islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. چوٿون سیپارو

    چوٿون سیپارو

    Rate this post

    3:92 – 92. چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نه پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچيو، ۽ جيڪا شيء (الله لڳ خرچيو سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي.

    3:93 – 93. سڀ (ڪنھن قسم جو) طعام بني اسرائيلن لاءِ حلال ھو پر جيڪي يعقوب پاڻ تي حرام ڪيو ھو سو توريت جي لھڻ کان اڳ ھو، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته توريت آڻيو پوءِ اُھو پڙھو.

    3:94 – 94. پوءِ جيڪي ھن کانپوءِ الله تي ڪوڙ ٺاھيندا سي ئي ظالم آھن.

    3:95 – 95. (اي پيغمبر) چؤ ته الله سچ چيو آھي، پوءِ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي تابعداري ڪريو، ۽ (ابراھيم) مشرڪن مان نه ھو.

    3:96 – 96. (عبادت جو) پھريون گھرُ جو ماڻھن لاءِ بڻايو ويو سو اُھو ئي آھي جو مَڪي ۾ برڪت وارو ۽ جڳ لاءِ ھدايت آھي.

    3:97 – 97. جنھن ۾ پڌريون نشانيون آھن (ھڪڙي) مقام ابراھيم آھي (جو اُن ۾ ابراھيم جي پيرن جو نشان آھي)، ۽ جيڪو اُتي داخل ٿيو سو امن وارو آھي، ۽ الله لاءِ خانه ڪعبه جو حج اُنھن ماڻھن تي لازم آھي جنھن کي ڏانھس واٽ وڃڻ جي سگھه آھي، ۽ جنھن انڪار ڪيو (ته الله کي پرواہ نه آھي) ڇو ته الله جھانن کان بي پرواہ آھي.

    3:98 – 98. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇونه ٿا مڃيو؟ ۽ (حقيقت ڪري) جيڪي ڪندا آھيو تنھن تي الله حاضر آھي.

    3:99 – 99. (اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ جيڪو ايمان آڻي تنھن کي الله جي واٽ کان اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھُري ڇو ٿا جھليو؟ ھن ھوندي به جو اوھين ڄاڻندڙ آھيو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.

    3:100 – 100. اي ايمان وارؤ جيڪڏھن ڪتاب وارن مان ڪنھن به ٽوليءَ جي فرمانبرداري ڪندؤ ته اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ اوھان کي ڪافر ڪري ڦيرائيندا.

    3:101 – 101. ۽ (اوھين) ھن ھوندي ڪئن ڪافر ٿا ٿيو؟ جو الله جون آيتون اوھان تي پڙھجن ٿيون ۽ سندس پيغمبر اوھان ۾ آھي، ۽ جيڪو الله (جي دين) کي چنبڙي پٺندو تنھن کي بيشڪ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويندو.

    3:102 – 102. اي مؤمنؤ الله کان (اِئين) ڊڄو جئن کانئس ڊڄڻ جو حق آھي ۽ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نه مرجو.

    3:103 – 103. ۽ الله جي رسيءَ (يعني قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌاروڌار نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس ڇڏايائين، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت لھو.

    3:104 – 104. ۽ اوھان ۾ اھڙي ٽولي ھئڻ گھرجي جي چڱائيءَ ڏانھن سڏين ۽ چڱن ڪمن جو حُڪم ڪن ۽ مَدن ڪمن کان جھلين، ۽ اھي ئي ڇٽل آھن.

    3:105 – 105. ۽ اوھين اُنھن جھڙا نه ٿيو جي فرقو فرقو ٿي ويا ۽ وٽن معجزا آيا اُن کانپوءِ بهتڪرار ڪيائون، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.

    3:106 – 106. اُنھيءَ ڏينھن جو ڪي مُنھن اڇا ٿيندا ۽ ڪي مُنھن ڪارا ٿيندا، پوءِ جن جا مُنھن ڪارا ٿيندا (چيو ويندن ته) اوھين پنھنجي اِيمان (آڻڻ) کانپوءِ ڇو ڪافر ٿيؤ؟ پوءِ اُنھيءَ سببان جو اوھين ڪافر ٿيا ھيؤ عذاب (جو مزو) چکو.

    3:107 – 107. ۽ جن جا منھن اڇا ھوندا سي الله جي رحمت ھيٺ رھندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا ھوندا.

    3:108 – 108. (اي پيغمبر) اِھي الله جون آيتون آھن جي (اسين) توتي سچيءَ طرح پڙھون ٿا، ۽ الله جھانن لاءِ ظُلم ڪرڻ نه گھرندو آھي.

    3:109 – 109. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، ۽ (سڀ) ڪم الله ڏانھن موٽايا ويندا.

    3:110 – 110. اوھين اھڙي ڀَلي اُمت ماڻھن لاءِ پيدا ٿيل آھيو جو چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھيو ۽ مدن ڪمن کان جھليندا آھيو ۽ الله کي مڃيندا آھيو، ۽ جيڪڏھن ڪتاب وارا ايمان آڻين ھا ته ضرور کين ڀَلو ھُجي ھا، منجھانئن ڪي مؤمن آھن ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن.

    3:111 – 111. (اِھي زباني) اِيذاءُ کانسواءِ اوھان کي ڪڏھن ڏکوئي نه سگھندا، ۽ جيڪڏھن اوھان سان وڙھندا ته اوھان کي پُٺي ڏيئي ڀڄندا، وري مدد نه ڏبن.

    3:112 – 112. الله جي ذمي ۽ ماڻھن جي پناھ کانسواءِ جتي لڌا ويندا اُتي مٿن خواري ھنئي ويئي آھي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وري وريا ۽ مٿن محتاجي ھنئي ويئي آھي، اِھا (سزا) ھن سببان آھي جو الله جي آيتن کي نه ٿي مڃيائون ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اِھي (عادتون) اِنھيءَ سبب آھن جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھئا.

    3:113 – 113. اِھي (سڀ) ھڪ جھڙا نه آھن، ڪتاب وارن مان ھڪڙي اھڙي سڌي ٽولي آھي جو الله جون آيتون رات جي وقتن ۾ پڙھندا آھن ۽ اُھي نماز (به) پڙھندا آھن.

    3:114 – 114. الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آھن ۽ مَدن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ چڱاين (يعني دين مڃڻ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن، ۽ اِھي ڀلارن مان آھن.

    3:115 – 115. ۽ جيڪا ڪا به چڱائي ڪندا آھن تنھن جي بي قدري پٽيءَ نه ڪبي، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي.

    3:116 – 116. جن اِنڪار ڪيو تن کان نڪي سندن مال سندن اولاد الله جو ڪُجھ (عذاب) ٽاري سگھندا، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

    3:117 – 117. ھن دنيا جي حياتيءَ ۾ جيڪي (رياءُ لاءِ) خرچيندا آھن تنھن جو مثال اُنھيءَ واءُ جي مثال وانگر آھي جنھن ۾ پارو ھجي جو اُن ٽوليءَ جي پوکه کي پھچي جن پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ اُن (سندن پوکه) کي ناس ڪري، ۽ الله ساڻن ظلم نه ڪيو آھي پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا.

    3:118 – 118. اي اِيمان وارؤ پنھنجن (مسلمانن) کانسواءِ ٻين (قومن) کي ڳجھو دوست ڪري نه مڃيو (جو) اوھان جي خرابي ڪرڻ ۾ ڪا گھٽتائي نه ڪندا آھن، اوھان جي ڏکه کي دوست رکيائون، بيشڪ سندن واتن مان دشمني پڌري ٿي آھي، ۽ جيڪي (ضد) سندن سينن لڪايو آھي سو تمام وڏو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آھن جيڪڏھن سمجھندا آھيو.

    3:119 – 119. اوھين اُھي آھيو جو اُنھن کي دوست رکندا آھيو ۽ اُھي اوھان کي دوست نه رکندا آھن ۽ اوھين الله جي سڄي ڪتاب کي مڃيندا آھيو، ۽ جڏھن اوھان کي مِلن ٿا (تڏھن) چون ٿا ته مڃيوسين، ۽ جڏھن ھيڪلا ٿين ٿا (تڏھن) اوھان تي ڪاوڙ کان آڱرين کي چٻين ٿا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته (اوھين) پنھنجيءَ ڪاوڙ سببان مرو، ڇوته الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندو آھي.

    3:120 – 120. (اي مؤمنؤ) جيڪڏھن اوھان کي ڪا چڱائي پھچندي آھي ته کين ڏکوئيندي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي ڪو ڏکه پھچندو آھي ته اُن سببان سرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگاري ڪريو ته سندن مڪر اوھان کي ڪجھ به نه ڏکوئيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي.

    3:121 – 121. (اي پيغمبر ياد ڪر)جنھن مھل (تون) پنھنجي گھر مان سويرو نڪتين جو مؤمنن کي جنگ لاءِ مورچن تي وھاريئي ٿي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    3:122 – 122. (ياد ڪر) جنھن مھل اوھان مان ٻن ٽولين بي ھمت ٿيڻ جو ارادو ڪيو ۽ الله سندن مددگار ھو، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.

    3:123 – 123. ۽ بيشڪ الله اوھان کي اُنھيءَ حالت ۾ جو اوھين بي زور ھيؤ بدر ۾ سوڀ ڏني، پوءِ الله کان ڊڄو مانَ اوھين شڪر ڪريو.

    3:124 – 124. (اي پيغمبر اُنھيءَ مھل کي ياد ڪر) جنھن مھل تو مؤمنن کي چيو ٿي ته اوھان کي اوھان جي پالڻھار جي ٽن ھزارن ملائڪن (آسمان کان) لاٿلن سان مدد ڪرڻ ڪافي نه آھي ڇا؟

    3:125 – 125. ھائو جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگار بڻجو ۽ ھڪدم اھي (ڪافر) اوھان تي اچي ڪڙڪن ته اوھان جو پاڻھار پنجن ھزارن ملائڪن نشان ڪيلن سان اوھان کي مدد ڏيندو.

    3:126 – 126. ۽ الله اُن (مدد) کي رڳو اوھان جي خوشخبريءَ لاءِ ڪيو آھي ۽ ھن لاءِ ته اوھان جون دليون اُن سان (ڀَلي ته) آرام وٺن، ۽ الله غالب حڪمت واري جي پار کانسواءِ ڪا مدد (ملڻي) نه آھي.

    3:127 – 127. (۽) ھن لاءِ ته ھڪڙو پاسو (يعني ڀاڱو) ڪافرن جو ڇني ڇڏي يا کين ھيڻو ڪري ڇڏي ته بي نصيب ٿي ڦِرن.

    3:128 – 128. (اي پيغمبر) اُن ڪم ۾ تنھنجو ڪو واسطو نه آھي (خداءِ) يا مٿن ٻاجھ سان موٽندو يا کين عذاب ڪندو ڇو ته اُھي ظالم آھن.

    3:129 – 129. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي بخشيندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي عذاب ڪندو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    3:130 – 130. اي ايمان وارؤ (اوھين) وياج ٻيڻو چؤڻو نه کائو، ۽ الله کان ڊڄو مانَ اوھين ڇٽو.

    3:131 – 131. ۽ اُن باھ کان ڊڄو جا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.

    3:132 – 132. ۽ الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.

    3:133 – 133. ۽ (اوھين) پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ اُنھيءَ بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيتري آھي اُنھن پرھيزگارن لاءِ تيار ڪيو ويو.

    3:134 – 134. جيڪي سُک ۽ ڏک ۾ (الله ڪارڻ) خرچيندا آھن ۽ ڪاوڙ کي کائيندڙ ۽ ماڻھن (جي ڏوہ) کان ٽارو ڪندڙ آھن، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.

    3:135 – 135. ۽ اُھي جڏھن ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪندا آھن يا پاڻ تي ظلم ڪندا آھن (تڏھن) الله کي ياد ڪندا آھن ۽ پنھنجن گناھن جي بخشش گھرندا آھن، ۽ الله کانسواءِ ڪير گناہ بخشيندو؟ ۽ جيڪي ڪيائون تنھن تي ڄاڻي ٻجھي ھميشگي نه ڪندا آھن.

    3:136 – 136. اُنھن جو اَجر سندن پالڻھار وٽان بخشش ۽ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ ڪمائيندڙن جو اَجر چَڱو آھي.

    3:137 – 137. بيشڪ اوھان کان اڳ ڪيترا واقعا گذريا آھن پوءِ (اوھين) ملڪ ۾ گھمو ڦرو پوءِ نھاريو ته نه مڃيندڙن جي پڇاڙي ڪئن ھئي.

    3:138 – 138. ھيءُ ماڻھن لاءِ بيان آھي ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت آھي.

    3:139 – 139. ۽ نڪي سُست ٿيو ۽ نڪي غمگين ٿيو ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته (رڳو) اوھين غالب (ٿيڻ وارا) آھيو.

    3:140 – 140. جيڪڏھن اوھان کي (اُحُد ۾) ڪو گھاءُ پھتو آھي ته بيشڪ اُن جھڙو گھاءُ ڪافرن کي (بَدۡر ۾) پُھتو ھو، ۽ ھيءُ اھڙا واقعا آھن جو (اسين) اُنھن ماڻھن جي وچ ۾ ڦيرائيندا آھيون (ته نصيحت وٺن)، ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي نِکيڙي ۽ اوھان مان ڪن کي شھيد ڪري، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.

    3:141 – 141. ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي کرو ڪري ۽ ڪافرن کي ناس ڪري.

    3:142 – 142. اوھان بھشت ۾ گِھڙڻ جو گمان ڪيو آھي ڇا؟ ھن ھوندي جو الله اڃا اوھان مان مجاھدن کي نه نِکيڙيو آھي ۽ نڪي صابرن کي نِکيڙيو آھي.

    3:143 – 143. ۽ بيشڪ اوھين موت کي اُن جي ملڻ کان اڳ گھُرندا ھيؤ، پوءِ بيشڪ ان کي ڏٺوَ ۽ اوھين نھاريندا ھيؤ.

    3:144 – 144. ۽ ﷴ (ﷺ الله جو) پيغمبر آھي، بيشڪ اُن کان اڳ ڪيترا پيغمبر گذري ويا، پوءِ جيڪڏھن (اُھو) مري وڃي يا قتل ٿئي ته (اوھين) پنھنجين کڙين (ڀَر پوءِ) تي ڦرندؤ ڇا؟ ۽ جيڪو پنھنجين کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦرندو سو الله کي ڪجھ نقصان ڪڏھن نه لائيندو، ۽ الله شاڪرن (احسان مڃيندڙن) کي ستت ثواب ڏيندو.

    3:145 – 145. ۽ الله جي ٺھرايل وقت لکيل حُڪم کانسواءِ ڪنھن کي مرڻو نه آھي، ۽ جيڪو دنيا جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ جيڪو آخرت جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ شاڪرن کي (چڱو) ثواب ستت ڏينداسون.

    3:146 – 146. ۽ پيغمبرن مان گھڻا (ڪافرن سان) وڙھيا ساڻن گھڻا خداءِ وارا ھئا، پوءِ جيڪي الله جي واٽ ۾ کين پھتو تنھن سببان نڪي سُست ٿيا ۽ نڪي ھيڻا ٿيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون، ۽ الله صابرن کي دوست رکندو آھي.

    3:147 – 147. ۽ سندن چوڻ (ھن) چوڻ کانسواءِ نه ھو ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي اسان جاگناہ (بخش) ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان جي بيجا ھلت بخش ۽ اسان جا پير ثابت رک ۽ اسان کي ڪافرن جي ٽوليءَ تي فتح ڏي.

    3:148 – 148. پوءِ الله کين دنيا جو ثواب ۽ آخرت جو چڱو ثواب ڏنو، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.

    3:149 – 149. اي اِيمان وارؤ جيڪڏھن اوھين ڪافرن جو چيو مڃيندؤ ته اوھان کي اوھان جي کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦيرائيندا پوءِ اوھين ڦِري ڇيئي وارا ٿيندؤ.

    3:150 – 150. بلڪ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو چڱو مدد ڏيندڙ آھي.

    3:151 – 151. ڪافرن جي دلين ۾ ھن سببان سگھو دھشت وجھنداسون جو الله سان اھڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪيائون جنھن لاءِ الله ڪا سَنَد نه لاٿي آھي، ۽ سندن جاءِ باہ آھي، ۽ (اُھو) ظالمن جو ھنڌ بڇڙو آھي.

    3:152 – 152. ۽ بيشڪ الله اوھان سان پنھنجو وعدو سچو ڪيو آھي جڏھن ته اُنھن (ڪافرن) کي ايستائين سندس حُڪم سان ڪُٺوَ، جيستائين بي ھمت ٿيؤ ۽ ڪم (پوري ڪرڻ) ۾ تڪرار ڪيوَ ۽ جيڪي دوست رکندا ھيؤ سو اوھان کي ڏيکاريائين تنھن کانپوءِ بي فرماني ڪيوَ، اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو دُنيا کي گھرندو آھي ۽ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو آخرت کي گھرندو آھي، وري اوھان کي اُنھن کان ھن لاءِ ڦيرايائين ته اوھان کي پرکي، ۽ بيشڪ اوھان کي معافي ڏنائين، ۽ الله مؤمنن تي فضل ڪرڻ وارو آھي.

    3:153 – 153. جڏھن اوھين پري ٿي ڀَڳؤ ۽ ڪنھن ھڪ تي (ڪنڌ ڦيري) نه ٿي واجھايوَ ۽ پيغمبر اوھان کي اوھان جي پُٺيان سڏيندو رھيو پوءِ (خداءِ) اوھان کي ڏک تي ڏک جو بدلو ڏنو (اِھو) ھن لاءِ ته جيڪي اوھان کان ٿي ويو نڪي تنھن تي ۽ جيڪي اوھان کي پھتو نڪي تنھن تي غمگين ٿيو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.

    3:154 – 154. وري ڏک کانپوءِ اوھان تي آرام (جا) اوجھراڪي (ھئي) لاٿائين جو اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کي ڍڪيندي رھي ۽ ٻي ٽولي ھئي جنھن کي سندن نفسن غمگين ڪيو ھو ناحق جاھليت جو گمان الله تي ڀانيائون ٿي، چيائون ٿي ته اسان لاءِ اِنھيءَ ڪم مان ڇا ڪجھ (ٿيڻو) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته سڀ اختيار الله جو ئي آھي، جيڪي توتي پڌرو نه ڪندا آھن سو پنھنجين دلين ۾ لڪائيندا آھن، چوندا آھن ته جيڪڏھن اسان جي وس ۾ ڪجھ به ڪم ھجي ھا ته اسين ھِتِ نه ڪُسون ھا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين پنھنجن گھرن ۾ ھجو ھا ته جن ڪُسڻ لکيل ھو سي ضرور پنھنجي ڪوس جي جاين ڏانھن نڪرن ھا، ۽ (ھن لاءِ) ته جيڪي اوھان جي سينن ۾ آھي سو الله پرکي ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو کرو ڪري، ۽ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.

    3:155 – 155. اوھان مان جن اُنھيءَ ڏينھن مُنھن موڙيو جو ٻه ٽوليون (ھڪ ٻئي جي) سامھون ٿيون ته اُنھن کي شيطان سندن ڪجھ ڪِئي جي شامت کان سواءِ نه ٿيڙيو، ۽ بيشڪ الله اُنھن کي معافي ڏني، ڇوته الله بخشڻھار بُردبار آھي.

    3:156 – 156. اي ايمان وارؤ اُنھن ڪافرن وانگر نه ٿيو جي پنھنجن ڀائرن لاءِ جڏھن اُھي ملڪ ۾ مسافري ڪن يا لڙائي ڪندڙ ھجن (تڏھن) چون ٿا ته جيڪڏھن اسان وٽ ھجن ھا ته نه مرن ھا ۽ نڪي ڪُسن ھا، ته الله اُھو اَرمان سندن دلين ۾ ڪري، ۽ الله جياريندو ۽ ماريندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

    3:157 – 157. ۽ جيڪڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ ڪُسي پيؤ يا مري پيؤ ته جيڪي گڏ ڪندا آھن تنھن کان الله جي بخشش ۽ ٻاجھ (بلڪل) ڀلي آھي.

    3:158 – 158. ۽ جيڪڏھن (اوھين) مري وڃو يا ڪُسي پئو ته ضرور الله ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.

    3:159 – 159. پوءِ (اي پيغمبر) الله جي ٻاجھ سببان اُنھن لاءِ نرم ٿيو آھين، ۽ جيڪڏھن ڪاوڙيل سخت سخت دل ھجين ھا ته ضرور تنھنجي آسپاس کان ڀڄي اُٿن ھا، پوءِ کين معافي ڏي ۽ اُنھن لاءِ بخشش گھُر ۽ ساڻن ڪم ۾ صلاح ڪر، پوءِ جڏھن تون پڪو اِرادو ڪرين تڏھن الله تي ڀروسو ڪر، ڇوته الله ڀروسي ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي.

    3:160 – 160. جيڪڏھن الله اوھان کي مدد ڏيندو ته اوھان تي ڪو غالب (ٿيڻو) نه آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مدد نه ڏيندو ته اُن کانپوءِ ڪير اوھان کي مدد ڏيندو؟ ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.

    3:161 – 161. ۽ ڪنھين پيغمبر کي (غنيمت جي مال ۾) خيانت ڪرڻ نه جڳائي، ۽ جيڪو خيانت ڪندو سو جيڪا شيء خيانت ڪيائين تنھن سميت قيامت جي ڏينھن ايندو، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو پورو بدلو کيس ڏنو ويندو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.

    3:162 – 162. جيڪو الله جي رضامنديءَ جي پٺيان لڳو سو اُن جھڙو آھي ڇا؟ جيڪو الله جي ڪاوڙ ھيٺ ڦري آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ (اُھو) ورڻ جو ھنڌ بُڇڙو آھي.

    3:163 – 163. اُھي الله وٽ (وڏن) درجن وارا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي.

    3:164 – 164. بيشڪ الله مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آھي جڏھن ته انھن ۾ سندن قوم مان پيغمبر موڪليائين جو کين سندس آيتون پڙھي ٻڌائيندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، بيشڪ ھن کان اڳ پڌريءَ ڀل ۾ (ڀليل) ھؤا.

    3:165 – 165. ۽ جڏھن اوھانکي (جنگ اُحد ۾) ڏک پھتو توڻيڪ (پنھنجن دشمنن کي) اُن جو ٻيڻو (ڏُک بَدۡر ۾) پھچايو ھيو ته به چيوَ ٿي ته ھي (مصيبت) ڪٿان (پھتي) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته اُھا اوھان کي پاڻ وٽان (پھتي) آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھي.

    3:166 – 166. ۽ اُنھيءَ ڏينھن جو ٻه ٽوليون پاڻ ۾ سامھون ٿيون (تنھن ڏينھن) جيڪي اوھانکي پھتو سو الله جي حُڪم سان ھو ۽ ھن لاءِ ته مؤمنن کي نِکيڙي.

    3:167 – 167. ۽ منافقن کي به نِکيڙي، ۽ کين چيو ويو ته اچو الله جي واٽ ۾ وڙھو يا (ڪافرن کي) جواب ڪريو، چيائون ته جيڪڏھن اسان کي ڪنھن جنگ ٿيڻ جي خبر ھجي ھا ته ضرور اوھان سان ھجون ھا، اُھي اُن ڏينھن پاڻ اِيمان کان ڪفر ڏي بلڪل ويجھو ھؤا، پنھنجن واتن سان اُھي (ڳالھيون) چوندا آھن جيڪي سندين دلين ۾ نه آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن سو الله بلڪل ڄاڻندڙ آھي.

    3:168 – 168. (ته) اِھي اُھي آھن جن پنھنجن ڀائرن کي چيو ۽ ويٺا رھيا ته جيڪڏھن (اُھي) اسان جو چيو مڃن ھا ته نه ڪُسن ھا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پاڻ کان موت کي ٽاريو.

    3:169 – 169. ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُٺا ويا تن کي مئل پٽيءَ نه ڀانءِ، بلڪ (اُھي) جيئرا آھن (۽) پنھنجي پالڻھار وٽ روزي ڏنل آھن.

    3:170 – 170. جيڪي الله اُنھن کي پنھنجي فضل سان ڏنو آھي تنھن (حال) سان خوش ٿيندڙ آھن ۽ جيڪي سندن پٺيان آھن تن مان جيڪي ساڻن نه گڏيا آھن اُنھن لاءِ ھن ڪري خوش ٿيندا آھن ته کين ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.

    3:171 – 171. الله جي نعمت ۽ فضل سان خوش ٿيندا آھن ۽ الله مؤمنن جو اجر نه وڃائيندو آھي.

    3:172 – 172. جن پاڻ کي ڦٽ پھچڻ کان پوءِ به الله ۽ رسول جو حُڪم قبول ڪيو، انھن مان جن چڱائي ڪئي ۽ ڊنا تن لاءِ وڏو اجر آھي.

    3:173 – 173. جن کي ماڻھن چيو ته (ڪافرن) ماڻھن اوھان لاءِ لشڪر گڏ ڪيو آھي تنھن ڪري کانئن ڊڄو پوءِ (اُن چوڻ) ھٿون اُنھن جو ايمان وڌايو ۽ چيائون ته اسان کي الله ڪافي آھي ۽ (اُھو) چڱو وڪيل (ڀرجھلو) آھي.

    3:174 – 174. پوءِ (اُھي مسلمان) الله جي نعمت ۽ فضل سان موٽيا کين ڪا سختي نه پھتي ۽ الله جي راضپي پٺيان لڳا، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.

    3:175 – 175. (اُھو اوھان کي جنگ کان جھليندڙ) شيطان کان سواءِ ٻيو نه آھي جو پنھنجن دوستن کي ڊيڄاريندو آھي، جيڪڏھن (اوھين) مؤمن آھيو ته اُنھن (ڪافرن) کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو.

    3:176 – 176. ۽ (اي پيغمبر) جيڪي ڪفر (جي سوڀ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن سي توکي غمگين نه ڪن، ڇو ته اُھي الله کي ڪجھ به نقصان نه لائيندا، الله گھرندو آھي ته اُنھن کي آخرت ۾ ڪجھ بھرو نه ڏي، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.

    3:177 – 177. جن اِيمان جي بدران ڪفر ڳڌو سي الله کي ڪجھ به نقصان نه لائيندا، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عڊاب آھي.

    3:178 – 178. ۽ ڪافر (ھيءُ) نه ڀانئن ته کين اسان جي مُھلت ڏيڻ اُنھن لاءِ ڀلي آھي، اُنھن کي ھن کانسواءِ ڍر نه ڏني سون ته گناھ ۾ وڌن، ۽ انھن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.

    3:179 – 179. (اي منافقؤ) الله کي نه جڳائيندو آھي ته جنھن تي اوھين آھيو تنھن تي مؤمنن کي (به) ڇڏي ڏي تان جو پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري، ۽ الله کي نه جڳائيندو آھي جو اوھان کي ڳُجھ تي واقف ڪري پر الله پنھنجن پيغمبرن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي چونڊيندو آھي، پوءِ الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جيڪڏھن (اوھين) مڃيندؤ ۽ ڊڄندؤ ته اوھان لاءِ وڏو اجر آھي.

    3:180 – 180. ۽ جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي تنھن ۾ جيڪي بخل ڪن سي (اِئين) پٽيءَ نه ڀانئين ته اُھو (بُخل) کين ڪو چڱو آھي، بلڪ اُھو اُنھن لاءِ بڇڙو آھي، جنھن شيء جو بخل ڪيائون سا قيامت جي ڏينھن ڳٽ ڪري وجھبين، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث الله جي آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.

    3:181 – 181. بيشڪ الله اُنھن جو چوڻ ٻڌو جن چيو ته الله سڃو آھي ۽ اَسين شاھوڪار آھيون، جيڪي چيائون سو لکنداسون ۽ اُنھن جو پيغمبرن کي ناحق ڪھڻ به ۽ (آخرت ۾) چونداسون ته ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو.

    3:182 – 182. اھا (سزا) اِنھيءَ سببان آھي جو اوھان جي ھٿن اڳ موڪليو آھي ۽ (ھن سببان) ته الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.

    3:183 – 183. جيڪي چون ٿا ته الله اسان سان انجام ڪيو آھي ته ڪنھن پيغمبر تي ايستائين ايمان نه آڻيون جيستائين (ھو اھڙي) قرباني اسان وٽ (نه) آڻي جو اُن (قربانيءَ) کي باہ کائي، (اي پيغمبر کين) چئو ته بيشڪ مون کان اڳ ڪيترن پيغمبرن مُعجزا ۽ (ٻيو) جيڪي چيوَ سو اوھان وٽ آندو پوءِ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُنھن (پيغمبرن) کي ڇالاءِ ڪٺوَ؟

    3:184 – 184. پوءِ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانيائون ته بيشڪ توکان اڳ ڪيترا پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا ھؤا (جن) ڪيتريون حجتون ۽ ڪيترا صحيفا ۽ نوراني ڪتاب (وٽن) آندا.

    3:185 – 185. سڀڪو جيءُ موت (جو مزو) چکندڙ آھي، ۽ ھن کان سواءِ (ٻيوڪجھ ڪرڻو) نه آھي جو اوھان کي قيامت جي ڏينھن پورو اجر ڏبو، پوءِ جنھن کي باہ کان پري ڪيو ويو ۽ بھشت ۾ گھيڙيو ويو سو بيشڪ مراد کي پھتو، ۽ دنيا جي حياتي ٺڳيءَ جي سامان کانسواءِ نه آھي.

    3:186 – 186. (اوھين) پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جانين ۾ ضرور پرکبو، ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آھي تن کان ۽ مشرڪن کان گھڻيون گاريون ضرور ٻڌندؤ، ۽ جيڪڏھن صبر ڪندؤ ۽ الله کان ڊڄندؤ ته اِھا (عادت) ھمت جي ڪمن مان آھي.

    3:187 – 187. ۽ (ياد ڪر) جڏھن الله ڪتاب وارن کان ھن لاءِ (پڪو) انجام ورتو ته اُن (ڪتاب) کي ماڻھن لاءِ بيان ڪجو ۽ اُن کي نه لڪائجو، پوءِ اُن (انجام) کي پنھنجين پٺين پوئتان اُڇلايائون ۽ اُن جي عيوض ٿورو مُلھ ڳڌائون، پوءِ جيڪي ڳنھندا آھن سو بڇڙو آھي.

    3:188 – 188. (اي پيغمبر تون) اُنھن کي چڱو نه ڀانءِ جيڪي پنھنجي ڪئي تي خوش ٿيندا آھن ۽ جيڪي نه ڪيائون تنھن تي پنھنجي ساراھڻ کي دوست رکندا آھن پوءِ تون اُنھن کي عذاب کان ڇٽل نه ڀانءِ، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    3:189 – 189. ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي.

    3:190 – 190. آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت (۾) ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦير گھير ۾ اُنھن سمجھ وارن لاءِ ضرور نشانيون آھن.

    3:191 – 191. جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندا آھن ۽ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ۾ فڪر ڪندا آھن، (۽ چوندا آھن ته) اي اسانجا پالڻھار ھنن کي بي رٿو نه بڻايو اَٿيئي، توکي پاڪ ڄاڻون ٿا تنھنڪري اسان کي باہ جي عذاب کان بچاءِ.

    3:192 – 192. اي اسانجا پالڻھار جنھن کي تو باہ ۾ گھيڙيو تنھن کي بيشڪ خوار ڪيئي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.

    3:193 – 193. اي اسانجا پالڻھار اسان سڏيندڙ جي سڏ کي ٻڌو جو ايمان ڏانھن سڏيندو آھي ته پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو پوءِ مڃيوسون، اي اسانجا پالڻھار اسان کي اسانجا گناہ بخش ۽ اسان کان اسان جون مدايون ميٽ ۽ اسان کي ڀلارن سان گڏ مار.

    3:194 – 194. اي اسانجا پالڻھار اسان کي پنھنجن پيغمبرن (جي زبان) سان جيڪي انجام ڏنو اٿيئي سو پار ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کي خوار نه ڪج، ڇوته تون وعدي خلافي نه ڪندو آھين.

    3:195 – 195. پوءِ سندن پالڻھار اُنھن جي دعا قبول ڪئي ته آءٌ اوھان مان عمل ڪندڙ مڙس يا زال جو عمل نه وڃائيندس، اوھان مان ڪي ڪن مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني سڀ ھڪ جنس آھيو) پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنھنجن گھرن مان ڪڍيا ويا ۽ مُنھنجي واٽ ۾ ڏکويا ويا ۽ وڙھيا ۽ ڪُٺا ويا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندس ۽ اُنھن کي (بھشت جي اھڙن) باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، (اِھو) بدلو الله وٽان آھي، ۽ الله وٽ چڱو بدلو آھي.

    3:196 – 196. (اي پيغمبر) ملڪن ۾ ڪافرن جي اَچ وڃ توکي نه ٺڳي.

    3:197 – 197. اِھو فائدو ٿورو آھي، وري سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي.

    3:198 – 198. پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن اِھا مھماني الله وٽان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلارن لاءِ چڱو آھي.

    3:199 – 199. ۽ ڪتاب وارن مان ڪي اُھي آھن جيڪي الله کي ۽ جيڪي توڏانھن (قرآن) لاٿو ويو تنھن کي ۽ جيڪي (توريت) اُنھن ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي الله جي عاجزي ڪندڙ ٿي مڃيندا آھن الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نه وڪڻندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ڇوته الله سگھو حساب وٺندڙ آھي.

    3:200 – 200. اي ايمان وارؤ صبر ڪريو ۽ (جھاد لاءِ) بيھڪ وارا ٿيو ۽ مُحڪم رھو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.

    ——————————————————————————–
    سورة 4- النِّسَاء

    4:1 – 1. اي ماڻھؤ اوھين اُنھيءَ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو جنھن اوھان کي ھڪ جِيءَ (آدم) مان پيدا ڪيو ۽ منجھانئس سندس زال پيدا ڪيائين ۽ اُنھن مان گھڻا مڙس ۽ زالون پکيڙيائين، ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن (جي نالي) سان (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کان گھرندا آھيو ۽ مائٽي (ڇنڻ) کان (به ڊڄو)، ڇوته الله اوھان تي نگھبان آھي.

    4:2 – 2. ۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ سٺي شيءِ کي بڇڙيءَ شيءِ سان نه مٽايو، ۽ اُنھن (يتيمن) جو مال پنھنجن مالن سان (گڏي) نه کائو، ڇوته اُھو وڏو ڏوہ آھي.

    4:3 – 3. ۽ جيڪڏھن ڊڄو ته يتيمن ڇوڪرين (جي نڪاح ڪرڻ) ۾ عدل نه ڪندؤ ته (ٻـين) زالن مان جيڪي اوھان کي وڻن سي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرڻيو، پوءِ جيڪڏھن ڊٺو ٿا ته اوھان کان انصاف ٿي نه سگھندو ته ھڪ (پرڻيو) يا اوھان جا ھٿ جنھن جا مالڪ ٿيا (سا ٻانھي رکو) اِھو ھن کي ويجھو آھي ته ڏاڍائي نه ڪريو.

    4:4 – 4. ۽ زالن کي سندن ٺھرايل ڪابين خوشيءَ سان ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي پاڻ خوشيءَ سان اُنھيءَ مان ڪجھ ڇڏين ته اُھا سُھائيندڙ وڻندڙ ڪري کائو.

    4:5 – 5. ۽ بي سمجھن کي پنھنجا اُھي مال نه ڏيو جن کي الله اوھان لاءِ گذران جو سبب بڻايو آھي ۽ منجھانئس کين کارايو ۽ کين پھرايو ۽ کين چڱي ڳالھ چئو.

    4:6 – 6. ۽ ايستائين يتيمن کي پرکو جيستائين پرڻي (جي عمر) کي پھچن، پوءِ جيڪڏھن اُنھن ۾ ڪا سياڻپ لھو ته سندن مال کين ورائي ڏيو، ۽ اُھي (مال) اجايو ۽ (سندن) وڏي ٿيڻ جي ڀؤ کان تڪڙ ڪري نه کائو، ۽ جيڪو (سنڀاليندڙ) آسودو ھجي تنھن کي گھرجي ته پاسي رھي، ۽ جيڪو مسڪين ھجي سو مناسب (خدمت) آھر کائيندو رھي، پوءِ جڏھن سندس مال کين ورائي ڏيو تڏھن مٿن شاھد ڪريو، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي.

    4:7 – 7. جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان مڙسن لاءِ حصّو آھي، ۽ جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان زالن لاءِ (به) حصو آھي اھو ڇڏيل مال ٿورو ھجي يا گھڻو، حصّا (الله جا) مقرر ڪيل آھن.

    4:8 – 8. ۽ جڏھن ورھاڱي مھل مائٽيءَ وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين تڏھن اُن (مال) مان اُنھن ماڻھن کي (ڪجھ) ڏيو ۽ اُنھن کي مٺي ڳالھ چئو.

    4:9 – 9. ۽ اُنھن کي (الله کان) ڊڄڻ گھرجي جيڪي جيڪڏھن پنھنجي پٺيان ھيڻو اولاد ڇڏين ته مٿن ڊڄن (ته ڪھڙو حال ٿيندن)، پوءِ گھرجي ته الله کان ڊڄن ۽ گھرجي ته سڌي ڳالھه چون.

    4:10 – 10. جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍ سان کائيندا آھن سي پنھنجن پيٽن ۾ رڳو باھ کائيندا آھن، ۽ دوزخ ۾ سگھو گھِڙندا.

    4:11 – 11. الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، ته پُٽ لاءِ (حصّو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن ته (مُئَل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻه ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي ته اُن لاءِ اڌ آھي، ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نه ھُجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن ته ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو ( ۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن ته ماڻس لاءِ ڇھون حصّو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيّت (جي ادائيءَ کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيّت ڪيائين يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ (ڪرڻو) آھي، اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ته اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي، (اِھو ورھاڱو) الله جي (پارکان) فرض ڪيل آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    4:12 – 12. ۽ جيڪي (مال) اوھان جي زالن ڇڏيو تنھن جو اَڌ اوھان لاءِ آھي جيڪڏھن انھن کي ڪو وياءُ ڪونه ھجي، پر جيڪڏھن اُنھن کي ڪو وياءُ ھجي ته جيڪي ڇڏيائون تنھن مان چوٿون ڀاڱو وصيت (جي ادائيءَ کانپوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائون يا قرض جي ادائيءَ کان پوءِ اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان جيڪڏھن اوھان کي ڪو وياءُ ڪونھي ته اُنھن (زالن) لاءِ چوٿون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي وياءُ آھي ته جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان وصيت (جي ادائيءَ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪئي اَٿَوَ يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ اُنھن (زالن) لاءِ اٺون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو (مئل) مڙس يا زال ورثو ڇڏي ( ۽ اُھو) ڪلاله ھجي (يعني جنھنکي ماءُ پيءُ ۽ وياءُ نه ھجي) ۽ اُن کي (مائيتو) ھڪ ڀاءُ يا ھڪ ڀيڻ ھجي ته اُنھن منجھان ھر ھڪ لاءِ ڇھون حصو آھي، ۽ جيڪڏھن اِنھن کان وڌيڪ ھجي ته اُھي (سڀ) جا وصيت نقصان واري نه ڪئي ويئي ھجي تنھن يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ ٽھائيءَ ۾ ڀائيوار آھن، اُھو الله جو حُڪم آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.

    4:13 – 13. اِھي الله جون حدون آھن، ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    4:14 – 14. ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان ٻاھر نڪرندو تنھن کي باہ ۾ داخل ڪندو اُن ۾ سدائين رھڻ وارو آھي، ۽ اُن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.

    4:15 – 15. ۽ اُوھان جي زالن مان جيڪي بي حيائيءَ جو ڪم ڪن تن تي پاڻ مان چار (مڙس) شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (شاھد) شاھدي ڏين ته اُنھن کي ايستائين گھرن ۾ جھليو جيستائين کين موت ماري يا الله اُنھن لاءِ ڪا واٽ ڪري.

    4:16 – 16. ۽ اوھان مان جيڪي ٻه (زاني ۽ زانياڻي) زنا ڪن تن کي مار ڏيو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته اُنھن (جي مار ڏيڻ) کان مُڙو، ڇوته الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.

    4:17 – 17. الله کي رڳو اُنھن جي توبه ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناہ ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبه ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    4:18 – 18. ۽ اُنھن جي توبه قبول ٿيڻي نه آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن ( ۽ نه ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي ته ھاڻي آءٌ توبه ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبه قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.

    4:19 – 19. اي ايمان وارؤ! اوھان کي زالن جو (سندن) بي مرضيءَ وارث ٿيڻ روا نه آھي، ۽ نڪي سندن پڌري گناہ ڪرڻ کان سواءِ کين ھن لاءِ جھليو ته جيڪي کين ڏنو ھجيوَ تنھن مان ڪجھ ورائي وٺو، ۽ ساڻن ھلي چلي وانگر گذاريو، پوءِ جيڪڏھن اُھي اوھان کي نه وڻن ته (ڌيرج ڪريو ڇوته) جا شي اوھان کي نه وڻندي ھجي تنھن ۾ ٿيڻي آھي ته الله گھڻي چڱائي ڪري.

    4:20 – 20. ۽ جيڪڏھن (ھڪ) زال جي بجاءِ ٻي زال پرڻڻ جو ارادو ڪريو ۽ اُنھن مان ھڪڙيءَ کي گھڻو مال (ڪابين ۾) ڏنو ھجيوَ ته منجھانئس ڪجھ موٽائي نه وٺو، (اوھين) بھتان ۽ پڌري بدي لائي اُھو (مال) ڇو کسيندا آھيو؟

    4:21 – 21. ۽ بيشڪ اوھان ھڪ ٻئي کان نفعو وٺي چڪؤ ۽ (زالن به) اوھان کان (مھر ڏيڻ جو) پڪو انجام ورتو آھي اِنھيءَ ھوندي به اُھو (مال) ڪھڙي طرح کسيندا آھيو؟

    4:22 – 22. ۽ جيڪي زالون اوھان جي پيئن پرڻيون سي اوھين نه پرڻيو پر جيڪي اڳي گذريو آھي (سو گذريو) ڇوته اُھا بي حيائي ۽ گناہ آھي، ۽ اُھا بُڇڙي واٽ آھي.

    4:23 – 23. (اي مسلمانؤ) اوھان تي اوھان جون مائر ۽ اوھانجون ڌيئر ۽ اوھانجون ڀينر ۽ اوھانجون پڦيون ۽ اوھانجون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اُھي اوھان جون مائر جن اوھان کي ٿڃ پياري ۽ اوھان جون رضائي (ٿڃ گڏ پيتل) ڀينر ۽ اوھان جي زالن جون مائر (يعني سَسون) ۽ اُھي اوھانجون اڳ ڄايون جيڪي اوھانجي ھنجن ۾ پليون ( ۽ ) اوھان جي اُنھن زالن مان ھجن جن کي اوھين ويجھا ويا آھيو پر جيڪڏھن اوھين اُنھن (سندن مائرن) کي ويجھا نه ويا آھيو ته اوھان تي گناہ نه آھي (اِھي سڀ) حرام ڪيون ويون آھن، ۽ اوھان جي اُنھن پُٽن جون زالون جيڪي (پٽ) اوھانجي پٺين مان (پيدا ٿيل) آھن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ پرڻڻ (حرام ڪيو ويو آھي) پر جيڪي اڳ گذريو آھي (سو گذريو) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي