islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 15 سوره الحجر

    15 سوره الحجر

    Rate this post

    (1) الَرَ تِلْكَ آيَاتُ الْكِتَابِ وَقُرْآنٍ مُّبِينٍ
    1 – 1. الٓرٰ، ھي آيتون ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون آھن.

    (2) رُّبَمَا يَوَدُّ الَّذِينَ كَفَرُواْ لَوْ كَانُواْ مُسْلِمِينَ
    2 – 2. ڪافر گھڻو ئي (ھيءَ) خواھش ڪندا ته جيڪر مُسلمان ھُجون ھا.

    (3) ذَرْهُمْ يَأْكُلُواْ وَيَتَمَتَّعُواْ وَيُلْهِهِمُ الأَمَلُ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
    3 – 3. (اي پيغمبر) کين ڇڏي ڏي ته (دُنيا ۾) کائن ۽ (لذتن ۾) آسودا رھي گذارين ۽ کين آسرو رينجھائي ڇڏي ۽ سگھوئي ڄاڻندا.

    (4) وَمَا أَهْلَكْنَا مِن قَرْيَةٍ إِلاَّ وَلَهَا كِتَابٌ مَّعْلُومٌ
    4 – 4. ۽ ڪنھن ڳوٺ کي ويران نه ڪيوسون (سندن بڇڙن ڪمن جي ڪري) پر اُن لاءِ مُقرّر حڪم ڪيل ھو.

    (5) مَّا تَسْبِقُ مِنْ أُمَّةٍ أَجَلَهَا وَمَا يَسْتَأْخِرُونَ
    5 – 5. ڪائي ٽولي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کان نڪي تڪڙ ڪندي ۽ نڪي پوءِ تي رھي سگھندي.

    (6) وَقَالُواْ يَا أَيُّهَا الَّذِي نُزِّلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ إِنَّكَ لَمَجْنُونٌ
    6 – 6. ۽ (ڪافرن) چيو ته اي شخص جنھن تي قرآن لاٿو ويو آھي بيشڪ تون ضرور چريو آھين.

    (7) لَّوْ مَا تَأْتِينَا بِالْمَلائِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
    7 – 7. جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نه آڻيندو آھين؟

    (8) مَا نُنَزِّلُ الْمَلائِكَةَ إِلاَّ بِالحَقِّ وَمَا كَانُواْ إِذًا مُّنظَرِينَ
    8 – 8. (اي پيغمبر) کين چؤ ته ملائڪ پڪي رٿ کانسواءِ نازل نه ڪندا آھيون ۽ (جيڪڏھن نازل ڪريون ۽ نه مڃين ته) اُنھيءَ مھل اُنھن کي مُھلت نه ڏني ويندي.

    (9) إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَإِنَّا لَهُ لَحَافِظُونَ
    9 – 9. اسان نصيحت (يعني قرآن) نازل ڪيو ۽ اسين ضرور ان جي حفاظت ڪندڙ آھيون.

    (10) وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ فِي شِيَعِ الأَوَّلِينَ
    10 – 10. ۽ بيشڪ توکان اڳي پھرين ٽولين ۾ پيغمبر موڪلياسون.

    (11) وَمَا يَأْتِيهِم مِّن رَّسُولٍ إِلاَّ كَانُواْ بِهِ يَسْتَهْزِؤُونَ
    11 – 11. ۽ ڪو پيغمبر وٽن نه ايندو ھو جو انھن سان ٺـٺوليون ڪرڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه ڪندا ھوا.

    (12) كَذَلِكَ نَسْلُكُهُ فِي قُلُوبِ الْمُجْرِمِينَ
    12 – 12. ۽ اھڙي طرح ڏوھارين جي دلين ۾ (اھڙو خيال) وجھندا آھيون.

    (13) لاَ يُؤْمِنُونَ بِهِ وَقَدْ خَلَتْ سُنَّةُ الأَوَّلِينَ
    13 – 13. جو اُن کي نه مڃيندا ۽ بيشڪ اڳين جي ريت ھلي ايندي آھي.

    (14) وَلَوْ فَتَحْنَا عَلَيْهِم بَابًا مِّنَ السَّمَاء فَظَلُّواْ فِيهِ يَعْرُجُونَ
    14 – 14. ۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون ھا ته ان ۾ سدائين چڙھندا رھن.

    (15) لَقَالُواْ إِنَّمَا سُكِّرَتْ أَبْصَارُنَا بَلْ نَحْنُ قَوْمٌ مَّسْحُورُونَ
    15 – 15. ضرور چون ھا ته رڳو اسان جون بند ڪيون ويون آھن بلڪ اسين جادو ڪيل قوم آھيون.

    (16) وَلَقَدْ جَعَلْنَا فِي السَّمَاء بُرُوجًا وَزَيَّنَّاهَا لِلنَّاظِرِينَ
    16 – 16. ۽ بيشڪ آسمان ۾ بُرج بڻاياسون ۽ اُن کي ڏسندڙن لاءِ سينگاريو سون.

    (17) وَحَفِظْنَاهَا مِن كُلِّ شَيْطَانٍ رَّجِيمٍ
    17 – 17. ۽ اُن کي سڀڪنھن تڙيل شيطان کان بچايوسون.

    (18) إِلاَّ مَنِ اسْتَرَقَ السَّمْعَ فَأَتْبَعَهُ شِهَابٌ مُّبِينٌ
    18 – 18. پر جيڪو چوريءَ ٻڌي تنھن جي پويان پڌرو اُلنبو پوندو آھي.

    (19) وَالأَرْضَ مَدَدْنَاهَا وَأَلْقَيْنَا فِيهَا رَوَاسِيَ وَأَنبَتْنَا فِيهَا مِن كُلِّ شَيْءٍ مَّوْزُونٍ
    19 – 19. ۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙيا سون ۽ منجھس ھر شيءِ اندازي سان ڄمائي سون.

    (20) وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيهَا مَعَايِشَ وَمَن لَّسْتُمْ لَهُ بِرَازِقِينَ
    20 – 20. ۽ منجھس اوھان لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نه آھيو.

    (21) وَإِن مِّن شَيْءٍ إِلاَّ عِندَنَا خَزَائِنُهُ وَمَا نُنَزِّلُهُ إِلاَّ بِقَدَرٍ مَّعْلُومٍ
    21 – 21. ۽ اھڙي شيءِ آھي ئي ڪانه جنھن جو خزانون اسان وٽ نه آھي، انھن شين کي اسين ٺھرايل اندازي کانسواءِ نه لاھيندا آھيون.

    (22) وَأَرْسَلْنَا الرِّيَاحَ لَوَاقِحَ فَأَنزَلْنَا مِنَ السَّمَاء مَاء فَأَسْقَيْنَاكُمُوهُ وَمَا أَنتُمْ لَهُ بِخَازِنِينَ
    22 – 22. ۽ وائِن ڪڪرن کڻندڙن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين گڏ ڪرڻ وارا نه آھيو.

    (23) وَإنَّا لَنَحْنُ نُحْيِي وَنُمِيتُ وَنَحْنُ الْوَارِثُونَ
    23 – 23. ۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين سڀڪنھن جا وارث آھيون.

    (24) وَلَقَدْ عَلِمْنَا الْمُسْتَقْدِمِينَ مِنكُمْ وَلَقَدْ عَلِمْنَا الْمُسْتَأْخِرِينَ
    24 – 24. ۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (به) ڄاڻندا آھيون.

    (25) وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحْشُرُهُمْ إِنَّهُ حَكِيمٌ عَلِيمٌ
    25 – 25. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين کڙو ڪندو، ڇوته اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

    (26) وَلَقَدْ خَلَقْنَا الإِنسَانَ مِن صَلْصَالٍ مِّنْ حَمَإٍ مَّسْنُونٍ
    26 – 26. ۽ بيشڪ اسان آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو.

    (27) وَالْجَآنَّ خَلَقْنَاهُ مِن قَبْلُ مِن نَّارِ السَّمُومِ
    27 – 27. ۽ ھن کان اڳ جنن کي ڄَرَ واريءَ باھ مان بڻايوسون.

    (28) وَإِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلاَئِكَةِ إِنِّي خَالِقٌ بَشَرًا مِّن صَلْصَالٍ مِّنْ حَمَإٍ مَّسْنُونٍ
    28 – 28. ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءُ آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻائيندڙ آھيان.

    (29) فَإِذَا سَوَّيْتُهُ وَنَفَخْتُ فِيهِ مِن رُّوحِي فَقَعُواْ لَهُ سَاجِدِينَ
    29 – 29. پوءِ جڏھن کيس پورو ڪري رھان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان ته کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.

    (30) فَسَجَدَ الْمَلآئِكَةُ كُلُّهُمْ أَجْمَعُونَ
    30 – 30. پوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.

    (31) إِلاَّ إِبْلِيسَ أَبَى أَن يَكُونَ مَعَ السَّاجِدِينَ
    31 – 31. سواءِ ابليس جي، سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو.

    (32) قَالَ يَا إِبْلِيسُ مَا لَكَ أَلاَّ تَكُونَ مَعَ السَّاجِدِينَ
    32 – 32. (الله) چيو ته اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نه ٿئين.

    (33) قَالَ لَمْ أَكُن لِّأَسْجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقْتَهُ مِن صَلْصَالٍ مِّنْ حَمَإٍ مَّسْنُونٍ
    33 – 33. (ھن) چيو ته مون کي نه جڳائيندو آھي ته آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو اٿئي.

    (34) قَالَ فَاخْرُجْ مِنْهَا فَإِنَّكَ رَجِيمٌ
    34 – 34. (الله) فرمايو ته اُن (بھشت) مان نڪر ڇوته تون تڙيل آھين.

    (35) وَإِنَّ عَلَيْكَ اللَّعْنَةَ إِلَى يَوْمِ الدِّينِ
    35 – 35. ۽ توتي قيامت تائين لعنت آھي.

    (36) قَالَ رَبِّ فَأَنظِرْنِي إِلَى يَوْمِ يُبْعَثُونَ
    36 – 36. (ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي.

    (37) قَالَ فَإِنَّكَ مِنَ الْمُنظَرِينَ
    37 – 37. (الله) فرمايو ته تون بيشڪ مُھلت ڏنلن مان آھين.

    (38) إِلَى يَومِ الْوَقْتِ الْمَعْلُومِ
    38 – 38. ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين.

    (39) قَالَ رَبِّ بِمَآ أَغْوَيْتَنِي لأُزَيِّنَنَّ لَهُمْ فِي الأَرْضِ وَلأُغْوِيَنَّهُمْ أَجْمَعِينَ
    39 – 39. (ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تو جو مون کي گمراہ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ انھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس.

    (40) إِلاَّ عِبَادَكَ مِنْهُمُ الْمُخْلَصِينَ
    40 – 40. سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن.

    (41) قَالَ هَذَا صِرَاطٌ عَلَيَّ مُسْتَقِيمٌ
    41 – 41. (الله) فرمايو ته ھيءَ سڌي واٽ آھي مون تائين.

    (42) إِنَّ عِبَادِي لَيْسَ لَكَ عَلَيْهِمْ سُلْطَانٌ إِلاَّ مَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الْغَاوِينَ
    42 – 42. گمراھن مان جن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو زور نه آھي.

    (43) وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوْعِدُهُمْ أَجْمَعِينَ
    43 – 43. ۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي.

    (44) لَهَا سَبْعَةُ أَبْوَابٍ لِّكُلِّ بَابٍ مِّنْهُمْ جُزْءٌ مَّقْسُومٌ
    44 – 44. اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي.

    (45) إِنَّ الْمُتَّقِينَ فِي جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ
    45 – 45. بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.

    (46) ادْخُلُوهَا بِسَلاَمٍ آمِنِينَ
    46 – 46. (کين چئبو ته) انھن ۾ بي فڪر ٿي سلامتيءَ سان گھڙو.

    (47) وَنَزَعْنَا مَا فِي صُدُورِهِم مِّنْ غِلٍّ إِخْوَانًا عَلَى سُرُرٍ مُّتَقَابِلِينَ
    47 – 47. ۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا.

    (48) لاَ يَمَسُّهُمْ فِيهَا نَصَبٌ وَمَا هُم مِّنْهَا بِمُخْرَجِينَ
    48 – 48. اُتي کين نڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اُتان ڪڍيا ويندا.

    (49) نَبِّىءْ عِبَادِي أَنِّي أَنَا الْغَفُورُ الرَّحِيمُ
    49 – 49. (اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي ته آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان.

    (50) وَ أَنَّ عَذَابِي هُوَ الْعَذَابُ الأَلِيمَ
    50 – 50. ۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    (51) وَنَبِّئْهُمْ عَن ضَيْفِ إِبْراَهِيمَ
    51 – 51. ۽ (اي پيغمبر) انھن کي ابراھيمؑ جي مھمانن جي خبر ڏي.

    (52) إِذْ دَخَلُواْ عَلَيْهِ فَقَالُواْ سَلامًا قَالَ إِنَّا مِنكُمْ وَجِلُونَ
    52 – 52. جنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، ابراھيم چيو ته اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون.

    (53) قَالُواْ لاَ تَوْجَلْ إِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلامٍ عَلِيمٍ
    53 – 53. چيائون ته نه ڊڄ اسين توکي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا.

    (54) قَالَ أَبَشَّرْتُمُونِي عَلَى أَن مَّسَّنِيَ الْكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرُونَ
    54 – 54. (ابراھيم) چيو ته مون کي ھن ھوندي به مبارڪ ڏيو ٿا جو مون کي ٻڍاپڻ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟

    (55) قَالُواْ بَشَّرْنَاكَ بِالْحَقِّ فَلاَ تَكُن مِّنَ الْقَانِطِينَ
    55 – 55. چيائون ته توکي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نا اُميدن مان نه ٿيءُ.

    (56) قَالَ وَمَن يَقْنَطُ مِن رَّحْمَةِ رَبِّهِ إِلاَّ الضَّآلُّونَ
    56 – 56. (ابراھيمؑ) چيو ته پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان گُمراھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نا اُميد ٿيندو؟

    (57) قَالَ فَمَا خَطْبُكُمْ أَيُّهَا الْمُرْسَلُونَ
    57 – 57. (وري ابراھيمؑ) چيو ته اي موڪليل (ملائڪو) اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي.

    (58) قَالُواْ إِنَّا أُرْسِلْنَا إِلَى قَوْمٍ مُّجْرِمِينَ
    58 – 58. چيائين ته اسين ڏوھارين جي قوم ڏانھن موڪليل آھيون.

    (59) إِلاَّ آلَ لُوطٍ إِنَّا لَمُنَجُّوهُمْ أَجْمَعِينَ
    59 – 59. مگر لُوط جي گھر وارا، جن مڙني کي اسين ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھيون.

    (60) إِلاَّ امْرَأَتَهُ قَدَّرْنَا إِنَّهَا لَمِنَ الْغَابِرِينَ
    60 – 60. سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ ٺھراء ڪيوسون ته اُھا رھيلن مان آھي.

    (61) فَلَمَّا جَاء آلَ لُوطٍ الْمُرْسَلُونَ
    61 – 61. پوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا.

    (62) قَالَ إِنَّكُمْ قَوْمٌ مُّنكَرُونَ
    62 – 62. (تنھن مھل لُوط) چيو ته اوھين اوپري قوم آھيو.

    (63) قَالُواْ بَلْ جِئْنَاكَ بِمَا كَانُواْ فِيهِ يَمْتَرُونَ
    63 – 63. چيائون ته (نه) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھوا.

    (64) وَأَتَيْنَاكَ بَالْحَقِّ وَإِنَّا لَصَادِقُونَ
    64 – 64. ۽ تو وٽ سچ سان آندو اٿون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون.

    (65) فَأَسْرِ بِأَهْلِكَ بِقِطْعٍ مِّنَ اللَّيْلِ وَاتَّبِعْ أَدْبَارَهُمْ وَلاَ يَلْتَفِتْ مِنكُمْ أَحَدٌ وَامْضُواْ حَيْثُ تُؤْمَرُونَ
    65 – 65. پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (به) پوئتي نه واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو اَٿون اتي وڃو.

    (66) وَقَضَيْنَا إِلَيْهِ ذَلِكَ الأَمْرَ أَنَّ دَابِرَ هَؤُلاء مَقْطُوعٌ مُّصْبِحِينَ
    66 – 66. ۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون ته انھن جي پاڙ پرڀات مھل پٽي ويندي.

    (67) وَجَاء أَهْلُ الْمَدِينَةِ يَسْتَبْشِرُونَ
    67 – 67. ۽ ڳوٺ وارا خوشيون ڪندا آيا.

    (68) قَالَ إِنَّ هَؤُلاء ضَيْفِي فَلاَ تَفْضَحُونِ
    68 – 68. (لُوط) چيو ته ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون لڄي نه ڪريو.

    (69) وَاتَّقُوا اللّهَ وَلاَ تُخْزُونِ
    69 – 69. ۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نه ڪريوم.

    (70) قَالُوا أَوَلَمْ نَنْهَكَ عَنِ الْعَالَمِينَ
    70 – 70. چيائون ته توکي جھان وارن (جي مھماني) کان نه جھليو ھوسون ڇا؟

    (71) قَالَ هَؤُلاء بَنَاتِي إِن كُنتُمْ فَاعِلِينَ
    71 – 71. (لوط) چيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ ته ھي منھنجون ڌيون حاضر آھن.

    (72) لَعَمْرُكَ إِنَّهُمْ لَفِي سَكْرَتِهِمْ يَعْمَهُونَ
    72 – 72. (اي پيغمبر) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي ته اھي (ڪافر) گمراھيءَ ۾ حيران رھن ٿا.

    (73) فَأَخَذَتْهُمُ الصَّيْحَةُ مُشْرِقِينَ
    73 – 73. پوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن.

    (74) فَجَعَلْنَا عَالِيَهَا سَافِلَهَا وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِمْ حِجَارَةً مِّن سِجِّيلٍ
    74 – 74. ۽ اُن شھر جو مٿيون پاسو ان جي ھيٺ ڪيوسون ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا پھڻ وساياسون.

    (75) إِنَّ فِي ذَلِكَ لآيَاتٍ لِّلْمُتَوَسِّمِينَ
    75 – 75. بيشڪ ان ۾ عِبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن.

    (76) وَإِنَّهَا لَبِسَبِيلٍ مُّقيمٍ
    76 – 76. ۽ اِھو ڳوٺ ھميشه (جي اچ وڃ) واري واٽ تي ھو.

    (77) إِنَّ فِي ذَلِكَ لآيَةً لِّلْمُؤمِنِينَ
    77 – 77. بيشڪ اُن ۾ مؤمنن لاءِ نشانيون آھن.

    (78) وَإِن كَانَ أَصْحَابُ الأَيْكَةِ لَظَالِمِينَ
    78 – 78. ۽ ايڪه (جي ڳوٺن) وارا ظالم ھوا.

    (79) فَانتَقَمْنَا مِنْهُمْ وَإِنَّهُمَا لَبِإِمَامٍ مُّبِينٍ
    79 – 79. پوءِ کائن بدلو ورتوسون، (لُوطين ۽ ايڪه وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھوا.
    (80) وَلَقَدْ كَذَّبَ أَصْحَابُ الحِجْرِ الْمُرْسَلِينَ
    80 – 80. ۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

    (81) وَآتَيْنَاهُمْ آيَاتِنَا فَكَانُواْ عَنْهَا مُعْرِضِينَ
    81 – 81. ۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا.

    (82) وَكَانُواْ يَنْحِتُونَ مِنَ الْجِبَالِ بُيُوتًا آمِنِينَ
    82 – 82. ۽ بي فڪر ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھوا.

    (83) فَأَخَذَتْهُمُ الصَّيْحَةُ مُصْبِحِينَ
    83 – 83. پوءِ کين پرڀات مھل ڪڙڪي (اچي) ورتو.

    (84) فَمَا أَغْنَى عَنْهُم مَّا كَانُواْ يَكْسِبُونَ
    84 – 84. پوءِ سندين ڪمائي کائن ڪجھ به ٽاري نه سگھيو.

    (85) وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا إِلاَّ بِالْحَقِّ وَإِنَّ السَّاعَةَ لآتِيَةٌ فَاصْفَحِ الصَّفْحَ الْجَمِيلَ
    85 – 85. ۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر.

    (86) إِنَّ رَبَّكَ هُوَ الْخَلاَّقُ الْعَلِيمُ
    86 – 86. بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    (87) وَلَقَدْ آتَيْنَاكَ سَبْعًا مِّنَ الْمَثَانِي وَالْقُرْآنَ الْعَظِيمَ
    87 – 87. ۽ بيشڪ توکي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون.

    (88) لاَ تَمُدَّنَّ عَيْنَيْكَ إِلَى مَا مَتَّعْنَا بِهِ أَزْوَاجًا مِّنْهُمْ وَلاَ تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَاخْفِضْ جَنَاحَكَ لِلْمُؤْمِنِينَ
    88 – 88. اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيوسون تن ڏانھن پنھنجيون اکيون نه کول ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجون ٻانھون جھڪيون ڪر.

    (89) وَقُلْ إِنِّي أَنَا النَّذِيرُ الْمُبِينُ
    89 – 89. ۽ چؤ ته بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

    (90) كَمَا أَنزَلْنَا عَلَى المُقْتَسِمِينَ
    90 – 90. جھڙي طرح اُنھن وراھيندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون.

    (91) الَّذِينَ جَعَلُوا الْقُرْآنَ عِضِينَ
    91 – 91. جن قرآن کي پرزا پرزا ڪيو.

    (92) فَوَرَبِّكَ لَنَسْأَلَنَّهُمْ أَجْمَعِيْنَ
    92 – 92. (تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن مڙني کان ضرور پڇنداسون.

    (93) عَمَّا كَانُوا يَعْمَلُونَ
    93 – 93. جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت.

    (94) فَاصْدَعْ بِمَا تُؤْمَرُ وَأَعْرِضْ عَنِ الْمُشْرِكِينَ
    94 – 94. جيڪي توکي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ.

    (95) إِنَّا كَفَيْنَاكَ الْمُسْتَهْزِئِينَ
    95 – 95. اسان تنھنجي طرفان انھن چٿر ڪندڙن جي پورائي ڪئي.

    (96) الَّذِينَ يَجْعَلُونَ مَعَ اللّهِ إِلـهًا آخَرَ فَسَوْفَ يَعْمَلُونَ
    96 – 96. جي الله سان ٻيو معبود مُقرّر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.

    (97) وَلَقَدْ نَعْلَمُ أَنَّكَ يَضِيقُ صَدْرُكَ بِمَا يَقُولُونَ
    97 – 97. ۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي.

    (98) فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَكُن مِّنَ السَّاجِدِينَ
    98 – 98. ۽ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج.

    (99) وَاعْبُدْ رَبَّكَ حَتَّى يَأْتِيَكَ الْيَقِينُ
    99 – 99. ۽ ايستائين پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيسين توکي موت پھچي.