islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 20 سوره طه

    20 سوره طه

    Rate this post

    (1) طه
    1 – 1. طٰہٰ.

    (2) مَا أَنزَلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْآنَ لِتَشْقَى
    2 – 2. توتي قرآن ھن لاءِ نه لاٿوسون ته تون اؤکو ٿئين.

    (3) إِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَن يَخْشَى
    3 – 3. پر جيڪو ڊڄي تنھن جي نصيحت ڏيڻ لاءِ (لاٿوسون).

    (4) تَنزِيلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْأَرْضَ وَالسَّمَاوَاتِ الْعُلَى
    4 – 4. اُنھي (جي طرف) کان لھڻ وارو آھي جنھن زمين ۽ مٿاھن آسمانن کي بڻايو آھي.

    (5) الرَّحْمَنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَى
    5 – 5. (اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي.

    (6) لَهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَمَا تَحْتَ الثَّرَى
    6 – 6. جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي.

    (7) وَإِن تَجْهَرْ بِالْقَوْلِ فَإِنَّهُ يَعْلَمُ السِّرَّ وَأَخْفَى
    7 – 7. ۽ جيڪڏھن (تون) ڏاڍيان ڳالھائين ته بيشڪ اُھو ڳُجھ ۽ پڌرو ڄاڻندڙ آھي.

    (8) اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ لَهُ الْأَسْمَاء الْحُسْنَى
    8 – 8. الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي، اُن جا چڱا نالا آھن.

    (9) وَهَلْ أَتَاكَ حَدِيثُ مُوسَى
    9 – 9. ۽ (اي پيغمبر) توکي مُوسىٰ جي ڳالھ نه پُھتي آھي ڇا؟

    (10) إِذْ رَأَى نَارًا فَقَالَ لِأَهْلِهِ امْكُثُوا إِنِّي آنَسْتُ نَارًا لَّعَلِّي آتِيكُم مِّنْهَا بِقَبَسٍ أَوْ أَجِدُ عَلَى النَّارِ هُدًى
    10 – 10. جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين ته ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اميد ته منجھانئس ڪو اڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو ڏَس ڏيڻ وارو لھان.

    (11) فَلَمَّا أَتَاهَا نُودِي يَا مُوسَى
    11 – 11. پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) ان کي سڏيو ويو ته اي موسى.

    (12) إِنِّي أَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ إِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى
    12 – 12. بيشڪ آءٌ تنھنجو پالڻھار آھيان تنھنڪري پنھنجي جُتي (پري) لاھ، ڇوته تون پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ آھين.

    (13) وَأَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوحَى
    13 – 13. ۽ مون توکي پسند ڪيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي سو ٻُڌ.

    (14) إِنَّنِي أَنَا اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنَا فَاعْبُدْنِي وَأَقِمِ الصَّلَاةَ لِذِكْرِي
    14 – 14. سچ پچ آءٌ الله آھيان مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر.

    (15) إِنَّ السَّاعَةَ ءاَتِيَةٌ أَكَادُ أُخْفِيهَا لِتُجْزَى كُلُّ نَفْسٍ بِمَا تَسْعَى
    15 – 15. بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن (جي وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو ته سڀڪنھن جيءَ کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي.

    (16) فَلاَ يَصُدَّنَّكَ عَنْهَا مَنْ لاَ يُؤْمِنُ بِهَا وَاتَّبَعَ هَوَاهُ فَتَرْدَى
    16 – 16. جيڪو اُن کي نه مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو توکي اُن (جي وسھڻ) کان متان ڦيرائي نه ته ھلاڪ ٿيندين.

    (17) وَمَا تِلْكَ بِيَمِينِكَ يَا مُوسَى
    17 – 17. ۽ اي مُوسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟

    (18) قَالَ هِيَ عَصَايَ أَتَوَكَّأُ عَلَيْهَا وَأَهُشُّ بِهَا عَلَى غَنَمِي وَلِيَ فِيهَا مَآرِبُ أُخْرَى
    18 – 18. چيائين ته ھيءَ منھنجي لٺ آھي، مٿس ٽيڪ ڏيندو آھيان ۽ اُن سان پنھنجين ٻڪرين تي (وڻ جا) پن ڇاڻيندو آھيان ۽ منجھس مون لاءِ ٻيا (به) فائدا آھن.

    (19) قَالَ أَلْقِهَا يَا مُوسَى
    19 – 19. (الله) فرمايو ته اي مُوسىٰ اُھا اُڇلي ڇڏ.

    (20) فَأَلْقَاهَا فَإِذَا هِيَ حَيَّةٌ تَسْعَى
    20 – 20. پوءِ اُھا اُڇليائين ته اُھا انھي مھل ڊوڙندڙ واسينگ نانگ ٿي پئي.

    (21) قَالَ خُذْهَا وَلَا تَخَفْ سَنُعِيدُهَا سِيرَتَهَا الْأُولَى
    21 – 21. (الله) فرمايو ته اُنھيءَ کي وٺ ۽ نه ڊڄ، اُنھيءَ کي سندس پھرين شڪل ۾ موٽائينداسون.

    (22) وَاضْمُمْ يَدَكَ إِلَى جَنَاحِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاء مِنْ غَيْرِ سُوءٍ آيَةً أُخْرَى
    22 – 22. ۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي بغل تي رک ته بي عيبو اڇو ٿي نڪري اِھا ٻي نشاني (ھن لاءِ) آھي.

    (23) لِنُرِيَكَ مِنْ آيَاتِنَا الْكُبْرَى
    23 – 23. ته توکي پنھنجين وڏين نشانين مان ڏيکاريون.

    (24) اذْهَبْ إِلَى فِرْعَوْنَ إِنَّهُ طَغَى
    24 – 24. فرعون ڏانھن وڃ جو اُھو بيشڪ نافرمان ٿيو آھي.
    (25) قَالَ رَبِّ اشْرَحْ لِي صَدْرِي
    25 – 25. (مُوسى) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ منھنجو سينو کول.

    (26) وَيَسِّرْ لِي أَمْرِي
    26 – 26. ۽ منھنجو ڪم مون لاءِ سولو ڪر.

    (27) وَاحْلُلْ عُقْدَةً مِّن لِّسَانِي
    27 – 27. ۽ منھنجي زبان جي ھٻڪ لاھ.

    (28) يَفْقَهُوا قَوْلِي
    28 – 28. ته (اُھي) مُنھنجي ڳالھ سمجھن.

    (29) وَاجْعَل لِّي وَزِيرًا مِّنْ أَهْلِي
    29 – 29. ۽ منھنجي گھر وارن منجھان مون لاءِ ڪو وزير مُقرّر ڪر.

    (30) هَارُونَ أَخِي
    30 – 30. (يعني) منھنجي ڀاءُ ھارون کي.

    (31) اشْدُدْ بِهِ أَزْرِي
    31 – 31. اُن سان منھنجي سگھ مُحڪم ڪر.

    (32) وَأَشْرِكْهُ فِي أَمْرِي
    32 – 32. ۽ منھنجي ڪم ۾ اُن کي ڀائيوار ڪر.

    (33) كَيْ نُسَبِّحَكَ كَثِيرًا
    33 – 33. ته تنھنجي گھڻي پاڪائي بيان ڪريون.

    (34) وَنَذْكُرَكَ كَثِيرًا
    34 – 34. ۽ توکي گھڻو ياد ڪريون.

    (35) إِنَّكَ كُنتَ بِنَا بَصِيرًا
    35 – 35. بيشڪ تون اسان جو حال ڏسندڙ آھين.

    (36) قَالَ قَدْ أُوتِيتَ سُؤْلَكَ يَا مُوسَى
    36 – 36. (الله) چيو ته اي موسىٰ بيشڪ (تولاءِ) تنھنجو سوال قبول ڪيو ويو.

    (37) وَلَقَدْ مَنَنَّا عَلَيْكَ مَرَّةً أُخْرَى
    37 – 37. ۽ بيشڪ توتي ھڪ ڀيرو (ٻيو به) احسان ڪيوسون.

    (38) إِذْ أَوْحَيْنَا إِلَى أُمِّكَ مَا يُوحَى
    38 – 38. جڏھن تنھنجي ماءُ ڏانھن اُھو الھام ڪيوسون جيڪو الھام ڪرڻو ھو.

    (39) أَنِ اقْذِفِيهِ فِي التَّابُوتِ فَاقْذِفِيهِ فِي الْيَمِّ فَلْيُلْقِهِ الْيَمُّ بِالسَّاحِلِ يَأْخُذْهُ عَدُوٌّ لِّي وَعَدُوٌّ لَّهُ وَأَلْقَيْتُ عَلَيْكَ مَحَبَّةً مِّنِّي وَلِتُصْنَعَ عَلَى عَيْنِي
    39 – 39. ته اُن نينگر کي صندوق ۾ وِجھ پوءِ اُن کي درياءَ ۾ اُڇل ته درياءُ کيس ڀر ڏانھن اُڇليندو (۽) منھنجو ويري ۽ سندس ويري کيس وٺندو، ۽ پاڻ وٽان توتي پيار وڌم، ۽ (گھريم) ته منھنجي اکين اڳيان پلجن.

    (40) إِذْ تَمْشِي أُخْتُكَ فَتَقُولُ هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَى مَن يَكْفُلُهُ فَرَجَعْنَاكَ إِلَى أُمِّكَ كَيْ تَقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَقَتَلْتَ نَفْسًا فَنَجَّيْنَاكَ مِنَ الْغَمِّ وَفَتَنَّاكَ فُتُونًا فَلَبِثْتَ سِنِينَ فِي أَهْلِ مَدْيَنَ ثُمَّ جِئْتَ عَلَى قَدَرٍ يَا مُوسَى
    40 – 40. جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي تڏھن چيائين ٿي جيڪو ان کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان، پوءِ توکي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون ته اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نه رھي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئي پوءِ توکي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ توکي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھ رھين، وري اي موسىٰ تون تقدير (الٰھي) موافق آئين.

    (41) وَاصْطَنَعْتُكَ لِنَفْسِي
    41 – 41. ۽ (اي موسى) توکي خلاصو پاڻ لاءِ بڻايم.

    (42) اذْهَبْ أَنتَ وَأَخُوكَ بِآيَاتِي وَلَا تَنِيَا فِي ذِكْرِي
    42 – 42. تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ ڍرائي نه ڪجو.

    (43) اذْهَبَا إِلَى فِرْعَوْنَ إِنَّهُ طَغَى
    43 – 43. فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو نافرمان ٿيو آھي.

    (44) فَقُولَا لَهُ قَوْلًا لَّيِّنًا لَّعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَوْ يَخْشَى
    44 – 44. پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو ته مانَ اُھو سوچ ڪري يا ڊڄي.

    (45) قَالَا رَبَّنَا إِنَّنَا نَخَافُ أَن يَفْرُطَ عَلَيْنَا أَوْ أَن يَطْغَى
    45 – 45. چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي ڏاڍ ڪري يا زيادتي ڪري.

    (46) قَالَ لَا تَخَافَا إِنَّنِي مَعَكُمَا أَسْمَعُ وَأَرَى
    46 – 46. (الله) چيو ته نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوھان سان گڏ آھيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو.

    (47) فَأْتِيَاهُ فَقُولَا إِنَّا رَسُولَا رَبِّكَ فَأَرْسِلْ مَعَنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ وَلَا تُعَذِّبْهُمْ قَدْ جِئْنَاكَ بِآيَةٍ مِّن رَّبِّكَ وَالسَّلَامُ عَلَى مَنِ اتَّبَعَ الْهُدَى
    47 – 47. پوءِ وٽس وڃو ۽ چئو ته اسين پنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون پوءِ بني اسرائيلن کي اسان سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي، ۽ کين نه ڏکوءِ بيشڪ تو وٽ تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان نشانيءَ سان آيا آھيون، ۽ جيڪو سڌي رستي تي ھلي تنھن تي سلامتي آھي.

    (48) إِنَّا قَدْ أُوحِيَ إِلَيْنَا أَنَّ الْعَذَابَ عَلَى مَن كَذَّبَ وَتَوَلَّى
    48 – 48. بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي ته جيڪو الله جي حُڪمن کي ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي.

    (49) قَالَ فَمَن رَّبُّكُمَا يَا مُوسَى
    49 – 49. (فرعون) چيو ته پوءِ اي مُوسىٰ اوھان جو پالڻھار ڪير آھي؟

    (50) قَالَ رَبُّنَا الَّذِي أَعْطَى كُلَّ شَيْءٍ خَلْقَهُ ثُمَّ هَدَى
    50 – 50. (موسى) چيو ته اسان جو پالڻھاراُھو آھي جنھن ھر شيء کي (پاڻو داڻي) رُؤاني بخشي وري ھدايت ڪيائين.

    (51) قَالَ فَمَا بَالُ الْقُرُونِ الْأُولَى
    51 – 51. (فرعون) چيو ته پھرين ٽولين جو ڪھڙو حال آھي؟

    (52) قَالَ عِلْمُهَا عِندَ رَبِّي فِي كِتَابٍ لَّا يَضِلُّ رَبِّي وَلَا يَنسَى
    52 – 52. (موسى) چيو ته اُن جي خبر منھنجي پالڻھار وٽ ڪتاب ۾ آھي، منھنجو پالڻھار نڪي ڀُلندو آھي ۽ نڪي وساريندو آھي.

    (53) الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ الْأَرْضَ مَهْدًا وَسَلَكَ لَكُمْ فِيهَا سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّمَاء مَاء فَأَخْرَجْنَا بِهِ أَزْوَاجًا مِّن نَّبَاتٍ شَتَّى
    53 – 53. جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ توھان لاءِ منجھس رستا جاري ڪيا ۽ آسمان کان پاڻي وَسايو، ۽ پوءِ اُن سان ھر جنس جا اوڀڙ پاڻون داڻا ڄماياسون.

    (54) كُلُوا وَارْعَوْا أَنْعَامَكُمْ إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَاتٍ لِّأُوْلِي النُّهَى
    54 – 54. (چيوسون ته) کائو ۽ پنھنجن ڍورن کي چاريو، بيشڪ اُن ۾ سمجھ وارن لاءِ نشانيون آھن.
    (55) مِنْهَا خَلَقْنَاكُمْ وَفِيهَا نُعِيدُكُمْ وَمِنْهَا نُخْرِجُكُمْ تَارَةً أُخْرَى
    55 – 55. منجھانئس اوھان کي بڻايوسون ۽ منجھس اوھان کي ورائينداسون ۽ منجھانئس ٻيو ڀيرو اوھان کي ڪڍنداسون.

    (56) وَلَقَدْ أَرَيْنَاهُ آيَاتِنَا كُلَّهَا فَكَذَّبَ وَأَبَى
    56 – 56. ۽ بيشڪ اُن (فرعون) کي سڀئي نشانيون ڏيکاريوسون پوءِ ڪوڙ ڀانيائين ۽ انڪار ڪيائين.

    (57) قَالَ أَجِئْتَنَا لِتُخْرِجَنَا مِنْ أَرْضِنَا بِسِحْرِكَ يَا مُوسَى
    57 – 57. (فرعون) چيو ته اي موسىٰ اسان وٽ ھِن لاءِ آيو آھين ڇا ته پنھنجي جادوءَ سان اسان جي مُلڪن مان اسان کي لوڌين؟

    (58) فَلَنَأْتِيَنَّكَ بِسِحْرٍ مِّثْلِهِ فَاجْعَلْ بَيْنَنَا وَبَيْنَكَ مَوْعِدًا لَّا نُخْلِفُهُ نَحْنُ وَلَا أَنتَ مَكَانًا سُوًى
    58 – 58. پوءِ اسان به اھڙائي جادو تو وٽ ضرور آڻينداسون (جھڙا تون اسان کي ڏيکارين ٿو) تنھنڪري اسانجي ۽ پنھنجي وچ ۾ اھڙو انجام (جو وقت) مقرر ڪر ۽ نڪي اسين ابتڙ ٿيون ۽ (اُھو) ھڪ صاف پڌر ۾ ھُجي.

    (59) قَالَ مَوْعِدُكُمْ يَوْمُ الزِّينَةِ وَأَن يُحْشَرَ النَّاسُ ضُحًى
    59 – 59. چيائين ته اوھان جي انجام جو وقت جشن جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھو ڏينھن چڙھي گڏ ٿين.

    (60) فَتَوَلَّى فِرْعَوْنُ فَجَمَعَ كَيْدَهُ ثُمَّ أَتَى
    60 – 60. پوءِ فرعون (گھر ڏانھن) موٽيو ۽ پنھنجا ڦند گڏ ڪيائين وري آيو.

    (61) قَالَ لَهُم مُّوسَى وَيْلَكُمْ لَا تَفْتَرُوا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسْحِتَكُمْ بِعَذَابٍ وَقَدْ خَابَ مَنِ افْتَرَى
    61 – 61. مُوسىٰ جادوگرن کي چيو ته اوھان تي خرابي ھجي الله تي ڪوڙو ٺاھ نه ٺاھيو نه ته اوھان کي ڪنھن آفت سان کپائيندو، ۽ جنھن ٺاھ ٺاھيو سو بيشڪ مراد کي نه پھتو.

    (62) فَتَنَازَعُوا أَمْرَهُم بَيْنَهُمْ وَأَسَرُّوا النَّجْوَى
    62 – 62. پوءِ پنھنجي ڪم ۾ پاڻ ۾ گفتگو ڪيائون ۽ ڳجھيون صلاحون ڪيائون.

    (63) قَالُوا إِنْ هَذَانِ لَسَاحِرَانِ يُرِيدَانِ أَن يُخْرِجَاكُم مِّنْ أَرْضِكُم بِسِحْرِهِمَا وَيَذْهَبَا بِطَرِيقَتِكُمُ الْمُثْلَى
    63 – 63. چيائون ته ھي ٻئي ضرور جادوگر آھن پنھنجي جادوءَ سان اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان لوڌڻ ۽ اوھان جي بلڪل چڱي مذھب کي وڃائڻ گھرندا آھن.

    (64) فَأَجْمِعُوا كَيْدَكُمْ ثُمَّ ائْتُوا صَفًّا وَقَدْ أَفْلَحَ الْيَوْمَ مَنِ اسْتَعْلَى
    64 – 64. تنھنڪري پنھنجا جادوءَ (جا سامان) گڏ ڪريو وري صفون ٻڌي اچو، ۽ جيڪو اڄ ڏاڍو ٿيو سو بيشڪ ڇٽو.

    (65) قَالُوا يَا مُوسَى إِمَّا أَن تُلْقِيَ وَإِمَّا أَن نَّكُونَ أَوَّلَ مَنْ أَلْقَى
    65 – 65. چيائون ته اي مُوسىٰ (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو جادو) اُڇليون.

    (66) قَالَ بَلْ أَلْقُوا فَإِذَا حِبَالُهُمْ وَعِصِيُّهُمْ يُخَيَّلُ إِلَيْهِ مِن سِحْرِهِمْ أَنَّهَا تَسْعَى
    66 – 66. (مُوسى) چيو ته ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو ته ڄڻڪ اھي ڊوڙن ٿيون.

    (67) فَأَوْجَسَ فِي نَفْسِهِ خِيفَةً مُّوسَى
    67 – 67. پوءِ مُوسىٰ پنھنجي دل ۾ ڊپ ڀانيو.

    (68) قُلْنَا لَا تَخَفْ إِنَّكَ أَنتَ الْأَعْلَى
    68 – 68. چيوسون ته نه ڊڄ ڇوته تون ئي غالب آھين.

    (69) وَأَلْقِ مَا فِي يَمِينِكَ تَلْقَفْ مَا صَنَعُوا إِنَّمَا صَنَعُوا كَيْدُ سَاحِرٍ وَلَا يُفْلِحُ السَّاحِرُ حَيْثُ أَتَى
    69 – 69. ۽ جيڪي تنھنجي سڄي ھٿ ۾ آھي سو اُڇل ته جيڪي بڻايائون سو ڳِھي وڃي، جيڪي بڻايائون سو جادوگر جي فريب کانسواءِ نه آھي، ۽ جادوگر جِتي ويندو اُتي نه ڇٽندو.

    (70) فَأُلْقِيَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قَالُوا آمَنَّا بِرَبِّ هَارُونَ وَمُوسَى
    70 – 70. پوءِ سڀ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيا چيائون ته مُوسىٰ ۽ ھارون جي پالڻھار تي آيمان آندوسون.

    (71) قَالَ آمَنتُمْ لَهُ قَبْلَ أَنْ آذَنَ لَكُمْ إِنَّهُ لَكَبِيرُكُمُ الَّذِي عَلَّمَكُمُ السِّحْرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُم مِّنْ خِلَافٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُمْ فِي جُذُوعِ النَّخْلِ وَلَتَعْلَمُنَّ أَيُّنَا أَشَدُّ عَذَابًا وَأَبْقَى
    71 – 71. (فرعون) چيو ته اوھان منھنجي موڪل ڏيڻ کان اڳ اُن تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو ضرور وَڏو (يعني استاد) آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو آھي، تنھنڪري اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتا سُبتا ضرور وڍيندس ۽ اوھان کي کجين جي ٿُڙن ۾ ضرور سُوريءَ چاڙھيندس، ۽ ضرور ڄاڻندؤ ته اسان مان ڪنھنجو عذاب بلڪل سخت ۽ بلڪل ھميشه رھڻ وارو آھي.

    (72) قَالُوا لَن نُّؤْثِرَكَ عَلَى مَا جَاءنَا مِنَ الْبَيِّنَاتِ وَالَّذِي فَطَرَنَا فَاقْضِ مَا أَنتَ قَاضٍ إِنَّمَا تَقْضِي هَذِهِ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا
    72 – 72. چيائون ته چِٽن دليلن مان جيڪي اسان وٽ آيا تن تي ۽ جنھن اسان کي پيدا ڪيو تنھن تي توکي ڪڏھن زيادتي نه ڏينداسون تنھنڪري جيڪي تون ڪرڻ وارو آھين سو ڪر، (تون) رڳو دُنيا جي حياتيءَ ۾ ڪندين.

    (73) إِنَّا آمَنَّا بِرَبِّنَا لِيَغْفِرَ لَنَا خَطَايَانَا وَمَا أَكْرَهْتَنَا عَلَيْهِ مِنَ السِّحْرِ وَاللَّهُ خَيْرٌ وَأَبْقَى
    73 – 73. بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي ته اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.

    (74) إِنَّهُ مَن يَأْتِ رَبَّهُ مُجْرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيى
    74 – 74. سچ آھي ته جيڪو منھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو.

    (75) وَمَنْ يَأْتِهِ مُؤْمِنًا قَدْ عَمِلَ الصَّالِحَاتِ فَأُوْلَئِكَ لَهُمُ الدَّرَجَاتُ الْعُلَى
    75 – 75. ۽ جيڪي مؤمن ٿي وٽس چڱا ڪم ڪري ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن.

    (76) جَنَّاتُ عَدْنٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا وَذَلِكَ جَزَاء مَن تَزَكَّى
    76 – 76. سدائين رھڻ جا باغ جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي.

    (77) وَلَقَدْ أَوْحَيْنَا إِلَى مُوسَى أَنْ أَسْرِ بِعِبَادِي فَاضْرِبْ لَهُمْ طَرِيقًا فِي الْبَحْرِ يَبَسًا لَّا تَخَافُ دَرَكًا وَلَا تَخْشَى
    77 – 77. ۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ انھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀَو نه ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ.

    (78) فَأَتْبَعَهُمْ فِرْعَوْنُ بِجُنُودِهِ فَغَشِيَهُم مِّنَ الْيَمِّ مَا غَشِيَهُمْ
    78 – 78. پوءِ فرعون پنھنجي لشڪر سميت سندن پوئتان پيو پوءِ سمنڊ مان (پاڻيءَ جو اُھو ڪُنَّ) کين وري ويو جيڪو کين ورڻو ھو.

    (79) وَأَضَلَّ فِرْعَوْنُ قَوْمَهُ وَمَا هَدَى
    79 – 79. ۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نه لاتو.

    (80) يَا بَنِي إِسْرَائِيلَ قَدْ أَنجَيْنَاكُم مِّنْ عَدُوِّكُمْ وَوَاعَدْنَاكُمْ جَانِبَ الطُّورِ الْأَيْمَنَ وَنَزَّلْنَا عَلَيْكُمُ الْمَنَّ وَالسَّلْوَى
    80 – 80. اي بني اسرائيلؤ بيشڪ اوھان کي اوھان جي ويريءَ کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏئڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَنّ ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون.

    (81) كُلُوا مِن طَيِّبَاتِ مَا رَزَقْنَاكُمْ وَلَا تَطْغَوْا فِيهِ فَيَحِلَّ عَلَيْكُمْ غَضَبِي وَمَن يَحْلِلْ عَلَيْهِ غَضَبِي فَقَدْ هَوَى
    81 – 81. (۽ چيوسون ته) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نه ڪريو نه ته اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو.

    (82) وَإِنِّي لَغَفَّارٌ لِّمَن تَابَ وَآمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا ثُمَّ اهْتَدَى
    82 – 82. ۽ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان.

    (83) وَمَا أَعْجَلَكَ عَن قَوْمِكَ يَا مُوسَى
    83 – 83. ۽ اي موسىٰ ڪنھن توکي پنھنجي قوم کان (اڳ اچڻ جي) تڪڙ ڪرائي؟

    (84) قَالَ هُمْ أُولَاء عَلَى أَثَرِي وَعَجِلْتُ إِلَيْكَ رَبِّ لِتَرْضَى
    84 – 84. چيائين ته اُھي منھنجي پوئتان آھن ۽ اي منھنجا پالڻھار توڏانھن ھن لاءِ تڪڙ ڪيم ته راضي ٿئين.

    (85) قَالَ فَإِنَّا قَدْ فَتَنَّا قَوْمَكَ مِن بَعْدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السَّامِرِيُّ
    85 – 85. (الله) چيو ته اسان تنھنجي پويان تنھنجي قوم کي پرکيو ۽ کين سامريءَ گمراھ ڪيو.

    (86) فَرَجَعَ مُوسَى إِلَى قَوْمِهِ غَضْبَانَ أَسِفًا قَالَ يَا قَوْمِ أَلَمْ يَعِدْكُمْ رَبُّكُمْ وَعْدًا حَسَنًا أَفَطَالَ عَلَيْكُمُ الْعَهْدُ أَمْ أَرَدتُّمْ أَن يَحِلَّ عَلَيْكُمْ غَضَبٌ مِّن رَّبِّكُمْ فَأَخْلَفْتُم مَّوْعِدِي
    86 – 86. پوءِ مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙجي ارمان ۾ موٽيو، چيائين ته اي منھنجي قوم اوھان جي پالڻھار اوھان کي چڱو انجام نه ڏنو ھو ڇا؟ پوءِ اوھان تي مُدو ڊگھو ٿي پيو ڇا يا پنھنجي پالڻھار جو ڏمر پاڻ تي نازل ٿيڻ گھريوَ؟ تنھنڪري منھنجي انجام جي ابتڙائي ڪيوَ.

    (87) قَالُوا مَا أَخْلَفْنَا مَوْعِدَكَ بِمَلْكِنَا وَلَكِنَّا حُمِّلْنَا أَوْزَارًا مِّن زِينَةِ الْقَوْمِ فَقَذَفْنَاهَا فَكَذَلِكَ أَلْقَى السَّامِرِيُّ
    87 – 87. چيائون ته پنھنجي وس کان تنھنجي انجام جي برخلافي نه ڪئي سون پر (فرعون جي) قوم جي زيورن مان بار کڻايا وياسون پوءِ اُھي (باھ ۾) وڌاسون پوءِ اھڙي طرح سامري وڌا.

    (88) فَأَخْرَجَ لَهُمْ عِجْلًا جَسَدًا لَهُ خُوَارٌ فَقَالُوا هَذَا إِلَهُكُمْ وَإِلَهُ مُوسَى فَنَسِيَ
    88 – 88. پوءِ انھن لاءِ گابي جو بوتو ڪڍيائين جنھن کي رنڀ ھئي پوءِ چيائون ته ھيءُ اوھان جو معبود ۽ موسىٰ جو معبود آھي، ۽ (مُوسى) ڀلجي ويو.

    (89) أَفَلَا يَرَوْنَ أَلَّا يَرْجِعُ إِلَيْهِمْ قَوْلًا وَلَا يَمْلِكُ لَهُمْ ضَرًّا وَلَا نَفْعًا
    89 – 89. نه ٿي ڏٺائون ڇا ته (اُھو) اُنھن کي ورندي ورائي نٿو ڏئي، ۽ کين نڪي ڏُک ۽ نڪي سُک ڏئي سگھي ٿو؟

    (90) وَلَقَدْ قَالَ لَهُمْ هَارُونُ مِن قَبْلُ يَا قَوْمِ إِنَّمَا فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحْمَنُ فَاتَّبِعُونِي وَأَطِيعُوا أَمْرِي
    90 – 90. ۽ بيشڪ ھارُون پھريون ئي کين چيو ھو ته اي منھنجي قوم اوھين اُن (گابي) سان پرکيا ويا آھيو، بيشڪ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو (الله) آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪريو ۽ منھنجو حُڪم مڃيو.

    (91) قَالُوا لَن نَّبْرَحَ عَلَيْهِ عَاكِفِينَ حَتَّى يَرْجِعَ إِلَيْنَا مُوسَى
    91 – 91. چيائون ته (اسين ايسين) مٿس مجاور رھنداسون جيسين مُوسىٰ اسان ڏانھن موٽي.

    (92) قَالَ يَا هَارُونُ مَا مَنَعَكَ إِذْ رَأَيْتَهُمْ ضَلُّوا
    92 – 92. (مُوسىٰ اچي) چيو ته اي ھارون توکي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي.

    (93) أَلَّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيْتَ أَمْرِي
    93 – 93. ته منھنجي پٺيان نه لڳين، منھنجي حُڪم جي نافرماني ڪيئي ڇا؟

    (94) قَالَ يَا ابْنَ أُمَّ لَا تَأْخُذْ بِلِحْيَتِي وَلَا بِرَأْسِي إِنِّي خَشِيتُ أَن تَقُولَ فَرَّقْتَ بَيْنَ بَنِي إِسْرَائِيلَ وَلَمْ تَرْقُبْ قَوْلِي
    94 – 94. (ھارون) چيو ته اي ادا نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس ته متان چوين ته يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌءِ ۽ منھنجي چوڻ جو انتظار نه ڪيئي.

    (95) قَالَ فَمَا خَطْبُكَ يَا سَامِرِيُّ
    95 – 95. (موسى) چيو ته اي سامري تنھنجو ڇا حال آھي.

    (96) قَالَ بَصُرْتُ بِمَا لَمْ يَبْصُرُوا بِهِ فَقَبَضْتُ قَبْضَةً مِّنْ أَثَرِ الرَّسُولِ فَنَبَذْتُهَا وَكَذَلِكَ سَوَّلَتْ لِي نَفْسِي
    96 – 96. چيائين ته اُھا (شيء) ڏٺم جا (ماڻھن) نه ڏٺي پوءِ اُن موڪيل جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو.

    (97) قَالَ فَاذْهَبْ فَإِنَّ لَكَ فِي الْحَيَاةِ أَن تَقُولَ لَا مِسَاسَ وَإِنَّ لَكَ مَوْعِدًا لَّنْ تُخْلَفَهُ وَانظُرْ إِلَى إِلَهِكَ الَّذِي ظَلْتَ عَلَيْهِ عَاكِفًا لَّنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِي الْيَمِّ نَسْفًا
    97 – 97. (موسى) چيو ته وڃ بيشڪ توکي حياتيءَ ۾ (ھيءَ سزا) آھي ته چوندو رھندين ته نه ڇُھو، ۽ تولاءِ بيشڪ (ٻيو به) انجام آھي جنھن جي توسان ابتڙائي نه ڪبي، ۽ پنھنجي معبود ڏانھن نھار جنھن تي تون مجاور ٿي ويٺو ھُئين، ته اُن کي ساڙينداسون وري اُن (جي ڪيريءَ) کي درياءَ ۾ کنڊائڻ وانگر کنڊائينداسين.

    (98) إِنَّمَا إِلَهُكُمُ اللَّهُ الَّذِي لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيْءٍ عِلْمًا
    98 – 98. اوھان جو معبود الله ئي آھي انھيءَ کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، سڀڪا شيء سندس علم ۾ سمائي آھي.

    (99) كَذَلِكَ نَقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنبَاء مَا قَدْ سَبَقَ وَقَدْ آتَيْنَاكَ مِن لَّدُنَّا ذِكْرًا
    99 – 99. (اي پيغمبر) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان توتي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان توکي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون.

    (100) مَنْ أَعْرَضَ عَنْهُ فَإِنَّهُ يَحْمِلُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وِزْرًا
    100 – 100. جيڪو کانئس مُنھن موڙيندو سو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) بار کڻندو.

    (101) خَالِدِينَ فِيهِ وَسَاء لَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ حِمْلًا
    101 – 101. منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ قيامت جي ڏينھن انھن کي بار کڻڻ بڇڙو آھي.

    (102) يَوْمَ يُنفَخُ فِي الصُّورِ وَنَحْشُرُ الْمُجْرِمِينَ يَوْمَئِذٍ زُرْقًا
    102 – 102. جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اُن ڏينھن ڏوھارين کي جھرو ڪري اُٿارينداسون.

    (103) يَتَخَافَتُونَ بَيْنَهُمْ إِن لَّبِثْتُمْ إِلَّا عَشْرًا
    103 – 103. (تنھن ڏينھن) پاڻ ۾ سُ پُس ڪندا ته اوھين (دُنيا ۾) رڳو ڏھاڪو ڏينھن رھيؤ.

    (104) نَحْنُ أَعْلَمُ بِمَا يَقُولُونَ إِذْ يَقُولُ أَمْثَلُهُمْ طَرِيقَةً إِن لَّبِثْتُمْ إِلَّا يَوْمًا
    104 – 104. جيڪي چوندا سو اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون اُن مھل منجھائن پوري رستي وارو چوندو ته ھڪ ڏينھن کانسواءِ نه رھيا آھيو.

    (105) وَيَسْأَلُونَكَ عَنِ الْجِبَالِ فَقُلْ يَنسِفُهَا رَبِّي نَسْفًا
    105 – 105. ۽ (اي پيغمبر) جبلن بابت توکان پُڇن ٿا چؤ ته منھنجو پالڻھار اُنھن کي اُڏائي کنڊائيندو.

    (106) فَيَذَرُهَا قَاعًا صَفْصَفًا
    106 – 106. پوءِ اُن ھنڌ کي صاف پٽ ڪري ڇڏيندو.

    (107) لَا تَرَى فِيهَا عِوَجًا وَلَا أَمْتًا
    107 – 107. منجھس نڪي ھيٺاھين ۽ نڪي مٿاھين ڏسندين.

    (108) يَوْمَئِذٍ يَتَّبِعُونَ الدَّاعِيَ لَا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَت الْأَصْوَاتُ لِلرَّحْمَنِ فَلَا تَسْمَعُ إِلَّا هَمْسًا
    108 – 108. اُن ڏينھن سڏيندڙ جي پوئتان لڳندا جنھن کي ڪا ڏنگائي نه ھوندي، ۽ سڀ آواز الله لاءِ جھڪا ٿيندا پوءِ ڀُڻڪ کانسواءِ ڪُجھ نه ٻڌندين.

    (109) يَوْمَئِذٍ لَّا تَنفَعُ الشَّفَاعَةُ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ الرَّحْمَنُ وَرَضِيَ لَهُ قَوْلًا
    109 – 109. جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي.

    (110) يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلَا يُحِيطُونَ بِهِ عِلْمًا
    110 – 110. جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (ماڻھو) کيس علم ڪري نه ويڙھيندا.

    (111) وَعَنَتِ الْوُجُوهُ لِلْحَيِّ الْقَيُّومِ وَقَدْ خَابَ مَنْ حَمَلَ ظُلْمًا
    111 – 111. ۽ سڀ مُنھن سدائين جيئري بيھڪ ڏيندڙ لاءِ عاجزي ڪندڙ آھن، ۽ جنھن ظلم (جو بار) کَنيو سو ڇيئي وارو ٿيو.

    (112) وَمَن يَعْمَلْ مِنَ الصَّالِحَاتِ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَلَا يَخَافُ ظُلْمًا وَلَا هَضْمًا
    112 – 112. ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن (به) ھوندو سو نڪي ظلم کان ۽ نڪي نقصان کان ڊڄندو.

    (113) وَكَذَلِكَ أَنزَلْنَاهُ قُرْآنًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفْنَا فِيهِ مِنَ الْوَعِيدِ لَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ أَوْ يُحْدِثُ لَهُمْ ذِكْرًا
    113 – 113. ۽ اھڙي طرح اِھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس عذاب جو انجام طرحين طرحين بيان ڪيوسون ته مانَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري.

    (114) فَتَعَالَى اللَّهُ الْمَلِكُ الْحَقُّ وَلَا تَعْجَلْ بِالْقُرْآنِ مِن قَبْلِ أَن يُقْضَى إِلَيْكَ وَحْيُهُ وَقُل رَّبِّ زِدْنِي عِلْمًا
    114 – 114. پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو توڏانھن ان جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نه ڪر، ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار منھنجو علم وڌاءَ.

    (115) وَلَقَدْ عَهِدْنَا إِلَى آدَمَ مِن قَبْلُ فَنَسِيَ وَلَمْ نَجِدْ لَهُ عَزْمًا
    115 – 115. ۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيوھوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نه لڌي سون.

    (116) وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلَائِكَةِ اسْجُدُوا لِآدَمَ فَسَجَدُوا إِلَّا إِبْلِيسَ أَبَى
    116 – 116. ۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، ۽ اُن انڪار ڪيو.

    (117) فَقُلْنَا يَا آدَمُ إِنَّ هَذَا عَدُوٌّ لَّكَ وَلِزَوْجِكَ فَلَا يُخْرِجَنَّكُمَا مِنَ الْجَنَّةِ فَتَشْقَى
    117 – 117. پوءِ چيوسون ته اي آدم ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي ته ڏکيا ٿيو.

    (118) إِنَّ لَكَ أَلَّا تَجُوعَ فِيهَا وَلَا تَعْرَى
    118 – 118. بيشڪ تولاءِ (ھي آھي ته) منجھس نڪي بُک لڳندءِ نڪي اُگھاڙو ٿيندين.

    (119) وَأَنَّكَ لَا تَظْمَأُ فِيهَا وَلَا تَضْحَى
    119 – 119. ۽ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندءِ.

    (120) فَوَسْوَسَ إِلَيْهِ الشَّيْطَانُ قَالَ يَا آدَمُ هَلْ أَدُلُّكَ عَلَى شَجَرَةِ الْخُلْدِ وَمُلْكٍ لَّا يَبْلَى
    120 – 120. پوءِ کيس شيطان ڌوڪو ڏنو چيائين ته اي آدم سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو توکي ڏَس ڏيان؟

    (121) فَأَكَلَا مِنْهَا فَبَدَتْ لَهُمَا سَوْآتُهُمَا وَطَفِقَا يَخْصِفَانِ عَلَيْهِمَا مِن وَرَقِ الْجَنَّةِ وَعَصَى آدَمُ رَبَّهُ فَغَوَى
    121 – 121. پوءِ منجھانئس ٻنھي کاڌو تنھنڪري انھن کي سندين اوگھڙ پڌري ٿي ۽ بھشت (جي وڻ) جا پن پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ آدم پنھنجي پالڻھار کان نافرمان ٿيو تنھنڪري ڀُلو.

    (122) ثُمَّ اجْتَبَاهُ رَبُّهُ فَتَابَ عَلَيْهِ وَهَدَى
    122 – 122. وري سندس پالڻھار کيس سڳورو ڪيو پوءِ مٿس ٻاجھ سان موٽيو ۽ (کيس) سڌي رستي لاتائين.

    (123) قَالَ اهْبِطَا مِنْهَا جَمِيعًا بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ فَإِمَّا يَأْتِيَنَّكُم مِّنِّي هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُدَايَ فَلَا يَضِلُّ وَلَا يَشْقَى
    123 – 123. چيائين ته منجھانئس ٻئي گڏ لھي وڃو اوھان مان ڪي ڪن جا ويري ٿيندا، پوءِ جڏھن اوھان وٽ منھنجي ھدايت اچي، تڏھن جنھن منھنجي ھدايت جي تابعداري ڪئي سو گمراھ نه ٿيندو ۽ نڪي ڏکيو ٿيندو.

    (124) وَمَنْ أَعْرَضَ عَن ذِكْرِي فَإِنَّ لَهُ مَعِيشَةً ضَنكًا وَنَحْشُرُهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ أَعْمَى
    124 – 124. ۽ جيڪي منھنجي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندو تنھن لاءِ بيشڪ حياتي اھنجي ٿيندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس انڌو ڪري اٿارينداسون.

    (125) قَالَ رَبِّ لِمَ حَشَرْتَنِي أَعْمَى وَقَدْ كُنتُ بَصِيرًا
    125 – 125. چوندو اي منھنجا پالڻھار مون کي انڌو ڪري ڇو اُٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو ھوس.

    (126) قَالَ كَذَلِكَ أَتَتْكَ آيَاتُنَا فَنَسِيتَهَا وَكَذَلِكَ الْيَوْمَ تُنسَى
    126 – 126. (الله) چوندو ته ائين آھي تو وٽ اسان جو آيتون آيون پوءِ کين وساريئي، ۽ اھڙي طرح اڄ وساربين.

    (127) وَكَذَلِكَ نَجْزِي مَنْ أَسْرَفَ وَلَمْ يُؤْمِن بِآيَاتِ رَبِّهِ وَلَعَذَابُ الْآخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبْقَى
    127 – 127. ۽ اھڙي طرح انھي کي سزا ڏينداسون جيڪو حد کان لنگھيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي نشانين کي نه مڃيائين، ۽ آخرت جو عذاب ڏاڍو سخت ۽ سدائين رھندڙ آھي.

    (128) أَفَلَمْ يَهْدِ لَهُمْ كَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُم مِّنَ الْقُرُونِ يَمْشُونَ فِي مَسَاكِنِهِمْ إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَاتٍ لِّأُوْلِي النُّهَى
    128 – 128. (ھن ڳالھ) کين سڌو رستو نه ڏيکاريو ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جن جائن ۾ گھمندا آھن؟ بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نشانيون آھن.

    (129) وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِن رَّبِّكَ لَكَانَ لِزَامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى
    129 – 129. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ۽ (پڻ) مدت مقرر ٿيل نه ھجي ھا ته ضرور (عذاب) لازم ٿئي ھا.

    (130) فَاصْبِرْ عَلَى مَا يَقُولُونَ وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ قَبْلَ طُلُوعِ الشَّمْسِ وَقَبْلَ غُرُوبِهَا وَمِنْ آنَاء اللَّيْلِ فَسَبِّحْ وَأَطْرَافَ النَّهَارِ لَعَلَّكَ تَرْضَى
    130 – 130. پوءِ جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪر، ۽ رات جي (پھرين) گھڙين ۾ ۽ ڪجھ گھڙيون ڏينھن جون پاڪائي بيان ڪر ته مانَ تون راضي ٿئين.

    (131) وَلَا تَمُدَّنَّ عَيْنَيْكَ إِلَى مَا مَتَّعْنَا بِهِ أَزْوَاجًا مِّنْهُمْ زَهْرَةَ الْحَيَاةِ الدُّنيَا لِنَفْتِنَهُمْ فِيهِ وَرِزْقُ رَبِّكَ خَيْرٌ وَأَبْقَى
    131 – 131. ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي اکين کي انھن ڏانھن نه کول جنھن سان منجھائن (ڪافرن جي) ٽولين کي دنيا جي حياتي جي سينگار سان ھن لاءِ آسودو ڪيوسون ته منجھس کين پرکيون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو رزق ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.

    (132) وَأْمُرْ أَهْلَكَ بِالصَّلَاةِ وَاصْطَبِرْ عَلَيْهَا لَا نَسْأَلُكَ رِزْقًا نَّحْنُ نَرْزُقُكَ وَالْعَاقِبَةُ لِلتَّقْوَى
    132 – 132. ۽ پنھنجي گھر وارن کي نمازجو حڪم ڪر ۽ مٿس صبر ڪر (يعني قائم رھ) توکان رزق نه گھرندا آھيون، اسين توکي رزق ڏيندا آھيون، ۽ چڱي عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.

    (133) وَقَالُوا لَوْلَا يَأْتِينَا بِآيَةٍ مِّن رَّبِّهِ أَوَلَمْ تَأْتِهِم بَيِّنَةُ مَا فِي الصُّحُفِ الْأُولَى
    133 – 133. ۽ چون ٿا ته اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي ڪا نشاني ڇونه آڻيندو آھي؟ جيڪي پھرين صحيفن ۾ آھي تنھن جي نشاني وٽن نه آئي آھي ڇا؟

    (134) وَلَوْ أَنَّا أَهْلَكْنَاهُم بِعَذَابٍ مِّن قَبْلِهِ لَقَالُوا رَبَّنَا لَوْلَا أَرْسَلْتَ إِلَيْنَا رَسُولًا فَنَتَّبِعَ آيَاتِكَ مِن قَبْلِ أَن نَّذِلَّ وَنَخْزَى
    134 – 134. ۽ جيڪڏھن اسين کين ھن (پيغمبر موڪلڻ) کان اڳ عذاب سان ناس ڪريون ھا ته ضرور چون ھا ته اي اسانجا پالڻھار اسان ڏانھن پيغمبر ڇونه موڪليئي ته پنھنجي ذليل ٿيڻ ۽ خوار ھجڻ کان اڳ تنھنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ھا.

    (135) قُلْ كُلٌّ مُّتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصُوا فَسَتَعْلَمُونَ مَنْ أَصْحَابُ الصِّرَاطِ السَّوِيِّ وَمَنِ اهْتَدَى
    135 – 135. (اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو منتظر آھي پوءِ (اوھين به) منتظر رھو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندو ته سڌي واٽ وارا ڪير آھن ۽ ھدايت وارو ڪير ٿيو؟