islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. علی ابن الحسین علیهم السلام

    علی ابن الحسین علیهم السلام

    Rate this post

    پهريون حصو: ڇهين معصوم جو نالو علي پاڻ ڪربلا جي شهيد امام حسين عليه السلام جا فرزند ، سيّدالسّاجدين،سجّاد ۽ زين العابدين جي لقب سان معروف آهن امام سجاد عليه السلام جن جي ولادت با سعادت سنه 38 هجريءَ مديني پاڪ ۾ ٿي ڪربلا جي دردناڪ واقعي جا چشم ديد گواه آهن پر واقعي ڪربلا کان ٿوروپهريان مصلحت خدا سان پاڻ سخت مريض ٿي پيا ۽ ان جي باوجود يزيدي لشڪر جو جفائون ڏسي ڪافي مرتبه پنهنجي والد بزرگوار جي خدمت ۾ اچي جنگ جي اجازت ورتي پر امام حسين عليه السلام جن کين اجازت نه ڏني.ڇوته امام جن کي معلوم هيو ته مون کان بعد امامت ۽ ولايت جون ذمينداريون امام سجاد تي اچڻيون آهن ۽ اتان کان ئي امام سجاد عليه السلام لاءِ مشهور ٿي ويو بيمار امام، جڏهن ته تاريخ سان مختصر ئي واسطو رکندڙ هر انسان ڄاڻي ٿو ته امام تمام محدود ڏينهن مريض رهيا آهن واقعي ڪربلا کان پوءِ به امام جن 35 سال امامت ۽ ولايت جون ذمينداريون نڀايون آهن جنهن ۾ خدمت خلق عبادت جو عروج سجدن جو معراج شامل آهي پاڻ 23 يا 24سالن جي عمر ۾ خدا جي حڪم ، رسول الله(ﷺ) جي فرمان، ۽ امام حسين جي وصيت مطابق 10 محرم الحرام سن 61 هجري امامت جي سلسلي جي ڪڙي بڻيا سندن والده محترمه جي لاءِ مختلف روايتون آهن جنهن ۾ بيبي شهربانو جيڪا ايران واسڻ هئي گھڻو مشهور آهي ٻيو نالو به غزاله ڏٺو ويو آهي جنهن جي شهرت غزاله کان وڌيڪ سلامه يا سلافه سان گھڻي هئي جنهن لاءِ ٻه قول آهن هڪ اهو ته ان جو تعلق سنڌ ڌرتيءَ سان هيو ۽ ٻيو قول اهو آهي ته پاڻ سجستان جون هيون. ان کان سواءِ ٻيا به ڪجھ نالا اسلامي منابع ۾ ذڪر ٿيا آهن جن تي تبصري کان سواءِ فقط معلومات جي حد تائين نالا عرض ڪريان ٿو شاه زنان ، شهرناز، جهان بانويه ۽ خوله. ڪربلا جي ظلم ۾ سڀ کان اهم شيءِ اها هئي ته اهو اصل پيغام ۽ مقصد جيڪو امام حسين عليه السلام هر خاص ۽ عام تائين پيو پهچائڻ چاهي ۽ ان ذمينداريءَ کي ڪيڏو نه شجاعت، بهادريءَ ،حوصلي ۽ همت سان نڀايو آ سائڻ زينب ۽ امام سجاد. خدا جي راه ۾ شهيد ٿيندڙن جو رت ته رنگ لائيندو آهي اهو الله جو عهد آهي باقي رهيو شهيدن جو پيغام ته ان کي ڪوفي ۽ شام جي نه رڳو بازار پر يزيد جي دربار ۾ به بيان فرمايو اهو ئي سبب آهي ته ڪي ئي خلافتون دفنائجي ويون ڪي ئي يزيد آيا، ويا ،ظلم ۽ ستم ڪري پنهنجي آخرت کي کپائي جهنم جي آخري درجي جا حقدار بڻيا پر اڄ به ڪربلا زنده آهي ۽ سج ، چنڊ ۽ زمين سان گڏ زنده رهندي اڄ به ڪربلا جو پيغام زنده آهي ۽ اسلام سان گڏ زنده رهندو ڪي حجاج آيا ڪيترن ئي غدارن ڪوڙيون جنّتون وڪتيون ظلم ڪيا پر ڪربلا ڪربلا ئي رهي آهي ۽ رهندي ڇو ته جي شهيد ٿيڻ وارو حسين ته ان جي پيغام کي پهچائڻ وارو سجاد آهي يزيدي سوچ جو مون وٽ مفهوم اهو ناهي ته يزيد بن معاويي جي سوچ ان سوچ جو پاڙون ڳولهن ته پيرا وڃي قابيل تائين پهچندا اها هڪ انتهائي گھٽيا سوچ هئي ته عزت، شهرت، وڏائي سڀ ڪجھ قدرت ۾ آهي پر حق جي پرستارن خدا جي نيڪ ٻانهن هر دور ۾ ۽ هر دور جي يزيد (چاهي اهو يزيد بن معاويه يا ان کان پوءِ ۽ پهريان وارو ڪو يزيد هجي) جي منهن تي چماٽ هڻي ان شيءِ جو انڪار ڪيو پوءِ چاهي قيمت ڪيتري به ڏيڻي پوي . ان ئي يزيدي سوچ جي حامل يزيدي فوج به اهو ئي سوچيو هيو ته عزت لاءِ قدرت ضروري آهي ۽ ان سوچ سان ئي ڪربلا جي واقعي کان پوءِ ان خوف کان متان شهيدن جي وارثن جي عزّت وڌي انهن جي پنهنجي طرفان مختلف اندازن ۾ جسارتو ڪيون جن مان هڪ هي هئي ته امام کي جيڪو هي ڏينهن مريضيءَ ۾ گذاري رهيو هيو هڪ بي پلاڻ اٺ تي رسن ۾ جڪڙي ويهاريو ۽ دشمن پنهنجي پر ۾ ان امام جي عزّت گھٽائي جڏهن قافلو ڪوفي پهتو امام سجاد ڏٺو ماڻهو پنهنجا گريبان چاڪ ڪري روئي رهيا آهن امام جن بلند آواز افسوس ۽ تعجب واري انداز ۾ فرمايو ڇا هي اسان لاءِ ٿا روئن !؟ ڇا اسان جي عزيزن کي انهن کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪٺو آهي!؟ ابن زياد ملعون جي دربار ۾ به امام جن جي پيشيءَ کان پوءِ ان حڪم ڏنو ته اسيرن کي مسجدِ ڪوفي جي ڀر واري قيد خاني ۾ قيد ڪيو وڃي شهيدن جي مبارڪ سرن کي گَلِن ۽ ڪوچن ۾ ڦيرايو وڃي