islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. پيغمبر اڪرم (ص)جون صفتون قرآن جي نظر ۾

    پيغمبر اڪرم (ص)جون صفتون قرآن جي نظر ۾

    Rate this post

    مولاء ڪائنات امام علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته : قرآن مجيد هڪ اهڙو سمنڊ آهي جنهن جي گھرائيءَ تائين ڪنهن به صورت ۾ پهچڻ ممڪن نه آهي، ڇوجو رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم مجسم قرآن بلڪه ناطق قرآن آهي انهي جي ڪري قرآن صامت وانگر قرآن ناطق جا بيشمار فضائل به ڪجھ ڪتابن، مقالن ۽ هن مختصر تحقيق ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهن. ها پر هي ممڪن آهي ته هڪ ٽوٻي وانگر سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي ڪجھ قيمتي موتين کي حاصل ڪري سگھجي، اهڙي طرح هر مصنف ۽ مولف به رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جي فضائلن جي سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي پنهنجي ظرفيت جي مطابق فضائلن جي ڪجھ انمول حصن ڏانهن اشارو ڪري سگھي ٿو.

    ۽ پنهنجي ان ڪارنامي جي ڪري خداوند عالم جي بارگاه ۾ اجر ۽ ثواب جو مستحق بڻجي سگھي ٿو.

    ان ذات جي مان ڇا تعريف ڪيان جنهن جي تعريف پاڻ خداوند متعال ۽ مولاء ڪائنات ڪئي هجي، جنهن جي پيدائش فارس جي اڀرندڙ شعلن ۽ بعثت فساد جي شعلن کي هميشه هميشه جي لاءِ وسائي ڇڏيوجنهن جي پيدائش انسان جي دل ۽ دماغ کي جنجھوڙي ڇڏيو، جنهن جي پيدائش ايوان ڪسرى ۾ هل چل پيداڪري ڇڏي،۽ ان قصر جي ٺلهن کي ڀڃي ڇڏيو، جنهن جي عظمت جو هي عالم آهي جو ميراج جي رات خدا جو مهمان بڻجي ٿو ۽ تواضع جو هي عالم آهي جو اگر ڪو غلام به توهان جي دعوت ڪري ته وڏي خوشيءَ سان ان جا مهمان بڻجي وڃو ٿا،جنهن جي عظمت ۽ رفعت جو هي عالم آهي جو براق جهڙي سواري هن جي سوار ٿيڻ تي ناز ڪري رهي آهي، انجي انڪساري (ياسادگي)جو هي عالم آهي جو بغير زين جي سواري تي سوار ٿي وڃن ٿا،رسول خداصلى الله عليه و آله وسلمجن جي عظمت جي سلسلي ۾ هي چوڻ ڪافي آهي ته رسول خدا وٽ جبرائيل ع جهڙو معصوم فرشتو الله جا سلام کڻي ايندو هو ۽ انڪساري هي هئي ته گھٽن ۾ ٻارن کي سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪندا هئا ۽ پاڻ ته“جو”جي ماني کائيندا هئا پر فقيرن ۽ مسڪينن ۾ جواهرات صدقو ڪري ڇڏيندا هئا. سچ ته هي آهي هن ذات جي انڪساري ۾ ئي عظمت جو اهو راز پوشيدا آهي جنهن جي بلندي تائين ڪنهن به فڪر جي پرواز جي پهچ ممڪن نه آهي .

    (1) رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم ماڻهن جي لاءِ نمونه عمل آهن

    “ لَقَدْ كانَ لَكُمْ في رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَة ”

    هن آيت جي ذيل ۾ ڪجھ اهم نڪتن ڏانهن اشارو ڪجي ٿو.

    1_ آيت جي ابتداء “ لقد” جي لفظ سان ٿي آهي، جهڙوڪ عربي ادب جي اعتبار سان لام تاڪيد جي لاءِ (يقين جي معنى ۾) استعمال ٿيندو آهي ۽ اهڙي طرح “ قد” جڏهن فعل ماضي جي صيغي تي داخل ٿي ته تحقيق (حتمي، يقيني ۽ ضرور با ضرور) جي معنى ڏيندي آهي، ان مان هي نڪتو سمجھ ۾ اچي ٿو ته رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جي اسوة ۽ نمونه عمل هجڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ۽ شبهو نه آهي.

    2_“ کان”جو لفظ جيڪو ثبوت، دوام ۽ هميشگيءَ جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي ان سان هي نڪتو سمجھ ۾ اچي ٿو ته رسول خدا ص جن فقط پنهنجي زندگي واري زماني جي مسلمانن جي لاءِ اسوه ۽ نمونه عمل نه هئا بلڪه هر زماني ۾ اسوه ۽ نمونه عمل آهن.

    3_ علاوه ان جي جو خداوند متعال فرمائي ها ته رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم توهان (مسلمانن) جي لاءِ اسوه ۽ نمونه عمل آهي فرمايو ته : رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم ۾ توهان جي لاءِ اسوه ۽ نمونه عمل آهي ، يعني توهان ڪڏهن به رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جهڙا نه ٿا ٿي سگھو ۽ نه وري ان مقدس ذات جي عظمت کي سمجھي سگھو ٿا ها پر ايترو ضرور ڪري سگھو ٿا ته پنهنجي رفتار، گفتار، افعال ۽ ڪردار ۾ رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم کي پنهنجي لاءِ نمونه عمل قرار ڏيو.

    4_ ڇونه هي آيت جنگ احزاب جي آيتن جي درميان ذڪر ٿي هجي پر رسول خدا ص جو اسوه ۽ نمونه عمل هجڻ ڪنهن جنگ سان مخصوص ناهي بلڪه هر زماني ۽ هر وقت جي لاءِ اسوه ۽ نمونه عمل آهي.

    (2) پيغمبر اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جون صفتون ۽ خوبيون

    1_ رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جن جو وجود الله سائين جو احسان آهن.

    “ لَقَدْ مَنَّ اللَّهُ عَلَى الْمُؤْمِنين ”

    2_ رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم عالمين جي لاءِ رحمت آهن.

    “ رَحْمَةً لِلْعالَمين ”

    3_ سڀني انبياء تي شاهد ۽ گواهه آهن.

    “ عَلى هؤُلاءِ شَهيدا ”

    4_ جيڪي صفتون الله سائين سان مختص آهن اُهي صفتون ۽ گڻ پنهنجي پياري رسول جي لاءِ بيان ڪيون آهن.

    “ رَؤُفٌ رَحيم ”

    5_ الله سائين ۽ ان جا فرشته رسول خداصلى الله عليه و آله وسلم تي صلوات پڙهن ٿا “ إِنَّ اللَّهَ وَ مَلائِكَتَهُ يُصَلُّونَ عَلَى النَّبِي ”

    6_ الله سائين فقط ان بنياد تي مڪي جي قسم کئي آهي جو ان ۾ رسول خداصلى الله عليه و آله وسلمرهندا هئا.

    “ لا أُقْسِمُ بِهذَا الْبَلَد وَ أَنْتَ حِلٌّ بِهذَا الْبَلَد ”

    7_ الله سائين سان سڀ کان ويجي ذات رسول خداصلى الله عليه و آله وسلمجي ذات آهي “ ثُمَّ دَنا فَتَدَلَّى ”

    8_ الله سائين قبله کي فقط رسول خداصلى الله عليه و آله وسلمجي خوشي جي لاءِ تبديل ڪيو. “ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبْلَةً تَرْضاها ”

    9_ رسول خداصلى الله عليه و آله وسلمجن الله سائين جي رضايت چاهن ٿا ۽ الله سائين رسول خداصلى الله عليه و آله وسلمجي رضايت چاهي ٿو.

    “ وَ لَسَوْفَ يُعْطيكَ رَبُّكَ فَتَرْضي ”

    10_ اسان تونکي ڪوثر عطا ڪئي.

    “ إِنَّا أَعْطَيْناكَ الْكَوْثَرَ”

    11_ الله سائين رسول خداصلى الله عليه و آله وسلمسان حروف مقطعه ۽ رموز جي ذريعي گفتگو ڪئي.

    “ طہ ، الم وغيره ”

    12_ رسول خداصلى الله عليه و آله وسلمجي اهلبيت ع کان هر قسم جي نجاست ۽ رجس کي پري ڪيو آهي“ِ وَ يُطَهِّرَكُمْ تَطْهيراً ”

    13_ ڪڏهن ڪڏهن هڪ آيت ۾ ڪيترن ئي ڪمالات کي ذڪر ڪيو ويو آهي. جهڙوڪ :

    “ يا أَيُّهَا النَّبِيُّ إِنَّا أَرْسَلْناكَ شاهِداً وَ مُبَشِّراً وَ نَذيراً وَ داعِياً إِلَى اللَّهِ بِإِذْنِهِ وَ سِراجاً مُنيراً ”

    14_ قرآن مجيد ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي رسول خداصلى الله عليه و آله وسلم جو نالو الله سائين جي نالي سان گڏ ذڪر ٿيو آهي جيڪو رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جي بلندي جو واضح ۽ روشن دليل آهي.

    1_ “ وَ لِلَّهِ الْعِزَّةُ وَ لِرَسُولِه ”عزت فقط ۽ فقط الله ۽ ان جي رسول سان جي لاءِ آهي.

    2_ “ أَطيعُوا اللَّهَ وَ أَطيعُوا الرَّسُولَ ”الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪيو.

    3_ “ اسْتَجيبُوا لِلَّهِ وَ لِلرَّسُول ”الله ۽ ان جي رسول جي پيروي ڪيو.

    4_ “ وَ يَنْصُرُونَ اللَّهَ وَ رَسُولَه ”۽ اهي ماڻهون جيڪي الله ۽ ان جي رسول جي مدد ڪندا آهن

    5_ “ وَ مَنْ يَعْصِ اللَّهَ وَ رَسُولَه ” جيڪو به الله ۽ ان جي رسول جي نافرماني ڪري

    6_ “ إِنَّ الَّذينَ يُؤْذُونَ اللَّهَ وَ رَسُولَهُ ” اهي ماڻهون جيڪي الله ۽ ان جي رسول کي اذيت پهچائن ٿا.

    (3) رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم ۽ قرآن مجيد جي وچ ۾ هڪ جھڙائي

    1_ قرآن ڏانهن ڏسڻ عبادت آهي ۽ رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جي طرف نگاهه ڪرڻ عبادت آهي.

    امام سجاد عليه السلام جن فرمائن ٿا:

    “ وَالنَّظَرُ إِلَى الْمُصْحَفِ مِنْ غَيْرِ قِرَاءَةٍ عِبَادَةٌ”

    بغيرقرآن پڙهڻ جي قرآن ڏانهن ڏسڻ به عبادت آهي.

    رسول خداصلى الله عليه و آله وسلمجن فرمايو ته :

    “ النظر الي عبادة ”

    منهن ڏي ڏسڻ عبادت آهي.

    2_ قرآن عالمين جي لاءِ نذير آهي:

    “ للعالمين نذيراً ”

    ۽ رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلمبه عالمين جي لاءِ نذير آهي : ((نذيرا للعالمين)).

    3_ قرآن قيامت جي ڏهاڙي شفيع آهي :

    ((نعم الشفيع القرآن لصاحبہ يوم القيامة ))

    قيامت جي ڏهاڙي قرآن پنهنجي ساٿي لاءِ بهترين شفيع آهي.

    رسول خداصلى الله عليه و آله وسلمبه شفيع آهي :

    ((انا اول الشافع ))

    آءُ پهريون (قيامت جي ڏهاڙي) شفاعت ڪندڙ آهيان.

    4_ قرآن واعظ ۽ نصيحت ڪرڻ وارو آهي

    ((موعظة من ربکم ))

    قرآن الله سائين جي طرفان توهان جي لاءِ واعظ ۽ نصيحت ڪرڻ وارو آهي.

    رسول خدا به واعظ ڪندڙ آهي:

    “ الموعظة الحسنة ”

    5_ قرآن انسانن کي گمراهي کان نجات ڏيندي هدايت ڏانهن وٺي ويندو:

    “ كِتابٌ أَنْزَلْناهُ إِلَيْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُماتِ إِلَى النُّور”

    اسان اهڙي ڪتاب نازل ڪئي آهي جيڪا ماڻهن کي گمراهي کان هدايت جي طرف وٺي وڃڻ واري آهي.

    رسول خدا ص به ماڻهن کي گمراهي کان هدايت جي طرف وٺي وڃڻ وارو آهي

    “ وَ يُزَكِّيهِمْ وَ يُعَلِّمُهُمُ الْكِتابَ وَ الْحِكْمَةَ ”

    اهو (رسول خدا) ماڻهن جي نفسن کي پاڪ ڪرڻ وارو آهي ۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيڻ وارو آهي.

    6_ قرآن جي اتباع جو حڪم:

    “ وَ هذا كِتابٌ أَنْزَلْناهُ مُبارَكٌ فَاتَّبِعُوه ”

    هي اهو مبارڪ ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي بس ان جي پيروي ڪيو.

    رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جي اطاعت جو حڪم:

    “ قُلْ إِنْ كُنْتُمْ تُحِبُّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعُوني يُحْبِبْكُمُ اللَّه ”

    اي منهنجا حبيب تون انهن کي چئي ڏي ته اگر توهان الله سان محبت ڪيو ٿا ته منهنجي پيروي ڪيو،ته پوءِ خدابه توهان سان محبت ڪندو.

    7_ قرآن رحمت وارو ڪتاب آهي :

    “ لِكُلِّ شَيْءٍ وَ هُدىً وَ رَحْمَةً ”

    هيءُ قرآن هر شيءِ جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.

    رسول خدا به عالمين جي لاءِ رحمت آهي :

    “ وَ ما أَرْسَلْناكَ إِلاَّ رَحْمَةً لِلْعالَمين ”

    اسان توکي عالمين جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي.

    8_ قرآن جو نوري هجڻ :

    “ وَ أَنْزَلْنا إِلَيْكُمْ نُوراً مُبيناً ”

    اسان توهان جي لاءِ نور نازل ڪيوآهي.

    رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم به مجسم نور آهي :

    “ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا نُورَ اللَّه ”

    سلام هجي تون تي اي الله جا نور.

    9_ قرآن هڪُ مبارڪ ڪتاب آهي:

    “ كِتابٌ أَنْزَلْناهُ إِلَيْكَ مُبارَك ”

    هي مبارڪ قرآن آهي جنهن کي اسان توهان جي لاءِ نازل ڪيو آهي.

    رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم برڪت جي چاٻي (ڪنجي) آهي

    “ وَ مِفْتَاحِ الْبَرَكَة ”

    10_ قرآن ڪريم برڪت وارو ڪتاب آهي :

    “ إِنَّهُ لَقُرْآنٌ كَريمٌ ”

    بيشڪ هي قرآن ڪريم آهي.

    پر رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم کي

    “ اڪرام”

    چيو ويندو آهي ۽ انهي لقب سان گھڻو ياد ڪيو ويندو آهي.

    11_ قرآن جو عزيز هجڻ :

    “ لَكِتابٌ عَزيزٌ ”

    پر رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم عزت جو سرمايو آهي:

    “ أَعَزَّ بِهِ الذِّلَّة ”

    12_ قرآن سڀني ڪتابن کان افضل ڪتابُ آهي ، رسول خداصلى الله عليه و آله وسلم به سڀني انبياءِ ۽ رسولن کان افضل آهي بلڪه سيد الانبياء ۽ سيد المرسلين آهي.

    13_ قرآن فصاحت ۽ بلاغت ۾ بي مثال آهي رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم به پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت جي اعتبار کان پوري ڪائنات ۾ بي مثل ۽ بي نظير آهي.

    (4) رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم خُلق عظيم جا مالڪ آهن

    “ وَ إِنَّكَ لَعَلى خُلُقٍ عَظيم ”

    هي دنيا جنهن جي ترقيءَ جو هي عالم آهي ته چنڊ تي پهچي پنهنجو جھنڊو هڻي چڪي آهي سمنڊ جي گهرائين تائين پهچي ماڻهن کي اُتان جي مخلوق جو نظارو ڪرائي چڪي آهي اهي رستا جيڪي مهينن ۽ سالن ۾ طي ڪيا ويندا هئا اهي ڪجھ لمحن ۾ طي ٿي وڃن ٿا، جنهن جاءِ تي انسانن جي پهچ ممڪن ناهي اتان جي تصويريون انسان آساني سان ڏسي سگھي ٿو. ايتري ترقي جي باوجود به خداوند متعال ان علم کي قليل ۽ گھٽ ٻڌائي رهيو آهي :

    “ وَ ما أُوتيتُمْ مِنَ الْعِلْمِ إِلاَّ قَليلا ”

    ۽ اهو خدا پنهنجي حبيب جي اخلاق کي عظيم ٻڌائي رهيو آهي.

    آخر اهو ڪهڙو اخلاق آهي جنهن کي ڏسي ڪري خداوند عالم پنهنجي حبيب جي خُلق جي لاءِ “خلق عظيم” جو لقب انتخاب ڪيو آهي.

    ڪجھ نمونه بيان ڪجن ٿا

    1_ پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم ڪنهن به ديني ۽ دنيوي مسئلي ۾ غصو نه ڪندا هئا.

    2_ پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم جو کلڻ مسڪراهٽ هوندو هيو.

    3_ پنهنجي صحابين سان ائين رهندا هئا جو اچڻ وارو شخص سڃاڻي نه سگھندو هيو.

    4_ خوراڪ ۽ لباس غلامن جي خوراڪ ۽ لباس وانگر سادو هوندو هيو.

    5_ ڪنهن به سلام ڪرڻ ۾ رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم تي سبقت (اڳڀرائي) نه ڪئي.

    6_ جڏهن به ڪنهن سواري تي سوار هوندا هئا ته اهو برداش نه ڪندا هئا ته ڪو توهان سان گڏ پيدل هلي اهڙي صورت ۾ پاڻ پيدل هلندا هئا.

    7_ هميشه قبله ڏانهن چهرو ڪري ويهندا هئا.

    8_ سفيد رنگ جو لباس گھڻو پسند ڪندا هئا.

    9_ ڪڏهن به اڪيلو ماني نه کائيندا هئا.

    10_ جڏهن به نماز تهجد جي لاءِ بيدار ٿيندا هئا ته آسمان ڏانهن هٿ بلند ڪري سوره آل عمران جي آخري آيتن جي تلاوت ڪندا هئا.

    11_ پنهنجي ڪنهن صحابي کي ٽي ڏينهن نه ڏسندا هئا ته جلدي ان جي گھر ويندا هئا. ۽ اگر هو مريض هوندو هيو ته ان جي صحت يابي لاءِ دعا گھرندا هئا، ۽اگر ڪو مسافر هوندو هيو ته ان جي سلامتي جي لاءِ دعا گھرندا هئا.

    12_اَنس ابن مالڪ جو بيان آهي ته: مان 9 سال رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جو غلام رهيم، ليڪن پاڻ سڳورن منهنجي ڪنهن به خطا تي مونکي ڪجھ به نه چيو.

    ان کانسواءِ رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جي اخلاق جا هزاري نمونا موجود آهن جنهن جي بيان جي لاءِ هن مختصر تحقيق ۾ گنجايش نه آهي جهڙوڪ : غلامن ۽ ڪنيزن سان سلوڪ، جوانن ۽ ضعيفن سان سلوڪ، مومن ۽ ڪافر سان بهترين طرز عمل ، جنهن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ “خلق عظيم” جي حقيقي تعبير اظهر من الشمس (سج کان به وڌيڪ روشن) آهي.
    منبع:http://www.mwilayat.com