ڇوته اُھو اوھان تي ٻاجھارو آھي.

    17:67 – 67. ۽ جڏھن اوھان کي درياءَ ۾ ڪا اوکائي پھچندي آھي تڏھن خاص ان (الله) کانسواءِ ٻـين جن کي اوھين سڏيندا آھيو سي وسري ويندا آھن، پوءِ جنھن مھل اوھان کي سُڪي ڏي بچائيندو آھي (تنھن مھل) مُنھن موڙيندا آھيو، ۽ ماڻھو ڏاڍو بي شڪر آھي.

    17:68 – 68. (اوھين) پاڻ کي سڪيءَ ۾ گھائڻ کان يا پاڻ تي (پھڻن جي) آنڌي اچڻ کان بي ڀوا ٿيا آھيو ڇا؟ وري اوھين پاڻ لاءِ ڪو واھرو نه لھندؤ.

    17:69 – 69. يا ٻئي ڀيري ان (درياء) ۾ موٽائڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھيو ڇا؟ پوءِ اوھان تي واءُ جو طوفان موڪلي پوءِ اوھان کي اوھان جي انڪار سببان ٻوڙي وري انھي (ٻوڙڻ جي) ڪري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو پيڇي ڪرڻ وارو نه لھندؤ.

    17:70 – 70. ۽ بيشڪ آدم جي اولاد کي شرف ڏنوسون ۽ کين پَٽن ۽ دريائن ۾ کنيوسون ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏنيسون ۽ جيڪي خلقياسون تن مان گھڻن کان کين زيادہ مانَ وارو ڪيوسون.

    17:71 – 71. ھر ڪنھن ٽوليءَ کي سندن اڳواڻ سان سڏينداسون، پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس ساڄي ھٿ ۾ ڏنو ويندو سي پنھنجو اعمالنامو پڙھندا ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبن.

    17:72 – 72. ۽ جيڪو ھن دنيا ۾ انڌو ٿيو سو آخرت ۾ (به) انڌو (ھوندو) ۽ واٽ کان بِنھ ڀُليل رھندو.

    17:73 – 73. ۽ جيڪي توڏانھن (پنھنجن حُڪمن جو) وحيُ ڪيوسون تنھن کانسواءِ توکي ھن لاءِ دوکي ۾ وجھڻ لڳا ھوا ته تون ان کانسواءِ ٻيو ڪو اسان تي ٺاھ ٺاھين، ۽ انھيءَ مھل توکي دوست بڻائين.

    17:74 – 74. ۽ جيڪڏھن اسين توکي (پنھنجي ڳالھ تي) پختو نه رکون ھا ته ويجھو ھو جو بيشڪ اُنھن ڏانھن ڪي ٿوروئي لڙي پون ھا.

    17:75 – 75. ۽ اتي جو اتي حياتي جو ٻيڻو عذاب ۽ موت جو (به) ٻيڻو عذاب توکي چکايون ھا وري پاڻ لاءِ اسان تي ڪو واھرو نه لھين ھا.

    17:76 – 76. ۽ (اي پيغمبر مڪي جي) زمين ۾ سگھو ئي توکي ھن لاءِ بيقرار ڪندا ته ان مان توکي لڏائين ۽ انھيءَ مھل توکان پوءِ (پاڻ به) ٿورو وقت رھندا.

    17:77 – 77. توکان اڳ جيڪي پنھنجا پيغمبر موڪلياسون تن جو دستور موافق (جو سندن قوم کين لڏايو ته ناس ڪيو وين) ۽ اسان جي دستور کي ڪا ڦيرڦار نه لھندين.

    17:78 – 78. سج لڙئي کان وٺي رات جي اونداھيءَ تائين نماز پڙھ ۽ فجر جو قرآن پرھ، بيشڪ فجر جو قرآن پڙھڻ مھل ملائڪ حاضر ٿين ٿا.

    17:79 – 79. ۽ ڪجھ رات جو (قرآن) سان تھجّد پرھ جو (اھا) تولاءِ زيادہ عبادت آھي، تنھنجو پالڻھار توکي سگھوئي ساراھيل جاءِ ۾ اُٿاريندو.

    17:80 – 80. ۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي (مديني ۾) سچائيءَ سان داخل ڪر ۽ (مڪي مان) مون کي سچائيءَ سان ٻاھر ڪڍ ۽ پاڻ وٽان مون لاءِ ڏاڍي سگھ مدد ڏيندڙ ڪر.

    17:81 – 81. ۽ (اي پيغمبر) چؤ ته سچ آيو ۽ ڪوڙ ڀڳو، بيشڪ ڪوڙ ڀڄندڙ آھي.

    17:82 – 82. ۽ اسين قرآن کي نازل ڪريون ٿا جو اھو سارو مؤمنن لاءِ شفا ۽ ٻاجھ آھي ۽ ظالمن بابت نقصان کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه وڌائيندو آھي.

    17:83 – 83. ۽ جڏھن انسان تي ڪا نعمت نازل ڪندا آھيون (تڏھن) مُنھن موڙيندو آھي ۽ کانئس پاسيرو ٿيندو آھي، ۽ جڏھن کيس مدائي پھچندي آھي ته نا اميد ٿيندو آھي.

    17:84 – 84. (اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو پنھنجي ڊول تي ڪم ڪندو آھي، پوءِ جيڪو ڏاڍيءَ سڌيءَ واٽ تي آھي تنھن کي تنھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندو آھي.

    17:85 – 85. ۽ (اي پيغمبر) توکان رُوح بابت پُڇن ٿا، چؤ ته رُوح منھنجي پالڻھار جي امر مان آھي ۽ اوھان کي ڪي ٿورڙي علم کانسواءِ نه ڏنو ويو آھي.

    17:86 – 86. ۽ جيڪو (قرآن) توڌانھن وحي ڪيوسون سو جيڪڏھن گھرون ته ورائي وٺون ته پوءِ تون پاڻ لاءِ اسان تي ڪو ڀرجھلو نه لھندين.

    17:87 – 87. پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ (ان ورائي وٺڻ کي جھلي رکيو) آھي، ڇوته سندس فضل توتي وڏو آھي.

    17:88 – 88. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ماڻھو ۽ جِنّ ھن قرآن جھڙي (ٻئي ڪنھن ڪتاب) آڻڻ لاءِ گڏ ٿين ته جھڙس ڪڏھن نه آڻي سگھندا جيتوڻيڪ ھڪ ٻئي کي مدد ڏين.

    17:89 – 89. ۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ سڀڪو مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪيو اٿئون، پر گھڻا ماڻھو بي شڪر ٿي انڪار ڪندا آھن.

    17:90 – 90. ۽ چوندا آھن ته اسين توکي (ايستائين) ھرگز نه مڃينداسون جيستائين زمين ۽ اسان لاءِ ڪو چشمو وھائين.

    17:91 – 91. يا کجين ۽ ڊاکن مان تولاءِ باغ ٿئي پوءِ سندس وچ ۾ تون وھندڙ واھيون وھائين.

    17:92 – 92. يا جھڙي طرح تو ڀانيو تھڙي طرح اسان تي آسمان ٽُڪر ٽُڪر ڪيرائين يا تون الله ۽ ملائڪن کي سامھون آڻين.

    17:93 – 93. يا توکي ڪو سونون گھر ھُجي يا آسمان تي چڙھين، ۽ تنھنجي چڙھڻ کي (ايستائين) ڪڏھن نه مڃينداسون جيستائين اسان تي (اھڙو لکيل) ڪتاب لاھين جنھن کي پڙھون، چؤ ته منھنجو پالڻھار پاڪ آھي آءٌ رڳو پيغام پھچائڻ وارو ماڻھو آھيان.

    17:94 – 94. ۽ جڏھن ماڻھن وٽ ھدايت آئي (تڏھن) کين ايمان آڻڻ کان ھن ڏاران ڪنھن نه جھليو آھي جو چوندا آھن ته الله پيغمبرن کي ڇو ماڻھو ڪري موڪليو.

    17:95 – 95. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن ملائڪ (اوھان جان) زمين ۾ ٽڪندڙ ٿي گھمن ڦرن ھا ته اسين مٿن ضرور آسمان مان ملائڪ پيغمبر ڪري موڪليون ھا.

    17:96 – 96. (اي پيغمبر) چ‍ؤ ته الله اوھان ۽ اسان جي وچ ۾ شاھد بس آھي، بيشڪ اھو پنھنجي ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.

    17:97 – 97. ۽ جنھن کي الله ھدايت ڪئي سو ھدايت وارو آھي، ۽ جيڪي گمراھ ٿيا تن لاءِ تون الله کانسواءِ ڪوئي دوست نه لھندين، ۽ کين قيامت جي ڏينھن سندن مُنھن ڀر انڌا ۽ گنگا ۽ ٻوڙا ڪري گڏ ڪنداسون، سندن جاءِ دوزخ آھي، جنھن مھل ڍرو ٿيندو تنھن مھل انھن لاءِ دوزخ کي وڌيڪ تپائينداسون.

    17:98 – 98. اھا سندن سزا ھن سببان آھي جو اسانجي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ چيائون ته جڏھن اسين ھڏا ۽ چُورو ٿينداسون (تڏھن) وري نئين سر پيدا ٿي اٿاريا وينداسون ڇا؟

    17:99 – 99. نه ڏسندا آھن ڇا ته جنھن الله آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو سندن اھڙي بڻائڻ تي وس وارو آھي ۽ انھن لاءِ اھا مُدّت مقرر ڪيائين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، پوءِ ظالم انڪار کانسواءِ ڪي قبول نه ڪندا آھن.

    17:100 – 100. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين منھنجي پالڻھار جي خزانن جا مالڪ ھجو ھا ته انھيءَ مھل (سڀ) خرچ ٿي وڃڻ جي ڀَو کان اوھين ضرور بند رکو ھا، ۽ ماڻھو پڪو پيچ آھي.

    17:101 – 101. ۽ بيشڪ مُوسىؑ کي نَوَ پڌريون نشانيون ڏنيوسون پوءِ بني اسرائيلن کان پُڇ ته جڏھن (اھو) وٽن آيو تڏھن کيس فرعون چيو ته اي مُوسىؑ بيشڪ آءٌ توکي يقيناً جادو ٿيل ڀائيندو آھيان.

    17:102 – 102. (مُوسىؑ) چيو ته بيشڪ تو ڄاتو آھي ته اھي (نشانيون) آسمانن ۽ زمين جي پالڻھار کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) نه نازل ڪيون آھن (اوھان جي) سمجھائڻ لاءِ (ته ڏسي مون مڃيو)، ۽ اي فرعون آءٌ توکي (انھن جي انڪار سببان) ھلاڪ ٿيل ڀائيندو آھيان.

    17:103 – 103. پوءِ فرعون ملڪ مان سندن لوڌڻ جو ارادو ڪيو پوءِ فرعون ۽ سندس ساري سنگت کي ٻوڙيوسون.

    17:104 – 104. ۽ کانئس پوءِ بني اسرائيلن کي چيوسون ته مُلڪ ۾ ٽڪو پوءِ جڏھن آخرت جو وعدو آيو (تڏھن) اوھان کي لپيٽي وٺنداسون.

    17:105 – 105. ۽ ان (قرآن) کي اسان سچ سان نازل ڪيو آھي ۽ اھو سچ سان نازل ٿيو آھي، ۽ توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ کانسواءِ نه موڪليوسون.

    17:106 – 106. ۽ ان قرآن کي جُدا جُدا (سُورتون ۽ آيتون) ھن لاءِ ڪيوسون ته اھو ماڻھن کي آھسته آھسته پڙھي ٻڌائين ۽ ان کي آھسته آھسته ڪري لاٿوسون.

    17:107 – 107. (اي پيغمبر) چؤ ته اوھين ان قرآن کي مڃو توڙي نه مڃو، بيشڪ جن کي ھن کان اڳ علم ڏنو ويو آھي تن وٽ جڏھن (قرآن) پڙھبو آھي (تڏھن) سجدو ڪندڙ ٿي کاڏين ڀر ڪِرندا آھن.

    17:108 – 108. ۽ چوندا آھن ته اسان جو پالڻھار پاڪ آھي بيشڪ اسان جي پالڻھار جو انجام ضرور (پورو) ٿيڻو آھي.

    17:109 – 109. ۽ روئيندا کاڏين ڀر ڪِرندا آھن ۽ (قرآن) منجھن عاجزي وڌائيندو آھي.

    17:110 – 110. (اي پيغمبر) چؤ ته (الله کي) الله (جي نالي سان) سڏيو يا رحمان (جي نالي سان) سڏيو، جنھن نالي سان (اوھين) سڏيو انھي جا (سڀ) نالا چڱا آھن، ۽ پنھنجي نماز ۾ نڪي تمام ڏاڍيان پڙھ ۽ نڪي تمام ھوريان پڙھ ان جي وچ واري واٽ اختيار ڪر.

    17:111 – 111. ۽ چؤ ته سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن (پاڻ لاءِ) ڪو اولاد نه ورتو آھي ۽ نڪي سندس مُلڪ ۾ ڪو ڀائيوار آھي ۽ نڪي ڪنھن ھيڻائي سببان ان جو ڪو مددگار آھي ۽ ھن جي گھڻي قدر وڏائي بيان ڪر.

    ——————————————————————————–
    سورة 18- الکهف

    18:1 – 1. سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) تي ڪتاب لاٿو ۽ ان ۾ ڪو ڏِنگ نه رکيائين.

    18:2 – 2. ھن لاءِ سڌو ڪيائين ته الله وٽان سخت مُصيبت کان ڪافرن کي ڊيڄاري ۽ اُنھن مؤمنن کي خوشخبري ڏي جيڪي چڱا ڪم ڪندا آھن ته اُنھن لاءِ چڱو اجر آھي.

    18:3 – 3. منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

    18:4 – 4. ۽ انھن کي ڊيڄاري جيڪي چون ٿا ته الله (پاڻ لاءِ) پُٽ ورتو آھي.

    18:5 – 5. جنھن جو نڪي کين ۽ نڪي سندن پيءُ ڏاڏن کي ڪو علم آھي، وڏي (گناھ جي) ڳالھ آھي جا سندن واتان نڪري ٿي، اھي ڪوڙ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه چوندا آھن.

    18:6 – 6. جيڪڏھن اھي ھن ڳالھ کي نه مڃن ته متان تون ارمان کان سندن پويان پاڻ کي ھلاڪ ڪرين.

    18:7 – 7. جيڪي زمين تي آھي سو اسان ان جي سينگار لاءِ ھن ڪري ڪيو ته سندن آزمائش وٺون ته انھن مان عملن ۾ ڏاڍو چڱو ڪير آھي.

    18:8 – 8. ۽ ان زمين تي جيڪا (ساول) آھي سا اسين چٽي پٽي ڪرڻ وارا آھيون.

    18:9 – 9. پر ڀانيو اٿيئي ته غار ۽ رقيم وارا اسان جي نشانين مان عجيب آھن.

    18:10 – 10. جڏھن غار ۾ ڪيترن جوانن جاءِ ورتي تڏھن چيائون ته اي اسان جا پالڻھار پاڻ وٽان اسان تي ٻاجھ عطا ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ چڱائي ڪر.

    18:11 – 11. پوءِ ڪيترائي ورهيه کين غار ۾ ڪَنن ڀر سمھاريوسون.

    18:12 – 12. وري کين ھن لاءِ اٿاريوسون ته ڏيکاريون ته جا مدت رھيا سا ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي کي ياد آھي.

    18:13 – 13. اسين توکي سندن سچي خبر بيان ڪريون ٿا، بيشڪ اھي ڪيترا جوان ھوا جو پنھنجي پالڻھار کي مڃيو ھوائون ۽ کين وڌيڪ ھدايت ڪئي ھئي سون.

    18:14 – 14. ۽ سندن دلين تي (سچائي) ٻڌي سون جڏھن اٿيا تڏھن چيائون ته اسان جو پالڻھار آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي معبُود ڪري نه سڏينداسون (جي سڏيوسون ته) ضرور بيشڪ اُنھي مھل بيھودي ڳالھ چئي سون.

    18:15 – 15. اسان جي ھن قوم الله کانسواءِ ٻيا معبود ورتا آھن، مٿن ڇونه ڪو پڌرو دليل آڻيندا آھن؟ پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙ ٺاھي ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟

    18:16 – 16. ۽ جڏھن انھن (مشرڪن) کان ۽ (اھي) الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن تن کان پاسي ٿيو تڏھن غار ڏانھن پناہ وٺو ته اوھان جو پالڻھار اوھان لاءِ ٻاجھ پکيڙيندو ۽ اوھان جي ڪم ۾ اوھان لاءِ سولائي موجود ڪندو.

    18:17 – 17. ۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن سج اڀري (تڏھن) ڏسندين ته (اُس) سندن غار کان سڄي پاسي لڙندي آھي ۽ جڏھن لھي تڏھن سندن کٻي پاسي مڙندي آھي ۽ اُھي ان (غار جي) ويڪرائي ۾ آھن، اِھا الله جي نشانين مان آھي، جنھن کي الله ھدايت ڪري سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي ڀُلائي ان لاءِ ڪوبه دوست واٽ ڏيکارندڙ نه لھندين.

    18:18 – 18. ۽ تون کين جاڳندڙ ڀائيندين پر اُھي (ننڊ ۾) سمھيل آھن، ۽ کين سڄي پاسي تي ۽ کٻي پاسي تي اٿلائيندا آھيون، ۽ سندن ڪتو چائٺ تي اڳيون ٽنگون ڊگھيريو پيو آھي، جيڪڏھن مٿن بيھي ڏسين ته کانئن ڀڄندڙ ٿي منھن ڦيرين ۽ کانئن دھشت کان ڀرجي وڃين.

    18:19 – 19. ۽ اھڙي طرح کين ھن لاءِ کڙو ڪيوسون ته پاڻ ۾ پڇن، منجھانئن چوندڙ چيو ته (اوھين ھتي) ڪيترو ٽڪيؤ، چيائون ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن کان گھٽ رھياسون، (ڪن) چيو ته جيڪي اوھين رھيا آھيو سو اوھان جو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ مان پاڻ مان ھڪ کي ھِن پنھنجي رپئي سان شھر ڏانھن موڪليو پوءِ ڀلي ڏسي ته اُن (ڳوٺ) جو ڪھڙو طعام سٺو آھي پوءِ ان مان ڪجھ تعام اوھان وٽ آڻي ۽ جڳائي ته نرمي ڪري ۽ اوھان جو حال ڪنھن ھڪڙي کي نه ڄاڻائي.

    18:20 – 20. ڇوته جيڪڏھن اھي اوھان تي غالب ٿيندا ته اوھان کي سنگسار ڪندا يا پنھنجي مذھب ۾ اوھان کي موٽائيندا ۽ اُن مھل اوھين ھرگز نه ڇٽندؤ.

    18:21 – 21. ۽ اھڙي طرح (تڏھن) ماڻھن کي ھن لاءِ مٿن خبردار ڪيوسون ته ڄاڻن ته الله جو انجام سچو آھي ۽ بيشڪ قيامت (ٿيڻي) آھي ان ۾ ڪو شڪ نه آھي، تڏھن انھن جي ڳالھ بابت پاڻ ۾ جھڳڙو ڪرڻ لڳا پوءِ چيائون ته انھن جي (غار) تي ڪا اڏاوت اڏيو، سندن پالڻھار کين ڄاڻندڙ آھي، جيڪي پنھنجي ڳالھ ۾ غالب ٿيا تن چيو ته انھن (جي غار) تي مسجد ضرور بڻائينداسون.

    18:22 – 22. (ڪي) چوندا ته (اُھي) ٽي آھن چوٿون سندن ڪتو آھي، ۽ (ڪي) چوندا ته پنج آھن ڇھون سندن ڪتو آھي ڳُجھ بابت اٽڪل ھڻندا آھن، ۽ چوندا آھن ته ست آھن اٺون سندن ڪتو آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته سندن ڳاڻيٽو منھنجو پالڻھار وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي انھن کي رڳو ڪي ٿورا ڄاڻندا آھن، پوءِ انھن بابت سرسري جھڳڙي ڪرڻ کانسواءِ جھڳڙو نه ڪر، ۽ نڪي انھن بابت ڪافرن مان ڪنھن ھڪ کان پڇا ڪر.

    18:23 – 23. ۽ ڪنھن ڪم لاءِ انشاءالله کانسواءِ نه چؤ ته آءٌ ھي سڀاڻي ڪندس.

    18:24 – 24. ۽ جڏھن پنھنجي پالڻھار کي وسارين (تڏھن تون اُن کي) ياد ڪر ۽ چؤ ته سگھوئي منھنجو پالڻھار ھن کان به ڏاڍي ويجھي سڌي ھدايت ڪندو.

    18:25 – 25. ۽ اُھي پنھنجي غار ۾ ٽن سون ورھن کان وڌيڪ نَو ورھ رھيا.

    18:26 – 26. (جيڪڏھن اُھي نه مڃين ته) چئو ته جيڪي رھيا سو الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اُن کي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ (معلوم) آھي، ڪھڙو عجيب ڏسندڙ ۽ ڪھڙو عجيب ٻڌندڙ آھي، اُن کانسواءِ ڪو انھن جو مددگار نه آھي، ۽ پنھنجي حُڪم ۾ ڪنھن ھڪ کي ڀائيوار نه ڪندو آھي.

    18:27 – 27. ۽ تنھنجي پالڻھار جي ڪتاب مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ، سندس حُڪم کي ڪا ڦير ڦار نه آھي، ۽ اُن کانسواءِ تون ڪا واھ نه لھندين.

    18:28 – 28. ۽ پاڻ کي انھن سان صبر ۾ رک جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪندا آھن (۽) سندس رضا مندي گھرندا آھن ۽ (گھرجي ته) تنھنجون اکيون دُنيا جي حياتيءَ جي سينگار جو ارادو رکي انھن (ياد ڪندڙن) کان (ٻئي پاسي) نه واجھائين، ۽ انھيءَ جي فرمانبرداري نه ڪر جنھن جي دل اسان پنھنجي ياد ڪرڻ کان غافل ڪئي ۽ پنھنجي خواھش جي پٺيان لڳو ۽ سندس ڪم حد کان وڌيل آھي.

    18:29 – 29. ۽ چؤ ته (اھو سخن) اوھان جي پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، پوءِ جنھن کي وڻي سو ايمان آڻي ۽ جنھن کي وڻي سو نه مڃي، اسان ظالمن لاءِ باھ تيار ڪئي آھي (۽) اُن جا پردا اُنھن کي ويڙھيندا، ۽ جيڪڏھن فرياد ڪندا ته انھن جي فرياد اھڙي پاڻيءَ سان ورائي ويندي جو پگھاريل ٽامي وانگر ھوندو سندن منھن کي ڀڃندو، اُھو بڇڙو پيڻ آھي، ۽ بڇڙو آرام جو ھنڌ آھي.

    18:30 – 30. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ته جنھن چڱو ڪم ڪيو آھي تنھن جو اجر اسين نه وڃائينداسون.

    18:31 – 31. اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ھميشگيءَ جا بھشت (ھوندا) جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سونن ڪنگڻن جا زيور انھن کي پارايا ويندا ۽ سَنھي ۽ ٿُلھي پٽ جي سائي پوشاڪ ڍڪيندا (۽) اتي تختن تي تڪيو لائي وھندا، اِھو بدلو چڱو آھي، ۽ آرام جي جاءِ به چڱي آھي.

    18:32 – 32. ۽ (اي پيغمبر) کين ٻن مڙسن جو قصو بيان ڪر ۽ انھن مان ھڪڙي لاءِ ڊاکن جا ٻه باغ پيدا ڪيا ھئاسون ۽ انھن جي چوڌاري کجيون پيدا ڪيو ھيوسون ۽ انھن جي وچ ۾ پوک پيدا ڪئي ھئي سون.

    18:33 – 33. ٻنھين باغن پنھنجا ميوا پچايا ۽ منجھانئن ڪجھ گھٽ نه ڪيائون ۽ انھن جي وچ ۾ واھيون وھايون سون.

    18:34 – 34. ۽ ان کي (گھڻو) ڦر مليو، پوءِ پنھنجي سنگتيءَ سان ڳالھائيندي ان کي چيائين ته آءٌ توکان مال ۾ وڌيڪ آھيان ۽ ماڻھن جي ڪري (به) وڌيڪ عِزّت وارو آھيان.

    18:35 – 35. ۽ پنھنجي باغ ۾ گھڙيو ۽ ھو پاڻ لاءِ ظالم ھو، چيائين ته مون کي ھن (باغ) جي ناس ٿيڻ جو ڪڏھن به گمان نه آھي.

    18:36 – 36. ۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي ڪو گمان آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي پالھڻار ڏانھن موٽيس (ته) ھن کان (به) ڀلي جاءِ لھندس.

    18:37 – 37. سندس سنگتي ساڻس گفتگو ڪندي کيس چيو ته جنھن توکي مٽيءَ مان بڻايو وري نطفي سان وري سنئين لڱين مڙس ڪيائين تنھن جو تو ڇو انڪار ڪيو؟

    18:38 – 38. (آءٌ ھي ويساھ رکندو آھيان ته) منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ آءٌ پنھنجي پالڻھار سان ڪوبه شريڪ نه ڪندس.

    18:39 – 39. ۽ جڏھن تون پنھنجي باغ ۾ گھڙين تڏھن ڇونه چيئي ته جيڪي الله گھريو (سو ٿيڻو آھي) جو الله (جي مدد) کانسواءِ ڪا سگھ نه آھي، جيڪڏھن تون پاڻ کان مون کي مال ۽ اولاد ۾ گھٽ ڏسين ٿو.

    18:40 – 40. ته اُميد آھي جو منھنجو پالڻھار تنھنجي باغ کان چڱو مونکي ڏيندو ۽ اُن (تنھنجي باغ) تي آسمان کان ڪا آفت موڪلي پوءِ ڦري چِٽي پَٽي ٿي پَوي.

    18:41 – 41. يا سندس پاڻي سُڪي وڃي پوءِ ان کي ڪڏھن لھي نه سگھين.

    18:42 – 42. ۽ سندس ڦر کي ڇٽ ڪيو ويو پوءِ اُن (جي بڻائڻ) ۾ جيڪي خرچيو ھوائين تنھن تي پنھنجا ھٿ مَليندو رھيو ۽ اُھو (باغ) پنھنجين (بڻايلن) ڇتين سميت ڪريل ھو ۽ چيائين ٿي ته افسوس آھي پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن کي شريڪ مُقرر نه ڪريان ھا (ته چڱو ھو).

    18:43 – 43. ۽ نڪي ان لاءِ ڪا ٽولي ھئي جو الله کانسواءِ کيس مدد ڏئي ۽ نڪي (پاڻ) بدلو وٺڻ وارو ھو.

    18:44 – 44. ھن ھنڌ الله جي سچي بادشاھي آھي، اُھو ثواب (ڏيڻ) ۾ ڀلو ۽ بدلي ڏيڻ ۾ (به) ڀلو آھي.

    18:45 – 45. ۽ (اي پيغمبر) انھن کي دُنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر جا انھي پاڻيءَ وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ اُن سان زمين جا اوڀڙ گھاٽا ڄميا پوءِ ڦري ڀُريل ڪک ٿيا اُنھن کي وائن اُڏايو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.

    18:46 – 46. مال ۽ اولاد دنيا جي حياتيءَ جو سينگار آھي، ۽ سدائين رھندڙ چڱايون تنھنجي پالڻھار وٽ ثواب ڪري ڀليون ۽ اُميد ڪري چڱيون آھن.

    18:47 – 47. ۽ (ياد ڪر) جنھن ڏينھن جبلن کي ھلائينداسون ۽ زمين کي صفا پٽي ڏسندين ۽ ماڻھن کي گڏ ڪنداسون پوءِ منجھانئن ڪنھن ھڪ کي نه ڇڏينداسون.

    18:48 – 48. ۽ (اُھي) تنھنجي پالڻھار وٽ صفون ڪري پيش ڪيا ويندا (چونداسون ته) جھڙي طرح اوھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيوھوسون (تھڙي طرح) اسان وٽ آيا آھيو، بلڪ ڀائيندا ھيؤ ته اوھان جي لاءِ انجام جو ھنڌ نه ڪنداسون.

    18:49 – 49. ۽ اعمالنامون رکيو ويندو پوءِ جيڪي منجھس ھوندو تنھن کان ڏوھارين کي ڊڄندڙ ڏسندين ۽ چوندا ته اسان لاءِ ارمان آھي ھن اعمالنامي جو ڇا حال آھي جو نڪي ننڍي (گناھ) ۽ نڪي وڏي کي ڳاڻيٽي کانسواءِ ڇڏيو اٿس، ۽ جيڪي ڪيائون سو حاضر لھندا، ۽ تنھنجو پالڻھار ڪنھن ھڪڙي تي به ظلم نه ڪندو.

    18:50 – 50. ۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو تڏھن ابليس کانسواءِ ٻـين سجدو ڪيو، اھو جِنّن مان ھو پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم جي نافرماني ڪيائين، پوءِ اوھين کيس ۽ سندس اولاد کي مون کانسواءِ ڇو دوست وٺندا آھيو حالانڪ اُھي اوھان جا ويري آھن، (شيطان) ظالمن لاءِ بڇڙو بدلو آھي.

    18:51 – 51. نڪي آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ مھل اُنھن (شيطانن) کي حاضر ڪيو ھوم ۽ نڪي سندن جيئن بڻائڻ مھل به، ۽ نڪي گمراھن کي مددگار وٺندڙ آھيان.

    18:52 – 52. ۽ جنھن ڏينھن الله چوندو ته (اي مشرڪؤ!) اوھين انھن کي سڏيو جن کي منھنجا شريڪ ڄاڻندا ھيؤ ۽ پوءِ انھن کي سڏيندا ۽ اُھي کين ورندي نه ڏيندا ۽ سندن وچ ۾ ھلاڪت جو ھنڌ ڪنداسون.

    18:53 – 53. ۽ ڏوھاري باھ کي ڏسندا پوءِ ڀائيندا ته اُھي اُن ۾ ڪرندا ۽ کانئس موٽڻ جي واھ نه لھندا.

    18:54 – 54. ۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھر طرح جا مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪياسون، ۽ ماڻھو سڀ شيء کان گھڻو جھيڙاڪار آھي.

    18:55 – 55. ۽ ماڻھن وٽ جڏھن ھدايت آئي تڏھن کين ايمان آڻڻ ۽ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرڻ کان ھن ڌاران ڪنھن نه جھليو جو اڳين جي رسم (جھڙي پاڙ پَٽ سزا) وٽن اچي يا وٽن سامھون عذاب پُھچي.

    18:56 – 56. ۽ پيغمبرن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا، ۽ ڪافر ڪوڙو جھڳڙو ھن لاءِ ڪندا آھن ته ان سان سچ کي ٿيڙين ۽ منھنجين نشانين کي ۽ جنھن سان ڊيڄاريا ويا تنھنکي ٺـٺولي ڪري ورتائون.

    18:57 – 57. ۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي نشانين سان نصيحت ڏني وڃي ته اُن کان مُنھن موڙي ۽ جيڪي سندس ھٿن اڳي ڪري موڪليو سو وساري؟ اسان ان جي سمجھڻ کان سندين دلين تي پردا ڪيا ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي (وڌي سون) ۽ جيڪڏھن تون کين ھدايت ڏانھن سڏين ته اُن وقت سِڌو رستو ڪڏھن به نه لھندا.

    18:58 – 58. ۽ تنھنجو پالڻھار بخشڻھار ٻاجھارو آھي، جيڪڏھن کين سندن ڪيتي سببان پڪڙي ھا ته انھن لاءِ عذاب تڪڙو موڪلي ھا، (نه!) بلڪ انھن لاءِ انجام ٿيل آھي جو اُن کانسواءِ ڪا واھ نه لھندا.

    18:59 – 59. ۽ اھي ڳوٺ آھن جو انھن کي (تڏھن) ناس ڪيوسون جڏھن ظلم ڪيائون ۽ انھن جي ناس ڪرڻ لاءِ (ھڪ) انجام مقرر ڪيوسون.

    18:60 – 60. ۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي سنگتيءَ کي چيو ته سدا پيو پنڌ ڪندس جيسين ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ پُھچندس يا ورھن تائين پيو ھلندس.

    18:61 – 61. پوءِ جنھن مھل ٻن دريائن جي گڏ ٿيڻ جي ھنڌ کي پُھتا (تنھن مھل) پنھنجي مڇي وساريائون جنھن پنھنجي واٽ درياءَ ۾ سرنگھ جان ورتي.

    18:62 – 62. پوءِ جڏھن اڳي ھليا (تڏھن موسىٰؑ) پنھنجي سنگتيءَ کي چيو ته اسان کي اسان جو منجھند جو طعام ڏي، بيشڪ اسان جي ھن مسافريءَ ۾ اسان کي اوکائي پُھتي آھي.

    18:63 – 63. چيائين ته (نه) ڏٺئي ڇا جڏھن پھڻ وٽ ترسيا ھواسون تڏھن مون (اتي) مڇي وساري، ۽ ان جي يادگيري مون کان شيطان کانسواءِ ٻئي ڪنھن نه وسارائي، ۽ پنھنجي واٽ درياء ۾ عجب طرح ورتائين.

    18:64 – 64. (موسىٰؑ) چيو ته اِھو ھنڌ اُھو آھي جنھن کي اسان ڳوليو ٿي، پوءِ ھو پنھنجي پوئين پيرين ڳوليندا موٽيا.

    18:65 – 65. پوءِ مُنھنجن ٻانھن مان اُھو ٻانھون لڌائون جنھن کي پاڻ وٽا ٻاجھ ڏني ھئي سون ۽ پاڻ وٽان کيس عِلم سيکاريو ھوسون.

    18:66 – 66. موسىٰؑ ان کي چيو ته آءٌ تنھنجي ڪڍ ھلان ھن شرط تي ته توکي جيڪي ھدايت مان سيکاريو ويو اُن مان مون کي به سيکارين.

    18:67 – 67. (خضرؑ) چيو ته تون مون سان ڪڏھن به صبر ڪري نه سگھندين.

    18:68 – 68. ۽ جنھن جي توکي خبر ئي نه آھي تنھن تي تون ڪٿي صبر ڪندين.

    18:69 – 69. (موسىٰؑ) چيو ته جي الله گھريو ته مون کي صبر ڪندڙ لھندين ۽ آءٌ تنھنجي حُڪم جي نافرماني نه ڪندس.

    18:70 – 70. (خضرؑ) چيو ته جيڪڏھن منھنجي سنگت ڪرين ته (ايستائين) مون کان ڪنھن ڳالھ بابت نه پُڇج جيسين (آءٌ) پاڻ توسان ان جو بيان (نه) ڪريان.

    18:71 – 71. پوءِ ٻئي (اُٿي) ھليا، تان جو ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تڏھن (خضرؑ) اُن کي سوراخ ڪيو، (موسىٰؑ) چيو ته تو اُن کي انھيءَ لاءِ سوراخ ڪيو ڇا ته ٻيڙي وارن کي ٻوڙين؟ بيشڪ تو اڍنگو ڪم ڪيو.

    18:72 – 72. (خضرؑ) چيو ته توکي نه چيو ھوم ڇا ته تون مون سان صبر ڪري نه سگھندين.

    18:73 – 73. (موسىٰؑ) چيو ته جيڪي مون وساريو تنھن سببان مون کي نه پڪڙ ۽ منھنجي ڪم ۾ مون تي سختي نه وجھ.

    18:74 – 74. پوءِ ٻئي ھليا، تان جو جڏھن ھڪ ڇوڪر کي مليا تڏھن (خضرؑ) اُن کي ڪُٺو (موسىٰؑ) چيو ته قصاص ڌاران بيگناھ جِيءَ کي ڇو ڪُٺئي؟ بيشڪ تو خراب ڪم ڪيو.