islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 34 سوره سبا

    34 سوره سبا

    Rate this post

    ) الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي لَهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ وَلَهُ الْحَمْدُ فِي الْآخِرَةِ وَهُوَ الْحَكِيمُ الْخَبِيرُ
    1 – 1. سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جو جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي ۽ اُن جي ئي ساراھ آخرت ۾ آھي، ۽ اُھو ئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي.

    (2) يَعْلَمُ مَا يَلِجُ فِي الْأَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنزِلُ مِنَ السَّمَاء وَمَا يَعْرُجُ فِيهَا وَهُوَ الرَّحِيمُ الْغَفُورُ
    2 – 2. جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي منجھانئس نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھندو آھي سو (سڀ اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ اھوئي بخشڻھار مھربان آھي.

    (3) وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لَا تَأْتِينَا السَّاعَةُ قُلْ بَلَى وَرَبِّي لَتَأْتِيَنَّكُمْ عَالِمِ الْغَيْبِ لَا يَعْزُبُ عَنْهُ مِثْقَالُ ذَرَّةٍ فِي السَّمَاوَاتِ وَلَا فِي الْأَرْضِ وَلَا أَصْغَرُ مِن ذَلِكَ وَلَا أَكْبَرُ إِلَّا فِي كِتَابٍ مُّبِينٍ
    3 – 3. ۽ ڪافر چوندا آھن ته اسان تي قيامت (ڪڏھن) نه ايندي، (کين) چؤ ته ھائو مون کي پنھنجي (اُنھيءَ) پالڻھار ڳُجھ ڄاڻيندڙ جو قسم آھي ته اوھان وٽ ضرور ايندي، جنھن کان ذري جيترو نڪي آسمانن ۽ نڪي زمين ۾ ڳُجھو رھي ٿو ۽ اُن کان تمام ننڍي (ڪا شيء اھڙي) ڪانھي ۽ نڪي تمام وڏي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي.

    (4) لِيَجْزِيَ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ أُوْلَئِكَ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَرِزْقٌ كَرِيمٌ
    4 – 4. ھن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بدلو ڏئي، انھن لاءِ ئي بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.

    (5) وَالَّذِينَ سَعَوْا فِي آيَاتِنَا مُعَاجِزِينَ أُوْلَئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مِّن رِّجْزٍ أَلِيمٌ
    5 – 5. ۽ جيڪي اسان جي آيتن ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڊوڙيا انھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا آھي.

    (6) وَيَرَى الَّذِينَ أُوتُوا الْعِلْمَ الَّذِي أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ هُوَ الْحَقَّ وَيَهْدِي إِلَى صِرَاطِ الْعَزِيزِ الْحَمِيدِ
    6 – 6. ۽ جن کي عِلم ڏنو ويو سي سمجھندا آھن ته جيڪو (قرآن) تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو برحق آھي ۽ غالب ساراھيل (الله) جي واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريندڙ آھي.

    (7) وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا هَلْ نَدُلُّكُمْ عَلَى رَجُلٍ يُنَبِّئُكُمْ إِذَا مُزِّقْتُمْ كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّكُمْ لَفِي خَلْقٍ جَدِيدٍ
    7 – 7. ۽ ڪافر (ھڪ ٻئي) کي چوندا آھن ته اوھان کي اھڙو مڙس ڏسيون ڇا جو اوھان کي ٻڌائي ٿو ته جڏھن (اوھين) تمام ڳري ذرا ذرا ٿيندؤ (تڏھن) بيشڪ اوھين نئين سر بڻايا ويندؤ.

    (8) أَفْتَرَى عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَم بِهِ جِنَّةٌ بَلِ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ فِي الْعَذَابِ وَالضَّلَالِ الْبَعِيدِ
    8 – 8. (اُنھيءَ) الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو آھي يا کيس ڪا چريائي آھي، (نه!) بلڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي عذاب ۾ ھُوندا ۽ (اُھي) وڏي ڀُل ۾ آھن.

    (9) أَفَلَمْ يَرَوْا إِلَى مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُم مِّنَ السَّمَاء وَالْأَرْضِ إِن نَّشَأْ نَخْسِفْ بِهِمُ الْأَرْضَ أَوْ نُسْقِطْ عَلَيْهِمْ كِسَفًا مِّنَ السَّمَاء إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَةً لِّكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيبٍ
    9 – 9. جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آسمان ۽ زمين مان (بڻايو ويو) آھي سو (غور ڪري) نه ڏٺائون ڇا؟ جيڪڏھن گھُرون ته کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏيون يا آسمان کان مٿن ٽُڪرا ڪيرايون، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن (الله ڏانھن) ورندڙ ٻانھي لاءِ (وڏي) نشاني آھي.

    (10) وَلَقَدْ آتَيْنَا دَاوُودَ مِنَّا فَضْلًا يَا جِبَالُ أَوِّبِي مَعَهُ وَالطَّيْرَ وَأَلَنَّا لَهُ الْحَدِيدَ
    10 – 10. ۽ بيشڪ داؤد کي پاڻ وٽان بزرگي ڏني سون، (۽ حُڪم ڪيوسون ته) اي جبلؤ ساڻس تسبيحون چئو ۽ پکين کي (اُن جو فرمانبردار ڪيوسون)، ۽ اُن لاءِ لوھ کي نرم ڪيوسون.

    (11) أَنِ اعْمَلْ سَابِغَاتٍ وَقَدِّرْ فِي السَّرْدِ وَاعْمَلُوا صَالِحًا إِنِّي بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ
    11 – 11. (حڪم ڏنوسون) ته ويڪريون زرھون بڻاءِ ۽ اندازي سان ڪڙيون ٺاھ ۽ (اي داؤد جي گھراڻي وارؤ) چڱا ڪم ڪريو، ڇوته جيڪي اوھان ڪندا آھيو سو بيشڪ آءٌ ڏسندڙ آھيان.
    (12) وَلِسُلَيْمَانَ الرِّيحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ وَرَوَاحُهَا شَهْرٌ وَأَسَلْنَا لَهُ عَيْنَ الْقِطْرِ وَمِنَ الْجِنِّ مَن يَعْمَلُ بَيْنَ يَدَيْهِ بِإِذْنِ رَبِّهِ وَمَن يَزِغْ مِنْهُمْ عَنْ أَمْرِنَا نُذِقْهُ مِنْ عَذَابِ السَّعِيرِ
    12 – 12. ۽ واءُ کي سُليمان لاءِ (نوايوسون) اُن جي اڳياڙيءَ جي منزل مھيني جو پنڌ ۽ پوياڙيءَ جي منزل (به) مھيني جو پنڌ ھئي ۽ اُن لاءِ پگھريل ٽامي جو تلاءُ وَھايوسون، ۽ جنّن مان (به ڪن کي فرمانبردار ڪيوسون) جو سندس پالڻھار جي حڪم سان سندس اڳيان ڪمائيندا ھوا، ۽ منجھائن جيڪو اسان جي حُڪم کان مُنھن موڙيندو تنھن کي باھ جو عذاب چکائينداسون.

    (13) يَعْمَلُونَ لَهُ مَا يَشَاء مِن مَّحَارِيبَ وَتَمَاثِيلَ وَجِفَانٍ كَالْجَوَابِ وَقُدُورٍ رَّاسِيَاتٍ اعْمَلُوا آلَ دَاوُودَ شُكْرًا وَقَلِيلٌ مِّنْ عِبَادِيَ الشَّكُورُ
    13 – 13. جيڪي گھرندو ھو سو اُن لاءِ ڪي قلعا ۽ مُورتون ۽ حوض جيڏا پيالا ۽ وڏيون ديڳيون جي نه چُرنديون ھيون سي بڻائيندا ھوا، (چيوسون ته) اي داؤد جا اولاد شُڪرانو ڪريو، ۽ مُنھنجن ٻانھن مان ٿورا شُڪرانو ڪندڙ آھن.

    (14) فَلَمَّا قَضَيْنَا عَلَيْهِ الْمَوْتَ مَا دَلَّهُمْ عَلَى مَوْتِهِ إِلَّا دَابَّةُ الْأَرْضِ تَأْكُلُ مِنسَأَتَهُ فَلَمَّا خَرَّ تَبَيَّنَتِ الْجِنُّ أَن لَّوْ كَانُوا يَعْلَمُونَ الْغَيْبَ مَا لَبِثُوا فِي الْعَذَابِ الْمُهِينِ
    14 – 14. پوءِ جنھن مھل مٿس موت کي حُڪم ڪيوسون (تنھن مھل) سندس موت تي اُڏيھيءَ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن) اُنھن (جِنّن) کي نه چتايو جو سندس لٺ کي ٿي کاڌائين، پوءِ جنھن مھل ڪريو (تنھن مھل) جِنّن معلوم ڪيو ته جيڪڏھن ڳجھ ڄاڻن ھا ته خواريءَ واري عذاب ۾ نه رھن ھا.

    (15) لَقَدْ كَانَ لِسَبَإٍ فِي مَسْكَنِهِمْ آيَةٌ جَنَّتَانِ عَن يَمِينٍ وَشِمَالٍ كُلُوا مِن رِّزْقِ رَبِّكُمْ وَاشْكُرُوا لَهُ بَلْدَةٌ طَيِّبَةٌ وَرَبٌّ غَفُورٌ
    15 – 15. بيشڪ سبا جي قوم لاءِ سندن ڳوٺ ۾ ھڪ نشاني ھُئي، (يعني) ٻه باغ سڄي ۽ کٻي پاسي کان ھوا، (چيو وين ته) پنھنجي پالڻھار جي رزق مان کائو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، (اوھان لاءِ ھي) شھر سٺو آھي ۽ پالڻھار بخشڻھار آھي.

    (16) فَأَعْرَضُوا فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ سَيْلَ الْعَرِمِ وَبَدَّلْنَاهُم بِجَنَّتَيْهِمْ جَنَّتَيْنِ ذَوَاتَى أُكُلٍ خَمْطٍ وَأَثْلٍ وَشَيْءٍ مِّن سِدْرٍ قَلِيلٍ
    16 – 16. پوءِ (شڪر ڪرڻ کان) منھن موڙيائون تنھنڪري (بند ڀڃي) سخت ڇَـرَ کي مٿن وھايوسين ۽ سندن (اُنھن) ٻن باغن جي بدلي کين (ٻيا) ٻه باغ ڪسارن ميون ۽ لَئِن وارا ۽ ڪجھ ٿورين ٻيرين وارا ڏناسون.

    (17) ذَلِكَ جَزَيْنَاهُم بِمَا كَفَرُوا وَهَلْ نُجَازِي إِلَّا الْكَفُورَ
    17 – 17. سندن بي شڪريءَ سببان کين اھا سزا ڏني سون، ۽ بي شڪر کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي سزا نه ڏيندا آھيون.

    (18) وَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ الْقُرَى الَّتِي بَارَكْنَا فِيهَا قُرًى ظَاهِرَةً وَقَدَّرْنَا فِيهَا السَّيْرَ سِيرُوا فِيهَا لَيَالِيَ وَأَيَّامًا آمِنِينَ
    18 – 18. ۽ سندن وچ ۾ اُھي ڳوٺ جن ۾ برڪت رکي سون تن جي وچ ۾ پڌرا ڳوٺ (لڳولڳ) ڪياسون ۽ انھن ۾ اچ وڃ جو پورو بندوبست رکيوسون، (چيوسون ته) راتيان ۽ ڏينھان منجھن بي ڀؤا گھمندا رھو.

    (19) فَقَالُوا رَبَّنَا بَاعِدْ بَيْنَ أَسْفَارِنَا وَظَلَمُوا أَنفُسَهُمْ فَجَعَلْنَاهُمْ أَحَادِيثَ وَمَزَّقْنَاهُمْ كُلَّ مُمَزَّقٍ إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَاتٍ لِّكُلِّ صَبَّارٍ شَكُورٍ
    19 – 19. پوءِ چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي مسافرين ۾ ڏورائي ڪر ۽ پاڻ تي ظلم ڪيائون تنھن ڪري انھن کي (ٻـين جي لاءِ) آکاڻيون ڪيوسين ۽ کين تمام پرزا پرزا ڪري ڇني ڦاڙي ڇڏيوسون، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابِر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.

    (20) وَلَقَدْ صَدَّقَ عَلَيْهِمْ إِبْلِيسُ ظَنَّهُ فَاتَّبَعُوهُ إِلَّا فَرِيقًا مِّنَ الْمُؤْمِنِينَ
    20 – 20. ۽ بيشڪ ابليس انھن به نسبت پنھنجي گمان کي سچو لڌو جو مؤمنن جي ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ ٻـين اُن جي تابعداري ڪئي.

    (21) وَمَا كَانَ لَهُ عَلَيْهِم مِّن سُلْطَانٍ إِلَّا لِنَعْلَمَ مَن يُؤْمِنُ بِالْآخِرَةِ مِمَّنْ هُوَ مِنْهَا فِي شَكٍّ وَرَبُّكَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ حَفِيظٌ
    21 – 21. ۽ اُن جو مٿن ڪو زور نه ھو پر (اسين پرکون) ته جيڪو آخرت کي مڃيندو ھجي تنھن کي اُنھيءَ کان ڌار ڪريون جيڪو اُن کان شڪ ۾ (پيل) ھجي، ۽ تنھنجو پالڻھار سڀڪنھن شيء تي نگھبان آھي.
    (22) قُلِ ادْعُوا الَّذِينَ زَعَمْتُم مِّن دُونِ اللَّهِ لَا يَمْلِكُونَ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ فِي السَّمَاوَاتِ وَلَا فِي الْأَرْضِ وَمَا لَهُمْ فِيهِمَا مِن شِرْكٍ وَمَا لَهُ مِنْهُم مِّن ظَهِيرٍ
    22 – 22. (کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن ۾ اوھين گمان ڪندا آھيو تن کي سڏيو، اُھي نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ذري جيترا (به) مالڪ آھن ۽ نڪي منجھن ڪا ڀائيواري آھي ۽ نڪي منجھائن ڪو الله جو مددگار آھي.

    (23) وَلَا تَنفَعُ الشَّفَاعَةُ عِندَهُ إِلَّا لِمَنْ أَذِنَ لَهُ حَتَّى إِذَا فُزِّعَ عَن قُلُوبِهِمْ قَالُوا مَاذَا قَالَ رَبُّكُمْ قَالُوا الْحَقَّ وَهُوَ الْعَلِيُّ الْكَبِيرُ
    23 – 23. ۽ نڪي وٽس (ٻئي ڪنھن جي) سفارش فائدو ڏيندي مگر جنھن لاءِ رخصت ڏني ھوندائين (فرشتن جو ھي حال آھي ته جنھن مھل ڪو حُڪم خدا جو نازل ٿئي ٿو ته اُنھن جي طبيعت ۾ گھٻراھٽ پيدا ٿئي ٿي) تانجو جنھن وقت ھنن جي دلين تان گھٻراھٽ لھي ٿي (تنھن مھل) چون ٿا ته اوھان جي پالڻھار ڇا چيو آھي (مٿان ملائڪ ھيٺين کي) چوندا ته سچ فرمايو اٿس ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون وڏو آھي.

    (24) قُلْ مَن يَرْزُقُكُم مِّنَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ قُلِ اللَّهُ وَإِنَّا أَوْ إِيَّاكُمْ لَعَلَى هُدًى أَوْ فِي ضَلَالٍ مُّبِينٍ
    24 – 24. (کين) چؤ ته اوھان کي آسمانن ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي، چؤ ته الله (ڏيندو آھي) ۽ بيشڪ اسين يا اوھين (يا ته) ھدايت تي آھيون يا پڌريءَ گُمراھي ۾.

    (25) قُل لَّا تُسْأَلُونَ عَمَّا أَجْرَمْنَا وَلَا نُسْأَلُ عَمَّا تَعْمَلُونَ
    25 – 25. چؤ ته جيڪي اسان ڏوھ ڪيا آھن تنھن بابت اوھين پڇيا نه ويندؤ ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھن بابت اسين پُڇيا نه وينداسون.

    (26) قُلْ يَجْمَعُ بَيْنَنَا رَبُّنَا ثُمَّ يَفْتَحُ بَيْنَنَا بِالْحَقِّ وَهُوَ الْفَتَّاحُ الْعَلِيمُ
    26 – 26. چؤ ته اسان جو پالڻھار اسان (مڙني) کي گڏ ڪندو وري اسان ۽ (اوھان) جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪندو، ۽ اھوئي (سچو) فيصلو ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    (27) قُلْ أَرُونِي الَّذِينَ أَلْحَقْتُم بِهِ شُرَكَاء كَلَّا بَلْ هُوَ اللَّهُ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
    27 – 27. چؤ ته جن کي اوھان ساڻس شريڪ بڻائي ملايو آھي سي مون کي ڏيکاريو (چؤ ته) ائين نه آھي، بلڪ اُھو الله غالب حِڪمت وارو آھي.

    (28) وَمَا أَرْسَلْنَاكَ إِلَّا كَافَّةً لِّلنَّاسِ بَشِيرًا وَنَذِيرًا وَلَكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
    28 – 28. (اي پيغمبر) توکي ته مڙني ماڻھن لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليوسون پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

    (29) وَيَقُولُونَ مَتَى هَذَا الْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
    29 – 29. ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو (قيامت جو) انجام ڪڏھن ٿيندو.

    (30) قُل لَّكُم مِّيعَادُ يَوْمٍ لَّا تَسْتَأْخِرُونَ عَنْهُ سَاعَةً وَلَا تَسْتَقْدِمُونَ
    30 – 30. چؤ ته اوھان لاءِ اھڙي ڏينھن جو انجام آھي جنھن کان ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندؤ ۽ نڪي اڳي ويندؤ.

    (31) وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لَن نُّؤْمِنَ بِهَذَا الْقُرْآنِ وَلَا بِالَّذِي بَيْنَ يَدَيْهِ وَلَوْ تَرَى إِذِ الظَّالِمُونَ مَوْقُوفُونَ عِندَ رَبِّهِمْ يَرْجِعُ بَعْضُهُمْ إِلَى بَعْضٍ الْقَوْلَ يَقُولُ الَّذِينَ اسْتُضْعِفُوا لِلَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا لَوْلَا أَنتُمْ لَكُنَّا مُؤْمِنِينَ
    31 – 31. ۽ ڪافر چون ٿا ته ھن قُرآن کي ڪڏھن نه مڃينداسون ۽ نڪي اُنھي کي جو کانئس اڳ آھي، ۽ (اي ڏسندڙ) جڏھن ظالم پنھنجي پالڻھار اڳيان بيھاربا (تڏھن) جيڪڏھن ڏسين ته (عجب ڪرين)، جو (پاڻ ۾) انھن مان ھڪڙا ٻـين ڏي ڳالھ ورائيندا، جيڪي ھيڻا آھن سي ھٺيلن کي چوندا ته جيڪڏھن اوھان نه ھجوھا ته اسين مؤمن ھجون ھا.

    (32) قَالَ الَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا لِلَّذِينَ اسْتُضْعِفُوا أَنَحْنُ صَدَدْنَاكُمْ عَنِ الْهُدَى بَعْدَ إِذْ جَاءكُم بَلْ كُنتُم مُّجْرِمِينَ
    32 – 32. ھٺيلا ھيڻن کي چوندا ته جڏھن (ھدايت) اوھان وٽ آئي تڏھن اسان اوھان کي ھدايت کان جھليو ھو ڇا؟ (نه!) بلڪ اوھين پاڻ گنھگار ھئؤ.

    (33) وَقَالَ الَّذِينَ اسْتُضْعِفُوا لِلَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا بَلْ مَكْرُ اللَّيْلِ وَالنَّهَارِ إِذْ تَأْمُرُونَنَا أَن نَّكْفُرَ بِاللَّهِ وَنَجْعَلَ لَهُ أَندَادًا وَأَسَرُّوا النَّدَامَةَ لَمَّا رَأَوُا الْعَذَابَ وَجَعَلْنَا الْأَغْلَالَ فِي أَعْنَاقِ الَّذِينَ كَفَرُوا هَلْ يُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
    33 – 33. ۽ ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته (ائين نه آھي) بلڪ رات ۽ ڏينھن جي (اوھان جي) مڪر ڪرڻ (اسان کي جھليو ھو) جڏھن اسان کي حُڪم ڪندا ھيؤ ته الله سان ڪفر ڪيو ۽ ساڻس شريڪ ٺھرايون، ۽ جڏھن عذاب کي ڏسندا (تڏھن) پشيماني (دل ۾) لڪائيندا، ۽ ڪافرن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجھنداسون، جيڪي ڪندا ھوا تنھن کانسواءِ ٻئي جي سزا نه ڏبين.

    (34) وَمَا أَرْسَلْنَا فِي قَرْيَةٍ مِّن نَّذِيرٍ إِلَّا قَالَ مُتْرَفُوهَا إِنَّا بِمَا أُرْسِلْتُم بِهِ كَافِرُونَ
    34 – 34. ۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون مگر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته بيشڪ جنھن شيء سان اوھين موڪليا ويا آھيو (تنھنکي) اسين نه مڃيندڙ آھيون.

    (35) وَقَالُوا نَحْنُ أَكْثَرُ أَمْوَالًا وَأَوْلَادًا وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ
    35 – 35. ۽ چيائون ته اسين گھڻي مال ۽ اولاد وارا آھيون ۽ اسان کي عذاب ٿيڻو نه آھي.

    (36) قُلْ إِنَّ رَبِّي يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَن يَشَاء وَيَقْدِرُ وَلَكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
    36 – 36. چؤ ته منھنجو پالڻھار جنھن لاءِ گھري تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري تنھن جي) تنگ ڪندو آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
    (37) وَمَا أَمْوَالُكُمْ وَلَا أَوْلَادُكُم بِالَّتِي تُقَرِّبُكُمْ عِندَنَا زُلْفَى إِلَّا مَنْ آمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا فَأُوْلَئِكَ لَهُمْ جَزَاء الضِّعْفِ بِمَا عَمِلُوا وَهُمْ فِي الْغُرُفَاتِ آمِنُونَ
    37 – 37. ۽ نڪي اوھان جا مال ۽ نڪي اوھان جا اولاد اھڙي شيء آھن جو اوھان کي اسان وٽ مرتبي جي ڪري ويجھو ڪن پر (ويجھا اُھي آھن) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جيڪي ڪمايو تنھن سببان اُنھن لاءِ ٻيڻو بدلو آھي ۽ اُھي ماڙين ۾ امن سان رھندا.

    (38) وَالَّذِينَ يَسْعَوْنَ فِي آيَاتِنَا مُعَاجِزِينَ أُوْلَئِكَ فِي الْعَذَابِ مُحْضَرُونَ
    38 – 38. ۽ جيڪي اسان جي آيتن (جي رد ڪرڻ) ۾ مقابلو ڪندڙ ٿي ڪوشش ڪندا آھن اُھي عذاب ۾ حاضر ڪبا.

    (39) قُلْ إِنَّ رَبِّي يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَن يَشَاء مِنْ عِبَادِهِ وَيَقْدِرُ لَهُ وَمَا أَنفَقْتُم مِّن شَيْءٍ فَهُوَ يُخْلِفُهُ وَهُوَ خَيْرُ الرَّازِقِينَ
    39 – 39. چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي) تنگ ڪندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪُجھ خرچيندؤ تنھن جو الله بدلو ڏيندو، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي.

    (40) وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ جَمِيعًا ثُمَّ يَقُولُ لِلْمَلَائِكَةِ أَهَؤُلَاء إِيَّاكُمْ كَانُوا يَعْبُدُونَ
    40 – 40. ۽ جنھن ڏينھن اُنھن مڙني کي گڏ ڪندو وري ملائڪن کي چوندو ته (ھيءُ) اُھي آھن ڇا جيڪي اوھان کي پوڄيندا ھوا؟

    (41) قَالُوا سُبْحَانَكَ أَنتَ وَلِيُّنَا مِن دُونِهِم بَلْ كَانُوا يَعْبُدُونَ الْجِنَّ أَكْثَرُهُم بِهِم مُّؤْمِنُونَ
    41 – 41. (ملائڪ) چوندا ته تون پاڪ ذات آھين تون اسان جو سائين آھين نه اُھي، بلڪ اُھي جنّن کي پوڄيندا ھوا، انھن مان گھڻا کين مڃيندڙ ھوا.

    (42) فَالْيَوْمَ لَا يَمْلِكُ بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ نَّفْعًا وَلَا ضَرًّا وَنَقُولُ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا ذُوقُوا عَذَابَ النَّارِ الَّتِي كُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ
    42 – 42. پوءِ اڄ اوھان مان ڪوبه ھڪ ٻئي کي نڪي سُک پُھچائڻ جو نڪي ڏک پھچائڻ جو اختيار رکي ٿو، ۽ ظالمن کي چونداسون ته اُن باھ جي سزا جو (جو مزو) چکو جنھن کي اوھين ڪُوڙ ڀائيندا ھوا.

    (43) وَإِذَا تُتْلَى عَلَيْهِمْ آيَاتُنَا بَيِّنَاتٍ قَالُوا مَا هَذَا إِلَّا رَجُلٌ يُرِيدُ أَن يَصُدَّكُمْ عَمَّا كَانَ يَعْبُدُ آبَاؤُكُمْ وَقَالُوا مَا هَذَا إِلَّا إِفْكٌ مُّفْتَرًى وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاءهُمْ إِنْ هَذَا إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ
    43 – 43. ۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن (ھڪ ٻئي کي) چوندا آھن ته ھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جو جنھن کي اوھان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا ھوا تنھن کان اوھان کي جھلڻ گھرندو آھي، ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙ ٺھيل آھي، ۽ ڪافرن وٽ جڏھن سچي ڳالھ آئي (تڏھن) اُن لاءِ چوندا آھن ته ھي رڳو پڌرو جادو آھي.

    (44) وَمَا آتَيْنَاهُم مِّن كُتُبٍ يَدْرُسُونَهَا وَمَا أَرْسَلْنَا إِلَيْهِمْ قَبْلَكَ مِن نَّذِيرٍ
    44 – 44. حالانڪ اُنھن (مشرڪن) کي نڪو ڪو ڪتاب ڏنوسون جنھن کي پڙھن ۽ نڪي توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ اُنھن ڏانھن موڪليوسون.

    (45) وَكَذَّبَ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ وَمَا بَلَغُوا مِعْشَارَ مَا آتَيْنَاهُمْ فَكَذَّبُوا رُسُلِي فَكَيْفَ كَانَ نَكِيرِ
    45 – 45. ۽ کائن اڳين به ڪوڙ ڄاتو ھو حالانڪ جيڪي انھنکي ڏنوھوسون تنھن جي ڏھين پتيءَ کي (به اُھي مشرڪ) نه پُھتا آھن پوءِ اُنھن اسان جي پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو، پوءِ منھنجو عذاب ڪئن ھو.
    (46) قُلْ إِنَّمَا أَعِظُكُم بِوَاحِدَةٍ أَن تَقُومُوا لِلَّهِ مَثْنَى وَفُرَادَى ثُمَّ تَتَفَكَّرُوا مَا بِصَاحِبِكُم مِّن جِنَّةٍ إِنْ هُوَ إِلَّا نَذِيرٌ لَّكُم بَيْنَ يَدَيْ عَذَابٍ شَدِيدٍ
    46 – 46. (کين) چؤ ته اوھان کي رڳو ھڪ ڳالھ جي نصيحت ڪريان ٿو، ته ٻه ٻه ۽ ھڪ ھڪ ٿي الله (جي ڪم) لاءِ کڙا ٿيو وري پروڙيو، ته اوھان جي سنگتيءَ کي ڪو سوداءُ نه آھي، (بلڪ) اُھو ته سخت عذاب (جي پھچڻ) کان اڳ اوھان کي ڊيڄاريندڙ آھي.

    (47) قُلْ مَا سَأَلْتُكُم مِّنْ أَجْرٍ فَهُوَ لَكُمْ إِنْ أَجْرِيَ إِلَّا عَلَى اللَّهِ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدٌ
    47 – 47. (۽ کين) چؤ ته اوھان کان جيڪو ڪو اُجورو گھريو ھجيم سو اوھان کي ئي ھجي، منھنجو اُجورو الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي، ۽ اُھو ھر شيء تي شاھد آھي.

    (48) قُلْ إِنَّ رَبِّي يَقْذِفُ بِالْحَقِّ عَلَّامُ الْغُيُوبِ
    48 – 48. (کين) چؤ ته بيشڪ منھنجو پالڻھار حق کي منھنجي دل ۾ وجھندو آھي، (اھو) ڳُجھن جو ڄاڻندڙ آھي.

    (49) قُلْ جَاء الْحَقُّ وَمَا يُبْدِئُ الْبَاطِلُ وَمَا يُعِيدُ
    49 – 49. (کين) چ‍ؤ ته حق آيو ۽ ڪوڙو معبود نڪي نئي سر پيدا ڪري ٿو نڪي بِھر پيدا ڪندو.

    (50) قُلْ إِن ضَلَلْتُ فَإِنَّمَا أَضِلُّ عَلَى نَفْسِي وَإِنِ اهْتَدَيْتُ فَبِمَا يُوحِي إِلَيَّ رَبِّي إِنَّهُ سَمِيعٌ قَرِيبٌ
    50 – 50. (کين) چؤ ته جيڪڏھن گمراھ ٿيس ته رڳو پاڻ لاءِ گمراھ ٿيان ٿو، ۽ جيڪڏھن ھدايت وارو ٿيس ته (اُھا) اُنھيءَ سببان آھي جو منھنجو پالڻھار مون ڏانھن وحي موڪليندو آھي، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ويجھو آھي.

    (51) وَلَوْ تَرَى إِذْ فَزِعُوا فَلَا فَوْتَ وَأُخِذُوا مِن مَّكَانٍ قَرِيبٍ
    51 – 51. ۽ جنھن مھل پريشان ٿيندا ۽ (الله جي عذاب کان) ڇوٽڪارو نه لھندا ۽ ويجھي ھنڌان پڪڙبا (تنھن مھل) جيڪڏھن ڏسين (ته عجب ڪرين).

    (52) وَقَالُوا آمَنَّا بِهِ وَأَنَّى لَهُمُ التَّنَاوُشُ مِن مَكَانٍ بَعِيدٍ
    52 – 52. ۽ چوندا ته (ھاڻي) اُن (قرآن) تي ايمان آندوسون، ۽ (اُتي دُنيا جي) ڏورين ھنڌ کان کين (ايمان) ھٿ آڻڻ ڪٿان ٿيندو؟

    (53) وَقَدْ كَفَرُوا بِهِ مِن قَبْلُ وَيَقْذِفُونَ بِالْغَيْبِ مِن مَّكَانٍ بَعِيدٍ
    53 – 53. حالانڪ اڳي اُن قرآن کي نه مڃيندا ھوا، ۽ ڏورين ھنڌ کان اَڻ ڏٺو (گُمان جا تير) اُڇليندا رھيا.

    (54) وَحِيلَ بَيْنَهُمْ وَبَيْنَ مَا يَشْتَهُونَ كَمَا فُعِلَ بِأَشْيَاعِهِم مِّن قَبْلُ إِنَّهُمْ كَانُوا فِي شَكٍّ مُّرِيبٍ
    54 – 54. ۽ اُنھن جي ۽ اُھي جيڪي سَڌون ڪندا رھيا تن جي وچ ۾ اَڙ وڌي وئي جھڙي طرح انھن جھڙن (ٻـين) کان اڳ ڪيو ويو، بيشڪ اُھي به وڏي شڪ ۾ پيل ھوا.