islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 27 سوره النمل

    27 سوره النمل

    Rate this post

    (1) طس تِلْكَ آيَاتُ الْقُرْآنِ وَكِتَابٍ مُّبِينٍ
    1 – 1. طٰسٓ، ھي قرآن ۽ پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.

    (2) هُدًى وَبُشْرَى لِلْمُؤْمِنِينَ
    2 – 2. اُنھن مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي.

    (3) الَّذِينَ يُقِيمُونَ الصَّلَاةَ وَيُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَهُم بِالْآخِرَةِ هُمْ يُوقِنُونَ
    3 – 3. جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي (به) يقين رکندا آھن.

    (4) إِنَّ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ أَعْمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُونَ
    4 – 4. بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ سندن ڪرتوت سينگارياسون پوءِ اُھي حيران رھندا آھن.

    (5) أُوْلَئِكَ الَّذِينَ لَهُمْ سُوءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْآخِرَةِ هُمُ الْأَخْسَرُونَ
    5 – 5. اِھي اُھي آھن جن لاءِ عذاب جي سختي آھي ۽ اُھي ئي آخرت ۾ ٽوٽي وارا آھن.

    (6) وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْآنَ مِن لَّدُنْ حَكِيمٍ عَلِيمٍ
    6 – 6. ۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توکي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو.

    (7) إِذْ قَالَ مُوسَى لِأَهْلِهِ إِنِّي آنَسْتُ نَارًا سَآتِيكُم مِّنْهَا بِخَبَرٍ أَوْ آتِيكُم بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُونَ
    7 – 7. (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو ته بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) ٻاريل ٽانڊو آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو.

    (8) فَلَمَّا جَاءهَا نُودِيَ أَن بُورِكَ مَن فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا وَسُبْحَانَ اللَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
    8 – 8. پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو ته جوئي باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جي پالڻھار کي پاڪائي آھي.

    (9) يَا مُوسَى إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
    9 – 9. (چيو ويو ته) اي مُوسىٰ بيشڪ (ڳالھ ھيءَ آھي ته) آءٌ غالب حڪمت وارو الله آھيان.

    (10) وَأَلْقِ عَصَاكَ فَلَمَّا رَآهَا تَهْتَزُّ كَأَنَّهَا جَانٌّ وَلَّى مُدْبِرًا وَلَمْ يُعَقِّبْ يَا مُوسَى لَا تَخَفْ إِنِّي لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُونَ
    10 – 10. ۽ پنھنجي لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي مُوسىٰ نه ڊڄ، بيشڪ مون وٽ پيغمبر نه ڊڄندا آھن.

    (11) إِلَّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسْنًا بَعْدَ سُوءٍ فَإِنِّي غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    11 – 11. پر جنھن ظلم ڪيو وري مدائي کانپوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين ته بيشڪ (اُنھيءَ لاءِ) بخشڻھار مھربان آھيان.

    (12) وَأَدْخِلْ يَدَكَ فِي جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاء مِنْ غَيْرِ سُوءٍ فِي تِسْعِ آيَاتٍ إِلَى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهِ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمًا فَاسِقِينَ
    12 – 12. ۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي گريبان ۾ وجھ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري (انھن ٻن معجزن سان) جي نون معجزن ۾ داخل آھن فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن (وڃ)، بيشڪ اُھي بدڪار قوم آھن.

    (13) فَلَمَّا جَاءتْهُمْ آيَاتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوا هَذَا سِحْرٌ مُّبِينٌ
    13 – 13. پوءِ جنھن مھل اسان جون چِٽيون آيتون وٽن پھتيون (تنھن مھل) چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.

    (14) وَجَحَدُوا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَا أَنفُسُهُمْ ظُلْمًا وَعُلُوًّا فَانظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِينَ
    14 – 14. ۽ بي انصافي ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون حالانڪ سندين دلين انھن کي پڪ ڄاتو ھو (ته الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.

    (15) وَلَقَدْ آتَيْنَا دَاوُودَ وَسُلَيْمَانَ عِلْمًا وَقَالَا الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي فَضَّلَنَا عَلَى كَثِيرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِينَ
    15 – 15. ۽ بيشڪ داؤد ۽ سليمان کي علم ڏنوسون، ۽ ھنن چيو ته سڀ ساراھ اُنھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجن گھڻن مؤمن ٻانھن تي اسان کي ڀلائي ڏني آھي.

    (16) وَوَرِثَ سُلَيْمَانُ دَاوُودَ وَقَالَ يَا أَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنطِقَ الطَّيْرِ وَأُوتِينَا مِن كُلِّ شَيْءٍ إِنَّ هَذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِينُ
    16 – 16. ۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته اي ماڻھؤ اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اھا پڌري ڀلائي آھي.

    (17) وَحُشِرَ لِسُلَيْمَانَ جُنُودُهُ مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوزَعُونَ
    17 – 17. ۽ سليمان لاءِ جنن ۽ ماڻھن ۽ پکين مان سندس لشڪر گڏ ڪيا ويا پوءِ اُھي لڳولڳ صفون ٻڌائي بيھاريا ويندا ھوا.

    (18) حَتَّى إِذَا أَتَوْا عَلَى وَادِي النَّمْلِ قَالَتْ نَمْلَةٌ يَا أَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوا مَسَاكِنَكُمْ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمَانُ وَجُنُودُهُ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
    18 – 18. تان جو جڏھن ڪِوۡلين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِوۡل چيو ته اي ڪيوۡليون اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو، ته سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نه لتاڙين.

    (19) فَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّن قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ أَوْزِعْنِي أَنْ أَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِي أَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلَى وَالِدَيَّ وَأَنْ أَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضَاهُ وَأَدْخِلْنِي بِرَحْمَتِكَ فِي عِبَادِكَ الصَّالِحِينَ
    19 – 19. پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) ته اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر.

    (20) وَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَا أَرَى الْهُدْهُدَ أَمْ كَانَ مِنَ الْغَائِبِينَ
    20 – 20. ۽ پکين جو حال احوال معلوم ڪيائين پوءِ (ھُد ھُد کي نه ڏسي ڪري) چيائين ته مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھُد ھُد نه ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟

    (21) لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذَابًا شَدِيدًا أَوْ لَأَذْبَحَنَّهُ أَوْ لَيَأْتِيَنِّي بِسُلْطَانٍ مُّبِينٍ
    21 – 21. ضرور سخت سزا ڏيندوسانس يا ضرور ڪُھندوسانس يا مون وٽ ڪو پڌرو دليل آڻي.

    (22) فَمَكَثَ غَيْرَ بَعِيدٍ فَقَالَ أَحَطتُ بِمَا لَمْ تُحِطْ بِهِ وَجِئْتُكَ مِن سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقِينٍ
    22 – 22. پوءِ گھڻو نه ترسيو ته (اچي) چيائين ته اھڙي خبر آندي اٿم جنھنجي توکي ڪا سُڌ نه ھئي ۽ (شھر) سبا کان (ھيءَ) پڪي خبر تووٽ آندي اٿم.

    (23) إِنِّي وَجَدتُّ امْرَأَةً تَمْلِكُهُمْ وَأُوتِيَتْ مِن كُلِّ شَيْءٍ وَلَهَا عَرْشٌ عَظِيمٌ
    23 – 23. بيشڪ مون ھڪ زال ڏٺي جا اُنھن تي بادشاھي ٿي ڪري ۽ کيس سڀڪا نعمت ڏني ويئي آھي ۽ اُن کي ھڪ وڏو تخت (به) آھي.

    (24) وَجَدتُّهَا وَقَوْمَهَا يَسْجُدُونَ لِلشَّمْسِ مِن دُونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيْطَانُ أَعْمَالَهُمْ فَصَدَّهُمْ عَنِ السَّبِيلِ فَهُمْ لَا يَهْتَدُونَ
    24 – 24. کيس ۽ سندس قوم کي الله کان سواءِ سج جي پوڄا ڪندو ڏٺم ۽ شيطان انھن لاءِ سندن ڪرتوت سينگاريا آھن ۽ کين (الله جي) واٽ کان جھليو اٿس تنھنڪري اُھي ھدايت نٿا لھن.

    (25) أَلَّا يَسْجُدُوا لِلَّهِ الَّذِي يُخْرِجُ الْخَبْءَ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَيَعْلَمُ مَا تُخْفُونَ وَمَا تُعْلِنُونَ
    25 – 25. (اُھي) اُنھيءَ الله کي سجدو ڇو نه ٿا ڪن جو آسمانن ۽ زمين جون ڳجھيون شيون پڌريون ڪندو آھي؟ ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي.

    (26) اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ رَبُّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ
    26 – 26. الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اُھو) وڏي عرش جو پالڻھار آھي.

    (27) قَالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقْتَ أَمْ كُنتَ مِنَ الْكَاذِبِينَ
    27 – 27. (سليمان) چيو ته ڏسنداسين ته سچ چيو اٿيئي يا ڪوڙن مان آھين.

    (28) اذْهَب بِّكِتَابِي هَذَا فَأَلْقِهْ إِلَيْهِمْ ثُمَّ تَوَلَّ عَنْهُمْ فَانظُرْ مَاذَا يَرْجِعُونَ
    28 – 28. ھيءُ منھنجو خط کڻي وڃ پوءِ اُھو اُنھن ڏانھن اُڇل وري کانئن منھن ڦيراءِ پوءِ ڏس ته ڇا ٿا ورندي ڏين؟

    (29) قَالَتْ يَا أَيُّهَا المَلَأُ إِنِّي أُلْقِيَ إِلَيَّ كِتَابٌ كَرِيمٌ
    29 – 29. (بلقيس خط ڏسي) چيو ته اي سردارؤ مون ڏانھن سڳورو خط اڇليو ويو آھي.

    (30) إِنَّهُ مِن سُلَيْمَانَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ
    30 – 30. بيشڪ اُھو (خط) سليمان وٽان (آيل) آھي ۽ بيشڪ اُھو الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) آھي.

    (31) أَلَّا تَعْلُوا عَلَيَّ وَأْتُونِي مُسْلِمِينَ
    31 – 31. (ھن مضمون سان لکيل آھي) ته منھنجي آڏو وڏائي نه ڪريو ۽ مون وٽ مسلمان ٿي اچو.
    (32) قَالَتْ يَا أَيُّهَا المَلَأُ أَفْتُونِي فِي أَمْرِي مَا كُنتُ قَاطِعَةً أَمْرًا حَتَّى تَشْهَدُونِ
    32 – 32. (بلقيس وري) چيو ته اي سردارؤ منھنجي ڪم ۾ مونکي صلاح ڏيو، آءٌ ڪو ڪم ايسين نبيريندڙ نه آھيان جيسين اوھين حاضر (نه) ٿيندا آھيو.

    (33) قَالُوا نَحْنُ أُوْلُوا قُوَّةٍ وَأُولُوا بَأْسٍ شَدِيدٍ وَالْأَمْرُ إِلَيْكِ فَانظُرِي مَاذَا تَأْمُرِينَ
    33 – 33. چيائون ته اسين زور وارا ۽ ڏاڍا جنگي جوان آھيون، ۽ (سڀڪو) ڪم توکي (وس ۾) آھي پوءِ نھار ته ڇا ٿي حُڪم ڪرين.

    (34) قَالَتْ إِنَّ الْمُلُوكَ إِذَا دَخَلُوا قَرْيَةً أَفْسَدُوهَا وَجَعَلُوا أَعِزَّةَ أَهْلِهَا أَذِلَّةً وَكَذَلِكَ يَفْعَلُونَ
    34 – 34. چيائين ته بيشڪ بادشاھ جنھن مھل ڪنھن ڳوٺ ۾ گھڙندا آھن (تنھن مھل) اُن کي اُجاڙيندا آھن ۽ اُن جي مانَ وارن کي بي مانو ڪندا آھن، ۽ (سڀئي بادشاھ) ائين ئي ڪندا آھن.

    (35) وَإِنِّي مُرْسِلَةٌ إِلَيْهِم بِهَدِيَّةٍ فَنَاظِرَةٌ بِمَ يَرْجِعُ الْمُرْسَلُونَ
    35 – 35. ۽ بيشڪ آءٌ اُنھن ڏانھن ڪا سوکڙي موڪليان ٿي پوءِ ڏسان ته قاصد ڇا سان موٽن ٿا.

    (36) فَلَمَّا جَاء سُلَيْمَانَ قَالَ أَتُمِدُّونَنِ بِمَالٍ فَمَا آتَانِيَ اللَّهُ خَيْرٌ مِّمَّا آتَاكُم بَلْ أَنتُم بِهَدِيَّتِكُمْ تَفْرَحُونَ
    36 – 36. پوءِ جنھن مھل سُليمان وٽ (قاصد) آيو (تنھن مھل سليمان) چيو ته اوھين مونکي مال سان مدد ڏيو ٿا ڇا؟ جو جيڪي مونکي الله ڏنو آھي سو انھيءَ کان ڀلو آھي جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس، بلڪ اوھين پنھنجن سوغاتن سان خوش ٿيو ٿا.

    (37) ارْجِعْ إِلَيْهِمْ فَلَنَأْتِيَنَّهُمْ بِجُنُودٍ لَّا قِبَلَ لَهُم بِهَا وَلَنُخْرِجَنَّهُم مِّنْهَا أَذِلَّةً وَهُمْ صَاغِرُونَ
    37 – 37. (سندن سوغاتن سميت) انھن ڏانھن موٽي وڃ (اسين) بيشڪ اھڙا ڪٽڪ وٽن آڻينداسون جن جي سامھون ٿيڻ جي انھن کي ڪا مجال نه ھوندي ۽ اُن ھنڌان کين بلڪل بي مانو ڪري ڪڍنداسين ۽ اُھي خوار ھوندا.

    (38) قَالَ يَا أَيُّهَا المَلَأُ أَيُّكُمْ يَأْتِينِي بِعَرْشِهَا قَبْلَ أَن يَأْتُونِي مُسْلِمِينَ
    38 – 38. (سليمان) چيو ته اي سردارؤ اوھان مان ڪير انھن جي مسلمان ٿي مون وٽ اچڻ کان اڳ مون وٽ سندس تخت آڻيندو؟

    (39) قَالَ عِفْريتٌ مِّنَ الْجِنِّ أَنَا آتِيكَ بِهِ قَبْلَ أَن تَقُومَ مِن مَّقَامِكَ وَإِنِّي عَلَيْهِ لَقَوِيٌّ أَمِينٌ
    39 – 39. جنَن مان ھڪڙي وڏي جن چيو ته تون پنھنجي جاءِ تان اُٿين تنھن کان اڳي آءٌ اھو تو وٽ آڻيندس، ۽ بيشڪ آءٌ مٿس وڏو سگھارو معتبر آھيان.

    (40) قَالَ الَّذِي عِندَهُ عِلْمٌ مِّنَ الْكِتَابِ أَنَا آتِيكَ بِهِ قَبْلَ أَن يَرْتَدَّ إِلَيْكَ طَرْفُكَ فَلَمَّا رَآهُ مُسْتَقِرًّا عِندَهُ قَالَ هَذَا مِن فَضْلِ رَبِّي لِيَبْلُوَنِي أَأَشْكُرُ أَمْ أَكْفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبِّي غَنِيٌّ كَرِيمٌ
    40 – 40. (ٻيو) شخص جنھن وٽ ڪتاب مان علم ھو (تنھن) چيو ته تنھنجي نگاھ جي توڏانھن موٽڻ کان اڳي آءٌ اھو (تخت) تو وٽ آڻيندس، پوءِ جنھن مھل (سليمان) اُھو پاڻ وٽ رکيل ڏٺو (تنھن مھل) چيائين ته ھيءُ منھنجي پالڻھار جي فضل مان آھي، (ھن لاءِ) ته مونکي پرکي ته شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو، ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي (نفعي) لاءِ شڪر ڪندو، ۽ جنھن بي شڪري ڪئي ته منھنجو پالڻھار بي پرواہ ڪرم ڪندڙ آھي.

    (41) قَالَ نَكِّرُوا لَهَا عَرْشَهَا نَنظُرْ أَتَهْتَدِي أَمْ تَكُونُ مِنَ الَّذِينَ لَا يَهْتَدُونَ
    41 – 41. (سُليمان) چيو ته اُن جي تخت کي اُن (جي آزمائش) لاءِ مٽايو ته ڏسون ته سُڃاڻي ٿي يا اُنھن مان ٿئي ٿي جيڪي نه سڃاڻن؟

    (42) فَلَمَّا جَاءتْ قِيلَ أَهَكَذَا عَرْشُكِ قَالَتْ كَأَنَّهُ هُوَ وَأُوتِينَا الْعِلْمَ مِن قَبْلِهَا وَكُنَّا مُسْلِمِينَ
    42 – 42. پوءِ جنھن مھل (بلقيس) آئي (تنھن مھل) چيو ويو ته تنھنجو تخت ھھڙو آھي ڇا؟ چيائين ته ھيءُ ڄڻڪ اُھوئي آھي، ۽ ھن کان اڳ (سليمان جي سچائي بابت) اسان کي ڄاڻپ ڏني وئي ھئي ۽ اسين حڪم مڃيندڙ آھيون.

    (43) وَصَدَّهَا مَا كَانَت تَّعْبُدُ مِن دُونِ اللَّهِ إِنَّهَا كَانَتْ مِن قَوْمٍ كَافِرِينَ
    43 – 43. ۽ الله کانسواءِ جنھنجي پوڄا ڪندي ھئي تنھن کان کيس (سليمان) جھليو، بيشڪ اُھا ڪافرن جي قوم مان ھئي.

    (44) قِيلَ لَهَا ادْخُلِي الصَّرْحَ فَلَمَّا رَأَتْهُ حَسِبَتْهُ لُجَّةً وَكَشَفَتْ عَن سَاقَيْهَا قَالَ إِنَّهُ صَرْحٌ مُّمَرَّدٌ مِّن قَوَارِيرَ قَالَتْ رَبِّ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي وَأَسْلَمْتُ مَعَ سُلَيْمَانَ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
    44 – 44. اُن کي چيو ويو ته محلات ۾ گھِڙ پوءِ اُھا جنھن مھل ڏٺائين (تنھن مھل) اُن کي پاڻيءَ جو تلاءُ ڀانيائين ۽ پنھنجن پنين تان ڪپڙو لاٿائين، (سليمانؑ) چيو ته اھا محلات شيشن سان جڙاء ٿيل آھي، چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (ھاڻي) جھانن جي پالڻھار الله کي سُليمان سميت مڃيم.

    (45) وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا إِلَى ثَمُودَ أَخَاهُمْ صَالِحًا أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ فَإِذَا هُمْ فَرِيقَانِ يَخْتَصِمُونَ
    45 – 45. ۽ بيشڪ ثمود (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ صالح موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو پوءِ اُھي اُن مھل ٻه ٽوليون ٿي جھڳڙو ڪنديون رھيون.

    (46) قَالَ يَا قَوْمِ لِمَ تَسْتَعْجِلُونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبْلَ الْحَسَنَةِ لَوْلَا تَسْتَغْفِرُونَ اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
    46 – 46. (صالح) چيو ته اي منھنجي قوم اوھين چڱائيءَ کان اڳ تڪڙو عذاب ڇو گھرندا آھيو؟ الله کان بخشش ڇونه ٿا گھرو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.

    (47) قَالُوا اطَّيَّرْنَا بِكَ وَبِمَن مَّعَكَ قَالَ طَائِرُكُمْ عِندَ اللَّهِ بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ تُفْتَنُونَ
    47 – 47. چيائون ته توکي ۽ تنھنجي سنگت کي نڀاڳو سمجھيوسون، (صالح) چيو ته اوھان جو نڀاڳ الله وٽ آھي بلڪ اوھين قوم پرکبؤ.

    (48) وَكَانَ فِي الْمَدِينَةِ تِسْعَةُ رَهْطٍ يُفْسِدُونَ فِي الْأَرْضِ وَلَا يُصْلِحُونَ
    48 – 48. ۽ (اُن) شھر ۾ نَو ڄڻا ھوا جي مُلڪ ۾ ڏڦير وجھندا ھوا ۽ سُڌارو نه ڪندا ھوا.

    (49) قَالُوا تَقَاسَمُوا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهْلَهُ ثُمَّ لَنَقُولَنَّ لِوَلِيِّهِ مَا شَهِدْنَا مَهْلِكَ أَهْلِهِ وَإِنَّا لَصَادِقُونَ
    49 – 49. اُنھن الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ کڻي چيو ته صالح ۽ سندس گھر وارن کي راتاھو ھڻي ماريون وري سندس وارث کي ضرور چونداسون ته (اسين) سندس گھر وارن جي ھلاڪ ٿيڻ مھل حاضر نه ھواسون ۽ بيشڪ اسين سچا آھيون.

    (50) وَمَكَرُوا مَكْرًا وَمَكَرْنَا مَكْرًا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
    50 – 50. ۽ ھنن ھڪڙي قسم جو فريب ڪيو ۽ اسان (به) ھڪڙي قسم جي رٿ رٿي ۽ اُھي بي خبر ھوا.

    (51) فَانظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ مَكْرِهِمْ أَنَّا دَمَّرْنَاهُمْ وَقَوْمَهُمْ أَجْمَعِينَ
    51 – 51. پوءِ (اي پيغمبر) نھار ته سندن فريب جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي جو اسان کين ۽ سندن ساري قوم کي ناس ڪيو.

    (52) فَتِلْكَ بُيُوتُهُمْ خَاوِيَةً بِمَا ظَلَمُوا إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً لِّقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
    52 – 52. پوءِ اُنھيءَ سببان جو ظلم ڪيائون اُھي سندن گھر اُجڙيل آھن، ڄاڻندڙ قوم لاءِ بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي.

    (53) وَأَنجَيْنَا الَّذِينَ آمَنُوا وَكَانُوا يَتَّقُونَ
    53 – 53. ۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي تن کي بچايوسون.

    (54) وَلُوطًا إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ أَتَأْتُونَ الْفَاحِشَةَ وَأَنتُمْ تُبْصِرُونَ
    54 – 54. ۽ لُوط کي (موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين بي حيائي (جو ڪم) ڪندا آھيو ڇا؟ ۽ اوھين ڏسندا (به) آھيو.

    (55) أَئِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ الرِّجَالَ شَهْوَةً مِّن دُونِ النِّسَاء بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ تَجْهَلُونَ
    55 – 55. ڇا اوھين زالن کي ڇڏي مردن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين جاھل قوم آھيو.

    (56) فَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِ إِلَّا أَن قَالُوا أَخْرِجُوا آلَ لُوطٍ مِّن قَرْيَتِكُمْ إِنَّهُمْ أُنَاسٌ يَتَطَهَّرُونَ
    56 – 56. تڏھن سندن قوم جي ورندي رڳو ھيءَ ھئي ته چيائون ته پنھنجي ڳوٺ مان لُوط جي گھر وارن کي تڙيو، ڇو ته اُھي ماڻھو پاڪ ھجڻ گھرندا آھن.

    (57) فَأَنجَيْنَاهُ وَأَهْلَهُ إِلَّا امْرَأَتَهُ قَدَّرْنَاهَا مِنَ الْغَابِرِينَ
    57 – 57. پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي بچايوسون سواءِ سندس زال جي، جنھن کي پوءِ تي رھيلن مان ٺھرايوسين.

    (58) وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِم مَّطَرًا فَسَاء مَطَرُ الْمُنذَرِينَ
    58 – 58. ۽ مٿن مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄايلن جو مينھن بڇڙو آھي.
    (59) قُلِ الْحَمْدُ لِلَّهِ وَسَلَامٌ عَلَى عِبَادِهِ الَّذِينَ اصْطَفَى آللَّهُ خَيْرٌ أَمَّا يُشْرِكُونَ
    59 – 59. (اي پيغمبر) چؤ ته سڀ ساراہ الله کي جڳائي ۽ سندس انھن ٻانھن تي سلام ھجي جن کي پسند ڪيائين، الله ڀلو آھي يا اُھو جنھن کي (اُھي الله جو) شريڪ بڻائيندا آھن؟

    (60) أَمَّنْ خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِّنَ السَّمَاء مَاء فَأَنبَتْنَا بِهِ حَدَائِقَ ذَاتَ بَهْجَةٍ مَّا كَانَ لَكُمْ أَن تُنبِتُوا شَجَرَهَا أَإِلَهٌ مَّعَ اللَّهِ بَلْ هُمْ قَوْمٌ يَعْدِلُونَ
    60 – 60. (نه بلڪ پڇون ٿا) اُھو ڪير آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوھان لاءِ آسمان مان پاڻي وسايو؟ پوءِ ان سان (ھر طرح جا) رونق وارا باغ ڄماياسون، اُنھن (باغن) جي وڻن جي ڄمائڻ جي اوھان کي ڪا سگھ نه ھئي الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُھي (اھڙي قوم آھن جي سڌي رستي کان) ڏنگو ھلندا آھن.

    (61) أَمَّن جَعَلَ الْأَرْضَ قَرَارًا وَجَعَلَ خِلَالَهَا أَنْهَارًا وَجَعَلَ لَهَا رَوَاسِيَ وَجَعَلَ بَيْنَ الْبَحْرَيْنِ حَاجِزًا أَإِلَهٌ مَّعَ اللَّهِ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
    61 – 61. (نه بلڪ پڇون ٿا ٿه) زمين کي ٽڪاءَ وارو ڪنھن ڪيو ۽ اُن جي وچ ۾ نھرون (ڪنھن) پيدا ڪيون ۽ مٿس جبل (ڪنھن) پيدا ڪيا ۽ ٻن دريائن جي وچ ۾ (ڪنھن) اوٽ بڻائي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

    (62) أَمَّن يُجِيبُ الْمُضْطَرَّ إِذَا دَعَاهُ وَيَكْشِفُ السُّوءَ وَيَجْعَلُكُمْ خُلَفَاء الْأَرْضِ أَإِلَهٌ مَّعَ اللَّهِ قَلِيلًا مَّا تَذَكَّرُونَ
    62 – 62. (نه بلڪ پُڇون ٿا ته) عاجز جي دُعا ڪير قبول ڪندو آھي جڏھن (ھو) الله کي سڏيندو آھي؟ ۽ (ڪير) ڏک لاھيندو آھي؟ ۽ اوھان کي زمين ۾ (ڪير اڳين جو) وارث ڪندو آھي، الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ اوھين ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.

    (63) أَمَّن يَهْدِيكُمْ فِي ظُلُمَاتِ الْبَرِّ وَالْبَحْرِ وَمَن يُرْسِلُ الرِّيَاحَ بُشْرًا بَيْنَ يَدَيْ رَحْمَتِهِ أَإِلَهٌ مَّعَ اللَّهِ تَعَالَى اللَّهُ عَمَّا يُشْرِكُونَ
    63 – 63. (نه بلڪ پڇون ٿا ته) اوھان کي بر ۽ بحر جي اونداھين ۾ ڪير (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي؟ ۽ پنھنجي ٻاجھ (مينھن) کان اڳ خوشخبري ڏيندڙ وائن کي ڪير گھلائيندو آھي؟ الله کانسواءِ ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (ڪافر) جيڪي شريڪ مقرر ڪندا آھن تن کان الله تمام مٿاھون آھي.

    (64) أَمَّن يَبْدَأُ الْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُ وَمَن يَرْزُقُكُم مِّنَ السَّمَاء وَالْأَرْضِ أَإِلَهٌ مَّعَ اللَّهِ قُلْ هَاتُوا بُرْهَانَكُمْ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
    64 – 64. ڀلا نئين سر مخلوق ڪير بڻائيندو آھي وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو؟ ۽ اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجي حُجت آڻيو.

    (65) قُل لَّا يَعْلَمُ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ الْغَيْبَ إِلَّا اللَّهُ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ
    65 – 65. (اي پيغمبر کين) چؤ ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آھن سي الله کانسواءِ ڳجھ نه ڄاڻندا آھن، ۽ نڪي ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن وري اُٿاربن.

    (66) بَلِ ادَّارَكَ عِلْمُهُمْ فِي الْآخِرَةِ بَلْ هُمْ فِي شَكٍّ مِّنْهَا بَلْ هُم مِّنْهَا عَمِونَ
    66 – 66. بلڪ سندن ڄاڻپ آخرت (جي نسبت) ۾ عاجز ٿي پئي آھي، بلڪ اُھي کانئس شڪ ۾ آھن، (نه!) بلڪ (ان جي سمجھ) کان انڌا آھن.
    (67) وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَئِذَا كُنَّا تُرَابًا وَآبَاؤُنَا أَئِنَّا لَمُخْرَجُونَ
    67 – 67. ۽ ڪافر چوندا آھن ته جڏھن اسين مٽي ٿينداسون ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا (به تڏھن به) اسين وري قبرن مان ڪڍباسون ڇا؟

    (68) لَقَدْ وُعِدْنَا هَذَا نَحْنُ وَآبَاؤُنَا مِن قَبْلُ إِنْ هَذَا إِلَّا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ
    68 – 68. بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ ڳالھ جو اَنجام ڏنو ويو آھي ھيءُ رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن.

    (69) قُلْ سِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَانظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُجْرِمِينَ
    69 – 69. (اي پيغمبر کين) چؤ ته زمين ۾ گُھمو ۽ ڏسو ته گھنھگارن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي ھئي.

    (70) وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَلَا تَكُن فِي ضَيْقٍ مِّمَّا يَمْكُرُونَ
    70 – 70. ۽ (اي پيغمبر) مٿن ڏک نه ڪر ۽ سندن فريب ڪرڻ کان خفگيءَ ۾ نه رھ.

    (71) وَيَقُولُونَ مَتَى هَذَا الْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
    71 – 71. ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو انجام ڪڏھن ٿيندو.

    (72) قُلْ عَسَى أَن يَكُونَ رَدِفَ لَكُم بَعْضُ الَّذِي تَسْتَعْجِلُونَ
    72 – 72. (کين) چؤ ته جيڪي تڪڙو گھرندا آھيو تنھن مان ڪجھ متان اوھان جي پُٺيءَ پويان (ويجھو) ھجي.

    (73) وَإِنَّ رَبَّكَ لَذُو فَضْلٍ عَلَى النَّاسِ وَلَكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَشْكُرُونَ
    73 – 73. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ماڻھن تي فضل ڪرڻ وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.

    (74) وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعْلَمُ مَا تُكِنُّ صُدُورُهُمْ وَمَا يُعْلِنُونَ
    74 – 74. ۽ سندن سينا جيڪي لڪائيندا ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو تنھنجو پالڻھار بيشڪ ڄاڻندو آھي.

    (75) وَمَا مِنْ غَائِبَةٍ فِي السَّمَاء وَالْأَرْضِ إِلَّا فِي كِتَابٍ مُّبِينٍ
    75 – 75. ۽ آسمان ۽ زمين ۾ اھڙي ڪا (شيء) ڳجھي نه آھي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي.

    (76) إِنَّ هَذَا الْقُرْآنَ يَقُصُّ عَلَى بَنِي إِسْرَائِيلَ أَكْثَرَ الَّذِي هُمْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
    76 – 76. بيشڪ ھي قرآن بني اسرائيلن کي گھڻيون ڳالھيون اُھي ڳالھيون بيان ڪندو آھي جن بابت اُھي تڪرار ڪندا ھوا.

    (77) وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِّلْمُؤْمِنِينَ
    77 – 77. ۽ بيشڪ اِھو مُؤمن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.

    (78) إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِي بَيْنَهُم بِحُكْمِهِ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْعَلِيمُ
    78 – 78. بيشڪ تنھنجو پالڻھار پنھنجي حُڪم سان سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ اُھو غالب ڄاڻندڙ آھي.

    (79) فَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ إِنَّكَ عَلَى الْحَقِّ الْمُبِينِ
    79 – 79. پوءِ (اي پيغمبر تون) الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ تون پڌري سچي (دين) تي آھين.

    (80) إِنَّكَ لَا تُسْمِعُ الْمَوْتَى وَلَا تُسْمِعُ الصُّمَّ الدُّعَاء إِذَا وَلَّوْا مُدْبِرِينَ
    80 – 80. بيشڪ تون نڪي مُئن کي ٻُڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻوڙن کي سڏ ٻڌائي سگھندين جڏھن (ھو) پٺي ڏيئي ڦرن.

    (81) وَمَا أَنتَ بِهَادِي الْعُمْيِ عَن ضَلَالَتِهِمْ إِن تُسْمِعُ إِلَّا مَن يُؤْمِنُ بِآيَاتِنَا فَهُم مُّسْلِمُونَ
    81 – 81. ۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (موٽڻ لاءِ) سِڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، (تون) رُڳو انھيءَ کي ٻڌائيندين جيڪو اسان جي آيتن تي ايمان آڻيندو پوءِ اُھي فرمانبردار آھن.

    (82) وَإِذَا وَقَعَ الْقَوْلُ عَلَيْهِمْ أَخْرَجْنَا لَهُمْ دَابَّةً مِّنَ الْأَرْضِ تُكَلِّمُهُمْ أَنَّ النَّاسَ كَانُوا بِآيَاتِنَا لَا يُوقِنُونَ
    82 – 82. ۽ جڏھن مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿيندو (تڏھن) انھن لاءِ ھڪ جانور زمين مان ڪڍنداسون جو ساڻن ڳالھائيندو انھيءَ ڪري جو ماڻھو اسان جي آيتن تي يقين نه رکندا ھوا.
    (83) وَيَوْمَ نَحْشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوْجًا مِّمَّن يُكَذِّبُ بِآيَاتِنَا فَهُمْ يُوزَعُونَ
    83 – 83. ۽ اُنھي ڏينھن جو سڀڪنھن اُمّت مان اھڙيءَ ٽوليءَ کي کڙو ڪنداسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو ٿي پوءِ اُھي (ھڪٻئي جي پھچڻ تائين) بيھاريا ويندا.

    (84) حَتَّى إِذَا جَاؤُوا قَالَ أَكَذَّبْتُم بِآيَاتِي وَلَمْ تُحِيطُوا بِهَا عِلْمًا أَمَّاذَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
    84 – 84. تان جو جڏھن (سڀ) ايندا (تڏھن الله) چوندو ته اوھان منھنجن آيتن کي ڇو ڪوڙ ڄاتو ھو ۽ انھن کي اوھان سمجھو به نه ھُيو يا (چؤ ته) اوھان ڪھڙو ڪم ڪيو ٿي؟

    (85) وَوَقَعَ الْقَوْلُ عَلَيْهِم بِمَا ظَلَمُوا فَهُمْ لَا يَنطِقُونَ
    85 – 85. ۽ سندن ظلم ڪرڻ سببان مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿي چُڪو پوءِ اُھي (ماڻھو) ڳالھائي نه سگھندا.

    (86) أَلَمْ يَرَوْا أَنَّا جَعَلْنَا اللَّيْلَ لِيَسْكُنُوا فِيهِ وَالنَّهَارَ مُبْصِرًا إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَاتٍ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
    86 – 86. نه ڏٺو اٿن ڇا ته اسان رات کي (ھن لاءِ) پيدا ڪيو ته منجھس آرام وٺن ۽ ڏينھن کي روشن (بڻايوسون)، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ (منھنجي قدرت جون) نشانيون آھن.

    (87) وَيَوْمَ يُنفَخُ فِي الصُّورِ فَفَزِعَ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَمَن فِي الْأَرْضِ إِلَّا مَن شَاء اللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوْهُ دَاخِرِينَ
    87 – 87. ۽ (ياد ڪريو) جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو (تنھن ڏينھن) جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀئي گھٻرائيندا پر جن لاءِ الله گھريو (سي نه گھٻرائيندا)، ۽ سڀڪو وٽن خوار ٿيل ايندو.

    (88) وَتَرَى الْجِبَالَ تَحْسَبُهَا جَامِدَةً وَهِيَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحَابِ صُنْعَ اللَّهِ الَّذِي أَتْقَنَ كُلَّ شَيْءٍ إِنَّهُ خَبِيرٌ بِمَا تَفْعَلُونَ
    88 – 88. ۽ تون جبلن کي ڏسين ٿو انھن کي (زمين) ۾ مُحڪم ڀائين ٿو؟ حالانڪ اُھي ڪڪرن جي ھلڻ جان ھلندا، اِھا (اُنھي) الله جي جوڙ آھي جنھن سڀڪنھن شيء کي مُحڪم رکيو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي اُھو خبر رکندڙ آھي.

    (89) مَن جَاء بِالْحَسَنَةِ فَلَهُ خَيْرٌ مِّنْهَا وَهُم مِّن فَزَعٍ يَوْمَئِذٍ آمِنُونَ
    89 – 89. جيڪو نيڪي آڻيندو تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ اُھي اُن ڏينھن گھٻرائڻ کان امن وارا ھوندا.

    (90) وَمَن جَاء بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّتْ وُجُوهُهُمْ فِي النَّارِ هَلْ تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
    90 – 90. ۽ جيڪو مدائي آڻيندو پوءِ تن جا منھن باھ ۾ اونڌا ڪري وجھبا، (چيو ويندنِ) ته جيڪي ڪندا ھُيؤ تنھن کانسواءِ ڪو بدلو نه ٿو ڏجيوَ.

    (91) إِنَّمَا أُمِرْتُ أَنْ أَعْبُدَ رَبَّ هَذِهِ الْبَلْدَةِ الَّذِي حَرَّمَهَا وَلَهُ كُلُّ شَيْءٍ وَأُمِرْتُ أَنْ أَكُونَ مِنَ الْمُسْلِمِينَ
    91 – 91. (اي پيغمبر) چؤ ته مون کي ته (ھيءُ) حُڪم ڪيل آھي ته ھن شھر جي پالڻھار جي عبادت ڪريان جنھن اُن کي تعظيم وارو ڪيو ۽ سڀڪا شيء سندس آھي ۽ مونکي حُڪم ڪيل آھي ته مُسلمانن مان ھُجان.

    (92) وَأَنْ أَتْلُوَ الْقُرْآنَ فَمَنِ اهْتَدَى فَإِنَّمَا يَهْتَدِي لِنَفْسِهِ وَمَن ضَلَّ فَقُلْ إِنَّمَا أَنَا مِنَ الْمُنذِرِينَ
    92 – 92. ۽ (ھيءُ) قرآن پڙھان، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ ھدايت وارو ٿئي ٿو، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو ته چؤ ته آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان.

    (93) وَقُلِ الْحَمْدُ لِلَّهِ سَيُرِيكُمْ آيَاتِهِ فَتَعْرِفُونَهَا وَمَا رَبُّكَ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعْمَلُونَ
    93 – 93. ۽ چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي (اُھو) اوھان کي پنھنجون نشانيون سگھو ڏيکاريندو پوءِ جنکي اوھين سُڃاڻندؤ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان اوھان جو پالڻھار بي خبر نه آھي.