islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 12 سوره یوسف

    12 سوره یوسف

    Rate this post

    (1) الر تِلْكَ آيَاتُ الْكِتَابِ الْمُبِينِ
    1 – 1. الرٰ، ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.

    (2) إِنَّا أَنزَلْنَاهُ قُرْآنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ
    2 – 2. بيشڪ اسان اُن کي قُرآن عربي (ٻوليءَ وارو) ڪري نازل ڪيو ته مانَ اوھين سمجھو.

    (3) نَحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ أَحْسَنَ الْقَصَصِ بِمَا أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ هَـذَا الْقُرْآنَ وَإِن كُنتَ مِن قَبْلِهِ لَمِنَ الْغَافِلِينَ
    3 – 3. (اي پيغمبر) اسين توڏانھن ھن قرآن ۾ پنھنجي وحي موڪلڻ سان ڏاڍو چڱو قصّو توکي پڙھي ٻڌايون ٿا، ۽ تون ھن کان اڳ بيشڪ بي خبرن مان ھئين.

    (4) إِذْ قَالَ يُوسُفُ لِأَبِيهِ يَا أَبتِ إِنِّي رَأَيْتُ أَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَأَيْتُهُمْ لِي سَاجِدِينَ
    4 – 4. (ياد ڪر) جڏھن يوسفؑ پنھنجي پيءُ کي چيو ته اي ابا مون يارھن تارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا انھن کي ڏٺم ته مون کي سجدو ٿا ڪن.

    (5) قَالَ يَا بُنَيَّ لاَ تَقْصُصْ رُؤْيَاكَ عَلَى إِخْوَتِكَ فَيَكِيدُواْ لَكَ كَيْدًا إِنَّ الشَّيْطَانَ لِلإِنسَانِ عَدُوٌّ مُّبِينٌ
    5 – 5. (يعقوبؑ) چيو ته اي منھنجا پٽ پنھنجو خواب پنھنجن ڀائرن وٽ بيان نه ڪج نه ته تولاءِ ڪو ڦند ڦيريندا، بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو ويري آھي.

    (6) وَكَذَلِكَ يَجْتَبِيكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِن تَأْوِيلِ الأَحَادِيثِ وَيُتِمُّ نِعْمَتَهُ عَلَيْكَ وَعَلَى آلِ يَعْقُوبَ كَمَا أَتَمَّهَا عَلَى أَبَوَيْكَ مِن قَبْلُ إِبْرَاهِيمَ وَإِسْحَقَ إِنَّ رَبَّكَ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
    6 – 6. ۽ اھري طرح تنھنجو پالڻھار توکي سڳورو ڪندو ۽ توکي خوابن جو تعبير سيکاريندو ۽ پنھنجي نعمت توتي ۽ يعقوبؑ جي اولاد تي اھڙي طرح پوري ڪندو جھڙي اڳ تنھنجي پيءُ ڏاڏي ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ تي پوري ڪيائين، بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي

    (7) لَّقَدْ كَانَ فِي يُوسُفَ وَإِخْوَتِهِ آيَاتٌ لِّلسَّائِلِينَ
    7 – 7. بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس ڀائرن (جي قصي) ۾ پڇندڙن لاءِ (گھڻيون) نشانيون آھن.

    (8) إِذْ قَالُواْ لَيُوسُفُ وَأَخُوهُ أَحَبُّ إِلَى أَبِينَا مِنَّا وَنَحْنُ عُصْبَةٌ إِنَّ أَبَانَا لَفِي ضَلاَلٍ مُّبِينٍ
    8 – 8. جڏھن (پاڻ ۾) چيائون ته بيشڪ يُوسفؑ ۽ سندس (سڳو) ڀاءُ (بن يامين) اسان جي پيءُ وٽ اسان کان ڏاڍا پيارا آھن جيتوڻيڪ اسين (گھڻا ڄڻا) ڏاڍي ٽولي آھيون، بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري ڀُل ۾ آھي.

    (9) اقْتُلُواْ يُوسُفَ أَوِ اطْرَحُوهُ أَرْضًا يَخْلُ لَكُمْ وَجْهُ أَبِيكُمْ وَتَكُونُواْ مِن بَعْدِهِ قَوْمًا صَالِحِينَ
    9 – 9. (ھاڻي گھرجي ته) يُوسفؑ کي ڪُھو يا کيس ڪنھن ملڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو ته اوھان جي پيءُ جي مھاڙ اوھان لاءِ نرالي ٿئي ۽ اُن (ڪم) کان پوءِ اوھين سڌريل ٿجو.

    (10) قَالَ قَآئِلٌ مَّنْهُمْ لاَ تَقْتُلُواْ يُوسُفَ وَأَلْقُوهُ فِي غَيَابَةِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّيَّارَةِ إِن كُنتُمْ فَاعِلِينَ
    10 – 10. منجھائن (ھڪ) چوندڙ چيو ته يُوسف کي نه ماريو ۽ جيڪڏھن (ڪي) ڪندڙ آھيو ته کوھ جي تري ۾ (کڻي) اُڇلايوس ته ڪو واٽھڙو کيس ڪڍي ويندو.

    (11) قَالُواْ يَا أَبَانَا مَا لَكَ لاَ تَأْمَنَّا عَلَى يُوسُفَ وَإِنَّا لَهُ لَنَاصِحُونَ
    11 – 11. (يعقوبؑ کي) چيائون ته اي بابا توکي ڇا ٿيو آھي يُوسفؑ جي نسبت ۾ توکي اسان تي ھن ھوندي به ڪو ڀروسو نٿو ٿئي جو اسين سندس خيرخواہ آھيون.

    (12) أَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَإِنَّا لَهُ لَحَافِظُونَ
    12 – 12. سڀاڻي اسان سان کيس موڪل ته کائي ۽ کيڏي ۽ اسين سندس نگھبان آھيون.

    (13) قَالَ إِنِّي لَيَحْزُنُنِي أَن تَذْهَبُواْ بِهِ وَأَخَافُ أَن يَأْكُلَهُ الذِّئْبُ وَأَنتُمْ عَنْهُ غَافِلُونَ
    13 – 13. (يعقوبؑ) چيو ته اوھان جو کيس نئَڻ مون کي ضرور مونجھو ٿو ڪري ۽ ڊڄان ٿو ته (متان) کيس بگھڙ کائي ۽ کانئس اوھين بي خبر ھجو.

    (14) قَالُواْ لَئِنْ أَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَحْنُ عُصْبَةٌ إِنَّا إِذًا لَّخَاسِرُونَ
    14 – 14. چيائون ته اسان جي (گھڻن ڄڻن جي) ڏاڍي ٽولي ھوندي به جيڪڏھن کيس بگھڙ کاڌو ته اسين انھيءَ مھل ضرور ٽوٽي وارا ھونداسون.

    (15) فَلَمَّا ذَهَبُواْ بِهِ وَأَجْمَعُواْ أَن يَجْعَلُوهُ فِي غَيَابَةِ الْجُبِّ وَأَوْحَيْنَآ إِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُم بِأَمْرِهِمْ هَـذَا وَهُمْ لاَ يَشْعُرُونَ
    15 – 15. پوءِ جنھن مھل کيس نيائون (ته) اُن کي کوھ جي تري ۾ اڇلڻ جي پڪ ڪيائون، ۽ ڏانھس وحي ڪيوسون ته سندن ھن واقعي جي کين ضرور سڌ ڏيندين ۽ اُھي (توکي) نه ڄاڻندا.

    (16) وَجَاؤُواْ أَبَاهُمْ عِشَاء يَبْكُونَ
    16 – 16. ۽ پنھنجي پيءُ وٽ رات جو روئيندا آيا.

    (17) قَالُواْ يَا أَبَانَا إِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوسُفَ عِندَ مَتَاعِنَا فَأَكَلَهُ الذِّئْبُ وَمَا أَنتَ بِمُؤْمِنٍ لِّنَا وَلَوْ كُنَّا صَادِقِينَ
    17 – 17. چيائون ته اي بابا اسين ڊڪون پورائڻ وياسون ۽ يُوسف کي پنھنجي وسلن تي ڇڏيوسون پوءِ اُن کي بگھڙ کاڌو ۽ توڻي اسين سچا آھيون ته به تون اسان کي وسھندڙ نه ٿيندين.

    (18) وَجَآؤُوا عَلَى قَمِيصِهِ بِدَمٍ كَذِبٍ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ أَنفُسُكُمْ أَمْرًا فَصَبْرٌ جَمِيلٌ وَاللّهُ الْمُسْتَعَانُ عَلَى مَا تَصِفُونَ
    18 – 18. ۽ سندس پھراڻ تي ڪوڙو رت لائي آندائون، (يعقوب) چيو ته (ائين نه آھي) بلڪ اوھان جي نفسن اوھان لاءِ (اُن) ٺاھ کي ٺاھيو آھي، تنھنڪري (مون کي) چڱو صبر ڪرڻ گھرجي، ۽ جيڪي اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن تي الله کان مدد گھري وڃي ٿي.

    (19) وَجَاءتْ سَيَّارَةٌ فَأَرْسَلُواْ وَارِدَهُمْ فَأَدْلَى دَلْوَهُ قَالَ يَا بُشْرَى هَـذَا غُلاَمٌ وَأَسَرُّوهُ بِضَاعَةً وَاللّهُ عَلِيمٌ بِمَا يَعْمَلُونَ
    19 – 19. ۽ (اُن کوھ تي) قافلو آيو پوءِ پنھنجي پاڻي ڀريندڙ کي موڪليائون جنھن پنھنجو ٻوڪو وڌو، چيائون وھ واھ! ھي نينگر آھي، ۽ کيس ھڪ (چڱي) وٿ سمجھي لڪايائون، ۽ جيڪي ڪيائون ٿي سو الله ڄاڻندڙ آھي.

    (20) وَشَرَوْهُ بِثَمَنٍ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُودَةٍ وَكَانُواْ فِيهِ مِنَ الزَّاهِدِينَ
    20 – 20. ۽ کيس (ڀائرن) ھلڪيءَ بھا سان وڪيو جو ڪي ٿورا پئسا ھوا، سندس حق ۾ بيزاري ڪندڙ ھوا.
    21) وَقَالَ الَّذِي اشْتَرَاهُ مِن مِّصْرَ لاِمْرَأَتِهِ أَكْرِمِي مَثْوَاهُ عَسَى أَن يَنفَعَنَا أَوْ نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَكَذَلِكَ مَكَّنِّا لِيُوسُفَ فِي الأَرْضِ وَلِنُعَلِّمَهُ مِن تَأْوِيلِ الأَحَادِيثِ وَاللّهُ غَالِبٌ عَلَى أَمْرِهِ وَلَـكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لاَ يَعْلَمُونَ
    21 – 21. ۽ مصر وارن مان جنھن کيس ڳڌو تنھن پنھنجي زال (زليخا) کي چيو ته ھن جي چڱي تعظيم ڪج مانَ اسان کي ڪو فائدو ڏئي يا کيس پٽيلو ڪري رکون، ۽ ا ھڙي طرح يُوسفؑ کي مصر ۾ جاءِ ڏني سون، ۽ ھن لاءِ ته کيس خوابن جو تعبير سيکاريون، ۽ الله پنھنجي ڪم تي غالب آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

    (22) وَلَمَّا بَلَغَ أَشُدَّهُ آتَيْنَاهُ حُكْمًا وَعِلْمًا وَكَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
    22 – 22. ۽ جنھن مھل (يُوسفؑ) پنھنجي جوانيءَ کي پھتو (ته) حِڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون.

    (23) وَرَاوَدَتْهُ الَّتِي هُوَ فِي بَيْتِهَا عَن نَّفْسِهِ وَغَلَّقَتِ الأَبْوَابَ وَقَالَتْ هَيْتَ لَكَ قَالَ مَعَاذَ اللّهِ إِنَّهُ رَبِّي أَحْسَنَ مَثْوَايَ إِنَّهُ لاَ يُفْلِحُ الظَّالِمُونَ
    23 – 23. ۽ جنھن زال جي گھر ۾ اُھو ھو تنھن سندس نفس کي راڻيو ٿي ۽ دروازا بند ڪيائين ۽ چيائين ته اوري آءُ، (يوسف) چيائين ته الله جي پناھ گھريم انھي منھنجي نپائيندڙ (يعني عزيز) مون کي چڱي ھنڌ رکيو آھي، ھيءَ (ڳالھ) سچي آھي ته ظالم نه ڇٽندا.

    (24) وَلَقَدْ هَمَّتْ بِهِ وَهَمَّ بِهَا لَوْلا أَن رَّأَى بُرْهَانَ رَبِّهِ كَذَلِكَ لِنَصْرِفَ عَنْهُ السُّوءَ وَالْفَحْشَاء إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُخْلَصِينَ
    24 – 24. ۽ بيشڪ (اُھا) ان ڏانھن لڙي ۽ (يُوسفؑ) به اُن ڏانھن لڙيو، جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو دليل نه ڏسي ھا (ته جيڪي ٿيڻو ھو سو ٿئي ھا)، اھڙي طرح (انھي ڪري ٿيو) ته بڇڙائي ۽ بي حيائي کانئس ٽاري سون، سچ آھي ته اھو اسان جي خالص ٻانھن مان ھو.

    (25) وَاسُتَبَقَا الْبَابَ وَقَدَّتْ قَمِيصَهُ مِن دُبُرٍ وَأَلْفَيَا سَيِّدَهَا لَدَى الْبَابِ قَالَتْ مَا جَزَاء مَنْ أَرَادَ بِأَهْلِكَ سُوَءًا إِلاَّ أَن يُسْجَنَ أَوْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
    25 – 25. ۽ ٻئي دروازي ڏانھن ڊوڙيا ۽ زال ان (يُوسف) جو پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ۽ سندس مڙس کي دروازي وٽ مليا، (زليخا) چيو ته جيڪو تنھنجي گھر واريءَ سان مدائي ڪرڻ جو ارادو ڪري تنھنجي سزا قيد ڪرڻ يا ڏکوئيندڙ عذاب کانسواءِ (ٻي ڪا) نه آھي.

    (26) قَالَ هِيَ رَاوَدَتْنِي عَن نَّفْسِي وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنْ أَهْلِهَا إِن كَانَ قَمِيصُهُ قُدَّ مِن قُبُلٍ فَصَدَقَتْ وَهُوَ مِنَ الكَاذِبِينَ
    26 – 26. (يُوسفؑ) چيو ته ھن مون کي منھنجي نفس کان راڻيو ٿي ۽ سندس گھر جي ڀاتين مان ھڪ شاھد شاھدي ڏني، ته جيڪڏھن ھن جو پھراڻ اڳ کان ڦاڙيو ويو آھي ته (زليخا) سچي آھي ۽ اُھو ڪوڙن مان آھي.

    (27) وَإِنْ كَانَ قَمِيصُهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ فَكَذَبَتْ وَهُوَ مِن الصَّادِقِينَ
    27 – 27. ۽ جيڪڏھن سندس پھراڻ پٺيءَ کان ڦاڙيو ويو آھي ته (زليخا) ڪوڙي ۽ اھو سچن مان آھي.

    (28) فَلَمَّا رَأَى قَمِيصَهُ قُدَّ مِن دُبُرٍ قَالَ إِنَّهُ مِن كَيْدِكُنَّ إِنَّ كَيْدَكُنَّ عَظِيمٌ
    28 – 28. جنھن مھل (عزيز) پھراڻ پٺيءَ کان ڦاٽل ڏٺو (ته) چيائين ته (اي زالون) اھو (چوڻ) اوھان جي مڪرن مان آھي، ڇوته اوھان جو مڪر وڏو آھي.

    (29) يُوسُفُ أَعْرِضْ عَنْ هَـذَا وَاسْتَغْفِرِي لِذَنبِكِ إِنَّكِ كُنتِ مِنَ الْخَاطِئِينَ
    29 – 29. (اي) يوسف اِن (ڳالھ) کان منھن موڙ، ۽ (اي زليخا) تون (به) پنھنجي مدائيءَ جي بخشش گھر، ڇوته تون ئي خطا وارن مان آھين.

    (30) وَقَالَ نِسْوَةٌ فِي الْمَدِينَةِ امْرَأَةُ الْعَزِيزِ تُرَاوِدُ فَتَاهَا عَن نَّفْسِهِ قَدْ شَغَفَهَا حُبًّا إِنَّا لَنَرَاهَا فِي ضَلاَلٍ مُّبِينٍ
    30 – 30. ۽ شھر ۾ ڪيترين زالن پچاريو ته عزيز جي زال پنھنجي جوان ٻانھي کي سندس نفس کان (بڇڙي ڪم لاءِ) راڻيندي آھي، بيشڪ (يُوسف جو) پيار سندس دل ۾ پيھي ويو آھي، اسين کيس پڌري گمراھيءَ ۾ ضرور ڏسنديون آھيون.

    (31) فَلَمَّا سَمِعَتْ بِمَكْرِهِنَّ أَرْسَلَتْ إِلَيْهِنَّ وَأَعْتَدَتْ لَهُنَّ مُتَّكَأً وَآتَتْ كُلَّ وَاحِدَةٍ مِّنْهُنَّ سِكِّينًا وَقَالَتِ اخْرُجْ عَلَيْهِنَّ فَلَمَّا رَأَيْنَهُ أَكْبَرْنَهُ وَقَطَّعْنَ أَيْدِيَهُنَّ وَقُلْنَ حَاشَ لِلّهِ مَا هَـذَا بَشَرًا إِنْ هَـذَا إِلاَّ مَلَكٌ كَرِيمٌ
    31 – 31. پوءِ جنھن مھل (زليخا) سندن گلا ڪرڻ ٻڌي (ته) انھن ڏانھن (ماڻھو) موڪليائين ۽ انھن لاءِ مجلس تيار ڪيائين ۽ منجھائن ھر ھڪ کي ڪپ ڏنائين ۽ چيائين ته (اي يُوسفؑ) مٿن نِڪر، جنھن دم کيس ڏٺائون ته کيس وڌيڪ (سھڻو) ڄاتائون ۽ پنھنجا ھٿ وڍيائون، ۽ چيائون ته الله پاڪ وڏو آھي ھيءُ (نينگر) ماڻھو نه آھي، پر ھڪ سڳورو ملائڪ آھي.

    (32) قَالَتْ فَذَلِكُنَّ الَّذِي لُمْتُنَّنِي فِيهِ وَلَقَدْ رَاوَدتُّهُ عَن نَّفْسِهِ فَاسَتَعْصَمَ وَلَئِن لَّمْ يَفْعَلْ مَا آمُرُهُ لَيُسْجَنَنَّ وَلَيَكُونًا مِّنَ الصَّاغِرِينَ
    32 – 32. (زليخا) چيو اِھو اُھو آھي جنھن (جي محبت) ۾ اوھين مون کي ٽوڪينديون ھُيؤ، ۽ بيشڪ سندس نفس کان کيس راڻيم ٿي پوءِ پاڻ بچايائين، ۽ کيس جيڪي حُڪم ڪريان ٿي سو جيڪڏھن نه ڪندو ته ضرور قيد ڪيو ويندو ۽ ضرور بي فرمانن مان ٿيندو.

    (33) قَالَ رَبِّ السِّجْنُ أَحَبُّ إِلَيَّ مِمَّا يَدْعُونَنِي إِلَيْهِ وَإِلاَّ تَصْرِفْ عَنِّي كَيْدَهُنَّ أَصْبُ إِلَيْهِنَّ وَأَكُن مِّنَ الْجَاهِلِينَ
    33 – 33. (يُوسفؑ) چيو اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڪم) ڏانھن مون کي سڏين ٿيون تنھن کان مون کي قيد پسند آھي، ۽ جيڪڏھن سندن مڪر مون کان نه ٽاريندين ته انھن ڏانھن لڙندس ۽ جاھلن مان ٿيندس.

    (34) فَاسْتَجَابَ لَهُ رَبُّهُ فَصَرَفَ عَنْهُ كَيْدَهُنَّ إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ
    34 – 34. پوءِ سندس پالڻھار ان جي دُعا قبول ڪئي ۽ کانئس اُنھن جو مڪر ٽاريائين، ڇوته اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    (35) ثُمَّ بَدَا لَهُم مِّن بَعْدِ مَا رَأَوُاْ الآيَاتِ لَيَسْجُنُنَّهُ حَتَّى حِينٍ
    35 – 35. وري به نشانين جي ڏسڻ کان پوءِ کين ھيءَ (ڳالھ) نظر آئي ته ڪجھ وقت تائين کيس ضرور قيد وجھن.

    (36) وَدَخَلَ مَعَهُ السِّجْنَ فَتَيَانَ قَالَ أَحَدُهُمَآ إِنِّي أَرَانِي أَعْصِرُ خَمْرًا وَقَالَ الآخَرُ إِنِّي أَرَانِي أَحْمِلُ فَوْقَ رَأْسِي خُبْزًا تَأْكُلُ الطَّيْرُ مِنْهُ نَبِّئْنَا بِتَأْوِيلِهِ إِنَّا نَرَاكَ مِنَ الْمُحْسِنِينَ
    36 – 36. ۽ ساڻس ٻه جوان قيد ۾ گھڙيا، انھن مان ھڪ چيو ته مون پاڻ کي (ننڊ ۾) ڏٺو ته شراب نپوڙيان ٿو، ۽ ٻئي چيو ته مون پاڻ کي مٿي تي ماني کڻندو ۽ منجھانئس پکين کي کائيندو ڏٺو، اسان کي اُن جي تعبير جي خبر ڏي، بيشڪ اسين توکي ڀلارن مان ڏسون ٿا.

    (37) قَالَ لاَ يَأْتِيكُمَا طَعَامٌ تُرْزَقَانِهِ إِلاَّ نَبَّأْتُكُمَا بِتَأْوِيلِهِ قَبْلَ أَن يَأْتِيكُمَا ذَلِكُمَا مِمَّا عَلَّمَنِي رَبِّي إِنِّي تَرَكْتُ مِلَّةَ قَوْمٍ لاَّ يُؤْمِنُونَ بِاللّهِ وَهُم بِالآخِرَةِ هُمْ كَافِرُونَ
    37 – 37. (يُوسفؑ) چيو ته جيڪو طعام اوھين کائيندا آھيو سو اوھان وٽ ايندو ئي نه پر اوھان وٽ ان جي اچڻ کان اڳيئي سندس تعبير آءٌ اوھان کي ڏسيندس، اِھو (تعبير ڪرڻ) انھن (ڳالھين) مان آھي جي منھنجي رب مونکي سيکاريون آھن، بيشڪ مون اُن قوم جي پر ڦٽي ڪئي آھي جيڪي الله کي نه مڃيندا آھن ۽ اُھي آخرت جا به مُنڪر آھن.

    (38) وَاتَّبَعْتُ مِلَّةَ آبَآئِـي إِبْرَاهِيمَ وَإِسْحَقَ وَيَعْقُوبَ مَا كَانَ لَنَا أَن نُّشْرِكَ بِاللّهِ مِن شَيْءٍ ذَلِكَ مِن فَضْلِ اللّهِ عَلَيْنَا وَعَلَى النَّاسِ وَلَـكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لاَ يَشْكُرُونَ
    38 – 38. ۽ پنھنجي پيءُ ڏاڏن ابراھيمؑ ۽ اسحاقؑ يعقوبؑ جي دين جي پيروي ڪئي اٿم، ڪنھن شيءِ کي الله سان شريڪ ڪرڻ اسان کي نه جڳائيندو آھي، اھو اسان تي ۽ ٻـين ماڻھن تي الله جو فضل آھي پر گھڻا ماڻھو شڪرانو نه ڪندا آھن.

    (39) يَا صَاحِبَيِ السِّجْنِ أَأَرْبَابٌ مُّتَفَرِّقُونَ خَيْرٌ أَمِ اللّهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ
    39 – 39. اي منھنجا سنگتي قيدي (ھيءَ ڳالھ سمجھندا آھيو ته) ڌارو ڌار گھڻا رب چڱا آھن يا اڪيلو غالب الله (چڱو آھي) ؟

    (40) مَا تَعْبُدُونَ مِن دُونِهِ إِلاَّ أَسْمَاء سَمَّيْتُمُوهَا أَنتُمْ وَآبَآؤُكُم مَّا أَنزَلَ اللّهُ بِهَا مِن سُلْطَانٍ إِنِ الْحُكْمُ إِلاَّ لِلّهِ أَمَرَ أَلاَّ تَعْبُدُواْ إِلاَّ إِيَّاهُ ذَلِكَ الدِّينُ الْقَيِّمُ وَلَـكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لاَ يَعْلَمُونَ
    40 – 40. الله کانسواءِ جن جي اوھين پوڄا ڪندا آھيو اُھي رڳو نالا آھن جي اوھان ۽ اوھان جي پيءُ ڏاڏن نالا رکيا آھن انھن جي بابت الله ڪا سندَ نازل نه ڪئي آھي، الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي حڪومت نه آھي، حُڪم ڪيائين ته خاص اُن (الله) کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، اُھو دين قائم آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

    (41) يَا صَاحِبَيِ السِّجْنِ أَمَّا أَحَدُكُمَا فَيَسْقِي رَبَّهُ خَمْرًا وَأَمَّا الآخَرُ فَيُصْلَبُ فَتَأْكُلُ الطَّيْرُ مِن رَّأْسِهِ قُضِيَ الأَمْرُ الَّذِي فِيهِ تَسْتَفْتِيَانِ
    41 – 41. اي منھنجا قيدي سنگتي اوھان مان ھڪڙو پنھنجي بادشاھ کي شراب پياريندو، ۽ ٻيو سوريءَ چاڙھيو ويندو ۽ سندس مٿي مان پکي کائيندا، جنھن بابت پڇو ٿا سو ڪم پورو ٿي ويو.

    (42) وَقَالَ لِلَّذِي ظَنَّ أَنَّهُ نَاجٍ مِّنْهُمَا اذْكُرْنِي عِندَ رَبِّكَ فَأَنسَاهُ الشَّيْطَانُ ذِكْرَ رَبِّهِ فَلَبِثَ فِي السِّجْنِ بِضْعَ سِنِينَ
    42 – 42. ۽ انھن ٻنھي مان جنھن لاءِ گمان ھوس ته (نيٺ) ڇٽندو تنھن کي چيائين ته پنھنجي بادشاھ وٽ مون کي ياد ڪج، پوءِ شيطان سندس بادشاھ وٽ کانئس يادگيري وسارائي ڇڏي تنھنڪري (يُوسفؑ) ڪيترائي ورھيه قيد ۾ رھيو.

    (43) وَقَالَ الْمَلِكُ إِنِّي أَرَى سَبْعَ بَقَرَاتٍ سِمَانٍ يَأْكُلُهُنَّ سَبْعٌ عِجَافٌ وَسَبْعَ سُنبُلاَتٍ خُضْرٍ وَأُخَرَ يَابِسَاتٍ يَا أَيُّهَا الْمَلأُ أَفْتُونِي فِي رُؤْيَايَ إِن كُنتُمْ لِلرُّؤْيَا تَعْبُرُونَ
    43 – 43. ۽ بادشاھ چيو ته مون (ننڊ) ۾ ست ٿُلھيون ڳـئون ڏٺيون آھن جن کي ستن ڏٻرين کاڌو ٿي ۽ (پڻ) ست ساوا سنگ ۽ ٻيا ست سُڪا (ڏٺا اٿم)، اي سردارؤ جيڪڏھن اوھين خواب جو تعبير ڪندا آھيو ته منھنجي خواب جو مون کي تعبير ٻڌايو.

    (44) قَالُواْ أَضْغَاثُ أَحْلاَمٍ وَمَا نَحْنُ بِتَأْوِيلِ الأَحْلاَمِ بِعَالِمِينَ
    44 – 44. چيائون (اھي) پريشان خواب آھن، ۽ اسين ڪوڙن خوابن جو تعبير نه ڄاڻندا آھيون.

    (45) وَقَالَ الَّذِي نَجَا مِنْهُمَا وَادَّكَرَ بَعْدَ أُمَّةٍ أَنَاْ أُنَبِّئُكُم بِتَأْوِيلِهِ فَأَرْسِلُونِ
    45 – 45. ۽ جيڪو ٻنھي مان ڇُٽو ھو ۽ گھڻي دير کانپوءِ ياد آيس تنھن چيو ته ان جي تعبير جي آءٌ توکي سُڌ ڏيندس پوءِ مونکي موڪليو.

    (46) يُوسُفُ أَيُّهَا الصِّدِّيقُ أَفْتِنَا فِي سَبْعِ بَقَرَاتٍ سِمَانٍ يَأْكُلُهُنَّ سَبْعٌ عِجَافٌ وَسَبْعِ سُنبُلاَتٍ خُضْرٍ وَأُخَرَ يَابِسَاتٍ لَّعَلِّي أَرْجِعُ إِلَى النَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَعْلَمُونَ
    46 – 46. (پوءِ بندي خاني ڏانھن ويو چيائين) اي سچا يُوسفؑ ستن ٿلھين ڳئن بابت جن کي ستن ڏٻرين کاڌو ۽ ستن ساون سنگن ۽ ٻـين (ستن) سُڪن بابت تعبير ٻڌاءِ ته آءٌ ماڻھن ڏانھن موٽان ته مانَ اُھي ڄاڻن.

    (47) قَالَ تَزْرَعُونَ سَبْعَ سِنِينَ دَأَبًا فَمَا حَصَدتُّمْ فَذَرُوهُ فِي سُنبُلِهِ إِلاَّ قَلِيلاً مِّمَّا تَأْكُلُونَ
    47 – 47. (يوسف) چيو ته ست ورھيه ساندہ پوک ڪندا رھو، پوءِ جيڪو فصل لُڻو تنھن مان جيڪي کائو تنھن کانسواءِ ٻيو (سڀ) سندن سَنگن ۾ (رکي) ڇڏيو انھن ٿورن کانسواءِ جيڪي اوھين کائو.

    (48) ثُمَّ يَأْتِي مِن بَعْدِ ذَلِكَ سَبْعٌ شِدَادٌ يَأْكُلْنَ مَا قَدَّمْتُمْ لَهُنَّ إِلاَّ قَلِيلاً مِّمَّا تُحْصِنُونَ
    48 – 48. وري اُن کانپوءِ ست سال سختيءَ جا ايندا انھن لاءِ جيڪي (اَن) اڳي رکي ڇڏيو ھوندوَ سو جيڪي بچائي رکندؤ تنھن مان ٿورڙي کانسواءِ (ٻيو سڀ) کائي ويندا.

    (49) ثُمَّ يَأْتِي مِن بَعْدِ ذَلِكَ عَامٌ فِيهِ يُغَاثُ النَّاسُ وَفِيهِ يَعْصِرُونَ
    49 – 49. وري اُن کانپوءِ اھڙو ورھ ايندو جنھن ۾ ماڻھن تي مينھن وسايو ويندو ۽ منجھس (ڊاک وغيرہ) نپوڙيندا.

    (50) وَقَالَ الْمَلِكُ ائْتُونِي بِهِ فَلَمَّا جَاءهُ الرَّسُولُ قَالَ ارْجِعْ إِلَى رَبِّكَ فَاسْأَلْهُ مَا بَالُ النِّسْوَةِ اللاَّتِي قَطَّعْنَ أَيْدِيَهُنَّ إِنَّ رَبِّي بِكَيْدِهِنَّ عَلِيمٌ
    50 – 50. ۽ بادشاھ چيو ته يُوسفؑ کي مون وٽ آڻيو، جنھن مھل وٽس قاصد آيو (ته ان وقت يُوسفؑ) چيو ته پنھنجي بادشاھ ڏانھن موٽ پوءِ کانئس پُڇ ته انھن زالن جو ڪھڙو حال ھو جن پنھنجا ھٿ وڍيا، ڇوته منھنجو پالڻھار سندن مِڪر کي ڄاڻندڙ آھي.

    (51) قَالَ مَا خَطْبُكُنَّ إِذْ رَاوَدتُّنَّ يُوسُفَ عَن نَّفْسِهِ قُلْنَ حَاشَ لِلّهِ مَا عَلِمْنَا عَلَيْهِ مِن سُوءٍ قَالَتِ امْرَأَةُ الْعَزِيزِ الآنَ حَصْحَصَ الْحَقُّ أَنَاْ رَاوَدتُّهُ عَن نَّفْسِهِ وَإِنَّهُ لَمِنَ الصَّادِقِينَ
    51 – 51. (بادشاھ عورتن کان) پڇيو ته اوھان جو ڇا حال ھو جڏھن يُوسفؑ کي سندس نفس کان راڻيوَ ٿي، چيائون ته الله پاڪ آھي ڪا بُڇڙائي مٿس نه ڄاتي سون، عزيز جي زال چيو ته ھاڻي حق پڌرو ٿيو، مون کيس سندس نفس کان راڻڻ گھريو ھو ۽ اُھو بيشڪ سچن مان آھي.

    (52) ذَلِكَ لِيَعْلَمَ أَنِّي لَمْ أَخُنْهُ بِالْغَيْبِ وَأَنَّ اللّهَ لاَ يَهْدِي كَيْدَ الْخَائِنِينَ
    52 – 52. (يُوسفؑ چيو ته) اِھو ھن لاءِ ھو ته (عزيز) ڄاڻي ته مون پرپٺ سندس خيانت نه ڪئي ھئي ۽ الله خيانت ڪندڙن جو فريب پورو ٿيڻ نه ڏيندو آھي.

    (53) وَمَا أُبَرِّىءُ نَفْسِي إِنَّ النَّفْسَ لأَمَّارَةٌ بِالسُّوءِ إِلاَّ مَا رَحِمَ رَبِّيَ إِنَّ رَبِّي غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    53 – 53. ۽ (آءٌ) پنھنجي نفس کي پاڪ نٿو ڀانيان، تحقيق نفس بڇڙائيءَ ڏانھن ڇڪيندو آھي پر جنھن تي مُنھنجو رب رحم ڪري، بيشڪ منھنجو پالڻھار بخشڻھار مھربان آھي.

    (54) وَقَالَ الْمَلِكُ ائْتُونِي بِهِ أَسْتَخْلِصْهُ لِنَفْسِي فَلَمَّا كَلَّمَهُ قَالَ إِنَّكَ الْيَوْمَ لَدَيْنَا مِكِينٌ أَمِينٌ
    54 – 54. ۽ بادشاھ چيو ته کيس مون وٽ آڻيو ته (آءٌ) کيس پاڻ لاءِ مقرر ڪريان، پوءِ جنھن مھل ساڻس ڳالھايائين (تنھن مھل سندس سياڻپ سمجھي) چيائين ته تون اڄ اسان وٽ وڏي مرتبي وارو امانت وارو آھين.

    (55) قَالَ اجْعَلْنِي عَلَى خَزَآئِنِ الأَرْضِ إِنِّي حَفِيظٌ عَلِيمٌ
    55 – 55. (يوسف) چيو ته مون کي ھن مُلڪ (مصر) جي خزانن تي مقرر ڪر، تحقيق آءٌ نگھبان (سڀني ڪمن جو) وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيان.

    (56) وَكَذَلِكَ مَكَّنِّا لِيُوسُفَ فِي الأَرْضِ يَتَبَوَّأُ مِنْهَا حَيْثُ يَشَاء نُصِيبُ بِرَحْمَتِنَا مَن نَّشَاء وَلاَ نُضِيعُ أَجْرَ الْمُحْسِنِينَ
    56 – 56. ۽ اھڙي طرح يُوسف کي (انھي) ملڪ ۾ مرتبي وارو ڪيوسون، جتي وڻندو ھوس تِتي ٽڪندو ھو، جنھن لاءِ وڻندو اٿؤن تنھن تي ٻاجھ پھچائيندا آھيون ۽ نيڪَن جو اجر نه وڃائيندا آھيون.

    (57) وَلَأَجْرُ الآخِرَةِ خَيْرٌ لِّلَّذِينَ آمَنُواْ وَكَانُواْ يَتَّقُونَ
    57 – 57. ۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪندا رھيا تن لاءِ آخرت جو اجر ضرورڀلو آھی
    (58) وَجَاء إِخْوَةُ يُوسُفَ فَدَخَلُواْ عَلَيْهِ فَعَرَفَهُمْ وَهُمْ لَهُ مُنكِرُونَ
    58 – 58. ۽ يُوسف جا ڀائر آيا پوءِ وٽس ويا ته کين سڃاتائين ۽ اُھي کيس نه سڃاڻندا ھوا.

    (59) وَلَمَّا جَهَّزَهُم بِجَهَازِهِمْ قَالَ ائْتُونِي بِأَخٍ لَّكُم مِّنْ أَبِيكُمْ أَلاَ تَرَوْنَ أَنِّي أُوفِي الْكَيْلَ وَأَنَاْ خَيْرُ الْمُنزِلِينَ
    59 – 59. ۽ جنھن مھل انھن لاءِ سندن سامان تيار ڪيائين (تنھن مھل کين) چيائين ته پنھنجي پيئيتي ڀاءُ کي مون وٽ آڻيو، اوھين نه ٿا ڏسو ڇا ته آءٌ پورو ماڻ ڏيان ٿو ۽ آءٌ چڱو مھماني ڪندڙ آھيان؟

    (60) فَإِن لَّمْ تَأْتُونِي بِهِ فَلاَ كَيْلَ لَكُمْ عِندِي وَلاَ تَقْرَبُونِ
    60 – 60. پوءِ جيڪڏھن کيس مون وٽ نه آڻيندؤ ته اوھان لاءِ مون وٽ ڪا مئپ ڪانھي ۽ نڪي مون کي ويجھا ٿجو.

    (61) قَالُواْ سَنُرَاوِدُ عَنْهُ أَبَاهُ وَإِنَّا لَفَاعِلُونَ
    61 – 61. چيائون سگھو ان بابت (ڪنھن بھاني سان) سندس پيءُ کي راڻينداسون ۽ ضرور اسين (ايئن) ڪرڻ وارا ٿينداسون.

    (62) وَقَالَ لِفِتْيَانِهِ اجْعَلُواْ بِضَاعَتَهُمْ فِي رِحَالِهِمْ لَعَلَّهُمْ يَعْرِفُونَهَا إِذَا انقَلَبُواْ إِلَى أَهْلِهِمْ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
    62 – 62. ۽ (يوسف) پنھنجن ماڻھن کي چيو ته سندين موڙي سندين مڏين ۾ وجھي ڇڏيو پوءِ جڏھن پنھنجن گھرن ڏانھن موٽي وڃن مانَ انھي کي سڃاڻن مانَ اُھي وري اچن.

    (63) فَلَمَّا رَجِعُوا إِلَى أَبِيهِمْ قَالُواْ يَا أَبَانَا مُنِعَ مِنَّا الْكَيْلُ فَأَرْسِلْ مَعَنَا أَخَانَا نَكْتَلْ وَإِنَّا لَهُ لَحَافِظُونَ
    63 – 63. پوءِ جنھن مھل پنھنجي پيءُ وٽ (ڪنعان ۾) موٽي آيا (تنھن مھل) چيائون ته اي ابا (اَنَّ) مئي ڏيڻ اسان کان روڪيو ويو آھي تنھنڪري اسان مان اسان جي ڀاءُ (بنيامين) کي موڪل (ته) مئپ وٺون ۽ اسين سندس ضرور نگھبان آھيون.

    (64) قَالَ هَلْ آمَنُكُمْ عَلَيْهِ إِلاَّ كَمَا أَمِنتُكُمْ عَلَى أَخِيهِ مِن قَبْلُ فَاللّهُ خَيْرٌ حَافِظًا وَهُوَ أَرْحَمُ الرَّاحِمِينَ
    64 – 64. (يعقوب کين) چيو ته ھن جي نسبت اوھان تي اھڙو ئي اعتبار ٿو ڪريان جھڙو اڳ سندس ڀاءُ جي به نسبت اوھان تي اعتبار ڪيو ھوم، پوءِ الله چڱو نگھبان آھي، ۽ اُھو ٻاجھارن کان کان وڏو ٻاجھارو آھي.

    (65) وَلَمَّا فَتَحُواْ مَتَاعَهُمْ وَجَدُواْ بِضَاعَتَهُمْ رُدَّتْ إِلَيْهِمْ قَالُواْ يَا أَبَانَا مَا نَبْغِي هَـذِهِ بِضَاعَتُنَا رُدَّتْ إِلَيْنَا وَنَمِيرُ أَهْلَنَا وَنَحْفَظُ أَخَانَا وَنَزْدَادُ كَيْلَ بَعِيرٍ ذَلِكَ كَيْلٌ يَسِيرٌ
    65 – 65. پوءِ جنھن مھل پنھنجو سامان کوليائون (ته اُن وقت) پنھنجي موڙي پاڻ وٽ موٽايل ڏٺائون، چيائون ته اي اسان جا ابا (ٻيو) اسان کي ڇا گھرجي، (جو) ھي اسان جي موڙي اسان ڏانھن وري موٽايل آھي (ته موٽي وڃون)، ۽ پنھنجن گھر وارن لاءِ اَن آڻيون ۽ پنھنجي ڀاءُ جي نگھباني ڪنداسون ۽ ھڪ اُٺ جو بار وڌيڪ به وٺنداسون، اِھو (جيڪي اَن آندو اٿئون سو) ماڻ ٿورو آھي.

    (66) قَالَ لَنْ أُرْسِلَهُ مَعَكُمْ حَتَّى تُؤْتُونِ مَوْثِقًا مِّنَ اللّهِ لَتَأْتُنَّنِي بِهِ إِلاَّ أَن يُحَاطَ بِكُمْ فَلَمَّا آتَوْهُ مَوْثِقَهُمْ قَالَ اللّهُ عَلَى مَا نَقُولُ وَكِيلٌ
    66 – 66. (يعقوب کين) چيو ته (آءٌ) اوھان سان ان کي (ايسين) ڪڏھن نه موڪليندس جيسين مون وٽ انجام ڪري الله جو سُنھن (نه) کڻندؤ ته اوھين ڪنھن اوکائي پوڻ کانسواءِ ان کي مون وٽ ضرور آڻيندؤ، پوءِ جنھن مھل کيس پنھنجو پڪو انجام ڏنائون (ته يعقوب) چيو ته جيڪي اسين چئون ٿا تنھن تي الله نگھبان آھي.

    (67) وَقَالَ يَا بَنِيَّ لاَ تَدْخُلُواْ مِن بَابٍ وَاحِدٍ وَادْخُلُواْ مِنْ أَبْوَابٍ مُّتَفَرِّقَةٍ وَمَا أُغْنِي عَنكُم مِّنَ اللّهِ مِن شَيْءٍ إِنِ الْحُكْمُ إِلاَّ لِلّهِ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَعَلَيْهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُتَوَكِّلُونَ
    67 – 67. ۽ چيائين ته اي پٽؤ اوھين ھڪ دروازي کان نه گھِڙجو ۽ الڳ الڳ دروازن مان گھڙجو، ۽ آءٌ اوھان کان الله جي تقدير مان ڪابه شيء ٽاري نه ٿو سگھان، الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جو حُڪم نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم، ۽ سڀڪنھن ڀروسي ڪندڙ کي مٿس ڀروسو ڪرڻ گھرجي.

    (68) وَلَمَّا دَخَلُواْ مِنْ حَيْثُ أَمَرَهُمْ أَبُوهُم مَّا كَانَ يُغْنِي عَنْهُم مِّنَ اللّهِ مِن شَيْءٍ إِلاَّ حَاجَةً فِي نَفْسِ يَعْقُوبَ قَضَاهَا وَإِنَّهُ لَذُو عِلْمٍ لِّمَا عَلَّمْنَاهُ وَلَـكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لاَ يَعْلَمُونَ
    68 – 68. ۽ جھڙي طرح سندن پيءُ کين حُڪم فرمايو ھو تھڙي طرح جنھن مھل (مصر جي دروازن کان) گھڙيا، (تنھن مھل جيڪا سختي پھچين ھا) ته سندن پيءُ الله جي تقدير مان کائن ڪجھ به ٽاري نه ٿي سگھيو (اھو حُڪم ڪرڻ) يعقوب جي دل ۾ رڳو ھڪ خيال ھو جو اُن کي پورو ڪيائين، ۽ جيڪي کيس سيکاريو ھوسون تنھن سببان (اُھو) علم وارو ھو پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

    (69) وَلَمَّا دَخَلُواْ عَلَى يُوسُفَ آوَى إِلَيْهِ أَخَاهُ قَالَ إِنِّي أَنَاْ أَخُوكَ فَلاَ تَبْتَئِسْ بِمَا كَانُواْ يَعْمَلُونَ
    69 – 69. ۽ جنھن مھل يُوسف وٽ ويا تنھن مھل اُن پنھنجي (سڳي) ڀاءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏني چيائين ته سچ پچ آءٌ تنھنجو ڀاءُ آھيان تنھنڪري جيڪي ڪيو اٿن تنھن تي ڏک نه ڪر.

    (70) فَلَمَّا جَهَّزَهُم بِجَهَازِهِمْ جَعَلَ السِّقَايَةَ فِي رَحْلِ أَخِيهِ ثُمَّ أَذَّنَ مُؤَذِّنٌ أَيَّتُهَا الْعِيرُ إِنَّكُمْ لَسَارِقُونَ
    70 – 70. پوءِ جنھن مھل اُنھن لاءِ سندن سامان سنبرايائين (تنھن مھل) پنھنجي (سڳي) ڀاءُ جي مڏيءَ ۾ پيالو لڪايائين وري آواز ڪندڙ آواز ڪيو ته اي قافلي وارؤ اوھين ضرور چور اھيو.

    (71) قَالُواْ وَأَقْبَلُواْ عَلَيْهِم مَّاذَا تَفْقِدُونَ
    71 – 71. (قافلي وارن ٻڌي) انھن ڏانھن مُنھن ڪري چيو ته ڇا وڃايو اٿو؟

    (72) قَالُواْ نَفْقِدُ صُوَاعَ الْمَلِكِ وَلِمَن جَاء بِهِ حِمْلُ بَعِيرٍ وَأَنَاْ بِهِ زَعِيمٌ
    72 – 72. چيائون ته بادشاھ جو پيالو وڃايو اٿون ۽ جنھن اُھو (لھي) آندو تنھن لاءِ اُٺ جو بار (انعام) آھي ۽ آءٌ (ان انجام) جو ذمي وار آھيان.

    (73) قَالُواْ تَاللّهِ لَقَدْ عَلِمْتُم مَّا جِئْنَا لِنُفْسِدَ فِي الأَرْضِ وَمَا كُنَّا سَارِقِينَ
    73 – 73. چيائون ته الله جو قسم آھي ته اوھان کي خبر ھوندي ته اسين ھن لاءِ نه آيا آھيون ته مُلڪ ۾ ڏڦيڙ وجھون ۽ نڪي اسين چور آھيون.

    (74) قَالُواْ فَمَا جَزَآؤُهُ إِن كُنتُمْ كَاذِبِينَ
    74 – 74. (وري نوڪرن) چيو ته جيڪڏھن ڪوڙا ھُجو ته اُن (چور) جي سزا ڪھڙي آھي؟

    (75) قَالُواْ جَزَآؤُهُ مَن وُجِدَ فِي رَحْلِهِ فَهُوَ جَزَاؤُهُ كَذَلِكَ نَجْزِي الظَّالِمِينَ
    75 – 75. چيائون ته اُن جي سزا (ھيء) آھي ته جنھنجي مڏيءَ مان اُھو لڌو سو (پاڻ) ان جو بدلو آھي، اھڙي طرح اسين ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون.

    (76) فَبَدَأَ بِأَوْعِيَتِهِمْ قَبْلَ وِعَاء أَخِيهِ ثُمَّ اسْتَخْرَجَهَا مِن وِعَاء أَخِيهِ كَذَلِكَ كِدْنَا لِيُوسُفَ مَا كَانَ لِيَأْخُذَ أَخَاهُ فِي دِينِ الْمَلِكِ إِلاَّ أَن يَشَاء اللّهُ نَرْفَعُ دَرَجَاتٍ مِّن نَّشَاء وَفَوْقَ كُلِّ ذِي عِلْمٍ عَلِيمٌ
    76 – 76. پوءِ (يُوسف) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري (ڳولڻ) کان اڳ انھن (ٻـين) جون ٻوريون ڳولڻ شروع ڪيون وري اُھو (پيالو) پنھنجي ڀاءُ جي ٻوري مان ڪڍيائين، اھڙي طرح يُوسف کي تجويز سيکاري سون، جو بادشاہ جي قانون موجب پنھنجي ڀاءُ کي الله جي گھُر کانسواءِ وٺي نٿي سگھيو، جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ۽ ھر ڪنھن سياڻي جي مٿان سياڻو آھي.

    (77) قَالُواْ إِن يَسْرِقْ فَقَدْ سَرَقَ أَخٌ لَّهُ مِن قَبْلُ فَأَسَرَّهَا يُوسُفُ فِي نَفْسِهِ وَلَمْ يُبْدِهَا لَهُمْ قَالَ أَنتُمْ شَرٌّ مَّكَانًا وَاللّهُ أَعْلَمْ بِمَا تَصِفُونَ
    77 – 77. چيائون ته جيڪڏھن (ھن) چوري ڪئي آڳي ته اڳ سندس ڀاءُ (به) بيشڪ چوري ڪئي ھئي، پوءِ ان (ڳالھ) کي يوسف پنھنجي دل ۾ لڪايو ۽ کين اُھا پڌري نه ڪيائين، (دل ۾) چيائين ته اوھين بڇڙي مان وارا آھيو، ۽ جيڪي بيان ڪريو ٿا سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي.

    (78) قَالُواْ يَا أَيُّهَا الْعَزِيزُ إِنَّ لَهُ أَبًا شَيْخًا كَبِيرًا فَخُذْ أَحَدَنَا مَكَانَهُ إِنَّا نَرَاكَ مِنَ الْمُحْسِنِينَ
    78 – 78. چيائون ته اي عزيز ھن جو پيءُ پوڙھو وڏيءَ ڄمار وارو آھي اِن ڪري اسان مان ھڪڙو سندس بدران وٺ، اسين توکي نيڪن مان ڏسون ٿا.

    (79) قَالَ مَعَاذَ اللّهِ أَن نَّأْخُذَ إِلاَّ مَن وَجَدْنَا مَتَاعَنَا عِندَهُ إِنَّـآ إِذًا لَّظَالِمُونَ
    79 – 79. چيائين الله پناھ ۾ رکي جنھن وٽ پنھنجو سامان لڌوسون تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي پڪڙيون (جيڪڏھن وٺون ته) انھي مھل اسين ظالم آھيون.

    (80) فَلَمَّا اسْتَيْأَسُواْ مِنْهُ خَلَصُواْ نَجِيًّا قَالَ كَبِيرُهُمْ أَلَمْ تَعْلَمُواْ أَنَّ أَبَاكُمْ قَدْ أَخَذَ عَلَيْكُم مَّوْثِقًا مِّنَ اللّهِ وَمِن قَبْلُ مَا فَرَّطتُمْ فِي يُوسُفَ فَلَنْ أَبْرَحَ الأَرْضَ حَتَّىَ يَأْذَنَ لِي أَبِي أَوْ يَحْكُمَ اللّهُ لِي وَهُوَ خَيْرُ الْحَاكِمِينَ
    80 – 80. جنھن مھل کانئس نا اميد ٿيا (تنھن مھل) نويڪلا ٿي صلاح ڪندڙ ٿيا، سندن وڏي (ڀاءُ) چيو ته نه ڄاڻندا آھيو ڇا؟ ته اوھان جي پيءُ اوھان کان الله جو پڪو انجام قسم تي ورتو آھي ۽ اڳ اوھان يوسف جي نسبت ۾ ڪجھ نه گھٽايو ھو، تنھنڪري (جيسين) منھنجو پيءُ مون کي موڪل (نه) ڏيندو يا الله مون لاءِ حُڪم نه ڪندو تيسين آءٌ ھن مُلڪ مان ڪڏھن نه نڪرندس، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڏيڻ وارو آھي.

    (81) ارْجِعُواْ إِلَى أَبِيكُمْ فَقُولُواْ يَا أَبَانَا إِنَّ ابْنَكَ سَرَقَ وَمَا شَهِدْنَا إِلاَّ بِمَا عَلِمْنَا وَمَا كُنَّا لِلْغَيْبِ حَافِظِينَ
    81 – 81. اوھين پنھنجي پيءُ وٽ موٽي وڃو پوءِ چئو ته اي ابا تنھنجي پُٽ چوري ڪئي، ۽ جيڪو ڄاتوسون ان کانسواءِ ٻئي (ڳالھ) جي شاھدي نه ڏنيسون ۽ ڳُجھ (جي خبر) نه ڄاڻندا ھواسون.

    (82) وَاسْأَلِ الْقَرْيَةَ الَّتِي كُنَّا فِيهَا وَالْعِيْرَ الَّتِي أَقْبَلْنَا فِيهَا وَإِنَّا لَصَادِقُونَ
    82 – 82. ۽ جنھن ڳوٺ ۾ ھواسون انھي کان ۽ جنھن قافلي ۾ آياسون تنھن کان پُڇا ڪر، اسين ضرور سچا آھيون.

    (83) قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ أَنفُسُكُمْ أَمْرًا فَصَبْرٌ جَمِيلٌ عَسَى اللّهُ أَن يَأْتِيَنِي بِهِمْ جَمِيعًا إِنَّهُ هُوَ الْعَلِيمُ الْحَكِيمُ
    83 – 83. (يعقوب) چيو ته (نه!) بلڪ اوھان جي نفس اوھان لاءِ (ڪا) ڳالھ ٺاھي آھي، تنھنڪري چڱو صبر ڪرڻ (منھنجو ڪم) آھي، اميد آھي ته الله انھن سڀني کي مون وٽ آڻيندو، ڇوته اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.

    (84) وَتَوَلَّى عَنْهُمْ وَقَالَ يَا أَسَفَى عَلَى يُوسُفَ وَابْيَضَّتْ عَيْنَاهُ مِنَ الْحُزْنِ فَهُوَ كَظِيمٌ
    84 – 84. ۽ کانئن مُنھن موڙيائين ۽ چيائين مون کي يُوسف لاءِ افسوس آھي ۽ سندس ٻئي اکيون ڏک کان اڇيون ٿيون پوءِ اُھو ڏک ڀريل ھو.

    (85) قَالُواْ تَالله تَفْتَأُ تَذْكُرُ يُوسُفَ حَتَّى تَكُونَ حَرَضًا أَوْ تَكُونَ مِنَ الْهَالِكِينَ
    85 – 85. (۽ سندس گھراڻي وارن) چيو ته الله جو قسم آھي ته تون سدائين يوسف کي ساريندو آھين جيسين بيمار ٿئين يا مري وڃين.

    (86) قَالَ إِنَّمَا أَشْكُو بَثِّي وَحُزْنِي إِلَى اللّهِ وَأَعْلَمُ مِنَ اللّهِ مَا لاَ تَعْلَمُونَ
    86 – 86. چيائين ته آءٌ پنھنجو ڏک ۽ بيقراري الله جي جناب ۾ بيان ڪندو آھيان ۽ الله جي طرف کان اھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

    (87) يَا بَنِيَّ اذْهَبُواْ فَتَحَسَّسُواْ مِن يُوسُفَ وَأَخِيهِ وَلاَ تَيْأَسُواْ مِن رَّوْحِ اللّهِ إِنَّهُ لاَ يَيْأَسُ مِن رَّوْحِ اللّهِ إِلاَّ الْقَوْمُ الْكَافِرُونَ
    87 – 87. اي منھنجا پٽؤ وڃو ۽ يُوسف ۽ سندس ڀاءُ جي ڳولا ڪريو ۽ الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، ڇوته الله جي ٻاجھ کان ڪافرن جي قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو (به) نا اميد نه ٿيندو آھي.

    (88) فَلَمَّا دَخَلُواْ عَلَيْهِ قَالُواْ يَا أَيُّهَا الْعَزِيزُ مَسَّنَا وَأَهْلَنَا الضُّرُّ وَجِئْنَا بِبِضَاعَةٍ مُّزْجَاةٍ فَأَوْفِ لَنَا الْكَيْلَ وَتَصَدَّقْ عَلَيْنَآ إِنَّ اللّهَ يَجْزِي الْمُتَصَدِّقِينَ
    88 – 88. پوءِ جنھن مھل يوسف وٽ آيا (تنھن مھل) چيائون ته اي عزيز اسان کي ۽ اسان جي گھر وارن کي ڏک پھتو آھي ۽ نڪمو سامان کڻي آيا آھيون پوءِ اسان کي پوري مئپ ڏي ۽ اسان کي (ڪجھ) خيرات (به) ڏي، ڇوته الله خيرات ڪندڙن کي چڱو بدلو ڏيندو آھي.

    (89) قَالَ هَلْ عَلِمْتُم مَّا فَعَلْتُم بِيُوسُفَ وَأَخِيهِ إِذْ أَنتُمْ جَاهِلُونَ
    89 – 89. (يُوسف) کين چيو ته جڏھن اوھين بي سمجھ ھيؤ ته جيڪي اوھان يُوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪيو سو ڄاتو اٿوَ؟

    (90) قَالُواْ أَإِنَّكَ لَأَنتَ يُوسُفُ قَالَ أَنَاْ يُوسُفُ وَهَـذَا أَخِي قَدْ مَنَّ اللّهُ عَلَيْنَا إِنَّهُ مَن يَتَّقِ وَيِصْبِرْ فَإِنَّ اللّهَ لاَ يُضِيعُ أَجْرَ الْمُحْسِنِينَ
    90 – 90. چيائون ته تون ئي پڪ يُوسف آھين ڇا؟ چيائين (ھائو) آءٌ يُوسف آھيان ۽ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، بيشڪ الله اسان تي ٻاجھ ڪيو آھي، جيڪو پرھيز گاري ڪندو ۽ صبر ڪندو ته الله ڀلارن جو اجر نه وڃائيندو آھي.

    (91) قَالُواْ تَاللّهِ لَقَدْ آثَرَكَ اللّهُ عَلَيْنَا وَإِن كُنَّا لَخَاطِئِينَ
    91 – 91. چيائون ته الله جو قسم آھي ته بيشڪ الله توکي اسان کان ڀلو ڪيو آھي ۽ بيشڪ اسين خطا ڪندڙ ھواسون.

    (92) قَالَ لاَ تَثْرَيبَ عَلَيْكُمُ الْيَوْمَ يَغْفِرُ اللّهُ لَكُمْ وَهُوَ أَرْحَمُ الرَّاحِمِينَ
    92 – 92. (يوسف) چيو ته اڄ اوھان تي ڪا ميار نه آھي، الله اوھان کي بخشيندو، ۽ اُھو (سڀني) ٻاجھارن کان بلڪل ٻاجھارو آھي.

    (93) اذْهَبُواْ بِقَمِيصِي هَـذَا فَأَلْقُوهُ عَلَى وَجْهِ أَبِي يَأْتِ بَصِيرًا وَأْتُونِي بِأَهْلِكُمْ أَجْمَعِينَ
    93 – 93. ھي منھنجو پھراڻ نيو پوءِ اُھو منھنجي پيءُ جي مُنھن تي گھمايو ته ڏسندڙ ٿيندو، ۽ مڙئي پنھنجي گھر جا آدمي مون وٽ آڻيو.

    (94) وَلَمَّا فَصَلَتِ الْعِيرُ قَالَ أَبُوهُمْ إِنِّي لَأَجِدُ رِيحَ يُوسُفَ لَوْلاَ أَن تُفَنِّدُونِ
    94 – 94. ۽ جنھن مھل قافلو (مصر مان) نڪتو (ته) سندن پيءُ چيو ته جيڪڏھن (اوھين) مون کي ڀورڙو نه ڄاڻو ته مون کي يُوسف جي بوءِ اچي ٿي.

    (95) قَالُواْ تَاللّهِ إِنَّكَ لَفِي ضَلاَلِكَ الْقَدِيمِ
    95 – 95. چيائون ته الله جو قسم ته تون اڳئين ويساري ۾ آھين.

    (96) فَلَمَّا أَن جَاء الْبَشِيرُ أَلْقَاهُ عَلَى وَجْهِهِ فَارْتَدَّ بَصِيرًا قَالَ أَلَمْ أَقُل لَّكُمْ إِنِّي أَعْلَمُ مِنَ اللّهِ مَا لاَ تَعْلَمُونَ
    96 – 96. جنھن مھل خوشخبري ڏيندڙ آيو ته سندس مُنھن تي اھو (پھراڻ) گھمايائين ته موٽي ڏسندڙ ٿيو، چيائين ته اوھان کي نه چيو ھوم ڇا، ته آءٌ الله جي پار کان اھو ڄاڻندو آھيان جو اوھين نه ڄاڻندا آھيو؟

    (97) قَالُواْ يَا أَبَانَا اسْتَغْفِرْ لَنَا ذُنُوبَنَا إِنَّا كُنَّا خَاطِئِينَ
    97 – 97. چيائون ته اي اسان جا ابا اسان لاءِ اسان جي گناھن جي بخشش گھُر اسين بيشڪ گنھگار آھيون.

    (98) قَالَ سَوْفَ أَسْتَغْفِرُ لَكُمْ رَبِّيَ إِنَّهُ هُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ
    98 – 98. (يعقوب) چيو ته آءٌ سِگھو اوھان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس، ڇوته اُھو ئي بخشڻھار مھربان آھي.

    (99) فَلَمَّا دَخَلُواْ عَلَى يُوسُفَ آوَى إِلَيْهِ أَبَوَيْهِ وَقَالَ ادْخُلُواْ مِصْرَ إِن شَاء اللّهُ آمِنِينَ
    99 – 99. جنھن مھل يُوسف وٽ پُھتا (ته اُن وقت) پنھنجي ماءُ پيءُ کي پاڻ وٽ جاءِ ڏنائين ۽ چيائين جيڪڏھن الله گھريو ته مصر ۾ بي ڀوا ٿي گِھڙو.

    (100) وَرَفَعَ أَبَوَيْهِ عَلَى الْعَرْشِ وَخَرُّواْ لَهُ سُجَّدًا وَقَالَ يَا أَبَتِ هَـذَا تَأْوِيلُ رُؤْيَايَ مِن قَبْلُ قَدْ جَعَلَهَا رَبِّي حَقًّا وَقَدْ أَحْسَنَ بَي إِذْ أَخْرَجَنِي مِنَ السِّجْنِ وَجَاء بِكُم مِّنَ الْبَدْوِ مِن بَعْدِ أَن نَّزغَ الشَّيْطَانُ بَيْنِي وَبَيْنَ إِخْوَتِي إِنَّ رَبِّي لَطِيفٌ لِّمَا يَشَاء إِنَّهُ هُوَ الْعَلِيمُ الْحَكِيمُ
    100 – 100. ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي وھاريائين ۽ اُھي ڏانھس سجدو ڪندي ڪريا، ۽ (يُوسف) چيو ته اي منھنجا ابا ھيءُ منھنجي اڳين خوابن جو تعبير آھي، بيشڪ منھنجي پالڻھار ان کي سچو ڪيو، ۽ (الله) مون سان تڏھن بيشڪ احسان ڪيو جڏھن مون کي قيد مان ٻاھر ڪڍيائين ۽ منھنجي ۽ منھنجي ڀائرن جي وچ ۾ شيطان جھيڙو وڌو تنھن کانپوءِ اوھان کي ٻھراڙيءَ کان (شھر) ۾ آندائين، ڇوته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي احسان ڪندڙ آھي، سچ آھي ته اُھو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (101) رَبِّ قَدْ آتَيْتَنِي مِنَ الْمُلْكِ وَعَلَّمْتَنِي مِن تَأْوِيلِ الأَحَادِيثِ فَاطِرَ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ أَنتَ وَلِيِّي فِي الدُّنُيَا وَالآخِرَةِ تَوَفَّنِي مُسْلِمًا وَأَلْحِقْنِي بِالصَّالِحِينَ
    101 – 101. (يُوسف چيو ته) اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون کي بادشاھي ڏني اٿئي ۽ مون کي خوابن جو تعبير سيکاريو اٿئي، اي آسمانن ۽ زمين جا بڻائيندڙ، تون دُنيا ۽ آخرت ۾ منھنجو وارث آھين، مون کي مسلمان ڪري مار ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.

    (102) ذَلِكَ مِنْ أَنبَاء الْغَيْبِ نُوحِيهِ إِلَيْكَ وَمَا كُنتَ لَدَيْهِمْ إِذْ أَجْمَعُواْ أَمْرَهُمْ وَهُمْ يَمْكُرُونَ
    102 – 102. (اي پيغمبر) اھو (قصو) ڳُجھين خبرن مان آھي جو تو ڏانھن وحي ڪريون ٿا، انھن جڏھن فريب ڪندڙ ٿي پنھنجي ڪم جو پڪو ارادو ڪيائون تڏھن تون وٽن ڪونه ھئين.

    (103) وَمَا أَكْثَرُ النَّاسِ وَلَوْ حَرَصْتَ بِمُؤْمِنِينَ
    103 – 103. ۽ (اي پيغمبر) جيتوڻيڪ حرص ڪرين ته به گھڻا ماڻھو ايمان آڻيندڙ نه آھن.

    (104) وَمَا تَسْأَلُهُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ هُوَ إِلاَّ ذِكْرٌ لِّلْعَالَمِينَ
    104 – 104. ۽ (تون) اُن (قرآن جي پُھچائڻ) تي کانئن ڪو اُجورو نه گھرندو آھين، اُھو (قرآن) جھانن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي.

    (105) وَكَأَيِّن مِّن آيَةٍ فِي السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ يَمُرُّونَ عَلَيْهَا وَهُمْ عَنْهَا مُعْرِضُونَ
    105 – 105. ۽ ڪيتريون ئي نشانيون آسمانن ۽ زمين ۾ آھن جن تان لنگھندا آھن ۽ اُھي (ڏِسي ڪري) اُنھن (تي ڌيان ڏيڻ) کان مُنھن موڙيندا آھن.

    (106) وَمَا يُؤْمِنُ أَكْثَرُهُمْ بِاللّهِ إِلاَّ وَهُم مُّشْرِكُونَ
    106 – 106. ۽ منجھانئن گھڻا الله تي ايمان نه آڻيندا آھن پر اُھي (الله سان) شريڪ بڻائيندڙ آھن.

    (107) أَفَأَمِنُواْ أَن تَأْتِيَهُمْ غَاشِيَةٌ مِّنْ عَذَابِ اللّهِ أَوْ تَأْتِيَهُمُ السَّاعَةُ بَغْتَةً وَهُمْ لاَ يَشْعُرُونَ
    107 – 107. (اُھي) الله جي عذاب مان پاڻ وٽ ڇِپ اچڻ کان يا قيامت جي اوچتي اچڻ کان بي ڀَوَا ٿيا آھن ڇا؟ جو اُھي نه ڄاڻندا ھُجن؟

    (108) قُلْ هَـذِهِ سَبِيلِي أَدْعُو إِلَى اللّهِ عَلَى بَصِيرَةٍ أَنَاْ وَمَنِ اتَّبَعَنِي وَسُبْحَانَ اللّهِ وَمَا أَنَاْ مِنَ الْمُشْرِكِينَ
    108 – 108. (اي پيغمبر) چؤ ته ھيءُ منھنجي واٽ آھي پڌري حُجّت سان الله ڏانھن سڏيان ٿو آءٌ ۽ منھنجا تابعدار به (سڏيندا آھن)، ۽ الله پاڪ آھي ۽ مان مشرڪن مان نه آھيان.

    (109) وَمَا أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ إِلاَّ رِجَالاً نُّوحِي إِلَيْهِم مِّنْ أَهْلِ الْقُرَى أَفَلَمْ يَسِيرُواْ فِي الأَرْضِ فَيَنظُرُواْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ وَلَدَارُ الآخِرَةِ خَيْرٌ لِّلَّذِينَ اتَّقَواْ أَفَلاَ تَعْقِلُونَ
    109 – 109. ۽ (اي پيغمبر) اسان توکان اڳ شھر وارن مان مڙسن کانسواءِ ٻيو ڪونه موڪليوسون جن ڏانھن وحي ڪيوسون، پوءِ ڇونه زمين ۾ گھمي ڏسندا آھن ته جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي؟ ۽ آخرت جو گھر انھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي ڊڄندا آھن، پوءِ ڇونه ڄاڻندا آھيو؟

    (110) حَتَّى إِذَا اسْتَيْأَسَ الرُّسُلُ وَظَنُّواْ أَنَّهُمْ قَدْ كُذِبُواْ جَاءهُمْ نَصْرُنَا فَنُجِّيَ مَن نَّشَاء وَلاَ يُرَدُّ بَأْسُنَا عَنِ الْقَوْمِ الْمُجْرِمِينَ
    110 – 110. (ايستائين ڍر ڏنيسون) جيستائين پيغمبر (مدد پھچڻ کان) نا اميد ٿيڻ لڳا ۽ (سندين قوم) ڀانيو ته انھن سان ڪوڙو انجام ڪيو ويو آھي وٽن اسان جي مدد پھتي پوءِ جنھن کي گھريوسون تنھن کي ڇوٽڪارو ڏنو ويو، ۽ گنھگار قوم کان اسان جو عذاب نه ٽاريو ويندو آھي.

    (111) لَقَدْ كَانَ فِي قَصَصِهِمْ عِبْرَةٌ لِّأُوْلِي الأَلْبَابِ مَا كَانَ حَدِيثًا يُفْتَرَى وَلَـكِن تَصْدِيقَ الَّذِي بَيْنَ يَدَيْهِ وَتَفْصِيلَ كُلَّ شَيْءٍ وَهُدًى وَرَحْمَةً لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
    111 – 111. بيشڪ ڌيان وارن لاءِ انھن (پيغمبرن) جي قِصّن ۾ عِبرت آھي، (ھي قرآن) بڻاوتي آکاڻي نه آھي پر جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ آھي ۽ سڀڪنھن شيء لاءِ نکيڙ آھي ۽ ايمان واري قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.