islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 38 سوره ص

    38 سوره ص

    Rate this post

    1) ص وَالْقُرْآنِ ذِي الذِّكْرِ
    1 – 1. صٓ (ھن) قرآن نصيحت (ڏيڻ) واري جو قسم آھي (ته جنھن دين ڏانھن سڏين ٿو سو سچ آھي).

    (2) بَلِ الَّذِينَ كَفَرُوا فِي عِزَّةٍ وَشِقَاقٍ
    2 – 2. بلڪ ڪافر وڏائي ۽ مخالفت ۾ (پيل) آھن.

    (3) كَمْ أَهْلَكْنَا مِن قَبْلِهِم مِّن قَرْنٍ فَنَادَوْا وَلَاتَ حِينَ مَنَاصٍ
    3 – 3. کانئن اڳ گھڻائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون پوءِ دانھون ڪرڻ لڳا ۽ اُھو ڇوٽڪاري جو وقت نه ھو.

    (4) وَعَجِبُوا أَن جَاءهُم مُّنذِرٌ مِّنْهُمْ وَقَالَ الْكَافِرُونَ هَذَا سَاحِرٌ كَذَّابٌ
    4 – 4. ۽ منجھانئن ھڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو ته عجب ڪرڻ لڳا، ۽ (اِھي) ڪافر چوڻ لڳا ته ھيءُ (شخص) جادوگر ڪوڙو آھي.

    (5) أَجَعَلَ الْآلِهَةَ إِلَهًا وَاحِدًا إِنَّ هَذَا لَشَيْءٌ عُجَابٌ
    5 – 5. ڀلا (ڏسو ته) سڀني معبودن کي ھڪ معبود ڪيائين؟ بيشڪ ھي ڏاڍي عجيب ڳالھ آھي.

    (6) وَانطَلَقَ الْمَلَأُ مِنْهُمْ أَنِ امْشُوا وَاصْبِرُوا عَلَى آلِهَتِكُمْ إِنَّ هَذَا لَشَيْءٌ يُرَادُ
    6 – 6. ۽ منجھانئن (سردارن جي) ٽولي (ھڪ ٻئي کي چوندي) ھلي وئي ته ھلو ۽ پنھنجن معبودن (جي پوڄا) تي مُحڪم رھو، بيشڪ ھيءُ (دين) اھڙو آھي جو (اُن ۾ ڪو) غرض رکيو ويو آھي.

    (7) مَا سَمِعْنَا بِهَذَا فِي الْمِلَّةِ الْآخِرَةِ إِنْ هَذَا إِلَّا اخْتِلَاقٌ
    7 – 7. اِھا (ڳالھ) پوئين دين ۾ (ڪڏھن) نه ٻڌي سون، ھيءُ ته رڳو ٺاھ آھي.

    (8) أَأُنزِلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ مِن بَيْنِنَا بَلْ هُمْ فِي شَكٍّ مِّن ذِكْرِي بَلْ لَمَّا يَذُوقُوا عَذَابِ
    8 – 8. اسان مڙني جي وچان مٿس قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اِھي (ڪافر) منھنجي نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن، (نه!) بلڪ اڃا منھنجو عذاب نه چکيو اٿن.

    (9) أَمْ عِندَهُمْ خَزَائِنُ رَحْمَةِ رَبِّكَ الْعَزِيزِ الْوَهَّابِ
    9 – 9. تنھنجي پالڻھار غالب بخشڻھار جي ٻاجھ جا (ڪي) خزانا وٽن آھن ڇا؟

    (10) أَمْ لَهُم مُّلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا فَلْيَرْتَقُوا فِي الْأَسْبَابِ
    10 – 10. آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي انھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) ته جڳائي ته رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن.

    (11) جُندٌ مَّا هُنَالِكَ مَهْزُومٌ مِّنَ الْأَحْزَابِ
    11 – 11. شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي.

    (12) كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَعَادٌ وَفِرْعَوْنُ ذُو الْأَوْتَادِ
    12 – 12. انھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن وارو ڪوڙ ڄاتو.

    (13) وَثَمُودُ وَقَوْمُ لُوطٍ وَأَصْحَابُ الأَيْكَةِ أُوْلَئِكَ الْأَحْزَابُ
    13 – 13. ۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن به (ڪوڙ ڀانيو).

    (14) إِن كُلٌّ إِلَّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقَابِ
    14 – 14. اِھي ٽوليون (جيڪي به ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي.

    (15) وَمَا يَنظُرُ هَؤُلَاء إِلَّا صَيْحَةً وَاحِدَةً مَّا لَهَا مِن فَوَاقٍ
    15 – 15. ۽ ھيءُ (ھن وقت جا ڪافر به) رڳو ھڪ آواز جا منتظر رھندا آھن جنھن کي ڪا ساھي نه ھوندي.

    (16) وَقَالُوا رَبَّنَا عَجِّل لَّنَا قِطَّنَا قَبْلَ يَوْمِ الْحِسَابِ
    16 – 16. ۽ (ٺـٺولي طرح) چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار حساب جي ڏينھن کان اڳ اسان (جي عذاب) جي چٺي اسان کي جلد ڏي.

    (17) اصْبِرْ عَلَى مَا يَقُولُونَ وَاذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوُودَ ذَا الْأَيْدِ إِنَّهُ أَوَّابٌ
    17 – 17. (اي پيغمبر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ اسان جي سگھ واري ٻانھي داؤد کي ياد ڪر، بيشڪ اُھو رجوع ڪرڻ وارو ھو.

    (18) إِنَّا سَخَّرْنَا الْجِبَالَ مَعَهُ يُسَبِّحْنَ بِالْعَشِيِّ وَالْإِشْرَاقِ
    18 – 18. بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو (جو) سانجھي ۽ صبح جو (ساڻس) تسبيحون پڙھندا ھوا.

    (19) وَالطَّيْرَ مَحْشُورَةً كُلٌّ لَّهُ أَوَّابٌ
    19 – 19. ۽ گڏ ڪيل پکين کي به (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو.

    (20) وَشَدَدْنَا مُلْكَهُ وَآتَيْنَاهُ الْحِكْمَةَ وَفَصْلَ الْخِطَابِ
    20 – 20. ۽ سندس بادشاھيءَ کي مُحڪم ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ نبير نڇيڙ ڏني سون.

    (21) وَهَلْ أَتَاكَ نَبَأُ الْخَصْمِ إِذْ تَسَوَّرُوا الْمِحْرَابَ
    21 – 21. ۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙ جي خبر تو وٽ نه پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀِٽ ٽپي عبادت خانه ۾ آيا.

    (22) إِذْ دَخَلُوا عَلَى دَاوُودَ فَفَزِعَ مِنْهُمْ قَالُوا لَا تَخَفْ خَصْمَانِ بَغَى بَعْضُنَا عَلَى بَعْضٍ فَاحْكُم بَيْنَنَا بِالْحَقِّ وَلَا تُشْطِطْ وَاهْدِنَا إِلَى سَوَاء الصِّرَاطِ
    22 – 22. جڏھن داؤد وٽ اندر پھتا تڏھن (ھو) کائن ڊڄي ويو چيائون ته نه ڊڄ، (اسين) ٻه جھڳڙو ڪندڙ آھيون اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نه ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ.

    (23) إِنَّ هَذَا أَخِي لَهُ تِسْعٌ وَتِسْعُونَ نَعْجَةً وَلِيَ نَعْجَةٌ وَاحِدَةٌ فَقَالَ أَكْفِلْنِيهَا وَعَزَّنِي فِي الْخِطَابِ
    23 – 23. بيشڪ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، جنھن کي نوانوي رڍون آھن ۽ مون کي ھڪ رڍ آھي، پوءِ ھن چيو ته اِھا (ھڪ رڍ) به منھنجي حوالي ڪر ۽ مون کي ڳالھائڻ ۾ سخت ورتائين.

    (24) قَالَ لَقَدْ ظَلَمَكَ بِسُؤَالِ نَعْجَتِكَ إِلَى نِعَاجِهِ وَإِنَّ كَثِيرًا مِّنْ الْخُلَطَاء لَيَبْغِي بَعْضُهُمْ عَلَى بَعْضٍ إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ وَقَلِيلٌ مَّا هُمْ وَظَنَّ دَاوُودُ أَنَّمَا فَتَنَّاهُ فَاسْتَغْفَرَ رَبَّهُ وَخَرَّ رَاكِعًا وَأَنَابَ
    24 – 24. (داؤد) چيو ته (ھن) تنھنجي (ھڪ) رڍ جي گھرڻ ڪري ته پنھنجن رڍن سان گڏي توتي بيشڪ ظلم ڪيو، ۽ بيشڪ ڀائيوارن مان گھڻا ھڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آھن سواءِ اُنھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ اُھي (ظلم نه ڪندڙ) ٿورا آھن، ۽ داؤد ڄاتو ته کيس پرکيو اٿون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھريائين ۽ سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ڪيائين.

    (25) فَغَفَرْنَا لَهُ ذَلِكَ وَإِنَّ لَهُ عِندَنَا لَزُلْفَى وَحُسْنَ مَآبٍ
    25 – 25. پوءِ کيس اِھو (سندس گناھ) بخشيوسون، ۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو آھي ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.

    (26) يَا دَاوُودُ إِنَّا جَعَلْنَاكَ خَلِيفَةً فِي الْأَرْضِ فَاحْكُم بَيْنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ وَلَا تَتَّبِعِ الْهَوَى فَيُضِلَّكَ عَن سَبِيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذِينَ يَضِلُّونَ عَن سَبِيلِ اللَّهِ لَهُمْ عَذَابٌ شَدِيدٌ بِمَا نَسُوا يَوْمَ الْحِسَابِ
    26 – 26. (چيوسون ته) اي داؤد بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مُقرّر ڪيو تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (نفس جي) سَڌ جي تابعداري نه ڪر جو (اھا) توکي الله جي واٽ کان ڀلائيندي، بيشڪ جيڪي الله جي واٽ کان ڀُلن ٿا تن لاءِ انھيءَ سببان سخت عذاب آھي جو حساب جو ڏينھن وساريائون.
    27) وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاء وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا بَاطِلًا ذَلِكَ ظَنُّ الَّذِينَ كَفَرُوا فَوَيْلٌ لِّلَّذِينَ كَفَرُوا مِنَ النَّارِ
    27 – 27. ۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي سو اجايو نه بڻايوسون، اھو ڪافرن جو گمان آھي، تنھنڪري ڪافرن لاءِ باھ (جي عذاب) جي خرابي آھي.

    (28) أَمْ نَجْعَلُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ كَالْمُفْسِدِينَ فِي الْأَرْضِ أَمْ نَجْعَلُ الْمُتَّقِينَ كَالْفُجَّارِ
    28 – 28. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪنداسون ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪنداسون ڇا؟

    (29) كِتَابٌ أَنزَلْنَاهُ إِلَيْكَ مُبَارَكٌ لِّيَدَّبَّرُوا آيَاتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُوْلُوا الْأَلْبَابِ
    29 – 29. ھي (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي جو اُن کي توڏانھن نازل ڪيوسون ته (ماڻھو) اُن جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن.

    (30) وَوَهَبْنَا لِدَاوُودَ سُلَيْمَانَ نِعْمَ الْعَبْدُ إِنَّهُ أَوَّابٌ
    30 – 30. ۽ داؤد کي سُليمان (نالي پُٽ) عطا ڪيوسون، (سُليمان) چڱو ٻانھون ھو، بيشڪ اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو.

    (31) إِذْ عُرِضَ عَلَيْهِ بِالْعَشِيِّ الصَّافِنَاتُ الْجِيَادُ
    31 – 31. (ياد ڪر) جڏھن پوياڙيءَ جو تکا گھوڙا وٽس پيش ڪيا ويا.

    (32) فَقَالَ إِنِّي أَحْبَبْتُ حُبَّ الْخَيْرِ عَن ذِكْرِ رَبِّي حَتَّى تَوَارَتْ بِالْحِجَابِ
    32 – 32. پوءِ چيائين ته بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان (ڀُلي ھنن گھوڙن جي) مال جي پيار کي (وڌيڪ) دوست رکيو، تان جو (سج) اوٽ جي پٺيان لڪو (۽ وچين نماز قضا ٿي).

    (33) رُدُّوهَا عَلَيَّ فَطَفِقَ مَسْحًا بِالسُّوقِ وَالْأَعْنَاقِ
    33 – 33. (چيائين ته ھنن) گھوڙن کي مون وٽ موٽائي آڻيو، پوءِ (گھوڙن جي) ڄنگھن ۽ ڪنڌن تي (ذبح جو) ھٿ لائڻ شروع ڪيائين.

    (34) وَلَقَدْ فَتَنَّا سُلَيْمَانَ وَأَلْقَيْنَا عَلَى كُرْسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنَابَ
    34 – 34. ۽ بيشڪ سليمان کي پرکيوسون ۽ سندس تخت تي ھڪ ڌڙ اُڇليوسون وري (خُدا ڏانھن) موٽيو.

    (35) قَالَ رَبِّ اغْفِرْ لِي وَهَبْ لِي مُلْكًا لَّا يَنبَغِي لِأَحَدٍ مِّنْ بَعْدِي إِنَّكَ أَنتَ الْوَهَّابُ
    35 – 35. چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي بخش ۽ مون کي اھڙي بادشاھي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنھن کي به نه جڳائي، بيشڪ تون ئي بخشڻھار آھين.

    (36) فَسَخَّرْنَا لَهُ الرِّيحَ تَجْرِي بِأَمْرِهِ رُخَاء حَيْثُ أَصَابَ
    36 – 36. پوءِ واءُ کي سندس تابع ڪيوسون جتي پھچڻ گھرندو ھو (تتي) آرام سان سندس حُڪم سان ھلندي ھئي.

    (37) وَالشَّيَاطِينَ كُلَّ بَنَّاء وَغَوَّاصٍ
    37 – 37. ۽ ديون کي (سندس تابع ڪيوسون) جو ھر ھڪ عمارتون اڏيندڙ ۽ (درياءُ ٽٻندڙ ھو).

    (38) وَآخَرِينَ مُقَرَّنِينَ فِي الْأَصْفَادِ
    38 – 38. ۽ ٻيا (ديوَ) زنجيرن ۾ جڪڙيل (تابع ڪياسون).

    (39) هَذَا عَطَاؤُنَا فَامْنُنْ أَوْ أَمْسِكْ بِغَيْرِ حِسَابٍ
    39 – 39. (چيوسون ته) ھيءُ اسان جو اِحسان آھي پوءِ احسان ڪر يار کي ڇڏ (جئن توکي وڻي) ته (توتي) حساب نه آھي.

    (40) وَإِنَّ لَهُ عِندَنَا لَزُلْفَى وَحُسْنَ مَآبٍ
    40 – 40. ۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.

    (41) وَاذْكُرْ عَبْدَنَا أَيُّوبَ إِذْ نَادَى رَبَّهُ أَنِّي مَسَّنِيَ الشَّيْطَانُ بِنُصْبٍ وَعَذَابٍ
    41 – 41. ۽ اسان جي ٻانھي ايّوب کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ٻاڏايائين ته مون کي شيطان ايذاءُ ۽ ڏک پھچايو آھي.

    (42) ارْكُضْ بِرِجْلِكَ هَذَا مُغْتَسَلٌ بَارِدٌ وَشَرَابٌ
    42 – 42. (تڏھن چيوسون ته) زمين تي پنھنجي لت ھڻ، جو ھي (چشمو) وھنجڻ جو ھنڌ ٿڌو ۽ پيئڻ لاءِ (مٺو) آھي.

    (43) وَوَهَبْنَا لَهُ أَهْلَهُ وَمِثْلَهُم مَّعَهُمْ رَحْمَةً مِّنَّا وَذِكْرَى لِأُوْلِي الْأَلْبَابِ
    43 – 43. ۽ کيس سندس گھر وارا ۽ ساڻن اوترا (ٻيا به) عطا ڪيوسون (ھيء) اسان جي طرف کان ٻاجھ ۽ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي.

    (44) وَخُذْ بِيَدِكَ ضِغْثًا فَاضْرِب بِّهِ وَلَا تَحْنَثْ إِنَّا وَجَدْنَاهُ صَابِرًا نِعْمَ الْعَبْدُ إِنَّهُ أَوَّابٌ
    44 – 44. ۽ (چيوسون ته) پنھنجي ھٿ ۾ ٻھار وٺ پوءِ اُن سان (پنھنجي زال کي) ڌڪ ھڻ ۽ قسم نه ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر لڌو، (ايّوب) چڱو ٻانھو ھو، اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو.

    (45) وَاذْكُرْ عِبَادَنَا إبْرَاهِيمَ وَإِسْحَقَ وَيَعْقُوبَ أُوْلِي الْأَيْدِي وَالْأَبْصَارِ
    45 – 45. ۽ اسان جي ٻانھن ابراھيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جي ھٿن ۽ اکين وارا (يعني علم ۽ عمل وارا) ھوا.

    (46) إِنَّا أَخْلَصْنَاهُم بِخَالِصَةٍ ذِكْرَى الدَّارِ
    46 – 46. بيشڪ اسان کين ھڪ پاڪ عادت لاءِ نرالو ڪيو جو آخرت جو ياد ڪرڻ آھي.

    (47) وَإِنَّهُمْ عِندَنَا لَمِنَ الْمُصْطَفَيْنَ الْأَخْيَارِ
    47 – 47. ۽ بيشڪ اُھي اسان وٽ سڳورن نيڪن مان ھوا.

    (48) وَاذْكُرْ إِسْمَاعِيلَ وَالْيَسَعَ وَذَا الْكِفْلِ وَكُلٌّ مِّنْ الْأَخْيَارِ
    48 – 48. ۽ اسماعيل ۽ اَلۡيَسَعَ ۽ ذُوالۡڪِفۡل کي ياد ڪر، ۽ ھر ھڪ نيڪن مان ھوا.

    (49) هَذَا ذِكْرٌ وَإِنَّ لِلْمُتَّقِينَ لَحُسْنَ مَآبٍ
    49 – 49. ھيءُ (قرآن) نصيحت آھي، ۽ بيشڪ پرھيزگارن لاءِ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.

    (50) جَنَّاتِ عَدْنٍ مُّفَتَّحَةً لَّهُمُ الْأَبْوَابُ
    50 – 50. (يعني) ھميشه (رھڻ) جا باغ آھن (جن جا) دروازا انھن لاءِ کُليل آھن.

    (51) مُتَّكِئِينَ فِيهَا يَدْعُونَ فِيهَا بِفَاكِهَةٍ كَثِيرَةٍ وَشَرَابٍ
    51 – 51. اُتي ٽيڪ ڏيندڙ ھوندا اُتي گھڻا ميوا ۽ شراب پيا گھرائيندا.

    (52) وَعِندَهُمْ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ أَتْرَابٌ
    52 – 52. ۽ وٽن ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون ۽ عمر ۾ ھڪ جيڏيون (زالون) ھونديون.

    (53) هَذَا مَا تُوعَدُونَ لِيَوْمِ الْحِسَابِ
    53 – 53. ھي اُھو آھي جنھنجو حساب جي ڏينھن لاءِ انجام ڏنو وڃيوَ ٿو.

    (54) إِنَّ هَذَا لَرِزْقُنَا مَا لَهُ مِن نَّفَادٍ
    54 – 54. بيشڪ اُھو اسان جو رزق آھي جنھن کي ڪا کوٽ نه ھوندي.

    (55) هَذَا وَإِنَّ لِلطَّاغِينَ لَشَرَّ مَآبٍ
    55 – 55. اھو (بدلو ڀلارن لاءِ آھي)، ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙن لاءِ بڇڙو موٽڻ جو ھنڌ آھي.

    (56) جَهَنَّمَ يَصْلَوْنَهَا فَبِئْسَ الْمِهَادُ
    56 – 56. (جو) دوزخ آھي، اُن ۾ گھڙندا، پوءِ اُھو بڇڙو وڇاڻو آھي.

    (57) هَذَا فَلْيَذُوقُوهُ حَمِيمٌ وَغَسَّاقٌ
    57 – 57. ھي (عذاب) ڪوسو پاڻي آھي ۽ پُونءِ آھي پوءِ ڀلي ته اُن کي چَکن.

    (58) وَآخَرُ مِن شَكْلِهِ أَزْوَاجٌ
    58 – 58. ۽ اھڙو قسمين قسمين ٻيو (عذاب) به آھي.

    (59) هَذَا فَوْجٌ مُّقْتَحِمٌ مَّعَكُمْ لَا مَرْحَبًا بِهِمْ إِنَّهُمْ صَالُوا النَّارِ
    59 – 59. ھي ھڪ فوج آھي جا اوھان سان گڏ گھرڻ واري آھي، شال کين ڪا ويڪري جاءِ نه ملي، ڇوته اُھي باھ ۾ گھڙڻ وارا آھن.

    (60) قَالُوا بَلْ أَنتُمْ لَا مَرْحَبًا بِكُمْ أَنتُمْ قَدَّمْتُمُوهُ لَنَا فَبِئْسَ الْقَرَارُ
    60 – 60. (تابع) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھان کي شال ڪا ويڪري جاءِ نه ھجي، (جو) اوھان اسان لاءِ ڪُفر کي پراڻي رسم ڪري ڇڏيو، پوءِ دوزخ بڇڙي جاءِ آھي.

    (61) قَالُوا رَبَّنَا مَن قَدَّمَ لَنَا هَذَا فَزِدْهُ عَذَابًا ضِعْفًا فِي النَّارِ
    61 – 61. چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جنھن اسان لاءِ ھيءَ (ڪُفر جي) پراڻي رسم ٺاھي ھجي تنھنجي حق ۾ دوزخ ۾ ٻيڻو عذاب زيادہ ڪر.

    (62) وَقَالُوا مَا لَنَا لَا نَرَى رِجَالًا كُنَّا نَعُدُّهُم مِّنَ الْأَشْرَارِ
    62 – 62. ۽ دوزخي چوندا ته اسان کي ڇا (ٿيو) آھي جو مڙسن (مسلمانن مسڪينن) کي نٿا ڏسون جن کي بڇڙن مان ڳڻيندا ھواسون؟

    (63) أَتَّخَذْنَاهُمْ سِخْرِيًّا أَمْ زَاغَتْ عَنْهُمُ الْأَبْصَارُ
    63 – 63. (ناحق) ساڻن ٺـٺوليون ڪندا ھواسون ڇا يا کانئن اسان جون اکيون ترڪيون آھن.

    (64) إِنَّ ذَلِكَ لَحَقٌّ تَخَاصُمُ أَهْلِ النَّارِ
    64 – 64. بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ اِھا (ھڪ) سچي (ڳالھ) آھي

    (65) قُلْ إِنَّمَا أَنَا مُنذِرٌ وَمَا مِنْ إِلَهٍ إِلَّا اللَّهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ
    65 – 65. (کين) چؤ ته آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان، ۽ (رڳو) اڪيلي زبردست الله کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي.

    (66) رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا الْعَزِيزُ الْغَفَّارُ
    66 – 66. آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار غالب بخشڻھار آھي.

    (67) قُلْ هُوَ نَبَأٌ عَظِيمٌ
    67 – 67. (کين) چؤ ته اِھو (قرآن) ھڪ وڏي خبر آھي.

    (68) أَنتُمْ عَنْهُ مُعْرِضُونَ
    68 – 68. اوھين کانئس مُنھن موڙيندا آھيو.

    (69) مَا كَانَ لِي مِنْ عِلْمٍ بِالْمَلَإِ الْأَعْلَى إِذْ يَخْتَصِمُونَ
    69 – 69. مون کي (اُنھيءَ جماعت) وڏي مرتبي وارن ملائڪن (جي حال) جي ڪا خبر نه آھي جڏھن (اُھي) پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا آھن.

    (70) إِن يُوحَى إِلَيَّ إِلَّا أَنَّمَا أَنَا نَذِيرٌ مُّبِينٌ
    70 – 70. مون ڏانھن ھيء ئي وحي ٿيندو آھي ته آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

    (71) إِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلَائِكَةِ إِنِّي خَالِقٌ بَشَرًا مِن طِينٍ
    71 – 71. (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءٌ مٽيءَ مان ھڪ ماڻھو بڻائڻ وارو آھيان.

    (72) فَإِذَا سَوَّيْتُهُ وَنَفَخْتُ فِيهِ مِن رُّوحِي فَقَعُوا لَهُ سَاجِدِينَ
    72 – 72. پوءِ جڏھن کيس پورو ٺاھي رھان ۽ منجھس پنھنجو رُوح ڦوڪيان تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.

    (73) فَسَجَدَ الْمَلَائِكَةُ كُلُّهُمْ أَجْمَعُونَ
    73 – 73. پوءِ ملائڪن مڙني گڏ سجدو ڪيو.

    (74) إِلَّا إِبْلِيسَ اسْتَكْبَرَ وَكَانَ مِنْ الْكَافِرِينَ
    74 – 74. مگر ابليس (نه سجدو ڪيو)، ھن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو.

    (75) قَالَ يَا إِبْلِيسُ مَا مَنَعَكَ أَن تَسْجُدَ لِمَا خَلَقْتُ بِيَدَيَّ أَسْتَكْبَرْتَ أَمْ كُنتَ مِنَ الْعَالِينَ
    75 – 75. (الله) چيو ته اي ابليس جنھن کي پنھنجي ٻنھي ھٿن سان پيدا ڪيم تنھن کي سجدي ڪرڻ کان توکي ڪھڙيءَ ڳالھ جھليو، تو وڏائي ڪئي ڇا يا تون (حقيقت) ۾ وڏي مرتبي وارن مان آھين؟

    (76) قَالَ أَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ خَلَقْتَنِي مِن نَّارٍ وَخَلَقْتَهُ مِن طِينٍ
    76 – 76. (ابليس) چيو ته آءٌ اُن کان ڀلو آھيان، (جو) مون کي باھ مان بڻايئي ۽ اُن کي مٽيءَ مان بڻايئي.

    (77) قَالَ فَاخْرُجْ مِنْهَا فَإِنَّكَ رَجِيمٌ
    77 – 77. (الله) چيو ته انھيءَ ڪري اُن مان نڪر جو بيشڪ تون تڙيل آھين.

    (78) وَإِنَّ عَلَيْكَ لَعْنَتِي إِلَى يَوْمِ الدِّينِ
    78 – 78. ۽ بيشڪ توتي بدلي جي ڏينھن تائين منھنجي لعنت آھي.

    (79) قَالَ رَبِّ فَأَنظِرْنِي إِلَى يَوْمِ يُبْعَثُونَ
    79 – 79. (اُن) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تڏھن اُنھي ڏينھن تائين مونکي مُھلت ڏي (جنھن ڏينھن سڀ ماڻھو قبر مان) اُٿاريا وڃن.

    (80) قَالَ فَإِنَّكَ مِنَ الْمُنظَرِينَ
    80 – 80. الله فرمايو ته (چڱو) بيشڪ تون مُھلت ڏنلن مان آھين.

    (81) إِلَى يَوْمِ الْوَقْتِ الْمَعْلُومِ
    81 – 81. اُنھيءَ ٺھرايل وقت جي ڏينھن تائين.

    (82) قَالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغْوِيَنَّهُمْ أَجْمَعِينَ
    82 – 82. (ابليس) چيو ته تڏھن تنھنجي عزت جو قسم آھي ته ضرور اُنھن مڙني کي گمراھ ڪندس.

    (83) إِلَّا عِبَادَكَ مِنْهُمُ الْمُخْلَصِينَ
    83 – 83. منجھانئن تنھنجي خالص ٻانھن کانسواءِ (جو انھن تي وس نه ھلندو).

    (84) قَالَ فَالْحَقُّ وَالْحَقَّ أَقُولُ
    84 – 84. الله فرمايو ته (اِھا ڳالھ) سچ آھي ۽ (آءٌ) سچ چوان ٿو.

    (85) لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنْهُمْ أَجْمَعِينَ
    85 – 85. ته توسان ۽ منجھانئن جيڪي تنھنجي پيروي ڪندا تن مڙني سان دوزخ کي ضرور ڀريندس.

    (86) قُلْ مَا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ وَمَا أَنَا مِنَ الْمُتَكَلِّفِينَ
    86 – 86. (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان قرآن (پھچائڻ) بابت ڪو اُجورو نٿو گھران ۽ نڪي آءٌ (ڪوڙ) ٺاھڻ وارن مان آھيان.

    (87) إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعَالَمِينَ
    87 – 87. ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي.

    (88) وَلَتَعْلَمُنَّ نَبَأَهُ بَعْدَ حِينٍ
    88 – 88. ۽ ڪنھن وقت کانپوءِ اُن جي سچائي جي خبر ضرور اوھين ڄاڻندؤ.