islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 37 سوره الصافات

    37 سوره الصافات

    Rate this post

    (1) وَالصَّافَّاتِ صَفًّا
    1 – 1. (پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.

    (2) فَالزَّاجِرَاتِ زَجْرًا
    2 – 2. پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.

    (3) فَالتَّالِيَاتِ ذِكْرًا
    3 – 3. پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي.

    (4) إِنَّ إِلَهَكُمْ لَوَاحِدٌ
    4 – 4. ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي.

    (5) رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ الْمَشَارِقِ
    5 – 5. (جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي.

    (6) إِنَّا زَيَّنَّا السَّمَاء الدُّنْيَا بِزِينَةٍ الْكَوَاكِبِ
    6 – 6. بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو.

    (7) وَحِفْظًا مِّن كُلِّ شَيْطَانٍ مَّارِدٍ
    7 – 7. ۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون.

    (8) لَا يَسَّمَّعُونَ إِلَى الْمَلَإِ الْأَعْلَى وَيُقْذَفُونَ مِن كُلِّ جَانِبٍ
    8 – 8. ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن.

    (9) دُحُورًا وَلَهُمْ عَذَابٌ وَاصِبٌ
    9 – 9. (اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.

    (10) إِلَّا مَنْ خَطِفَ الْخَطْفَةَ فَأَتْبَعَهُ شِهَابٌ ثَاقِبٌ
    10 – 10. پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي.

    (11) فَاسْتَفْتِهِمْ أَهُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَم مَّنْ خَلَقْنَا إِنَّا خَلَقْنَاهُم مِّن طِينٍ لَّازِبٍ
    11 – 11. پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو.

    (12) بَلْ عَجِبْتَ وَيَسْخَرُونَ
    12 – 12. بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن.

    (13) وَإِذَا ذُكِّرُوا لَا يَذْكُرُونَ
    13 – 13. ۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن.

    (14) وَإِذَا رَأَوْا آيَةً يَسْتَسْخِرُونَ
    14 – 14. ۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن.

    (15) وَقَالُوا إِنْ هَذَا إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ
    15 – 15. ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي.

    (16) أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَامًا أَئِنَّا لَمَبْعُوثُونَ
    16 – 16. ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟

    (17) أَوَآبَاؤُنَا الْأَوَّلُونَ
    17 – 17. اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟

    (18) قُلْ نَعَمْ وَأَنتُمْ دَاخِرُونَ
    18 – 18. چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ.

    (19) فَإِنَّمَا هِيَ زَجْرَةٌ وَاحِدَةٌ فَإِذَا هُمْ يَنظُرُونَ
    19 – 19. پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا.

    (20) وَقَالُوا يَا وَيْلَنَا هَذَا يَوْمُ الدِّينِ
    20 – 20. ۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي.

    (21) هَذَا يَوْمُ الْفَصْلِ الَّذِي كُنتُمْ بِهِ تُكَذِّبُونَ
    21 – 21. (چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي.
    22) احْشُرُوا الَّذِينَ ظَلَمُوا وَأَزْوَاجَهُمْ وَمَا كَانُوا يَعْبُدُونَ
    22 – 22. (چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا

    (23) مِن دُونِ اللَّهِ فَاهْدُوهُمْ إِلَى صِرَاطِ الْجَحِيمِ
    23 – 23. تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو.

    (24) وَقِفُوهُمْ إِنَّهُم مَّسْئُولُونَ
    24 – 24. ۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو.

    (25) مَا لَكُمْ لَا تَنَاصَرُونَ
    25 – 25. (ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟

    (26) بَلْ هُمُ الْيَوْمَ مُسْتَسْلِمُونَ
    26 – 26. بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن.

    (27) وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَى بَعْضٍ يَتَسَاءلُونَ
    27 – 27. ۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.

    (28) قَالُوا إِنَّكُمْ كُنتُمْ تَأْتُونَنَا عَنِ الْيَمِينِ
    28 – 28. (ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ.

    (29) قَالُوا بَل لَّمْ تَكُونُوا مُؤْمِنِينَ
    29 – 29. (سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ.

    (30) وَمَا كَانَ لَنَا عَلَيْكُم مِّن سُلْطَانٍ بَلْ كُنتُمْ قَوْمًا طَاغِينَ
    30 – 30. ۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ.

    (31) فَحَقَّ عَلَيْنَا قَوْلُ رَبِّنَا إِنَّا لَذَائِقُونَ
    31 – 31. پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون.

    (32) فَأَغْوَيْنَاكُمْ إِنَّا كُنَّا غَاوِينَ
    32 – 32. پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون.

    (33) فَإِنَّهُمْ يَوْمَئِذٍ فِي الْعَذَابِ مُشْتَرِكُونَ
    33 – 33. پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا.

    (34) إِنَّا كَذَلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِينَ
    34 – 34. بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون.

    (35) إِنَّهُمْ كَانُوا إِذَا قِيلَ لَهُمْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ
    35 – 35. بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا.

    (36) وَيَقُولُونَ أَئِنَّا لَتَارِكُوا آلِهَتِنَا لِشَاعِرٍ مَّجْنُونٍ
    36 – 36. ۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟

    (37) بَلْ جَاء بِالْحَقِّ وَصَدَّقَ الْمُرْسَلِينَ
    37 – 37. بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين.

    (38) إِنَّكُمْ لَذَائِقُو الْعَذَابِ الْأَلِيمِ
    38 – 38. بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو.

    (39) وَمَا تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
    39 – 39. ۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ.

    (40) إِلَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ
    40 – 40. پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا).

    (41) أُوْلَئِكَ لَهُمْ رِزْقٌ مَّعْلُومٌ
    41 – 41. اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي.

    (42) فَوَاكِهُ وَهُم مُّكْرَمُونَ
    42 – 42. (قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن.

    (43) فِي جَنَّاتِ النَّعِيمِ
    43 – 43. نعمت وارن باغن ۾.

    (44) عَلَى سُرُرٍ مُّتَقَابِلِينَ
    44 – 44. تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.

    (45) يُطَافُ عَلَيْهِم بِكَأْسٍ مِن مَّعِينٍ
    45 – 45. وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو.

    (46) بَيْضَاء لَذَّةٍ لِّلشَّارِبِينَ
    46 – 46. جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو.

    (47) لَا فِيهَا غَوْلٌ وَلَا هُمْ عَنْهَا يُنزَفُونَ
    47 – 47. نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا.

    (48) وَعِنْدَهُمْ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ عِينٌ
    48 – 48. ۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون.

    (49) كَأَنَّهُنَّ بَيْضٌ مَّكْنُونٌ
    49 – 49. ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن.

    (50) فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَى بَعْضٍ يَتَسَاءلُونَ
    50 – 50. پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.

    (51) قَالَ قَائِلٌ مِّنْهُمْ إِنِّي كَانَ لِي قَرِينٌ
    51 – 51. منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو.

    (52) يَقُولُ أَئِنَّكَ لَمِنْ الْمُصَدِّقِينَ
    52 – 52. جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟

    (53) أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَامًا أَئِنَّا لَمَدِينُونَ
    53 – 53. ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟

    (54) قَالَ هَلْ أَنتُم مُّطَّلِعُونَ
    54 – 54. (وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟

    (55) فَاطَّلَعَ فَرَآهُ فِي سَوَاء الْجَحِيمِ
    55 – 55. پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.

    (56) قَالَ تَاللَّهِ إِنْ كِدتَّ لَتُرْدِينِ
    56 – 56. چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو.

    (57) وَلَوْلَا نِعْمَةُ رَبِّي لَكُنتُ مِنَ الْمُحْضَرِينَ
    57 – 57. ۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا.

    (58) أَفَمَا نَحْنُ بِمَيِّتِينَ
    58 – 58. بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون.

    (59) إِلَّا مَوْتَتَنَا الْأُولَى وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ
    59 – 59. (اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون.

    (60) إِنَّ هَذَا لَهُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
    60 – 60. بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    (61) لِمِثْلِ هَذَا فَلْيَعْمَلْ الْعَامِلُونَ
    61 – 61. اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن.

    (62) أَذَلِكَ خَيْرٌ نُّزُلًا أَمْ شَجَرَةُ الزَّقُّومِ
    62 – 62. ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟

    (63) إِنَّا جَعَلْنَاهَا فِتْنَةً لِّلظَّالِمِينَ
    63 – 63. بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي.

    (64) إِنَّهَا شَجَرَةٌ تَخْرُجُ فِي أَصْلِ الْجَحِيمِ
    64 – 64. بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي.

    (65) طَلْعُهَا كَأَنَّهُ رُؤُوسُ الشَّيَاطِينِ
    65 – 65. اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن.

    (66) فَإِنَّهُمْ لَآكِلُونَ مِنْهَا فَمَالِؤُونَ مِنْهَا الْبُطُونَ
    66 – 66. پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا.

    (67) ثُمَّ إِنَّ لَهُمْ عَلَيْهَا لَشَوْبًا مِّنْ حَمِيمٍ
    67 – 67. وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي.

    (68) ثُمَّ إِنَّ مَرْجِعَهُمْ لَإِلَى الْجَحِيمِ
    68 – 68. وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو.

    (69) إِنَّهُمْ أَلْفَوْا آبَاءهُمْ ضَالِّينَ
    69 – 69. بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو.

    (70) فَهُمْ عَلَى آثَارِهِمْ يُهْرَعُونَ
    70 – 70. تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا.

    (71) وَلَقَدْ ضَلَّ قَبْلَهُمْ أَكْثَرُ الْأَوَّلِينَ
    71 – 71. ۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا.

    (72) وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا فِيهِم مُّنذِرِينَ
    72 – 72. ۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون.

    (73) فَانظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُنذَرِينَ
    73 – 73. پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟

    (74) إِلَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ
    74 – 74. پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي)

    (75) وَلَقَدْ نَادَانَا نُوحٌ فَلَنِعْمَ الْمُجِيبُونَ
    75 – 75. ۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون.

    (76) وَنَجَّيْنَاهُ وَأَهْلَهُ مِنَ الْكَرْبِ الْعَظِيمِ
    76 – 76. ۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون.

    (77) وَجَعَلْنَا ذُرِّيَّتَهُ هُمْ الْبَاقِينَ
    77 – 77. ۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون.

    (78) وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِي الْآخِرِينَ
    78 – 78. ۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون.

    (79) سَلَامٌ عَلَى نُوحٍ فِي الْعَالَمِينَ
    79 – 79. ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي.

    (80) إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
    80 – 80. بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

    (81) إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ
    81 – 81. بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.

    (82) ثُمَّ أَغْرَقْنَا الْآخَرِينَ
    82 – 82. وري ٻـين کي ٻوڙيوسون.

    (83) وَإِنَّ مِن شِيعَتِهِ لَإِبْرَاهِيمَ
    83 – 83. ۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.

    (84) إِذْ جَاء رَبَّهُ بِقَلْبٍ سَلِيمٍ
    84 – 84. (ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.

    (85) إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِ مَاذَا تَعْبُدُونَ
    85 – 85. (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟

    (86) أَئِفْكًا آلِهَةً دُونَ اللَّهِ تُرِيدُونَ
    86 – 86. الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟

    (87) فَمَا ظَنُّكُم بِرَبِّ الْعَالَمِينَ
    87 – 87. پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟

    (88) فَنَظَرَ نَظْرَةً فِي النُّجُومِ
    88 – 88. پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين.

    (89) فَقَالَ إِنِّي سَقِيمٌ
    89 – 89. پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس.

    (90) فَتَوَلَّوْا عَنْهُ مُدْبِرِينَ
    90 – 90. پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا.

    (91) فَرَاغَ إِلَى آلِهَتِهِمْ فَقَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ
    91 – 91. پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟

    (92) مَا لَكُمْ لَا تَنطِقُونَ
    92 – 92. اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟

    (93) فَرَاغَ عَلَيْهِمْ ضَرْبًا بِالْيَمِينِ
    93 – 93. پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو.

    (94) فَأَقْبَلُوا إِلَيْهِ يَزِفُّونَ
    94 – 94. پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا.

    (95) قَالَ أَتَعْبُدُونَ مَا تَنْحِتُونَ
    95 – 95. (کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟

    (96) وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ
    96 – 96. ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو.

    (97) قَالُوا ابْنُوا لَهُ بُنْيَانًا فَأَلْقُوهُ فِي الْجَحِيمِ
    97 – 97. (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو.

    (98) فَأَرَادُوا بِهِ كَيْدًا فَجَعَلْنَاهُمُ الْأَسْفَلِينَ
    98 – 98. پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.

    (99) وَقَالَ إِنِّي ذَاهِبٌ إِلَى رَبِّي سَيَهْدِينِ
    99 – 99. ۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).

    (100) رَبِّ هَبْ لِي مِنَ الصَّالِحِينَ
    100 – 100. اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.

    (101) فَبَشَّرْنَاهُ بِغُلَامٍ حَلِيمٍ
    101 – 101. پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.

    (102) فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعْيَ قَالَ يَا بُنَيَّ إِنِّي أَرَى فِي الْمَنَامِ أَنِّي أَذْبَحُكَ فَانظُرْ مَاذَا تَرَى قَالَ يَا أَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ سَتَجِدُنِي إِن شَاء اللَّهُ مِنَ الصَّابِرِينَ
    102 – 102. پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.

    (103) فَلَمَّا أَسْلَمَا وَتَلَّهُ لِلْجَبِينِ
    103 – 103. پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.

    (104) وَنَادَيْنَاهُ أَنْ يَا إِبْرَاهِيمُ
    104 – 104. ۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.

    (105) قَدْ صَدَّقْتَ الرُّؤْيَا إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
    105 – 105. بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

    (106) إِنَّ هَذَا لَهُوَ الْبَلَاء الْمُبِينُ
    106 – 106. بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.

    (107) وَفَدَيْنَاهُ بِذِبْحٍ عَظِيمٍ
    107 – 107. ۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.

    (108) وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِي الْآخِرِينَ
    108 – 108. ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.

    (109) سَلَامٌ عَلَى إِبْرَاهِيمَ
    109 – 109. ابراھيم تي شال سلام ھجي.

    (110) كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
    110 – 110. ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

    (111) إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ
    111 – 111. بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.

    (112) وَبَشَّرْنَاهُ بِإِسْحَقَ نَبِيًّا مِّنَ الصَّالِحِينَ
    112 – 112. ۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي.

    (113) وَبَارَكْنَا عَلَيْهِ وَعَلَى إِسْحَقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِمَا مُحْسِنٌ وَظَالِمٌ لِّنَفْسِهِ مُبِينٌ
    113 – 113. ۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن.

    (114) وَلَقَدْ مَنَنَّا عَلَى مُوسَى وَهَارُونَ
    114 – 114. ۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون.

    (115) وَنَجَّيْنَاهُمَا وَقَوْمَهُمَا مِنَ الْكَرْبِ الْعَظِيمِ
    115 – 115. ۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون.

    (116) وَنَصَرْنَاهُمْ فَكَانُوا هُمُ الْغَالِبِينَ
    116 – 116. ۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا.

    (117) وَآتَيْنَاهُمَا الْكِتَابَ الْمُسْتَبِينَ
    117 – 117. ۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون.

    (118) وَهَدَيْنَاهُمَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ
    118 – 118. ۽ کين سِڌي رستي لاتوسون.

    (119) وَتَرَكْنَا عَلَيْهِمَا فِي الْآخِرِينَ
    119 – 119. ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون.

    (120) سَلَامٌ عَلَى مُوسَى وَهَارُونَ
    120 – 120. مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي.

    (121) إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
    121 – 121. بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون.

    (122) إِنَّهُمَا مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ
    122 – 122. بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن.

    (123) وَإِنَّ إِلْيَاسَ لَمِنْ الْمُرْسَلِينَ
    123 – 123. ۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو.

    (124) إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ أَلَا تَتَّقُونَ
    124 – 124. جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

    (125) أَتَدْعُونَ بَعْلًا وَتَذَرُونَ أَحْسَنَ الْخَالِقِينَ
    125 – 125. ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟

    (126) وَاللَّهَ رَبَّكُمْ وَرَبَّ آبَائِكُمُ الْأَوَّلِينَ
    126 – 126. (جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.

    (127) فَكَذَّبُوهُ فَإِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ
    127 – 127. پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن.

    (128) إِلَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ
    128 – 128. پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن).

    (129) وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِي الْآخِرِينَ
    129 – 129. ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.

    (130) سَلَامٌ عَلَى إِلْ يَاسِينَ
    130 – 130. الياس تي شال سلام ھجي.

    (131) إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ
    131 – 131. بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

    (132) إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ
    132 – 132. بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي.

    (133) وَإِنَّ لُوطًا لَّمِنَ الْمُرْسَلِينَ
    133 – 133. ۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو.

    (134) إِذْ نَجَّيْنَاهُ وَأَهْلَهُ أَجْمَعِينَ
    134 – 134. (ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون.

    (135) إِلَّا عَجُوزًا فِي الْغَابِرِينَ
    135 – 135. سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي.

    (136) ثُمَّ دَمَّرْنَا الْآخَرِينَ
    136 – 136. وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون.

    (137) وَإِنَّكُمْ لَتَمُرُّونَ عَلَيْهِم مُّصْبِحِينَ
    137 – 137. ۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو.

    (138) وَبِاللَّيْلِ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
    138 – 138. ۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو

    (139) وَإِنَّ يُونُسَ لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ
    139 – 139. ۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو.

    (140) إِذْ أَبَقَ إِلَى الْفُلْكِ الْمَشْحُونِ
    140 – 140. جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو.

    (141) فَسَاهَمَ فَكَانَ مِنْ الْمُدْحَضِينَ
    141 – 141. پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو.

    (142) فَالْتَقَمَهُ الْحُوتُ وَهُوَ مُلِيمٌ
    142 – 142. پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو.

    (143) فَلَوْلَا أَنَّهُ كَانَ مِنْ الْمُسَبِّحِينَ
    143 – 143. پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا.

    (144) لَلَبِثَ فِي بَطْنِهِ إِلَى يَوْمِ يُبْعَثُونَ
    144 – 144. ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا.

    (145) فَنَبَذْنَاهُ بِالْعَرَاء وَهُوَ سَقِيمٌ
    145 – 145. پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو.

    (146) وَأَنبَتْنَا عَلَيْهِ شَجَرَةً مِّن يَقْطِينٍ
    146 – 146. ۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون.

    (147) وَأَرْسَلْنَاهُ إِلَى مِئَةِ أَلْفٍ أَوْ يَزِيدُونَ
    147 – 147. ۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون.

    (148) فَآمَنُوا فَمَتَّعْنَاهُمْ إِلَى حِينٍ
    148 – 148. پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون.

    (149) فَاسْتَفْتِهِمْ أَلِرَبِّكَ الْبَنَاتُ وَلَهُمُ الْبَنُونَ
    149 – 149. پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ

    (150) أَمْ خَلَقْنَا الْمَلَائِكَةَ إِنَاثًا وَهُمْ شَاهِدُونَ
    150 – 150. يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا.

    (151) أَلَا إِنَّهُم مِّنْ إِفْكِهِمْ لَيَقُولُونَ
    151 – 151. خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن.

    (152) وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُمْ لَكَاذِبُونَ
    152 – 152. ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن.

    (153) أَصْطَفَى الْبَنَاتِ عَلَى الْبَنِينَ
    153 – 153. پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟

    (154) مَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ
    154 – 154. اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟

    (155) أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
    155 – 155. (اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟

    (156) أَمْ لَكُمْ سُلْطَانٌ مُّبِينٌ
    156 – 156. يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟

    (157) فَأْتُوا بِكِتَابِكُمْ إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
    157 – 157. جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو.

    (158) وَجَعَلُوا بَيْنَهُ وَبَيْنَ الْجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَدْ عَلِمَتِ الْجِنَّةُ إِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ
    158 – 158. ۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.

    (159) سُبْحَانَ اللَّهِ عَمَّا يَصِفُونَ
    159 – 159. (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.

    (160) إِلَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ
    160 – 160. پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي).

    (161) فَإِنَّكُمْ وَمَا تَعْبُدُونَ
    161 – 161. پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو.

    (162) مَا أَنتُمْ عَلَيْهِ بِفَاتِنِينَ
    162 – 162. اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو.

    (163) إِلَّا مَنْ هُوَ صَالِ الْجَحِيمِ
    163 – 163. پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي.

    (164) وَمَا مِنَّا إِلَّا لَهُ مَقَامٌ مَّعْلُومٌ
    164 – 164. ۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي.

    (165) وَإِنَّا لَنَحْنُ الصَّافُّونَ
    165 – 165. ۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون.

    (166) وَإِنَّا لَنَحْنُ الْمُسَبِّحُونَ
    166 – 166. ۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون.

    (167) وَإِنْ كَانُوا لَيَقُولُونَ
    167 – 167. ۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا.

    (168) لَوْ أَنَّ عِندَنَا ذِكْرًا مِّنْ الْأَوَّلِينَ
    168 – 168. ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا.

    (169) لَكُنَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ
    169 – 169. ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا.

    (170) فَكَفَرُوا بِهِ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
    170 – 170. وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا.

    (171) وَلَقَدْ سَبَقَتْ كَلِمَتُنَا لِعِبَادِنَا الْمُرْسَلِينَ
    171 – 171. ۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو..

    (172) إِنَّهُمْ لَهُمُ الْمَنصُورُونَ
    172 – 172. ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن.

    (173) وَإِنَّ جُندَنَا لَهُمُ الْغَالِبُونَ
    173 – 173. ۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي.

    (174) فَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّى حِينٍ
    174 – 174. پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ.

    (175) وَأَبْصِرْهُمْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ
    175 – 175. ۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا.

    (176) أَفَبِعَذَابِنَا يَسْتَعْجِلُونَ
    176 – 176. (ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟

    (177) فَإِذَا نَزَلَ بِسَاحَتِهِمْ فَسَاء صَبَاحُ الْمُنذَرِينَ
    177 – 177. پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو.

    (178) وَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّى حِينٍ
    178 – 178. ۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ.

    (179) وَأَبْصِرْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ
    179 – 179. ۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا.

    (180) سُبْحَانَ رَبِّكَ رَبِّ الْعِزَّةِ عَمَّا يَصِفُونَ
    180 – 180. تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي.

    (181) وَسَلَامٌ عَلَى الْمُرْسَلِينَ
    181 – 181. ۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي.

    (182) وَالْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ
    182 – 182. ۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي.