islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 26 سوره الشعرآء

    26 سوره الشعرآء

    Rate this post

    (1) طسم
    1 – 1. طٰسٓمّٓ.

    (2) تِلْكَ آيَاتُ الْكِتَابِ الْمُبِينِ
    2 – 2. ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.

    (3) لَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ أَلَّا يَكُونُوا مُؤْمِنِينَ
    3 – 3. متان تون پاڻ کي ھن سببان گھٽي ماريندڙ ٿئين ته (ڪافر) مسلمان نه ٿا ٿين.

    (4) إِن نَّشَأْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِم مِّن السَّمَاء آيَةً فَظَلَّتْ أَعْنَاقُهُمْ لَهَا خَاضِعِينَ
    4 – 4. جيڪڏھن اسين گھرون ته آسمان کان مٿن ڪا (اھڙي) نشاني نازل ڪريون جنھن جي آڏو سندن گردنون جھڪيون ٿين.

    (5) وَمَا يَأْتِيهِم مِّن ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمَنِ مُحْدَثٍ إِلَّا كَانُوا عَنْهُ مُعْرِضِينَ
    5 – 5. ۽ ٻاجھاري (الله) کان ڪائي نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي جو کانئس منھن موڙيندڙ (نه) آھن.

    (6) فَقَدْ كَذَّبُوا فَسَيَأْتِيهِمْ أَنبَاء مَا كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُون
    6 – 6. پوءِ بيشڪ ڪُوڙو ڀانئي چُڪا تنھنڪري سگھوئي وٽن اُھي خبرون اينديون جن سان اُھي ٺـٺوليون ڪندا ھوا.

    (7) أَوَلَمْ يَرَوْا إِلَى الْأَرْضِ كَمْ أَنبَتْنَا فِيهَا مِن كُلِّ زَوْجٍ كَرِيمٍ
    7 – 7. زمين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته منجھس ھر ڪنھن جنس جا ڪيترائي سُٺا اوڀڙ ڄماياسون؟

    (8) إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
    8 – 8. بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه آھن.

    (9) وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
    9 – 9. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.
    10) وَإِذْ نَادَى رَبُّكَ مُوسَى أَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
    10 – 10. ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار موسىٰ کي سڏيو ته ظالمن جي قوم ڏانھن وڃ.

    (11) قَوْمَ فِرْعَوْنَ أَلَا يَتَّقُونَ
    11 – 11. جا فرعون جي قوم آھي، (کانئن پُڇ) ته پرھيزگاري نه ڪندا ڇا؟

    (12) قَالَ رَبِّ إِنِّي أَخَافُ أَن يُكَذِّبُونِ
    12 – 12. مُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان مونکي ڪُوڙو ڀانئين.

    (13) وَيَضِيقُ صَدْرِي وَلَا يَنطَلِقُ لِسَانِي فَأَرْسِلْ إِلَى هَارُونَ
    13 – 13. ۽ منھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي ۽ منھنجي زبان به پوري نه اُٿلندي آھي تنھنڪري ھارون ڏانھن (پيغمبريءَ جو حُڪم) موڪل.

    (14) وَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنبٌ فَأَخَافُ أَن يَقْتُلُونِ
    14 – 14. ۽ انھن جو مون تي ڏوھ به آھي تنھنڪري ڊڄان ٿو ته متان مون کي ماري ڇڏين.

    (15) قَالَ كَلَّا فَاذْهَبَا بِآيَاتِنَا إِنَّا مَعَكُم مُّسْتَمِعُونَ
    15 – 15. (الله) فرمايو ته ايئن (ٿيڻو) نه آھي، پوءِ منھنجي نشانين سان ٻئي (ڄڻا) وڃو بيشڪ اسين اوھان سان گڏ ٻڌندڙ آھيون.

    (16) فَأْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُولَا إِنَّا رَسُولُ رَبِّ الْعَالَمِينَ
    16 – 16. تنھنڪري فرعون وٽ وڃو ۽ چئوس ته بيشڪ اسين جھانن جي پالڻھار جا (ھن پيغام سان) موڪليل آھيون.

    (17) أَنْ أَرْسِلْ مَعَنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ
    17 – 17. ته بني اسرائيل کي اسان سان موڪل.

    (18) قَالَ أَلَمْ نُرَبِّكَ فِينَا وَلِيدًا وَلَبِثْتَ فِينَا مِنْ عُمُرِكَ سِنِينَ
    18 – 18. فرعون چيو ته توکي پنھنجن (ڀاتين) ۾ ننڍڙو ڪري نه پاليو ھوسون ڇا؟ ۽ پنھنجي عمر جا ڪيترائي ورھ اسان ۾ گذاريئي.

    (19) وَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِي فَعَلْتَ وَأَنتَ مِنَ الْكَافِرِينَ
    19 – 19. ۽ تو پنھنجو اُھو ڪم ڪيو جو تون ڪري چڪين ۽ تون بي شڪرن مان آھين.

    (20) قَالَ فَعَلْتُهَا إِذًا وَأَنَا مِنَ الضَّالِّينَ
    20 – 20. (موسى) چيو ته جنھن مھل اُھو ڪم ڪيو ھوم (تنھن مھل) آءٌ بي سمجھن مان ھوس.

    (21) فَفَرَرْتُ مِنكُمْ لَمَّا خِفْتُكُمْ فَوَهَبَ لِي رَبِّي حُكْمًا وَجَعَلَنِي مِنَ الْمُرْسَلِينَ
    21 – 21. پوءِ جنھن مھل اوھان (جي ايذاءَ) کان ڊنس تنھن مھل اوھان کان ڀڳس پوءِ منھنجي پالڻھار مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين.

    (22) وَتِلْكَ نِعْمَةٌ تَمُنُّهَا عَلَيَّ أَنْ عَبَّدتَّ بَنِي إِسْرَائِيلَ
    22 – 22. ۽ اِھو اُھو احسان آھي ڇا جنھنجو مون تي ٿورو رکين ٿو؟ ته بني اسرائيلن کي ٻانھون ڪري ورتو اٿئي.

    (23) قَالَ فِرْعَوْنُ وَمَا رَبُّ الْعَالَمِينَ
    23 – 23. فرعون چيو ته جھانن جو پاليندڙ ڇا (کي چئبو) آھي؟

    (24) قَالَ رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا إن كُنتُم مُّوقِنِينَ
    24 – 24. (موسى) چيو ته آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين ويساہ رکندا آھيو.

    (25) قَالَ لِمَنْ حَوْلَهُ أَلَا تَسْتَمِعُونَ
    25 – 25. (فرعون) پنھنجي آس پاس وارن کي چيو ته (اوھين) نه ٿا ٻُڌو ڇا؟

    (26) قَالَ رَبُّكُمْ وَرَبُّ آبَائِكُمُ الْأَوَّلِينَ
    26 – 26. (مُوسى) چيو ته (اُھو) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن جو پالڻھار آھي.

    (27) قَالَ إِنَّ رَسُولَكُمُ الَّذِي أُرْسِلَ إِلَيْكُمْ لَمَجْنُونٌ
    27 – 27. (فرعون) چيو ته اوھان جو پيغمبر جيڪو اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھي سو بيشڪ چريو آھي.

    (28) قَالَ رَبُّ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ وَمَا بَيْنَهُمَا إِن كُنتُمْ تَعْقِلُونَ
    28 – 28. (مُوسى) چيو ته اوڀر ۽ اولھ ۽ جيڪي انھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھنجو (به) پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين سمجھ رکندا آھيو (ته اِھا سمجھاڻي بس آھي).

    (29) قَالَ لَئِنِ اتَّخَذْتَ إِلَهًا غَيْرِي لَأَجْعَلَنَّكَ مِنَ الْمَسْجُونِينَ
    29 – 29. (فرعون) چيو ته جيڪڏھن مون کانسواءِ ڪو ٻيو خدا ورتئي ته ضرور توکي قيدين مان ڪندس.

    (30) قَالَ أَوَلَوْ جِئْتُكَ بِشَيْءٍ مُّبِينٍ
    30 – 30. (مُوسى) چيو ته جيتوڻيڪ تو وٽ پڌري شيء آڻيان ته به (قيد ڪندين) ڇا؟

    (31) قَالَ فَأْتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
    31 – 31. (فرعون) چيو ته جيڪڏھن تون سَچن مان آھين ته اُھا آڻ.

    (32) فَأَلْقَى عَصَاهُ فَإِذَا هِيَ ثُعْبَانٌ مُّبِينٌ
    32 – 32. پوءِ پنھنجي لَٺ اُڇليائين ته اُھا اُمالڪ پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پئي.

    (33) وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذَا هِيَ بَيْضَاء لِلنَّاظِرِينَ
    33 – 33. ۽ پنھنجو ھٿ ڪڍيائين ته اوچتو اُھو ڏسندڙن لاءِ چمڪندڙ ٿي پيو.
    (34) قَالَ لِلْمَلَإِ حَوْلَهُ إِنَّ هَذَا لَسَاحِرٌ عَلِيمٌ
    34 – 34. (فرعون) پنھنجن آس پاس وارن سردارن کي چيو ته بيشڪ ھي شخص داناءُ جادوگر آھي.

    (35) يُرِيدُ أَن يُخْرِجَكُم مِّنْ أَرْضِكُم بِسِحْرِهِ فَمَاذَا تَأْمُرُونَ
    35 – 35. (ھو) اوھان کي اوھان جي ملڪ مان پنھنجي جادوءَ سان لوڌڻ گھري ٿو پوءِ مون کي (ھاڻي) ڇا ٿا حُڪم ڪريو؟

    (36) قَالُوا أَرْجِهِ وَأَخَاهُ وَابْعَثْ فِي الْمَدَائِنِ حَاشِرِينَ
    36 – 36. چيائون ته کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شھرن ۾ ڪوٺيندڙ کي موڪل.

    (37) يَأْتُوكَ بِكُلِّ سَحَّارٍ عَلِيمٍ
    37 – 37. ته سڀڪنھن ڄاڻندڙ وڏي جادوگر کي کي تو وٽ آڻين.

    (38) فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِمِيقَاتِ يَوْمٍ مَّعْلُومٍ
    38 – 38. پوءِ ھڪ ڏينھن ٺھرايل جي انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا.

    (39) وَقِيلَ لِلنَّاسِ هَلْ أَنتُم مُّجْتَمِعُونَ
    39 – 39. ۽ ماڻھن کي چيو ويو ته اوھين (به) گڏ ٿيڻ وارا آھيو ڇا؟

    (40) لَعَلَّنَا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كَانُوا هُمُ الْغَالِبِينَ
    40 – 40. جيڪڏھن اُھي (جادوگر) غالب ٿيا ته مانَ اسين انھن جا تابعدار ٿيون.

    (41) فَلَمَّا جَاء السَّحَرَةُ قَالُوا لِفِرْعَوْنَ أَئِنَّ لَنَا لَأَجْرًا إِن كُنَّا نَحْنُ الْغَالِبِينَ
    41 – 41. پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) فرعون کي چيائون ته جيڪڏھن اسين ڏاڍا ٿيون ته اسان لاءِ ڪو انعام آھي (يا نه!).

    (42) قَالَ نَعَمْ وَإِنَّكُمْ إِذًا لَّمِنَ الْمُقَرَّبِينَ
    42 – 42. (فرعون) چيو ته ھائو ۽ بيشڪ اوھين اُنھيءَ مھل (منھنجن) ويجھن مان ٿيندؤ.

    (43) قَالَ لَهُم مُّوسَى أَلْقُوا مَا أَنتُم مُّلْقُونَ
    43 – 43. کين مُوسىٰ چيو ته جيڪي اوھين اڇلڻ وارا آھيو سو اُڇليو.

    (44) فَأَلْقَوْا حِبَالَهُمْ وَعِصِيَّهُمْ وَقَالُوا بِعِزَّةِ فِرْعَوْنَ إِنَّا لَنَحْنُ الْغَالِبُونَ
    44 – 44. پوءِ ھنن پنھنجا رسا ۽ پنھنجيون لٺيون اڇليون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قَسم آھي ته بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسون.

    (45) فَأَلْقَى مُوسَى عَصَاهُ فَإِذَا هِيَ تَلْقَفُ مَا يَأْفِكُونَ
    45 – 45. پوءِ مُوسىٰ پنھنجي لَٺ اُڇلي ته اُھا اُتي جو اُتي جيڪو سانگ بڻائيندا ويا سو ڳھندي وئي.

    (46) فَأُلْقِيَ السَّحَرَةُ سَاجِدِينَ
    46 – 46. پوءِ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي نِويا.

    (47) قَالُوا آمَنَّا بِرَبِّ الْعَالَمِينَ
    47 – 47. چيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون.

    (48) رَبِّ مُوسَى وَهَارُونَ
    48 – 48. (جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار آھي.

    (49) قَالَ آمَنتُمْ لَهُ قَبْلَ أَنْ آذَنَ لَكُمْ إِنَّهُ لَكَبِيرُكُمُ الَّذِي عَلَّمَكُمُ السِّحْرَ فَلَسَوْفَ تَعْلَمُونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُم مِّنْ خِلَافٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُمْ أَجْمَعِينَ
    49 – 49. (فرعون) چيو ته اُن کان اڳ جو اوھان کي موڪل ڏيان اوھان موسىٰ تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو وڏو آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ، اوھان جا ھڪ پاسي جا ھٿ ۽ اوھان جا ٻئي پاسي جا پير ضرور وڍيندس ۽ اوھان مڙني کي (گڏ) ضرور سوريءَ تي چاڙھيندس.

    (50) قَالُوا لَا ضَيْرَ إِنَّا إِلَى رَبِّنَا مُنقَلِبُونَ
    50 – 50. چيائون ته ڪا حرڪت نه آھي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.

    (51) إِنَّا نَطْمَعُ أَن يَغْفِرَ لَنَا رَبُّنَا خَطَايَانَا أَن كُنَّا أَوَّلَ الْمُؤْمِنِينَ
    51 – 51. بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ٿا ته اسان جو پالڻھار اسان جا ڏوھ اسان کي بخشيندو انھي ڪري جو (پھرين اسين) مُسلمان ٿيا آھيون.
    (52) وَأَوْحَيْنَا إِلَى مُوسَى أَنْ أَسْرِ بِعِبَادِي إِنَّكُم مُّتَّبَعُونَ
    52 – 52. ۽ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته منھنجن ٻانھن کي راتو واہ وٺي نِڪر ڇو ته (فرعون ۽ سندس لشڪر) اوھان جي پٺيان پوندا.

    (53) فَأَرْسَلَ فِرْعَوْنُ فِي الْمَدَائِنِ حَاشِرِينَ
    53 – 53. پوءِ فرعون شھرن ۾ ڪوٺيندڙ موڪليا.

    (54) إِنَّ هَؤُلَاء لَشِرْذِمَةٌ قَلِيلُونَ
    54 – 54. (چيائين) ته بيشڪ ھيء (ماڻھو) ٿوري ٽولي آھن.

    (55) وَإِنَّهُمْ لَنَا لَغَائِظُونَ
    55 – 55. ۽ بيشڪ انھن اسان کي ڪاوڙايو آھي.

    (56) وَإِنَّا لَجَمِيعٌ حَاذِرُونَ
    56 – 56. ۽ اسين ھٿيارن واري جماعت آھيون.

    (57) فَأَخْرَجْنَاهُم مِّن جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ
    57 – 57. (الله فرمائي ٿو ته) پوءِ انھن (فرعونين) کي باغن ۽ چشمن مان ٻاھر ڪڍيوسون.

    (58) وَكُنُوزٍ وَمَقَامٍ كَرِيمٍ
    58 – 58. ۽ خزانن ۽ چڱي جاءِ مان (به).

    (59) كَذَلِكَ وَأَوْرَثْنَاهَا بَنِي إِسْرَائِيلَ
    59 – 59. اھڙي طرح (ڪيوسون)، ۽ انھن (شين) جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون.

    (60) فَأَتْبَعُوهُم مُّشْرِقِينَ
    60 – 60. پوءِ سج اُڀرندي ئي اُنھن (بني اسرائيلن) جي پوئتان پيا.

    (61) فَلَمَّا تَرَاءى الْجَمْعَانِ قَالَ أَصْحَابُ مُوسَى إِنَّا لَمُدْرَكُونَ
    61 – 61. پوءِ جنھن مھل ٻنھي ٽولين ھڪ ٻئي ڏٺو (تنھن مھل) مُوسىٰ جي سنگتين چيو ته بيشڪ اسان کي پھچي ويا.

    (62) قَالَ كَلَّا إِنَّ مَعِيَ رَبِّي سَيَهْدِينِ
    62 – 62. (موسى) چيو ته ايئن نه آھي، بيشڪ منھنجو پالڻھار مون ساڻ آھي مون کي رستي لائيندو.

    (63) فَأَوْحَيْنَا إِلَى مُوسَى أَنِ اضْرِب بِّعَصَاكَ الْبَحْرَ فَانفَلَقَ فَكَانَ كُلُّ فِرْقٍ كَالطَّوْدِ الْعَظِيمِ
    63 – 63. پوءِ مُوسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته پنھنجي لٺ سمنڊ کي ھڻ، پوءِ اُھو چيرجي پيو پوءِ سڀڪو ڀاڱو وڏي پھاڙ جھڙو ٿيو.

    (64) وَأَزْلَفْنَا ثَمَّ الْآخَرِينَ
    64 – 64. ۽ انھن ٻـين (فرعونين) کي اُن ھنڌ ويجھو ڪيوسون.

    (65) وَأَنجَيْنَا مُوسَى وَمَن مَّعَهُ أَجْمَعِينَ
    65 – 65. ۽ مُوسىٰ ۽ سندس سنگتين مڙني کي بچايوسين.

    (66) ثُمَّ أَغْرَقْنَا الْآخَرِينَ
    66 – 66. وري (ھنن) ٻـين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسون.

    (67) إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
    67 – 67. بيشڪ اُنھي (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

    (68) وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
    68 – 68. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.
    (69) وَاتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ إِبْرَاهِيمَ
    69 – 69. ۽ اُنھن کي ابراھيم جو قِصّو پڙھي ٻڌاءِ.

    (70) إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِ مَا تَعْبُدُونَ
    70 – 70. جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ڇا کي پوڄيندا آھيو؟

    (71) قَالُوا نَعْبُدُ أَصْنَامًا فَنَظَلُّ لَهَا عَاكِفِينَ
    71 – 71. چيائون ته (اسين) بُتن کي پوڄيندا آھيون پوءِ سارا ڏينھن انھن جا مجاور ٿي وھندا آھيون.

    (72) قَالَ هَلْ يَسْمَعُونَكُمْ إِذْ تَدْعُونَ
    72 – 72. (ابراھيم) چيو ته جڏھن (ھنن کي) سڏيو ٿا (تڏھن) اوھان جو (سڏ) ٻڌن ٿا ڇا؟

    (73) أَوْ يَنفَعُونَكُمْ أَوْ يَضُرُّونَ
    73 – 73. يا اوھان کي سُک پھچائيندا آھن يا ڏک ڏيندا آھن؟

    (74) قَالُوا بَلْ وَجَدْنَا آبَاءنَا كَذَلِكَ يَفْعَلُونَ
    74 – 74. چيائون (نه!) بلڪ پنھنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺوسون.

    (75) قَالَ أَفَرَأَيْتُم مَّا كُنتُمْ تَعْبُدُونَ
    75 – 75. (ابراھيم) چيو ته (انھن کي) ڏٺو اٿوَ جن کي پوڄيندا رھيؤ؟

    (76) أَنتُمْ وَآبَاؤُكُمُ الْأَقْدَمُونَ
    76 – 76. اوھين ۽ اوھان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا.

    (77) فَإِنَّهُمْ عَدُوٌّ لِّي إِلَّا رَبَّ الْعَالَمِينَ
    77 – 77. بيشڪ اُھي جھانن جي پالڻھار کانسواءِ منھنجا ويري آھن.

    (78) الَّذِي خَلَقَنِي فَهُوَ يَهْدِينِ
    78 – 78. جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي اُھو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.

    (79) وَالَّذِي هُوَ يُطْعِمُنِي وَيَسْقِينِ
    79 – 79. ۽ اُھو آھي جو مون کي کارائيندو آھي ۽ مون کي پياريندو آھي.

    (80) وَإِذَا مَرِضْتُ فَهُوَ يَشْفِينِ
    80 – 80. ۽ جڏھن بيمار ٿيندو آھيان تڏھن مون کي شفا ڏيندو آھي.

    (81) وَالَّذِي يُمِيتُنِي ثُمَّ يُحْيِينِ
    81 – 81. ۽ اُھو آھي جو مون کي ماريندو ۽ وري مون کي جياريندو.

    (82) وَالَّذِي أَطْمَعُ أَن يَغْفِرَ لِي خَطِيئَتِي يَوْمَ الدِّينِ
    82 – 82. ۽ اُھو آھي جو آسرو اٿم ته قيامت جي ڏينھن منھنجون خطائون مون کي بخشيندو.

    (83) رَبِّ هَبْ لِي حُكْمًا وَأَلْحِقْنِي بِالصَّالِحِينَ
    83 – 83. اي منھنجا پالڻھار مُون کي دانائي بخش ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.

    (84) وَاجْعَل لِّي لِسَانَ صِدْقٍ فِي الْآخِرِينَ
    84 – 84. ۽ پوين ۾ منھنجي چڱي يادگيري (قائم) ڪر.

    (85) وَاجْعَلْنِي مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعِيمِ
    85 – 85. ۽ مون کي نعمتن واري بھشت جي وارثن مان ڪر.

    (86) وَاغْفِرْ لِأَبِي إِنَّهُ كَانَ مِنَ الضَّالِّينَ
    86 – 86. ۽ منھنجي پيءُ کي بخش جو اُھو گمراھن مان آھي.

    (87) وَلَا تُخْزِنِي يَوْمَ يُبْعَثُونَ
    87 – 87. ۽ جنھن ڏينھن (ماڻھو جيئرا ٿي) اُٿندا (تنھن ڏينھن) مون کي خوار نه ڪج.

    (88) يَوْمَ لَا يَنفَعُ مَالٌ وَلَا بَنُونَ
    88 – 88. جنھن ڏينھن نڪي مال ۽ نڪي پٽ نفعو ڏيندا.

    (89) إِلَّا مَنْ أَتَى اللَّهَ بِقَلْبٍ سَلِيمٍ
    89 – 89. پر اُھو (فائدي وارو ھوندو) جو الله وٽ سالم دل آڻيندو.

    (90) وَأُزْلِفَتِ الْجَنَّةُ لِلْمُتَّقِينَ
    90 – 90. ۽ پرھيزگارن لاءِ بھشت ويجھو ڪيو ويندو.

    (91) وَبُرِّزَتِ الْجَحِيمُ لِلْغَاوِينَ
    91 – 91. ۽ گمراھن لاءِ دوزخ پڌرو ڪيو ويندو.

    (92) وَقِيلَ لَهُمْ أَيْنَ مَا كُنتُمْ تَعْبُدُونَ
    92 – 92. ۽ کين چيو ويندو ته اُھي ڪٿي آھن جي کي پوڄيندا ھيؤ.

    (93) مِن دُونِ اللَّهِ هَلْ يَنصُرُونَكُمْ أَوْ يَنتَصِرُونَ
    93 – 93. الله ڌاران؟ (ھاڻي) اُھي اوھان کي مدد ڏين ٿا ڇا يا (پاڻ) بدلو وٺي سگھن ٿا.

    (94) فَكُبْكِبُوا فِيهَا هُمْ وَالْغَاوُونَ
    94 – 94. پوءِ اُھي گمراہ (پوڄيندڙ) ۽ بُت منجھس اونڌا ڪري اُڇلايا ويندا.

    (95) وَجُنُودُ إِبْلِيسَ أَجْمَعُونَ
    95 – 95. ۽ مڙئي شيطاني لشڪر به (اڇلائبا).

    (96) قَالُوا وَهُمْ فِيهَا يَخْتَصِمُونَ
    96 – 96. ۽ (تڏھن) اُھي منجھس ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندي پيا چوندا.

    (97) تَاللَّهِ إِن كُنَّا لَفِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ
    97 – 97. ته الله جو قسم آھي بيشڪ اسين ته پڌريءَ گمراھي ۾ ھواسون.

    (98) إِذْ نُسَوِّيكُم بِرَبِّ الْعَالَمِينَ
    98 – 98. جڏھن اوھان کي جھانن جي پالڻھار سان برابر ٿي ڪيوسون.

    (99) وَمَا أَضَلَّنَا إِلَّا الْمُجْرِمُونَ
    99 – 99. ۽ (ھنن) ڏوھارين کانسواءِ ٻئي ڪنھن اسان کي گمراہ نه ڪيو.

    (100) فَمَا لَنَا مِن شَافِعِينَ
    100 – 100. پوءِ اسان جو (ھاڻي) نڪو ڪو سفارش ڪرڻ وارو آھي.

    (101) وَلَا صَدِيقٍ حَمِيمٍ
    101 – 101. ۽ نڪو ڪو غم ٽار دوست آھي.

    (102) فَلَوْ أَنَّ لَنَا كَرَّةً فَنَكُونَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ
    102 – 102. پوءِ جيڪر ھڪ ڀيرو اسان کي (وري دنيا ۾ وڃڻ) ملي ته مؤمنن مان ٿيون.

    (103) إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
    103 – 103. بيشڪ اِن ۾ ضرور نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مؤمن نه آھن.

    (104) وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
    104 – 104. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.
    (105) كَذَّبَتْ قَوْمُ نُوحٍ الْمُرْسَلِينَ
    105 – 105. نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

    (106) إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ نُوحٌ أَلَا تَتَّقُونَ
    106 – 106. جڏھن کين سندن ڀاءُ نوح چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو.

    (107) إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
    107 – 107. بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

    (108) فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
    108 – 108. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    (109) وَمَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى رَبِّ الْعَالَمِينَ
    109 – 109. ۽ اوھان کان اِن (پيغام جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو ته رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

    (110) فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
    110 – 110. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    (111) قَالُوا أَنُؤْمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الْأَرْذَلُونَ
    111 – 111. چيائون ته توتي ايمان ڇو آڻيون حالانڪ نيچ ماڻھن (ڪنھن دنياوي لالچ لاءِ) تنھنجي تابعداري ڪئي آھي.

    (112) قَالَ وَمَا عِلْمِي بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
    112 – 112. (نوح) چيو ته مون کي (سندن اندر جي) ڪھڙي سُڌ ته (ھو) ڇا (نيت) ڪندا رھندا آھن.

    (113) إِنْ حِسَابُهُمْ إِلَّا عَلَى رَبِّي لَوْ تَشْعُرُونَ
    113 – 113. جيڪڏھن اوھين (سندين نيت) ڄاڻندا آھيو ته سندن حساب منھنجي پالڻھار کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي.

    (114) وَمَا أَنَا بِطَارِدِ الْمُؤْمِنِينَ
    114 – 114. ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان.

    (115) إِنْ أَنَا إِلَّا نَذِيرٌ مُّبِينٌ
    115 – 115. آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

    (116) قَالُوا لَئِن لَّمْ تَنتَهِ يَا نُوحُ لَتَكُونَنَّ مِنَ الْمَرْجُومِينَ
    116 – 116. چيائون ته اي نوح جيڪڏھن تون نه رھندين ته ضرور سنگسار ٿيندين.

    (117) قَالَ رَبِّ إِنَّ قَوْمِي كَذَّبُونِ
    117 – 117. (نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ منھنجي قوم مون کي ڪوڙو ڀانيو.

    (118) فَافْتَحْ بَيْنِي وَبَيْنَهُمْ فَتْحًا وَنَجِّنِي وَمَن مَّعِي مِنَ الْمُؤْمِنِينَ
    118 – 118. تنھنڪري منھنجي ۽ سندن وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مونکي ۽ جيڪي مؤمن مون ساڻ آھن تن کي بچاءِ.

    (119) فَأَنجَيْنَاهُ وَمَن مَّعَهُ فِي الْفُلْكِ الْمَشْحُونِ
    119 – 119. پوءِ کيس ۽ سندس سنگتين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون.

    (120) ثُمَّ أَغْرَقْنَا بَعْدُ الْبَاقِينَ
    120 – 120. وري کانئن پوءِ رھيلن کي ٻوڙيوسون.

    (121) إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
    121 – 121. بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آھي، انھن مان گھڻا مڃيندڙ نه ھوا.

    (122) وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
    122 – 122. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

    (123) كَذَّبَتْ عَادٌ الْمُرْسَلِينَ
    123 – 123. عاد (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو.

    (124) إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ هُودٌ أَلَا تَتَّقُونَ
    124 – 124. جڏھن سندن ڀاءُ ھود کين چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    (125) إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
    125 – 125. بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.

    (126) فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
    126 – 126. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    (127) وَمَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى رَبِّ الْعَالَمِينَ
    127 – 127. ۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

    (128) أَتَبْنُونَ بِكُلِّ رِيعٍ آيَةً تَعْبَثُونَ
    128 – 128. سڀڪنھن دڙي تي اجايا مشغول ٿي نشان ڇو بڻائيندا آھيو؟

    (129) وَتَتَّخِذُونَ مَصَانِعَ لَعَلَّكُمْ تَخْلُدُونَ
    129 – 129. ۽ (ڇو) مُحڪم جايون بڻائيندا آھيو؟ ڄڻڪ اوھين سدائين رھندؤ.

    (130) وَإِذَا بَطَشْتُم بَطَشْتُمْ جَبَّارِينَ
    130 – 130. ۽ جڏھن اوھين دست درازي ڪندا آھيو ته زبردست ٿي ڪندا آھيو.

    (131) فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
    131 – 131. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    (132) وَاتَّقُوا الَّذِي أَمَدَّكُم بِمَا تَعْلَمُونَ
    132 – 132. ۽ انھي (الله) کان ڊڄو جنھن اوھان کي انھي (شيء) جي مدد ڏني جا (اوھين) ڄاڻندا آھيو.

    (133) أَمَدَّكُم بِأَنْعَامٍ وَبَنِينَ
    133 – 133. اوھان کي ڍورن ۽ پُٽن (ڏيڻ) سان مدد ڏني اٿس.

    (134) وَجَنَّاتٍ وَعُيُونٍ
    134 – 134. ۽ باغن ۽ پاڻي جي چشمن (ڏيڻ) سان به.

    (135) إِنِّي أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
    135 – 135. بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

    (136) قَالُوا سَوَاء عَلَيْنَا أَوَعَظْتَ أَمْ لَمْ تَكُن مِّنَ الْوَاعِظِينَ
    136 – 136. چيائون ته (جي) تون (اسان کي) نصيحت ڏئين يا نصيحت ڏيندڙن مان نه ھجين ته اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھين.

    (137) إِنْ هَذَا إِلَّا خُلُقُ الْأَوَّلِينَ
    137 – 137. اِھا اڳين جي ئي عادت آھي.

    (138) وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ
    138 – 138. ۽ اسين (ڪڏھن) عذاب ڪيل نه ٿينداسون.

    (139) فَكَذَّبُوهُ فَأَهْلَكْنَاهُمْ إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
    139 – 139. پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين ھلاڪ ڪيوسون، بيشڪ اِن (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

    (140) وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
    140 – 140. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.
    141) كَذَّبَتْ ثَمُودُ الْمُرْسَلِينَ
    141 – 141. ثمود (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

    (142) إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ صَالِحٌ أَلَا تَتَّقُونَ
    142 – 142. جڏھن کين سندن ڀاءُ صالح چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    (143) إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
    143 – 143. بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

    (144) فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
    144 – 144. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    (145) وَمَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى رَبِّ الْعَالَمِينَ
    145 – 145. ۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

    (146) أَتُتْرَكُونَ فِي مَا هَاهُنَا آمِنِينَ
    146 – 146. اُھو جيڪي ھتي (دنيا ۾) آھي تنھن ۾ اوھان کي بي ڀئو ڇڏي ڏبو ڇا (ته ھميشه آرام ۾ رھو) ؟

    (147) فِي جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ
    147 – 147. باغن ۽ چشمن ۾.

    (148) وَزُرُوعٍ وَنَخْلٍ طَلْعُهَا هَضِيمٌ
    148 – 148. ۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڪنئرا آھن.

    (149) وَتَنْحِتُونَ مِنَ الْجِبَالِ بُيُوتًا فَارِهِينَ
    149 – 149. ۽ ڪاريگر ٿي جبلن مان (تراشي) گھر بڻائيندا آھيو.

    (150) فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
    150 – 150. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    (151) وَلَا تُطِيعُوا أَمْرَ الْمُسْرِفِينَ
    151 – 151. ۽ انھن حد کان لنگھندڙن جو چيو نه مڃيو.

    (152) الَّذِينَ يُفْسِدُونَ فِي الْأَرْضِ وَلَا يُصْلِحُونَ
    152 – 152. جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجھندا آھن ۽ سڌارا نه ڪندا آھن.

    (153) قَالُوا إِنَّمَا أَنتَ مِنَ الْمُسَحَّرِينَ
    153 – 153. چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.

    (154) مَا أَنتَ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا فَأْتِ بِآيَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
    154 – 154. تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين، جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته ڪا نشاني آڻ.

    (155) قَالَ هَذِهِ نَاقَةٌ لَّهَا شِرْبٌ وَلَكُمْ شِرْبُ يَوْمٍ مَّعْلُومٍ
    155 – 155. (صالح) چيو ته ھيءَ ڏاچي آھي اُن جي (پاڻي) پيڻ لاءِ ۽ اوھان جي (پاڻي) پيڻ لاءِ واري جو ڏينھن ٺھرايل آھي.

    (156) وَلَا تَمَسُّوهَا بِسُوءٍ فَيَأْخُذَكُمْ عَذَابُ يَوْمٍ عَظِيمٍ
    156 – 156. ۽ اوھين کيس ڪو ايذاءُ نه پھچائجو نه ته اوھان کي وڏي ڏينھن جو عذاب پڪڙيندو.

    (157) فَعَقَرُوهَا فَأَصْبَحُوا نَادِمِينَ
    157 – 157. پوءِ اُن جون کُچون ڪپيائون (ماري وڌائون) پوءِ پشيمان ٿيا.

    (158) فَأَخَذَهُمُ الْعَذَابُ إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
    158 – 158. پوءِ کين عذاب پڪڙيو، بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

    (159) وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
    159 – 159. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.
    (160) كَذَّبَتْ قَوْمُ لُوطٍ الْمُرْسَلِينَ
    160 – 160. لُوط جي قوم پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.

    (161) إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ لُوطٌ أَلَا تَتَّقُونَ
    161 – 161. جڏھن کين سندن ڀاءُ لُوط چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    (162) إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
    162 – 162. بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.

    (163) فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
    163 – 163. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    (164) وَمَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى رَبِّ الْعَالَمِينَ
    164 – 164. ۽ اُن (پيغام پھچائڻ) تي اوھان کان اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

    (165) أَتَأْتُونَ الذُّكْرَانَ مِنَ الْعَالَمِينَ
    165 – 165. جھانن جي مڙسن ڏانھن (بڇڙائيءَ لاءِ) ڇو ويندا آھيو؟

    (166) وَتَذَرُونَ مَا خَلَقَ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِنْ أَزْوَاجِكُم بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ عَادُونَ
    166 – 166. ۽ جيڪي اوھان جي پالڻھار اوھان جي زالن مان بڻايو سو ڇڏيندا آھيو؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.

    (167) قَالُوا لَئِن لَّمْ تَنتَهِ يَا لُوطُ لَتَكُونَنَّ مِنَ الْمُخْرَجِينَ
    167 – 167. چيائون ته اي لُوط جيڪڏھن نه رھندين ته ضرور لوڌائبين.

    (168) قَالَ إِنِّي لِعَمَلِكُم مِّنَ الْقَالِينَ
    168 – 168. لُوط چيو ته بيشڪ آءٌ اوھان جي ڪم جو ويري آھيان.

    (169) رَبِّ نَجِّنِي وَأَهْلِي مِمَّا يَعْمَلُونَ
    169 – 169. اي منھنجا پالڻھار جيڪي (ھو) ڪندا آھن تنھنجي شر کان مونکي ۽ منھنجي گھر جي ڀاتين کي بچاءِ.

    (170) فَنَجَّيْنَاهُ وَأَهْلَهُ أَجْمَعِينَ
    170 – 170. پوءِ کيس ۽ سندس مڙني ڀاتين کي بچايوسون.

    (171) إِلَّا عَجُوزًا فِي الْغَابِرِينَ
    171 – 171. سواءِ (ھڪ) ٻڍڙي زال جي جا رھيلن مان ھئي.

    (172) ثُمَّ دَمَّرْنَا الْآخَرِينَ
    172 – 172. وري (انھن) ٻـين جي پاڙ پٽي سون.

    (173) وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِم مَّطَرًا فَسَاء مَطَرُ الْمُنذَرِينَ
    173 – 173. ۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄاريلن جو مينھن بڇڙو آھي.

    (174) إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
    174 – 174. بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

    (175) وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
    175 – 175. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.
    (176) كَذَّبَ أَصْحَابُ الْأَيْكَةِ الْمُرْسَلِينَ
    176 – 176. (شھر) ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.

    (177) إِذْ قَالَ لَهُمْ شُعَيْبٌ أَلَا تَتَّقُونَ
    177 – 177. جڏھن کين شعيب چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو؟

    (178) إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
    178 – 178. بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

    (179) فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطِيعُونِ
    179 – 179. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

    (180) وَمَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى رَبِّ الْعَالَمِينَ
    180 – 180. بيشڪ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

    (181) أَوْفُوا الْكَيْلَ وَلَا تَكُونُوا مِنَ الْمُخْسِرِينَ
    181 – 181. ماڻ پورو مَيو ۽ ڇيئي لائيندڙن مان نه ھجو.

    (182) وَزِنُوا بِالْقِسْطَاسِ الْمُسْتَقِيمِ
    182 – 182. ۽ سنئين تارازيءَ سان توريو.

    (183) وَلَا تَبْخَسُوا النَّاسَ أَشْيَاءهُمْ وَلَا تَعْثَوْا فِي الْأَرْضِ مُفْسِدِينَ
    183 – 183. ۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو.

    (184) وَاتَّقُوا الَّذِي خَلَقَكُمْ وَالْجِبِلَّةَ الْأَوَّلِينَ
    184 – 184. ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن اوھان کي ۽ اڳين خلق کي خلقيو.

    (185) قَالُوا إِنَّمَا أَنتَ مِنَ الْمُسَحَّرِينَ
    185 – 185. چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.

    (186) وَمَا أَنتَ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا وَإِن نَّظُنُّكَ لَمِنَ الْكَاذِبِينَ
    186 – 186. ۽ تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.

    (187) فَأَسْقِطْ عَلَيْنَا كِسَفًا مِّنَ السَّمَاء إِن كُنتَ مِنَ الصَّادِقِينَ
    187 – 187. جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان تي آسمان مان ڪا ڇِپ ڪيراءِ.

    (188) قَالَ رَبِّي أَعْلَمُ بِمَا تَعْمَلُونَ
    188 – 188. (شعيب) چيو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو منھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

    (189) فَكَذَّبُوهُ فَأَخَذَهُمْ عَذَابُ يَوْمِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كَانَ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
    189 – 189. پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ڇانوَ واري ڏينھن جي عذاب کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو وڏي ڏينھن جو عذاب ھو.

    (190) إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ
    190 – 190. بيشڪ ھن (احوال) ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

    (191) وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
    191 – 191. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.
    192) وَإِنَّهُ لَتَنزِيلُ رَبِّ الْعَالَمِينَ
    192 – 192. ۽ بيشڪ اھو (قرآن) جھانن جي پالڻھار کان لاٿل آھي.

    (193) نَزَلَ بِهِ الرُّوحُ الْأَمِينُ
    193 – 193. اُن کي رُوح الامين (يعني جبرئيل) لاٿو.

    (194) عَلَى قَلْبِكَ لِتَكُونَ مِنَ الْمُنذِرِينَ
    194 – 194. تنھنجي دل تي (ھن لاءِ) ته ڊيڄاريندڙن مان ٿئين.

    (195) بِلِسَانٍ عَرَبِيٍّ مُّبِينٍ
    195 – 195. (جو) پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾ آھي.

    (196) وَإِنَّهُ لَفِي زُبُرِ الْأَوَّلِينَ
    196 – 196. ۽ بيشڪ سندس خبر اڳين صحيفن ۾ (لکيل) آھي.

    (197) أَوَلَمْ يَكُن لَّهُمْ آيَةً أَن يَعْلَمَهُ عُلَمَاء بَنِي إِسْرَائِيلَ
    197 – 197. اُنھن لاءِ (اِھا) نشاني نه آھي ڇا ته بني اسرائيلن جا عالم اُن (جي حقانيت) کي ڄاڻن ھا.

    (198) وَلَوْ نَزَّلْنَاهُ عَلَى بَعْضِ الْأَعْجَمِينَ
    198 – 198. ۽ جيڪڏھن قرآن کي (عربن کانسواءِ ٻئي) ڪنھن عجميءَ تي نازل ڪريون ھا.

    (199) فَقَرَأَهُ عَلَيْهِم مَّا كَانُوا بِهِ مُؤْمِنِينَ
    199 – 199. پوءِ اُھو اُن کي مٿن پڙھي ھا ته اُن کي (به) مڃڻ وارا نه ٿين ھوا.

    (200) كَذَلِكَ سَلَكْنَاهُ فِي قُلُوبِ الْمُجْرِمِينَ
    200 – 200. اھڙي طرح گنھگارن جي دلين ۾ اُھو (انڪار) وڌوسون.

    (201) لَا يُؤْمِنُونَ بِهِ حَتَّى يَرَوُا الْعَذَابَ الْأَلِيمَ
    201 – 201. اُن تي (ايسين) ايمان نه آڻيندا جيسين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسندا.

    (202) فَيَأْتِيَهُم بَغْتَةً وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
    202 – 202. پوءِ اوچتو وٽن عذاب ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا.

    (203) فَيَقُولُوا هَلْ نَحْنُ مُنظَرُونَ
    203 – 203. پوءِ چوندا ته اسين مُھلت ڏنل ٿينداسون ڇا؟

    (204) أَفَبِعَذَابِنَا يَسْتَعْجِلُونَ
    204 – 204. پوءِ اسان جو عذاب تڪڙو گھرندا آھن ڇا؟

    (205) أَفَرَأَيْتَ إِن مَّتَّعْنَاهُمْ سِنِينَ
    205 – 205. ڀلا ڏٺو اٿئي ته جيڪڏھن کين ڪيئي ورھ آسودو ڪريون.

    (206) ثُمَّ جَاءهُم مَّا كَانُوا يُوعَدُونَ
    206 – 206. وري وٽن اُھو اچي جنھن جو انجام ڏنو پئي وين.

    (207) مَا أَغْنَى عَنْهُم مَّا كَانُوا يُمَتَّعُونَ
    207 – 207. ته سندن آسودو ھجڻ کانئن ڇا (عذاب) ٽاريندو.

    (208) وَمَا أَهْلَكْنَا مِن قَرْيَةٍ إِلَّا لَهَا مُنذِرُونَ
    208 – 208. ۽ اھڙي ڪنھن ڳوٺ کي ناس نه ڪيوسون جنھن لاءِ ڊيڄاريندڙ (نه) ھوا.

    (209) ذِكْرَى وَمَا كُنَّا ظَالِمِينَ
    209 – 209. نصيحت ڏيڻ لاءِ، ۽ اسين ظالم نه ھواسون.

    (210) وَمَا تَنَزَّلَتْ بِهِ الشَّيَاطِينُ
    210 – 210. ۽ اُن (قرآن) کي شيطانن نازل نه ڪيو آھي.

    (211) وَمَا يَنبَغِي لَهُمْ وَمَا يَسْتَطِيعُونَ
    211 – 211. ۽ نڪي کين جڳائيندو آھي ۽ نڪي ڪري سگھندا آھن.

    (212) إِنَّهُمْ عَنِ السَّمْعِ لَمَعْزُولُونَ
    212 – 212. بيشڪ اُھي (ملائڪن جي ڪلام) ٻڌڻ (جي جاءِ) کان پري ڪيل آھن.

    (213) فَلَا تَدْعُ مَعَ اللَّهِ إِلَهًا آخَرَ فَتَكُونَ مِنَ الْمُعَذَّبِينَ
    213 – 213. تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن ٻئي معبُود کي نه سڏ ته عذاب وارن مان ٿيندين.

    (214) وَأَنذِرْ عَشِيرَتَكَ الْأَقْرَبِينَ
    214 – 214. ۽ پنھنجن ويجھن مائٽن کي ڊيڄار.

    (215) وَاخْفِضْ جَنَاحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ
    215 – 215. ۽ مؤمنن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪري تنھن لاءِ پنھنجو بازو جھڪو ڪر (يعني نئڙت ڪر).

    (216) فَإِنْ عَصَوْكَ فَقُلْ إِنِّي بَرِيءٌ مِّمَّا تَعْمَلُونَ
    216 – 216. پوءِ جيڪڏھن تنھنجي نافرماني ڪن ته چؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.

    (217) وَتَوَكَّلْ عَلَى الْعَزِيزِ الرَّحِيمِ
    217 – 217. ۽ اُنھيءَ غالب مھربان (الله) تي ڀروسو ڪر.

    (218) الَّذِي يَرَاكَ حِينَ تَقُومُ
    218 – 218. جيڪو (تھجّد وقت) تنھنجي اُٿڻ مھل کي ڏسي ٿو.

    (219) وَتَقَلُّبَكَ فِي السَّاجِدِينَ
    219 – 219. ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنھنجو ڦرڻ به ڏسي ٿو.

    (220) إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ
    220 – 220. بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    (221) هَلْ أُنَبِّئُكُمْ عَلَى مَن تَنَزَّلُ الشَّيَاطِينُ
    221 – 221. اوھان کي سُڌ (نه) ڏيان ڇا ته ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟

    (222) تَنَزَّلُ عَلَى كُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ
    222 – 222. سڀڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن.

    (223) يُلْقُونَ السَّمْعَ وَأَكْثَرُهُمْ كَاذِبُونَ
    223 – 223. جو ٻڌل (ڳالھ اُن جي ڪنّ ۾ آڻي) وجھندا آھن ۽ منجھائن گھڻا ڪوڙا آھن.

    (224) وَالشُّعَرَاء يَتَّبِعُهُمُ الْغَاوُونَ
    224 – 224. ۽ گمراہ (ماڻھو) ئي شاعرن جي تابعداري ڪندا آھن.

    (225) أَلَمْ تَرَ أَنَّهُمْ فِي كُلِّ وَادٍ يَهِيمُونَ
    225 – 225. نه ڏٺو اٿئي ڇا ته اُھي سڀڪنھن ميدان ۾ حيران ٿيندا آھن.

    (226) وَأَنَّهُمْ يَقُولُونَ مَا لَا يَفْعَلُونَ
    226 – 226. ۽ بيشڪ اُھي اُھو چوندا آھن جيڪي نه ڪندا آھن.

    (227) إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثِيرًا وَانتَصَرُوا مِن بَعْدِ مَا ظُلِمُوا وَسَيَعْلَمُ الَّذِينَ ظَلَمُوا أَيَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبُونَ
    227 – 227. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ الله کي گھڻو ساريائون ۽ (پنھنجي) ڏکوئجڻ کانپوءِ بدلو ورتائون (اُھي گمراہ نه آھن)، ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا ته ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا.