islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. آل محمد صلى الله عليه و آله وسلمجي مودت ۽ محبت جو واجب هجڻ

    آل محمد صلى الله عليه و آله وسلمجي مودت ۽ محبت جو واجب هجڻ

    Rate this post

    محبت هڪ اندر۾ لڪيل معنوي ۽ وجداني شيءَ آهي ممڪن آهي اسان پنهنجي اندر ڪنهن شخص يا شيءَ سان محبت جو يا نفرت جو احساس ڪندا هندا هجون ليڪن ان کي فقط پهنجي اندر ۾ ئي سانڍيو ويٺا هجون ۽ ڪوبه لفظ انکي اداڪرڻ لاءِ بيان نه ڪري سگهون پيغمبر اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم هڪ روايت ۾ پنهنجي فرزند امام حسين عليه السلام جن سان اهل ايمان جي محبت جي باري ۾ فرمائن ٿا:

    «إن لولدی الحسين في قلوب المومنين محبته مکنونة»منهنجي پٽ حسين لاءِاهل ايمان جي دلين ۾ هڪ لڪيل،ڇپيل محبت آهي. محبت مڪنونه : يعني اها محبت جيڪا دل جھڙي ننڍڙي گھر ۾ پنهنجو گھر ڪري وڃي ، ٻئي مقام تي نبي اڪرم اهلبيت جي محبت کي اسلام جي بنياد ڄاڻائيندي نظر اچن ٿا:
    «لکل شیء اساس و اساس الاسلام حبنا اهل البيت» هر شي جي هڪ بنياد (پيڙه) آهي۽ اسلام جي بنياداسان اهلبيت جي محبت آهي. رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جن اهل ايمان جي امام حسين عليه السلام سان محبت کي محبت مڪنونه سان تعبير ڪيو آهي ۽ اهلبيت جي محبت کي اسلام جي پيڙه (بنياد) ڄاڻايو آهي. مومن جي دل اهلبيت خاص طورتي امام حسين عليه السلام جي محبت کان خالي ناهي هوندي۽ ڪابه شي ان محبت کي ان جڳھ کان هٽائي نٿي سگھي. ممڪن آهي ڪي غلط سوچين ته محبت مڪنونه هڪ اهڙي محبت آهي جنهن جو انسان اظهار نه ڪري نه ائين ناهي بلڪه محبت” مڪنونه“ اها محبت آهي جنهن جو ڪنهن وقت ماڻهو اظهار ڪري ٿو۽ اها محبت هر وقت ته نه ليڪن ڪڏهن ڪڏهن ظهور پيدا ڪري ٿي ليڪن هر حال ۾ اها محبت برقرار۽ پايدار آهي. بس محبت هڪ شيءَيا هڪ شخص سان اندر جي اڪير ۽تانگه جو نالو آهي جنهن کي دوستي جي عنوان سان ياد ڪيو ويندو آهي . ليڪن مودت هڪ خاص ۽ مخصوص محبت جو نالو آهي مودت اها محبت آهي جنهن اظهاروارو جذبو پاٿو وڃي ٿو ۽ هي هڪ اهڙي قسم جي دوستي آهي جنهن ۾ محبت ڪرڻ وارو پنهنجي پيار، محبت، عشق جو پنهنجي محبوب سان اظهار ڪري ٿومحبوب ۽محب کي گھرجي ته پنهجني رابطن،گفتار، رفتار کي هڪ ٻئي جي لاءِهڪ اهڙي طريقي سان منظم ڪن جوهڪ ٻئي جي محبت جو ثبوت پيش ڪن اهي جيڪو به ڪم انجام ڏين ان مان محبت جي خوشبو اچي بس ان احساس سان جيڪو ڪجھ چيو ويو ان مان معلوم ٿئي ٿو ته مودت هڪ پايدار ۽ باقي رهڻ واري محبت جو نالو آهي جنهن جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ۽دلي چاهتن کي به ان ۾ ظاهر ڪيو ويندو آهي خداوند متعال سورت شوري جي آيت نمبر 23 ۾ارشاد فرمائي ٿو:
    {قُلْ لا أَسْئَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا إِلاَّ الْمَوَدَّةَ فِي الْقُرْبى وَ مَنْ يَقْتَرِفْ حَسَنَةً نَزِدْ لَهُ فيها حُسْنًا إِنَّ اللّهَ غَفُورٌ شَكُور}اي پيغمبر صلى الله عليه و آله وسلم چوء ته هن تبليغ رسالت جي عيوض توهان کان ڪجھ به نٿو گھران سواءِ منهنجي قريبن (اهلبيت) سان مودت ڪرڻ جي ۽ جيڪو به ڀلو ڪم انجام ڏيندو انکي انجو اجروڌائي ڏينداسين ڇو جو الله سائين قدردان ۽ بخشڻهار آهي تفسير ڪشاف ۾ مرحوم زمخشري آيت مودت جي تفسير ۾ لکي ٿو،
    جڏهن هي آيت پيغمبر اڪرم جن تي نازل ٿي ماڻهن سوال ڪيو
    یا رسول اللهصلى الله عليه و آله وسلم مَن قرابتک الذين و جَبَت علينا مودّتهم؟قال رسول الله: «علي و فاطمة و إبنا هما.»اي الله جا نبي توهان جا اهي رشتيدار جن سان مودت ڪرڻ اسان تي واجب آهي ڪير آهن؟ پيغمبر صلى الله عليه و آله وسلم جن فرمايو” اهي علي ابن ابيطالب، فاطمه زهراء، حسن ۽حسين آهن اهلبيت سان محبت انسان جي نجات جو ڪارڻ آهي هي هڪ وڏي نعمت آهي جيڪا خدا فقط مومن کي ئي عنايتڪئي آهي حديث ۾ آهي ته
    من مات علی حُبّ آل محمد مات شهيدا جيڪو آل محمد جي محبت تي مرندو ته شهيد جي موت مرندو.
    من مات علی حب آل محمد مات مستکمل الايمان؛جيڪو آل محمد جي محبت تي مرندو ته ان حالت ۾مرندوجوان جو ايمان ڪامل هوندو
    من مات علی حب آل محمد مات مغفوراً له…؛ جيڪو آل محمد جي محبت تي مرندو ته ان حال ۾مرندوجوان جاگناه بخشجي چڪا هوندا
    اللّهم أرزقنا مودة محمد و آل محمد و املأ قلوبنا مِن وُدَهّم واحشرنا معهم.
    منبع:http://www.mwilayat.com/ معشوق علی