islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 4 سوره النسآء

    4 سوره النسآء

    Rate this post

    (1) يَا أَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُواْ رَبَّكُمُ الَّذِي خَلَقَكُم مِّن نَّفْسٍ وَاحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالاً كَثِيرًا وَنِسَاء وَاتَّقُواْ اللّهَ الَّذِي تَسَاءلُونَ بِهِ وَالأَرْحَامَ إِنَّ اللّهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيبًا
    1 – 1. اي ماڻھؤ اوھين اُنھيءَ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو جنھن اوھان کي ھڪ جِيءَ (آدم) مان پيدا ڪيو ۽ منجھانئس سندس زال پيدا ڪيائين ۽ اُنھن مان گھڻا مڙس ۽ زالون پکيڙيائين، ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن (جي نالي) سان (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کان گھرندا آھيو ۽ مائٽي (ڇنڻ) کان (به ڊڄو)، ڇوته الله اوھان تي نگھبان آھي.

    (2) وَآتُواْ الْيَتَامَى أَمْوَالَهُمْ وَلاَ تَتَبَدَّلُواْ الْخَبِيثَ بِالطَّيِّبِ وَلاَ تَأْكُلُواْ أَمْوَالَهُمْ إِلَى أَمْوَالِكُمْ إِنَّهُ كَانَ حُوبًا كَبِيرًا
    2 – 2. ۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ سٺي شيءِ کي بڇڙيءَ شيءِ سان نه مٽايو، ۽ اُنھن (يتيمن) جو مال پنھنجن مالن سان (گڏي) نه کائو، ڇوته اُھو وڏو ڏوہ آھي.

    (3) وَإِنْ خِفْتُمْ أَلاَّ تُقْسِطُواْ فِي الْيَتَامَى فَانكِحُواْ مَا طَابَ لَكُم مِّنَ النِّسَاء مَثْنَى وَثُلاَثَ وَرُبَاعَ فَإِنْ خِفْتُمْ أَلاَّ تَعْدِلُواْ فَوَاحِدَةً أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ ذَلِكَ أَدْنَى أَلاَّ تَعُولُواْ
    3 – 3. ۽ جيڪڏھن ڊڄو ته يتيمن ڇوڪرين (جي نڪاح ڪرڻ) ۾ عدل نه ڪندؤ ته (ٻـين) زالن مان جيڪي اوھان کي وڻن سي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرڻيو، پوءِ جيڪڏھن ڊٺو ٿا ته اوھان کان انصاف ٿي نه سگھندو ته ھڪ (پرڻيو) يا اوھان جا ھٿ جنھن جا مالڪ ٿيا (سا ٻانھي رکو) اِھو ھن کي ويجھو آھي ته ڏاڍائي نه ڪريو.

    (4) وَآتُواْ النَّسَاء صَدُقَاتِهِنَّ نِحْلَةً فَإِن طِبْنَ لَكُمْ عَن شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوهُ هَنِيئًا مَّرِيئًا
    4 – 4. ۽ زالن کي سندن ٺھرايل ڪابين خوشيءَ سان ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي پاڻ خوشيءَ سان اُنھيءَ مان ڪجھ ڇڏين ته اُھا سُھائيندڙ وڻندڙ ڪري کائو.

    (5) وَلاَ تُؤْتُواْ السُّفَهَاء أَمْوَالَكُمُ الَّتِي جَعَلَ اللّهُ لَكُمْ قِيَاماً وَارْزُقُوهُمْ فِيهَا وَاكْسُوهُمْ وَقُولُواْ لَهُمْ قَوْلاً مَّعْرُوفًا
    5 – 5. ۽ بي سمجھن کي پنھنجا اُھي مال نه ڏيو جن کي الله اوھان لاءِ گذران جو سبب بڻايو آھي ۽ منجھانئس کين کارايو ۽ کين پھرايو ۽ کين چڱي ڳالھ چئو.

    (6) وَابْتَلُواْ الْيَتَامَى حَتَّىَ إِذَا بَلَغُواْ النِّكَاحَ فَإِنْ آنَسْتُم مِّنْهُمْ رُشْدًا فَادْفَعُواْ إِلَيْهِمْ أَمْوَالَهُمْ وَلاَ تَأْكُلُوهَا إِسْرَافًا وَبِدَارًا أَن يَكْبَرُواْ وَمَن كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ وَمَن كَانَ فَقِيرًا فَلْيَأ ْكُلْ بِالْمَعْرُوفِ فَإِذَا دَفَعْتُمْ إِلَيْهِمْ أَمْوَالَهُمْ فَأَشْهِدُواْ عَلَيْهِمْ وَكَفَى بِاللّهِ حَسِيبًا
    6 – 6. ۽ ايستائين يتيمن کي پرکو جيستائين پرڻي (جي عمر) کي پھچن، پوءِ جيڪڏھن اُنھن ۾ ڪا سياڻپ لھو ته سندن مال کين ورائي ڏيو، ۽ اُھي (مال) اجايو ۽ (سندن) وڏي ٿيڻ جي ڀؤ کان تڪڙ ڪري نه کائو، ۽ جيڪو (سنڀاليندڙ) آسودو ھجي تنھن کي گھرجي ته پاسي رھي، ۽ جيڪو مسڪين ھجي سو مناسب (خدمت) آھر کائيندو رھي، پوءِ جڏھن سندس مال کين ورائي ڏيو تڏھن مٿن شاھد ڪريو، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي.

    (7) لِّلرِّجَالِ نَصيِبٌ مِّمَّا تَرَكَ الْوَالِدَانِ وَالأَقْرَبُونَ وَلِلنِّسَاء نَصِيبٌ مِّمَّا تَرَكَ الْوَالِدَانِ وَالأَقْرَبُونَ مِمَّا قَلَّ مِنْهُ أَوْ كَثُرَ نَصِيبًا مَّفْرُوضًا
    7 – 7. جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان مڙسن لاءِ حصّو آھي، ۽ جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان زالن لاءِ (به) حصو آھي اھو ڇڏيل مال ٿورو ھجي يا گھڻو، حصّا (الله جا) مقرر ڪيل آھن.

    (8) وَإِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ أُوْلُواْ الْقُرْبَى وَالْيَتَامَى وَالْمَسَاكِينُ فَارْزُقُوهُم مِّنْهُ وَقُولُواْ لَهُمْ قَوْلاً مَّعْرُوفًا
    8 – 8. ۽ جڏھن ورھاڱي مھل مائٽيءَ وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين تڏھن اُن (مال) مان اُنھن ماڻھن کي (ڪجھ) ڏيو ۽ اُنھن کي مٺي ڳالھ چئو.

    (9) وَلْيَخْشَ الَّذِينَ لَوْ تَرَكُواْ مِنْ خَلْفِهِمْ ذُرِّيَّةً ضِعَافًا خَافُواْ عَلَيْهِمْ فَلْيَتَّقُوا اللّهَ وَلْيَقُولُواْ قَوْلاً سَدِيدًا
    9 – 9. ۽ اُنھن کي (الله کان) ڊڄڻ گھرجي جيڪي جيڪڏھن پنھنجي پٺيان ھيڻو اولاد ڇڏين ته مٿن ڊڄن (ته ڪھڙو حال ٿيندن)، پوءِ گھرجي ته الله کان ڊڄن ۽ گھرجي ته سڌي ڳالھه چون.

    (10) إِنَّ الَّذِينَ يَأْكُلُونَ أَمْوَالَ الْيَتَامَى ظُلْمًا إِنَّمَا يَأْكُلُونَ فِي بُطُونِهِمْ نَارًا وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيرًا
    10 – 10. جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍ سان کائيندا آھن سي پنھنجن پيٽن ۾ رڳو باھ کائيندا آھن، ۽ دوزخ ۾ سگھو گھِڙندا.

    (11) يُوصِيكُمُ اللّهُ فِي أَوْلاَدِكُمْ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الأُنثَيَيْنِ فَإِن كُنَّ نِسَاء فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَهُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ وَإِن كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَهَا النِّصْفُ وَلأَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِمَّا تَرَكَ إِن كَا نَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَّمْ يَكُن لَّهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَوَاهُ فَلأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كَانَ لَهُ إِخْوَةٌ فَلأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُوصِي بِهَا أَوْ دَيْنٍ آبَآؤُكُمْ وَأَبناؤُكُمْ لاَ تَدْرُونَ أَيُّهُمْ أَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعاً ف َرِيضَةً مِّنَ اللّهِ إِنَّ اللّهَ كَانَ عَلِيما حَكِيمًا
    11 – 11. الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، ته پُٽ لاءِ (حصّو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن ته (مُئَل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻه ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي ته اُن لاءِ اڌ آھي، ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نه ھُجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن ته ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو ( ۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن ته ماڻس لاءِ ڇھون حصّو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيّت (جي ادائيءَ کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيّت ڪيائين يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ (ڪرڻو) آھي، اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ته اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي، (اِھو ورھاڱو) الله جي (پارکان) فرض ڪيل آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (12) وَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ أَزْوَاجُكُمْ إِن لَّمْ يَكُن لَّهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كَانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمَّا تَرَكْنَ مِن بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُوصِينَ بِهَا أَوْ دَيْنٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمَّا تَرَكْتُمْ إِن لَّمْ يَكُن لَّكُمْ وَلَدٌ فَإ ِن كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمَّا تَرَكْتُم مِّن بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوصُونَ بِهَا أَوْ دَيْنٍ وَإِن كَانَ رَجُلٌ يُورَثُ كَلاَلَةً أَو امْرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَوْ أُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ فَإِن كَانُوَاْ أَكْثَرَ مِن ذَل ِكَ فَهُمْ شُرَكَاء فِي الثُّلُثِ مِن بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُوصَى بِهَآ أَوْ دَيْنٍ غَيْرَ مُضَآرٍّ وَصِيَّةً مِّنَ اللّهِ وَاللّهُ عَلِيمٌ حَلِيمٌ
    12 – 12. ۽ جيڪي (مال) اوھان جي زالن ڇڏيو تنھن جو اَڌ اوھان لاءِ آھي جيڪڏھن انھن کي ڪو وياءُ ڪونه ھجي، پر جيڪڏھن اُنھن کي ڪو وياءُ ھجي ته جيڪي ڇڏيائون تنھن مان چوٿون ڀاڱو وصيت (جي ادائيءَ کانپوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائون يا قرض جي ادائيءَ کان پوءِ اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان جيڪڏھن اوھان کي ڪو وياءُ ڪونھي ته اُنھن (زالن) لاءِ چوٿون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي وياءُ آھي ته جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان وصيت (جي ادائيءَ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪئي اَٿَوَ يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ اُنھن (زالن) لاءِ اٺون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو (مئل) مڙس يا زال ورثو ڇڏي ( ۽ اُھو) ڪلاله ھجي (يعني جنھنکي ماءُ پيءُ ۽ وياءُ نه ھجي) ۽ اُن کي (مائيتو) ھڪ ڀاءُ يا ھڪ ڀيڻ ھجي ته اُنھن منجھان ھر ھڪ لاءِ ڇھون حصو آھي، ۽ جيڪڏھن اِنھن کان وڌيڪ ھجي ته اُھي (سڀ) جا وصيت نقصان واري نه ڪئي ويئي ھجي تنھن يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ ٽھائيءَ ۾ ڀائيوار آھن، اُھو الله جو حُڪم آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.

    (13) تِلْكَ حُدُودُ اللّهِ وَمَن يُطِعِ اللّهَ وَرَسُولَهُ يُدْخِلْهُ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا وَذَلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
    13 – 13. اِھي الله جون حدون آھن، ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    (14) وَمَن يَعْصِ اللّهَ وَرَسُولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدُودَهُ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيهَا وَلَهُ عَذَابٌ مُّهِينٌ
    14 – 14. ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان ٻاھر نڪرندو تنھن کي باہ ۾ داخل ڪندو اُن ۾ سدائين رھڻ وارو آھي، ۽ اُن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي

    (15) وَاللاَّتِي يَأْتِينَ الْفَاحِشَةَ مِن نِّسَآئِكُمْ فَاسْتَشْهِدُواْ عَلَيْهِنَّ أَرْبَعةً مِّنكُمْ فَإِن شَهِدُواْ فَأَمْسِكُوهُنَّ فِي الْبُيُوتِ حَتَّىَ يَتَوَفَّاهُنَّ الْمَوْتُ أَوْ يَجْعَلَ اللّهُ لَهُنَّ سَبِيلاً
    15 – 15. ۽ اُوھان جي زالن مان جيڪي بي حيائيءَ جو ڪم ڪن تن تي پاڻ مان چار (مڙس) شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (شاھد) شاھدي ڏين ته اُنھن کي ايستائين گھرن ۾ جھليو جيستائين کين موت ماري يا الله اُنھن لاءِ ڪا واٽ ڪري.

    (16) وَاللَّذَانَ يَأْتِيَانِهَا مِنكُمْ فَآذُوهُمَا فَإِن تَابَا وَأَصْلَحَا فَأَعْرِضُواْ عَنْهُمَا إِنَّ اللّهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِيمًا
    16 – 16. ۽ اوھان مان جيڪي ٻه (زاني ۽ زانياڻي) زنا ڪن تن کي مار ڏيو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته اُنھن (جي مار ڏيڻ) کان مُڙو، ڇوته الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.

    (17) إِنَّمَا التَّوْبَةُ عَلَى اللّهِ لِلَّذِينَ يَعْمَلُونَ السُّوَءَ بِجَهَالَةٍ ثُمَّ يَتُوبُونَ مِن قَرِيبٍ فَأُوْلَـئِكَ يَتُوبُ اللّهُ عَلَيْهِمْ وَكَانَ اللّهُ عَلِيماً حَكِيماً
    17 – 17. الله کي رڳو اُنھن جي توبه ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناہ ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبه ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (18) وَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِينَ يَعْمَلُونَ السَّيِّئَاتِ حَتَّى إِذَا حَضَرَ أَحَدَهُمُ الْمَوْتُ قَالَ إِنِّي تُبْتُ الآنَ وَلاَ الَّذِينَ يَمُوتُونَ وَهُمْ كُفَّارٌ أُوْلَـئِكَ أَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا
    18 – 18. ۽ اُنھن جي توبه قبول ٿيڻي نه آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن ( ۽ نه ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي ته ھاڻي آءٌ توبه ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبه قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.

    (19) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ يَحِلُّ لَكُمْ أَن تَرِثُواْ النِّسَاء كَرْهًا وَلاَ تَعْضُلُوهُنَّ لِتَذْهَبُواْ بِبَعْضِ مَا آتَيْتُمُوهُنَّ إِلاَّ أَن يَأْتِينَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ وَعَاشِرُوهُنَّ بِالْمَعْرُوفِ فَإِن كَرِهْتُمُوهُنَّ فَعَسَى أَن تَكْرَهُواْ شَيْئًا وَيَجْعَلَ اللّهُ فِيهِ خَيْرًا كَثِيرًا
    19 – 19. اي ايمان وارؤ! اوھان کي زالن جو (سندن) بي مرضيءَ وارث ٿيڻ روا نه آھي، ۽ نڪي سندن پڌري گناہ ڪرڻ کان سواءِ کين ھن لاءِ جھليو ته جيڪي کين ڏنو ھجيوَ تنھن مان ڪجھ ورائي وٺو، ۽ ساڻن ھلي چلي وانگر گذاريو، پوءِ جيڪڏھن اُھي اوھان کي نه وڻن ته (ڌيرج ڪريو ڇوته) جا شي اوھان کي نه وڻندي ھجي تنھن ۾ ٿيڻي آھي ته الله گھڻي چڱائي ڪري.

    (20) وَإِنْ أَرَدتُّمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ وَآتَيْتُمْ إِحْدَاهُنَّ قِنطَارًا فَلاَ تَأْخُذُواْ مِنْهُ شَيْئًا أَتَأْخُذُونَهُ بُهْتَاناً وَإِثْماً مُّبِيناً
    20 – 20. ۽ جيڪڏھن (ھڪ) زال جي بجاءِ ٻي زال پرڻڻ جو ارادو ڪريو ۽ اُنھن مان ھڪڙيءَ کي گھڻو مال (ڪابين ۾) ڏنو ھجيوَ ته منجھانئس ڪجھ موٽائي نه وٺو، (اوھين) بھتان ۽ پڌري بدي لائي اُھو (مال) ڇو کسيندا آھيو؟

    (21) وَكَيْفَ تَأْخُذُونَهُ وَقَدْ أَفْضَى بَعْضُكُمْ إِلَى بَعْضٍ وَأَخَذْنَ مِنكُم مِّيثَاقًا غَلِيظًا
    21 – 21. ۽ بيشڪ اوھان ھڪ ٻئي کان نفعو وٺي چڪؤ ۽ (زالن به) اوھان کان (مھر ڏيڻ جو) پڪو انجام ورتو آھي اِنھيءَ ھوندي به اُھو (مال) ڪھڙي طرح کسيندا آھيو؟

    (22) وَلاَ تَنكِحُواْ مَا نَكَحَ آبَاؤُكُم مِّنَ النِّسَاء إِلاَّ مَا قَدْ سَلَفَ إِنَّهُ كَانَ فَاحِشَةً وَمَقْتًا وَسَاء سَبِيلاً
    22 – 22. ۽ جيڪي زالون اوھان جي پيئن پرڻيون سي اوھين نه پرڻيو پر جيڪي اڳي گذريو آھي (سو گذريو) ڇوته اُھا بي حيائي ۽ گناہ آھي، ۽ اُھا بُڇڙي واٽ آھي.

    (23) حُرِّمَتْ عَلَيْكُمْ أُمَّهَاتُكُمْ وَبَنَاتُكُمْ وَأَخَوَاتُكُمْ وَعَمَّاتُكُمْ وَخَالاَتُكُمْ وَبَنَاتُ الأَخِ وَبَنَاتُ الأُخْتِ وَأُمَّهَاتُكُمُ اللاَّتِي أَرْضَعْنَكُمْ وَأَخَوَاتُكُم مِّنَ الرَّضَاعَةِ وَأُمَّهَاتُ نِسَآئِكُمْ وَرَبَائِبُكُمُ اللاَّ تِي فِي حُجُورِكُم مِّن نِّسَآئِكُمُ اللاَّتِي دَخَلْتُم بِهِنَّ فَإِن لَّمْ تَكُونُواْ دَخَلْتُم بِهِنَّ فَلاَ جُنَاحَ عَلَيْكُمْ وَحَلاَئِلُ أَبْنَائِكُمُ الَّذِينَ مِنْ أَصْلاَبِكُمْ وَأَن تَجْمَعُواْ بَيْنَ الأُخْتَيْنِ إَلاَّ مَا قَدْ سَلَفَ إِنَّ ال لّهَ كَانَ غَفُورًا رَّحِيمًا
    23 – 23. (اي مسلمانؤ) اوھان تي اوھان جون مائر ۽ اوھانجون ڌيئر ۽ اوھانجون ڀينر ۽ اوھانجون پڦيون ۽ اوھانجون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اُھي اوھان جون مائر جن اوھان کي ٿڃ پياري ۽ اوھان جون رضائي (ٿڃ گڏ پيتل) ڀينر ۽ اوھان جي زالن جون مائر (يعني سَسون) ۽ اُھي اوھانجون اڳ ڄايون جيڪي اوھانجي ھنجن ۾ پليون ( ۽ ) اوھان جي اُنھن زالن مان ھجن جن کي اوھين ويجھا ويا آھيو پر جيڪڏھن اوھين اُنھن (سندن مائرن) کي ويجھا نه ويا آھيو ته اوھان تي گناہ نه آھي (اِھي سڀ) حرام ڪيون ويون آھن، ۽ اوھان جي اُنھن پُٽن جون زالون جيڪي (پٽ) اوھانجي پٺين مان (پيدا ٿيل) آھن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ پرڻڻ (حرام ڪيو ويو آھي) پر جيڪي اڳ گذريو آھي (سو گذريو) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (24) وَالْمُحْصَنَاتُ مِنَ النِّسَاء إِلاَّ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ كِتَابَ اللّهِ عَلَيْكُمْ وَأُحِلَّ لَكُم مَّا وَرَاء ذَلِكُمْ أَن تَبْتَغُواْ بِأَمْوَالِكُم مُّحْصِنِينَ غَيْرَ مُسَافِحِينَ فَمَا اسْتَمْتَعْتُم بِهِ مِنْهُنَّ فَآتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ ف َرِيضَةً وَلاَ جُنَاحَ عَلَيْكُمْ فِيمَا تَرَاضَيْتُم بِهِ مِن بَعْدِ الْفَرِيضَةِ إِنَّ اللّهَ كَانَ عَلِيمًا حَكِيمًا
    24 – 24. ۽ پرڻيل زالون (به حرام آھن) پر اوھان جا ھٿ جن جا مالڪ ٿيا آھن (سي حرام نه آھن)، اُھو حڪم الله اوھان تي لکيو آھي، ۽ اُنھن (حرام ڪيلن) کانسواءِ (ٻيون سڀ زالون) اوھان لاءِ حلال آھن جڏھن پنھنجن مالن سان (کين) پرڻيندڙ نه زنا جو ارادو ڪندڙ ھجو، اھو مال جنھن جي عوض انھن (زالن) کان فائدو ورتوَ تن کي سندن ڪابين مُقرر ڪيل ڏيو، ۽ ڪابين مقرر ڪرڻ کان پوءِ جيتري (ڪابين) ۾ اوھين پاڻ ۾ راضي ٿيو ته اوھان تي گناہ نه آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (25) وَمَن لَّمْ يَسْتَطِعْ مِنكُمْ طَوْلاً أَن يَنكِحَ الْمُحْصَنَاتِ الْمُؤْمِنَاتِ فَمِن مِّا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُم مِّن فَتَيَاتِكُمُ الْمُؤْمِنَاتِ وَاللّهُ أَعْلَمُ بِإِيمَانِكُمْ بَعْضُكُم مِّن بَعْضٍ فَانكِحُوهُنَّ بِإِذْنِ أَهْلِهِنَّ وَآتُوهُنَّ أُجُ ورَهُنَّ بِالْمَعْرُوفِ مُحْصَنَاتٍ غَيْرَ مُسَافِحَاتٍ وَلاَ مُتَّخِذَاتِ أَخْدَانٍ فَإِذَا أُحْصِنَّ فَإِنْ أَتَيْنَ بِفَاحِشَةٍ فَعَلَيْهِنَّ نِصْفُ مَا عَلَى الْمُحْصَنَاتِ مِنَ الْعَذَابِ ذَلِكَ لِمَنْ خَشِيَ الْعَنَتَ مِنْكُمْ وَأَن تَصْبِرُواْ خَيْ رٌ لَّكُمْ وَاللّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    25 – 25. ۽ اوھان مان جيڪو آجين مؤمنياڻين جي پرڻجڻ جي سگھ نه رکندو ھجي سو اُنھن مؤمنياڻين ٻانھين مان جن جا مالڪ اوھان (مؤمنن) مان آھن (ڪا پرڻجي ته عار نه آھي)، ۽ الله اوھان جي ايمان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اوھانجا ھڪڙا ٻـين مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني پاڻ ۾ ھڪ جنس آھيو)، پوءِ کين سندن مالڪن جي موڪل سان پرڻجو ۽ سندن ڪابين ھلي چليءَ وانگر کين ڏيو (اُھي) نڪاح ٻَڌلون نه زنا ڪندڙيون ۽ نڪي ڳجھن يارن وٺڻ واريون ھجن، پوءِ جڏھن نڪاح ۾ آيون تڏھن جيڪڏھن (اُھي) ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آجين تي آھي تنھن جو اڌ مٿن آھي، (اِھا ٻانھيءَ کي پرڻجڻ جي اجازت) اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو زنا (جي گناہ ۾ پوڻ) کان ڊڄي، ۽ اوھان جو صبر ڪرڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (26) يُرِيدُ اللّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُمْ وَيَهْدِيَكُمْ سُنَنَ الَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ وَيَتُوبَ عَلَيْكُمْ وَاللّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
    26 – 26. الله گھرندو آھي ته اوھان لاءِ کولي بيان ڪري ۽ جيڪي اوھان کان اڳ (گذريا) آھن تن جون واٽون اوھان کي ڏيکاري ۽ اوھان تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (27) وَاللّهُ يُرِيدُ أَن يَتُوبَ عَلَيْكُمْ وَيُرِيدُ الَّذِينَ يَتَّبِعُونَ الشَّهَوَاتِ أَن تَمِيلُواْ مَيْلاً عَظِيمًا
    27 – 27. ۽ الله اوھان تي ٻاجھ سان موٽڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن جي پٺيان لڳندا آھن سي اوھان جو (سڌيءَ واٽ کان) تمام پري ٿڙي وڃڻ گھرندا آھن.

    (28) يُرِيدُ اللّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُمْ وَخُلِقَ الإِنسَانُ ضَعِيفًا
    28 – 28. الله اوھان تان بار ھلڪو ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ ماڻھو (اصل) ھيڻو پيدا ڪيو ويو آھي.

    (29) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَأْكُلُواْ أَمْوَالَكُمْ بَيْنَكُمْ بِالْبَاطِلِ إِلاَّ أَن تَكُونَ تِجَارَةً عَن تَرَاضٍ مِّنكُمْ وَلاَ تَقْتُلُواْ أَنفُسَكُمْ إِنَّ اللّهَ كَانَ بِكُمْ رَحِيمًا
    29 – 29. اي ايمان وارؤ! اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائو پر پاڻ ۾ رضامندي سان واپار جي ڏيتي ليتي ھجي ته (ڀلي کائو)، ۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نه ڪريو، ڇوته الله اوھان تي مھربان آھي.

    (30) وَمَن يَفْعَلْ ذَلِكَ عُدْوَانًا وَظُلْمًا فَسَوْفَ نُصْلِيهِ نَارًا وَكَانَ ذَلِكَ عَلَى اللّهِ يَسِيرًا
    30 – 30. ۽ جيڪو حد کان ٻاھر نڪرڻ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو تنھن کي باہ ۾ سگھو وجھنداسين، ۽ اھو ڪم الله تي سھنجو آھي.

    (31) إِن تَجْتَنِبُواْ كَبَآئِرَ مَا تُنْهَوْنَ عَنْهُ نُكَفِّرْ عَنكُمْ سَيِّئَاتِكُمْ وَنُدْخِلْكُم مُّدْخَلاً كَرِيمًا
    31 – 31. جيڪڏھن وڏن گناھن کان جن کان اوھانکي جھليو ويو پاسو ڪندا رھندؤ ته اوھان جيون (ھلڪيون) مدايون اوھان کان ميٽينداسين ۽ اوھان کي عزت واريءَ جاءِ ۾ داخل ڪنداسين.

    (32) وَلاَ تَتَمَنَّوْاْ مَا فَضَّلَ اللّهُ بِهِ بَعْضَكُمْ عَلَى بَعْضٍ لِّلرِّجَالِ نَصِيبٌ مِّمَّا اكْتَسَبُواْ وَلِلنِّسَاء نَصِيبٌ مِّمَّا اكْتَسَبْنَ وَاسْأَلُواْ اللّهَ مِن فَضْلِهِ إِنَّ اللّهَ كَانَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمًا
    32 – 32. جن شين سان الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان فضيلت ڏني آھي تن جي ريس نه ڪريو، مڙسن لاءِ جيترو (پاڻ) ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ زالن لاءِ جيترو پاڻ ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ الله کان سندس فضل گھرو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.

    (33) وَلِكُلٍّ جَعَلْنَا مَوَالِيَ مِمَّا تَرَكَ الْوَالِدَانِ وَالأَقْرَبُونَ وَالَّذِينَ عَقَدَتْ أَيْمَانُكُمْ فَآتُوهُمْ نَصِيبَهُمْ إِنَّ اللّهَ كَانَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدًا
    33 – 33. ۽ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جيڪي (مال) ڇڏيو تنھن سڀ لاءِ وارث مُقرّر ڪياسون، ۽ جن کي (مائٽيءَ جھڙي دوستيءَ ۾) اوھانجي قَسمن ٻَڌو آھي تن کي سندن حصّو ڏيو، ڇوته الله سڀڪنھن شي تي حاضر آھي.

    (26) يُرِيدُ اللّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُمْ وَيَهْدِيَكُمْ سُنَنَ الَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ وَيَتُوبَ عَلَيْكُمْ وَاللّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
    26 – 26. الله گھرندو آھي ته اوھان لاءِ کولي بيان ڪري ۽ جيڪي اوھان کان اڳ (گذريا) آھن تن جون واٽون اوھان کي ڏيکاري ۽ اوھان تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (27) وَاللّهُ يُرِيدُ أَن يَتُوبَ عَلَيْكُمْ وَيُرِيدُ الَّذِينَ يَتَّبِعُونَ الشَّهَوَاتِ أَن تَمِيلُواْ مَيْلاً عَظِيمًا
    27 – 27. ۽ الله اوھان تي ٻاجھ سان موٽڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن جي پٺيان لڳندا آھن سي اوھان جو (سڌيءَ واٽ کان) تمام پري ٿڙي وڃڻ گھرندا آھن.

    (28) يُرِيدُ اللّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُمْ وَخُلِقَ الإِنسَانُ ضَعِيفًا
    28 – 28. الله اوھان تان بار ھلڪو ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ ماڻھو (اصل) ھيڻو پيدا ڪيو ويو آھي.

    (29) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَأْكُلُواْ أَمْوَالَكُمْ بَيْنَكُمْ بِالْبَاطِلِ إِلاَّ أَن تَكُونَ تِجَارَةً عَن تَرَاضٍ مِّنكُمْ وَلاَ تَقْتُلُواْ أَنفُسَكُمْ إِنَّ اللّهَ كَانَ بِكُمْ رَحِيمًا
    29 – 29. اي ايمان وارؤ! اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائو پر پاڻ ۾ رضامندي سان واپار جي ڏيتي ليتي ھجي ته (ڀلي کائو)، ۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نه ڪريو، ڇوته الله اوھان تي مھربان آھي.

    (30) وَمَن يَفْعَلْ ذَلِكَ عُدْوَانًا وَظُلْمًا فَسَوْفَ نُصْلِيهِ نَارًا وَكَانَ ذَلِكَ عَلَى اللّهِ يَسِيرًا
    30 – 30. ۽ جيڪو حد کان ٻاھر نڪرڻ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو تنھن کي باہ ۾ سگھو وجھنداسين، ۽ اھو ڪم الله تي سھنجو آھي.

    (31) إِن تَجْتَنِبُواْ كَبَآئِرَ مَا تُنْهَوْنَ عَنْهُ نُكَفِّرْ عَنكُمْ سَيِّئَاتِكُمْ وَنُدْخِلْكُم مُّدْخَلاً كَرِيمًا
    31 – 31. جيڪڏھن وڏن گناھن کان جن کان اوھانکي جھليو ويو پاسو ڪندا رھندؤ ته اوھان جيون (ھلڪيون) مدايون اوھان کان ميٽينداسين ۽ اوھان کي عزت واريءَ جاءِ ۾ داخل ڪنداسين.

    (32) وَلاَ تَتَمَنَّوْاْ مَا فَضَّلَ اللّهُ بِهِ بَعْضَكُمْ عَلَى بَعْضٍ لِّلرِّجَالِ نَصِيبٌ مِّمَّا اكْتَسَبُواْ وَلِلنِّسَاء نَصِيبٌ مِّمَّا اكْتَسَبْنَ وَاسْأَلُواْ اللّهَ مِن فَضْلِهِ إِنَّ اللّهَ كَانَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمًا
    32 – 32. جن شين سان الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان فضيلت ڏني آھي تن جي ريس نه ڪريو، مڙسن لاءِ جيترو (پاڻ) ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ زالن لاءِ جيترو پاڻ ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ الله کان سندس فضل گھرو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.

    (33) وَلِكُلٍّ جَعَلْنَا مَوَالِيَ مِمَّا تَرَكَ الْوَالِدَانِ وَالأَقْرَبُونَ وَالَّذِينَ عَقَدَتْ أَيْمَانُكُمْ فَآتُوهُمْ نَصِيبَهُمْ إِنَّ اللّهَ كَانَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدًا
    33 – 33. ۽ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جيڪي (مال) ڇڏيو تنھن سڀ لاءِ وارث مُقرّر ڪياسون، ۽ جن کي (مائٽيءَ جھڙي دوستيءَ ۾) اوھانجي قَسمن ٻَڌو آھي تن کي سندن حصّو ڏيو، ڇوته الله سڀڪنھن شي تي حاضر آھي.

    (34) الرِّجَالُ قَوَّامُونَ عَلَى النِّسَاء بِمَا فَضَّلَ اللّهُ بَعْضَهُمْ عَلَى بَعْضٍ وَبِمَا أَنفَقُواْ مِنْ أَمْوَالِهِمْ فَالصَّالِحَاتُ قَانِتَاتٌ حَافِظَاتٌ لِّلْغَيْبِ بِمَا حَفِظَ اللّهُ وَاللاَّتِي تَخَافُونَ نُشُوزَهُنَّ فَعِظُوهُنَّ وَاهْجُرُوهُنّ َ فِي الْمَضَاجِعِ وَاضْرِبُوهُنَّ فَإِنْ أَطَعْنَكُمْ فَلاَ تَبْغُواْ عَلَيْهِنَّ سَبِيلاً إِنَّ اللّهَ كَانَ عَلِيًّا كَبِيرًا
    34 – 34. مڙس زالن تي انھيءَ سببان حاڪم آھن جو الله انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيو آھي ۽ (ٻيو) ھن سببان جو پنھنجن مالن مان خرچيندا آھن، پوءِ ڀلاريون فرمانبردارڻيون پرپٺ نگاہ رکڻ واريون الله جي نگھباني موجب آھن، ۽ جن (زالن) جي بي فرماني معلوم ڪريو تن کي (زباني) نصيحت ڪريو ۽ پاٿارين ۾ کين ڌار ڪريو ۽ مار ڏيونِ، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي فرمانبرداري ڪن ته مٿن ڪا (ايذاءُ جي) واٽ نه ڳوليو، ڇوته الله وڏو وڏيءَ وڏائيءَ وارو آھي.

    (35) وَإِنْ خِفْتُمْ شِقَاقَ بَيْنِهِمَا فَابْعَثُواْ حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهِ وَحَكَمًا مِّنْ أَهْلِهَا إِن يُرِيدَا إِصْلاَحًا يُوَفِّقِ اللّهُ بَيْنَهُمَا إِنَّ اللّهَ كَانَ عَلِيمًا خَبِيرًا
    35 – 35. ۽ جيڪڏھن سندن وچ ۾ ڦيٽي کان ڊڄو ته ھِن جي گھراڻي مان ھڪ امين ۽ ھُن جي گھراڻي مان (به) ھڪ امين مُقرّر ڪريو، جيڪڏھن ٻئي (امين) صُلح ڪرائڻ گھرندا ته الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.

    (36) وَاعْبُدُواْ اللّهَ وَلاَ تُشْرِكُواْ بِهِ شَيْئًا وَبِالْوَالِدَيْنِ إِحْسَانًا وَبِذِي الْقُرْبَى وَالْيَتَامَى وَالْمَسَاكِينِ وَالْجَارِ ذِي الْقُرْبَى وَالْجَارِ الْجُنُبِ وَالصَّاحِبِ بِالجَنبِ وَابْنِ السَّبِيلِ وَمَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ إِنَّ ا للّهَ لاَ يُحِبُّ مَن كَانَ مُخْتَالاً فَخُورًا
    36 – 36. ۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي.

    (37) الَّذِينَ يَبْخَلُونَ وَيَأْمُرُونَ النَّاسَ بِالْبُخْلِ وَيَكْتُمُونَ مَا آتَاهُمُ اللّهُ مِن فَضْلِهِ وَأَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا
    37 – 37. ( ۽ نڪي اُنھن کي) جيڪي (پاڻ) ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حُڪم ڪندا آھن ۽ الله پنھنجي فضل سان کين جيڪي ڏنو آھي سو لڪائيندا آھن، ۽ اھڙن نه مڃيندڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿئون.

    (38) وَالَّذِينَ يُنفِقُونَ أَمْوَالَهُمْ رِئَـاء النَّاسِ وَلاَ يُؤْمِنُونَ بِاللّهِ وَلاَ بِالْيَوْمِ الآخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيْطَانُ لَهُ قَرِينًا فَسَاء قِرِينًا
    38 – 38. ۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي پنھنجن مالن کي ماڻھن جي ڏيکاريءَ لاءِ خرچيندا آھن ۽ نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن، ۽ جنھن جو سنگتي شيطان ٿيو ته اُھو سنگتي بڇڙو آھي.

    (39) وَمَاذَا عَلَيْهِمْ لَوْ آمَنُواْ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ وَأَنفَقُواْ مِمَّا رَزَقَهُمُ اللّهُ وَكَانَ اللّهُ بِهِم عَلِيمًا
    39 – 39. ۽ مٿن ڪھڙي (ڏکيائي) ھئي جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين ھا ۽ الله جيڪي کين ڏنو آھي ان مان خرچين ھا، ۽ الله انھن (جي حال) کي (چڱو) ڄاڻندڙ آھي.

    (40) إِنَّ اللّهَ لاَ يَظْلِمُ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضَاعِفْهَا وَيُؤْتِ مِن لَّدُنْهُ أَجْرًا عَظِيمًا
    40 – 40. الله ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن (ڪا) چڱائي ھوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو آھي ۽ پاڻ وٽان وڏو اجر ڏيندو آھي.

    (41) فَكَيْفَ إِذَا جِئْنَا مِن كُلِّ أمَّةٍ بِشَهِيدٍ وَجِئْنَا بِكَ عَلَى هَـؤُلاء شَهِيدًا
    41 – 41. پوءِ (تڏھن) ڪئن (ڪندا) جڏھن سڀڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد آڻينداسون ۽ (اي پيغمبر) توکي (به) ھن ٽوليءَ تي شاھد ڪري آڻينداسون.

    (42) يَوْمَئِذٍ يَوَدُّ الَّذِينَ كَفَرُواْ وَعَصَوُاْ الرَّسُولَ لَوْ تُسَوَّى بِهِمُ الأَرْضُ وَلاَ يَكْتُمُونَ اللّهَ حَدِيثًا
    42 – 42. اُنھيءَ ڏينھن ڪافر ۽ جن پيغمبر جو چيو نه مڃيو سي گھرندا ته جيڪر مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي، ۽ الله کان ڪائي ڳالھ لڪائي نه سگھندا.

    (43) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَقْرَبُواْ الصَّلاَةَ وَأَنتُمْ سُكَارَى حَتَّىَ تَعْلَمُواْ مَا تَقُولُونَ وَلاَ جُنُبًا إِلاَّ عَابِرِي سَبِيلٍ حَتَّىَ تَغْتَسِلُواْ وَإِن كُنتُم مَّرْضَى أَوْ عَلَى سَفَرٍ أَوْ جَاء أَحَدٌ مِّنكُم مِّن الْغَآئِطِ أ َوْ لاَمَسْتُمُ النِّسَاء فَلَمْ تَجِدُواْ مَاء فَتَيَمَّمُواْ صَعِيدًا طَيِّبًا فَامْسَحُواْ بِوُجُوهِكُمْ وَأَيْدِيكُمْ إِنَّ اللّهَ كَانَ عَفُوًّا غَفُورًا
    43 – 43. اي ايمان وارؤ! اوھان نشي ۾ ٿي ايستائين نماز کي ويجھا نه وڃو جيستائين جيڪي ڳالھايو ٿا سو سمجھو ۽ نڪي مسافرن کانسواءِ (مقيم) تڙ وارو (نماز پڙھي) جيسين تڙ ڪريو، ۽ جيڪڏھن اوھين بيمار ھجو يا مسافري تي ھجو يا اوھان مان ڪوئي جاءِ ضرور کان اچي يا زالن کي ويجھا ويا ھجو ۽ پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمّم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن ۽ پنھنجن ھٿن کي مک ڪريو، ڇوته الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.

    (44) أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ أُوتُواْ نَصِيبًا مِّنَ الْكِتَابِ يَشْتَرُونَ الضَّلاَلَةَ وَيُرِيدُونَ أَن تَضِلُّواْ السَّبِيلَ
    44 – 44. (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان حصّو ڏنو ويو آھي اُھي گمراھي ڳنھندا آھن ۽ اوھان جو واٽ کان ڀلڻ (به) گھُرندا آھن.

    (45) وَاللّهُ أَعْلَمُ بِأَعْدَائِكُمْ وَكَفَى بِاللّهِ وَلِيًّا وَكَفَى بِاللّهِ نَصِيرًا
    45 – 45. ۽ الله اوھان جي ويرين کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، ۽ الله (سڀني ڪمن جو) ڪارساز بس آھي، ۽ الله مددگار بس آھي.

    (46) مِّنَ الَّذِينَ هَادُواْ يُحَرِّفُونَ الْكَلِمَ عَن مَّوَاضِعِهِ وَيَقُولُونَ سَمِعْنَا وَعَصَيْنَا وَاسْمَعْ غَيْرَ مُسْمَعٍ وَرَاعِنَا لَيًّا بِأَلْسِنَتِهِمْ وَطَعْنًا فِي الدِّينِ وَلَوْ أَنَّهُمْ قَالُواْ سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا وَاسْمَعْ وَانظُرْنَا ل َكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ وَأَقْوَمَ وَلَكِن لَّعَنَهُمُ اللّهُ بِكُفْرِهِمْ فَلاَ يُؤْمِنُونَ إِلاَّ قَلِيلاً
    46 – 46. يھودين مان ڪي (توريت ۾) لفظن کي سندن جاين کان مٽائيندا آھن ۽ سَمِعۡنَا وَ عَصَيۡنَا ۽ اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع ۽ رَاعِنَا (جي لفظن) کي (چوڻ وقت) پنھنجيون زبانون وچڙائي ۽ دين ۾ طعني ھڻڻ لاءِ چوندا آھن، ۽ جيڪڏھن (سَمِعۡنَا وَعَصَيۡنَا جي بجاءِ) سَمِعۡنَا وَاَطَعۡنَا (يعني ٻڌوسون ۽ فرمانبرداري ڪئيسون) ۽ (اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع جي ھنڌ) اِسۡمَعۡ (يعني ٻڌ) ۽ (رَاعِنَا لفظ جي بجاءِ لفظ) اُنۡظُرۡنَا (يعني اسان جو خيال رک) چون ھا ته اُنھن لاءِ ڀلو ۽ ڏاڍو سنئون ھجي ھا پر الله سندن ڪُفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) ايمان نه ٿا آڻين.

    (47) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ أُوتُواْ الْكِتَابَ آمِنُواْ بِمَا نَزَّلْنَا مُصَدِّقًا لِّمَا مَعَكُم مِّن قَبْلِ أَن نَّطْمِسَ وُجُوهًا فَنَرُدَّهَا عَلَى أَدْبَارِهَا أَوْ نَلْعَنَهُمْ كَمَا لَعَنَّا أَصْحَابَ السَّبْتِ وَكَانَ أَمْرُ اللّهِ مَفْعُولاً
    47 – 47. اي ڪتاب وارؤ جيڪو (قرآن) لاٿوسون جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن جو (اُھو) سچو ڪندڙ (به) آھي تنھنکي انھي کان اڳ مڃيو جو (اوھان جي) منھن جي صورت ميٽي ڇڏيون پوءِ ڦيرائي انھن کي ڪياڙي جي شڪل ڪريون يا مٿن اھڙي لعنت ڪريون جھڙي ڇنڇر وارن تي لعنت ڪئيسون، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (جاري ٿيندو آھي) سو ٿي چڪندو آھي.

    (48) إِنَّ اللّهَ لاَ يَغْفِرُ أَن يُشْرَكَ بِهِ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَلِكَ لِمَن يَشَاء وَمَن يُشْرِكْ بِاللّهِ فَقَدِ افْتَرَى إِثْمًا عَظِيمًا
    48 – 48. بيشڪ الله ھيءُ (ڏوہ) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي به) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ ٻيا (ڏوہ) جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي به) شريڪ بڻائيندو تنھن بيشڪ وڏي گناہ جو بُھتان ٻڌو.

    (49) أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ يُزَكُّونَ أَنفُسَهُمْ بَلِ اللّهُ يُزَكِّي مَن يَشَاء وَلاَ يُظْلَمُونَ فَتِيلاً
    49 – 49. (اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي پاڻون پاڻ کي پاڪ چوندا آھن، (نه) بلڪ الله جنھن کي گھرندو آھي پاڪ ڪندو آھي ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبن.

    (50) انظُرْ كَيفَ يَفْتَرُونَ عَلَى اللّهِ الكَذِبَ وَكَفَى بِهِ إِثْمًا مُّبِينًا
    50 – 50. (اي پيغمبر) ڏس ته الله تي ڪيئن ڪوڙ ٺاھيندا آھن؟ ۽ اھو پڌرو گناہ بس آھي

    (51) أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ أُوتُواْ نَصِيبًا مِّنَ الْكِتَابِ يُؤْمِنُونَ بِالْجِبْتِ وَالطَّاغُوتِ وَيَقُولُونَ لِلَّذِينَ كَفَرُواْ هَؤُلاء أَهْدَى مِنَ الَّذِينَ آمَنُواْ سَبِيلاً
    51 – 51. (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان ڀاڱو ڏنو ويو ته اُھي بتن ۽ شيطان کي مڃيندا آھن ۽ ڪافرن لاءِ چوندا آھن ته ھيءَ ٽولي مؤمنن کان وڌيڪ سنئين واٽ واري آھي.

    (52) أُوْلَـئِكَ الَّذِينَ لَعَنَهُمُ اللّهُ وَمَن يَلْعَنِ اللّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصِيرًا
    52 – 52. اِھي (اُھي) آھن جن تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ جنھن تي الله لعنت ڪندو آھي تنھن جو ڪو مددگار نه لھندين.

    (53) أَمْ لَهُمْ نَصِيبٌ مِّنَ الْمُلْكِ فَإِذًا لاَّ يُؤْتُونَ النَّاسَ نَقِيرًا
    53 – 53. اُنھن کي بادشاھيءَ مان ڪو ڀاڱو آھي ڇا؟ (جي کين کڻي ھجي به ته) اُن مھل ماڻھن کي تر جيترو (به) نه ڏين.

    (54) أَمْ يَحْسُدُونَ النَّاسَ عَلَى مَا آتَاهُمُ اللّهُ مِن فَضْلِهِ فَقَدْ آتَيْنَآ آلَ إِبْرَاهِيمَ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَآتَيْنَاهُم مُّلْكًا عَظِيمًا
    54 – 54. ويتر ماڻھن سان انھيءَ تي حسد ڪندا آھن جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي، پوءِ بيشڪ ابراھيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏنيسون ۽ کين وڏي بادشاھي ڏني سون.

    (55) فَمِنْهُم مَّنْ آمَنَ بِهِ وَمِنْهُم مَّن صَدَّ عَنْهُ وَكَفَى بِجَهَنَّمَ سَعِيرًا
    55 – 55. پوءِ منجھائن ڪي آھن جن اُن ڪتاب کي مڃيو ۽ منجھائن ڪي آھن جي کانئس اٽڪي رھيا، ۽ (انھن لاءِ) ٻرندڙ دوزخ بس آھي.

    (56) إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ بِآيَاتِنَا سَوْفَ نُصْلِيهِمْ نَارًا كُلَّمَا نَضِجَتْ جُلُودُهُمْ بَدَّلْنَاهُمْ جُلُودًا غَيْرَهَا لِيَذُوقُواْ الْعَذَابَ إِنَّ اللّهَ كَانَ عَزِيزًا حَكِيمًا
    56 – 56. جن اسان جي آيتن کي نه مڃيو تن کي سگھو باہ ۾ گھيرينداسون، جڏھن ڪڏھن سندن کلون ڀُڄنديون (تڏھن) سندن ٻيون کلون ھن لاءِ پيا مٽائينداسون ته ڀلي عذاب (جو مزو) چکن، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.
    (57) وَالَّذِينَ آمَنُواْ وَعَمِلُواْ الصَّالِحَاتِ سَنُدْخِلُهُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا لَّهُمْ فِيهَا أَزْوَاجٌ مُّطَهَّرَةٌ وَنُدْخِلُهُمْ ظِـلاًّ ظَلِيلاً
    57 – 57. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (اُنھن) باغن ۾ سگھو داخل ڪنداسون جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن اصلي سدائين رھڻ وارا آھن، اُنھن لاءِ منجھن پاڪ زالون آھن، ۽ کين گھاٽين ڇانون ۾ داخل ڪنداسون.

    (58) إِنَّ اللّهَ يَأْمُرُكُمْ أَن تُؤدُّواْ الأَمَانَاتِ إِلَى أَهْلِهَا وَإِذَا حَكَمْتُم بَيْنَ النَّاسِ أَن تَحْكُمُواْ بِالْعَدْلِ إِنَّ اللّهَ نِعِمَّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللّهَ كَانَ سَمِيعًا بَصِيرًا
    58 – 58. بيشڪ الله اوھان کي حُڪم ٿو ڪري ته امانتون سندن مالڪن کي پھچائي ڏيو ۽ جڏھن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو (تڏھن) انصاف سان حڪم ڪريو، بيشڪ الله اوھان کي جيڪا نصيحت ڪري ٿو سا چڱي آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

    (59) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ أَطِيعُواْ اللّهَ وَأَطِيعُواْ الرَّسُولَ وَأُوْلِي الأَمْرِ مِنكُمْ فَإِن تَنَازَعْتُمْ فِي شَيْءٍ فَرُدُّوهُ إِلَى اللّهِ وَالرَّسُولِ إِن كُنتُمْ تُؤْمِنُونَ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ ذَلِكَ خَيْرٌ وَأَحْسَنُ تَأْوِيل اً
    59 – 59. اي ايمان وارؤ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوھان مان جيڪو حاڪم ھجي تنھن جي (به) پوءِ جيڪڏھن ڪنھن شيءِ بابت جھڳڙو ڪريو ته جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته ان کي الله ۽ پيغمبر جي حُڪم ڏانھن رجوع ڪريو، اِھو ڀلو ۽ نتيجي جي ڪري ڏاڍو چڱو آھي.

    (60) أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ يَزْعُمُونَ أَنَّهُمْ آمَنُواْ بِمَا أُنزِلَ إِلَيْكَ وَمَا أُنزِلَ مِن قَبْلِكَ يُرِيدُونَ أَن يَتَحَاكَمُواْ إِلَى الطَّاغُوتِ وَقَدْ أُمِرُواْ أَن يَكْفُرُواْ بِهِ وَيُرِيدُ الشَّيْطَانُ أَن يُضِلَّهُمْ ضَلاَلاً بَعِيدًا
    60 – 60. (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي ڀائيندا آھن ته جيڪي تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو تنھن کي پاڻ مڃيو اٿن اھي ھن ھوندي به طاغوت (يعني غير خدا) ڏانھن (مقد مونيئي) فيصلو ڪرائڻ گھرندا آھن حالانڪ ان جي نه مڃڻ جو حڪم ڪيو ويو اٿن، ۽ شيطان کين وڏي ڀُل ۾ ڀُلائڻ گھرندو آھي.

    (61) وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ تَعَالَوْاْ إِلَى مَا أَنزَلَ اللّهُ وَإِلَى الرَّسُولِ رَأَيْتَ الْمُنَافِقِينَ يَصُدُّونَ عَنكَ صُدُودًا
    61 – 61. ۽ جڏھن کين چئجي ته جيڪي الله لاٿو تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو ته منافقن کي ڏٺئي ته توکان پوري طرح جھلجي ويندا آھن.

    (62) فَكَيْفَ إِذَا أَصَابَتْهُم مُّصِيبَةٌ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ ثُمَّ جَآؤُوكَ يَحْلِفُونَ بِاللّهِ إِنْ أَرَدْنَا إِلاَّ إِحْسَانًا وَتَوْفِيقًا
    62 – 62. پوءِ (تڏھن) ڪئن (ڪندا) جڏھن کين ڪا اوکائي اُنھيءَ سببان پھچندي جو سندن ھٿن اڳي ڪيو آھي ته وري تو وٽ اچي الله جو قسم کڻندا ته اسان جو چڱائي ۽ ٺھراءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نه ھو.

    (63) أُولَـئِكَ الَّذِينَ يَعْلَمُ اللّهُ مَا فِي قُلُوبِهِمْ فَأَعْرِضْ عَنْهُمْ وَعِظْهُمْ وَقُل لَّهُمْ فِي أَنفُسِهِمْ قَوْلاً بَلِيغًا
    63 – 63. اِھي (اُھي) آھن جن جي دلين ۾ جيڪي (ڪفر ۽ نفاق) آھي سو الله ڄاڻندو آھي، پوءِ کانئن مُڙ ۽ کين نصيحت ڪر ۽ کين سندين دلين ۾ پھچندڙ ڳالھه چؤ.

    (64) وَمَا أَرْسَلْنَا مِن رَّسُولٍ إِلاَّ لِيُطَاعَ بِإِذْنِ اللّهِ وَلَوْ أَنَّهُمْ إِذ ظَّلَمُواْ أَنفُسَهُمْ جَآؤُوكَ فَاسْتَغْفَرُواْ اللّهَ وَاسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُولُ لَوَجَدُواْ اللّهَ تَوَّابًا رَّحِيمًا
    64 – 64. ڪوئي پيغمبر نه موڪليوسون پر ھن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي، ۽ جڏھن انھن (ماڻھن) پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر انھن لاءِ بخشش گھري ھا ته الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان لھن ھا.

    (65) فَلاَ وَرَبِّكَ لاَ يُؤْمِنُونَ حَتَّىَ يُحَكِّمُوكَ فِيمَا شَجَرَ بَيْنَهُمْ ثُمَّ لاَ يَجِدُواْ فِي أَنفُسِهِمْ حَرَجًا مِّمَّا قَضَيْتَ وَيُسَلِّمُواْ تَسْلِيمًا
    65 – 65. پوءِ تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته (اھي ماڻھو) مسلمان نه آھن جيستائين انھي معاملي ۾ جو سندن وچ ۾ پيو آھي توکان فيصلو ڪرائن پوءِ (تون) جيڪو نبيرو ڪرين تنھن کان پنھنجي دلين ۾ اڙکُڙ نه ڏسن ۽ پوري طرح مڃين.

    (66) وَلَوْ أَنَّا كَتَبْنَا عَلَيْهِمْ أَنِ اقْتُلُواْ أَنفُسَكُمْ أَوِ اخْرُجُواْ مِن دِيَارِكُم مَّا فَعَلُوهُ إِلاَّ قَلِيلٌ مِّنْهُمْ وَلَوْ أَنَّهُمْ فَعَلُواْ مَا يُوعَظُونَ بِهِ لَكَانَ خَيْرًا لَّهُمْ وَأَشَدَّ تَثْبِيتًا
    66 – 66. ۽ جيڪڏھن اسين مٿن لازم ڪريون ھا ته اوھين پاڻ کي ڪُھو يا پنھنجن ديسن مان نڪرو ته منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (ٻِيا) اُھو نه ڪن ھا، ۽ جيڪا نصيحت ڪئي وين تنھن موجب جيڪڏھن اُھي ڪم ڪن ھا ته اُنھن لاءِ ضرور ڀلو ۽ (ايمان کي) زيادہ پڪي ڪرڻ وارو ھجي ھا.

    (67) وَإِذاً لَّآتَيْنَاهُم مِّن لَّدُنَّـا أَجْراً عَظِيمًا
    67 – 67. ۽ انھيءَ وقت پاڻ وٽان وڏو اجر کين ضرور ڏيون ھا.

    (68) وَلَهَدَيْنَاهُمْ صِرَاطًا مُّسْتَقِيمًا
    68 – 68. ۽ ضرور کين سڌي واٽ وٺايون ھا.

    (69) وَمَن يُطِعِ اللّهَ وَالرَّسُولَ فَأُوْلَـئِكَ مَعَ الَّذِينَ أَنْعَمَ اللّهُ عَلَيْهِم مِّنَ النَّبِيِّينَ وَالصِّدِّيقِينَ وَالشُّهَدَاء وَالصَّالِحِينَ وَحَسُنَ أُولَـئِكَ رَفِيقًا
    69 – 69. ۽ جيڪي الله ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪندا سي انھن سان گڏ رھندڙ آھن جن تي الله فضل ڪيو آھي (يعني) پيغمبر ۽ صديق ۽ شھيد ۽ صالح، ۽ اُھي چڱا سنگتي آھن.

    (70) ذَلِكَ الْفَضْلُ مِنَ اللّهِ وَكَفَى بِاللّهِ عَلِيمًا
    70 – 70. اِھو فضل الله جي طرفان آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بس آھي.

    (71) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ خُذُواْ حِذْرَكُمْ فَانفِرُواْ ثُبَاتٍ أَوِ انفِرُواْ جَمِيعًا
    71 – 71. اي ايمان وارؤ پنھنجي بچاءُ جو سامان وٺو پوءِ لڙائيءَ لاءِ ٽولي ٽولي ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو.

    (72) وَإِنَّ مِنكُمْ لَمَن لَّيُبَطِّئَنَّ فَإِنْ أَصَابَتْكُم مُّصِيبَةٌ قَالَ قَدْ أَنْعَمَ اللّهُ عَلَيَّ إِذْ لَمْ أَكُن مَّعَهُمْ شَهِيدًا
    72 – 72. ۽ بيشڪ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو (ڄاڻي واڻي) دير ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي ڪو اھنج پھچندو ته چوندو آھي ته بيشڪ الله مون تي احسان ڪيو جو (آءٌ) ساڻن نه حاضر ھوس.

    (73) وَلَئِنْ أَصَابَكُمْ فَضْلٌ مِّنَ الله لَيَقُولَنَّ كَأَن لَّمْ تَكُن بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُ مَوَدَّةٌ يَا لَيتَنِي كُنتُ مَعَهُمْ فَأَفُوزَ فَوْزًا عَظِيمًا
    73 – 73. ۽ جيڪڏھن الله (جي پار) کان ڪو احسان اوھان کي پھچي ته (انھيءَ وانگر جو) ڄڻ ته اوھان جي ۽ سندس وچ ۾ دوستي نه ھئي ضرور چوندو آھي ته مون کي ارمان آھي جيڪر ساڻن ھجان ھا ته وڏي مراد ماڻيان ھا.

    (74) فَلْيُقَاتِلْ فِي سَبِيلِ اللّهِ الَّذِينَ يَشْرُونَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا بِالآخِرَةِ وَمَن يُقَاتِلْ فِي سَبِيلِ اللّهِ فَيُقْتَلْ أَو يَغْلِبْ فَسَوْفَ نُؤْتِيهِ أَجْرًا عَظِيمًا
    74 – 74. پوءِ اُنھن (مؤمنن) کي جڳائي ته الله جي واٽ ۾ وڙھن جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت سان وڪڻندا آھن، ۽ جيڪو الله جي واٽ ۾ وڙھندو پوءِ ماريو ويو يا غالب ٿيو تنھن کي وڏو اجر سگھوئي ڏينداسون.

    (75) وَمَا لَكُمْ لاَ تُقَاتِلُونَ فِي سَبِيلِ اللّهِ وَالْمُسْتَضْعَفِينَ مِنَ الرِّجَالِ وَالنِّسَاء وَالْوِلْدَانِ الَّذِينَ يَقُولُونَ رَبَّنَا أَخْرِجْنَا مِنْ هَـذِهِ الْقَرْيَةِ الظَّالِمِ أَهْلُهَا وَاجْعَل لَّنَا مِن لَّدُنكَ وَلِيًّا وَاجْعَل لَّنَا مِن لَّدُنكَ نَصِيرًا
    75 – 75. ۽ (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله جي واٽ ۾ نٿا وڙھو؟ حالانڪ ھيڻن مڙسن ۽ زالن ۽ ٻارن مان اُھي آھن جي چون ٿا ته اي اسان جا پالڻھار ھن شھر مان جنھن جا رھاڪو ظالم آھن اسان کي (ٻاھر) ڪڍ، ۽ پاڻ وٽان اسان جو (ڪو) سنڀاليندڙ ڪر، ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو مددگار ڪر.

    (76) الَّذِينَ آمَنُواْ يُقَاتِلُونَ فِي سَبِيلِ اللّهِ وَالَّذِينَ كَفَرُواْ يُقَاتِلُونَ فِي سَبِيلِ الطَّاغُوتِ فَقَاتِلُواْ أَوْلِيَاء الشَّيْطَانِ إِنَّ كَيْدَ الشَّيْطَانِ كَانَ ضَعِيفًا
    76 – 76. جيڪي مؤمن آھن سي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن، ۽ جيڪي ڪافر آھن سي شيطان جي واٽ ۾ وڙھندا آھن تنھنڪري شيطان جي ساٿين کي ماريو، ڇوته شيطان جي ٺڳي ھيڻي آھي.

    (77) أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ قِيلَ لَهُمْ كُفُّواْ أَيْدِيَكُمْ وَأَقِيمُواْ الصَّلاَةَ وَآتُواْ الزَّكَاةَ فَلَمَّا كُتِبَ عَلَيْهِمُ الْقِتَالُ إِذَا فَرِيقٌ مِّنْهُمْ يَخْشَوْنَ النَّاسَ كَخَشْيَةِ اللّهِ أَوْ أَشَدَّ خَشْيَةً وَقَالُواْ رَبَّنَا لِمَ ك َتَبْتَ عَلَيْنَا الْقِتَالَ لَوْلا أَخَّرْتَنَا إِلَى أَجَلٍ قَرِيبٍ قُلْ مَتَاعُ الدَّنْيَا قَلِيلٌ وَالآخِرَةُ خَيْرٌ لِّمَنِ اتَّقَى وَلاَ تُظْلَمُونَ فَتِيلاً
    77 – 77. (اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي چيو ويو ته پنھنجن ھٿن کي (ويڙھ کان) جھليو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪٰوة ڏيو، پوءِ جنھن مھل مٿن ويڙھ لازم ڪئي ويئي تنھن مھل منجھانئن اوچتو ھڪ ٽولي الله جي خوف وانگر ماڻھن کان ڊڄي ٿي بلڪ ان کان به وڌيڪ ڊڄي ٿي، ۽ چوڻ لڳا ته اي اسانجا پالڻھار ڇالاءِ اسان تي ويڙھ لازم ڪئي اٿيئي، ويجھي وقت تائين تو اسان کي ڇونه ڍر ڏني؟ (اي پيغمبر) چؤ ته دنيا جو سامان ٿورڙو آھي، ۽ آخرت انھيءَ لاءِ ڀلي آھي جيڪو پرھيزگاري ڪندو، ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبو.

    (78) أَيْنَمَا تَكُونُواْ يُدْرِككُّمُ الْمَوْتُ وَلَوْ كُنتُمْ فِي بُرُوجٍ مُّشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبْهُمْ حَسَنَةٌ يَقُولُواْ هَـذِهِ مِنْ عِندِ اللّهِ وَإِن تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌ يَقُولُواْ هَـذِهِ مِنْ عِندِكَ قُلْ كُلًّ مِّنْ عِندِ اللّهِ فَمَا لِهَـؤُلاء ال ْقَوْمِ لاَ يَكَادُونَ يَفْقَهُونَ حَدِيثًا
    78 – 78. جتي ھوندؤ اُتي اوھان کي موت پھچندو جيتوڻيڪ مُحڪم ڪوٽن ۾ ھوندؤ، ۽ جيڪڏھن کين ڪا چڱائي پھچندي آھي ته چوندا آھن ته ھي الله وٽان (پھتي) آھي، ۽ جيڪڏھن کين ڪو اھنج پھچندو آھي ته ھي تو وٽان پھتو آھي، (کين) چؤ ته (ڏک سک) سڀ الله وٽان آھي، پوءِ ھن قوم کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو ڳالھ جي سمجھڻ کي ويجھو (ئي) نه آھن.

    (79) مَّا أَصَابَكَ مِنْ حَسَنَةٍ فَمِنَ اللّهِ وَمَا أَصَابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَّفْسِكَ وَأَرْسَلْنَاكَ لِلنَّاسِ رَسُولاً وَكَفَى بِاللّهِ شَهِيدًا
    79 – 79. توکي جيڪا ڪا چڱائي پھچي ٿي سا الله وٽان (ڄاڻ)، ۽ توکي جيڪو ڪو اھنج پھچي ٿو سو پنھنجي نفس (جي ڪمن جي شامت) کان (ڀانءِ)، ۽ توکي ماڻھن لاءِ پيغمبر ڪري موڪليوسون، ۽ الله شاھد بس آھي.

    (80) مَّنْ يُطِعِ الرَّسُولَ فَقَدْ أَطَاعَ اللّهَ وَمَن تَوَلَّى فَمَا أَرْسَلْنَاكَ عَلَيْهِمْ حَفِيظًا
    80 – 80. جيڪو پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ الله جي فرمانبرداري ڪئي، ۽ جيڪو ڦرندو تن تي توکي نگھبان ڪري نه موڪليو اٿئون.

    (81) وَيَقُولُونَ طَاعَةٌ فَإِذَا بَرَزُواْ مِنْ عِندِكَ بَيَّتَ طَآئِفَةٌ مِّنْهُمْ غَيْرَ الَّذِي تَقُولُ وَاللّهُ يَكْتُبُ مَا يُبَيِّتُونَ فَأَعْرِضْ عَنْهُمْ وَتَوَكَّلْ عَلَى اللّهِ وَكَفَى بِاللّهِ وَكِيلاً
    81 – 81. ۽ (منافق تو وٽ) چوندا آھن فرمانبرداري (ڪنداسون) پوءِ جڏھن تو وٽان ھليا ويندا آھن تڏھن منجھانئن ھڪ ٽولي تنھنجي ڳالھين جي ابتڙ رات جو صلاحون ڪندي آھي، ۽ جيڪي رات جو صلاحون ڪندا آھن سي الله لکندو آھي، تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله وڪيل بس آھي.

    (82) أَفَلاَ يَتَدَبَّرُونَ الْقُرْآنَ وَلَوْ كَانَ مِنْ عِندِ غَيْرِ اللّهِ لَوَجَدُواْ فِيهِ اخْتِلاَفًا كَثِيرًا
    82 – 82. قرآن ۾ ڇونه سوچ ڪندا آھن، جيڪڏھن الله کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) وٽان ھجي ھا ته منجھس گھڻو اختلاف لھن ھا.

    (83) وَإِذَا جَاءهُمْ أَمْرٌ مِّنَ الأَمْنِ أَوِ الْخَوْفِ أَذَاعُواْ بِهِ وَلَوْ رَدُّوهُ إِلَى الرَّسُولِ وَإِلَى أُوْلِي الأَمْرِ مِنْهُمْ لَعَلِمَهُ الَّذِينَ يَسْتَنبِطُونَهُ مِنْهُمْ وَلَوْلاَ فَضْلُ اللّهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهُ لاَتَّبَعْتُمُ الشَّيْط َانَ إِلاَّ قَلِيلاً
    83 – 83. ۽ جڏھن وٽن امن جي يا ڀَو جي ڪا خبر ايندي آھي ته ان کي پڌرو ڪندا آھن، ۽ جيڪڏھن ان کي پيغمبر ڏانھن ۽ پنھنجن (مسلمانن) مان اميرن ڏانھن پھچائين ھا ته منجھائن جيڪي اُنکي جاچيندا آھن سي ضرور ان کي (چڱي طرح) ڄاڻن ھا، ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ اوھان تي نه ھجي ھا ته ٿورڙن کانسواءِ ضرور شيطان جي پٺيان لڳو ھا.

    (84) فَقَاتِلْ فِي سَبِيلِ اللّهِ لاَ تُكَلَّفُ إِلاَّ نَفْسَكَ وَحَرِّضِ الْمُؤْمِنِينَ عَسَى اللّهُ أَن يَكُفَّ بَأْسَ الَّذِينَ كَفَرُواْ وَاللّهُ أَشَدُّ بَأْسًا وَأَشَدُّ تَنكِيلاً
    84 – 84. پوءِ (اي پيغمبر) الله جي واٽ ۾ ويڙھ ڪر، تنھنجي سِر کانسواءِ توتي بار نه رکيو ويو آھي ۽ مؤمنن کي ھمٿاءِ، ويجھو ئي الله ڪافرن جي ويڙھ کي روڪڻ تي آھي، ۽ الله ويڙھ جي ڪري ڏاڍو زور وارو ۽ سزا ڏيڻ ۾ (به) ڏاڍو زور وارو آھي.

    (85) مَّن يَشْفَعْ شَفَاعَةً حَسَنَةً يَكُن لَّهُ نَصِيبٌ مِّنْهَا وَمَن يَشْفَعْ شَفَاعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَّهُ كِفْلٌ مِّنْهَا وَكَانَ اللّهُ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ مُّقِيتًا
    85 – 85. جيڪو چڱيءَ ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصّو آھي، جيڪي بڇڙي ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصّو آھي، ۽ الله سڀ شيءِ تي نگھبان آھي.

    (86) وَإِذَا حُيِّيْتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيُّواْ بِأَحْسَنَ مِنْهَا أَوْ رُدُّوهَا إِنَّ اللّهَ كَانَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ حَسِيبًا
    86 – 86. ۽ جڏھن اوھانکي سلام ڪرڻ سان تعظيم ڏني وڃي ته ان کان بھتر تعظيم سان (سلام) ورايو يا اوترو ورايو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ جو حساب ڪندڙ آھي.

    (87) اللّهُ لا إِلَـهَ إِلاَّ هُوَ لَيَجْمَعَنَّكُمْ إِلَى يَوْمِ الْقِيَامَةِ لاَ رَيْبَ فِيهِ وَمَنْ أَصْدَقُ مِنَ اللّهِ حَدِيثًا
    87 – 87. الله (اُھو آھي) جو اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ (ڪو) شڪ نه آھي اوھان کي ضرور گڏ ڪندو، ۽ الله کان ڪير (پنھنجي) ڳالھ ۾ زور سچو آھي.

    (88) فَمَا لَكُمْ فِي الْمُنَافِقِينَ فِئَتَيْنِ وَاللّهُ أَرْكَسَهُم بِمَا كَسَبُواْ أَتُرِيدُونَ أَن تَهْدُواْ مَنْ أَضَلَّ اللّهُ وَمَن يُضْلِلِ اللّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبِيلاً
    88 – 88. اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو منافقن جي بابت ٻه ٽوليون (ٿي پيا) آھيو ۽ الله سندن ڪرتوتن سببان کين اونڌو ڪيو آھي، جنھن کي الله ڀلايو تنھن کي اوھين ھدايت ڪرڻ گھُرندا آھيو ڇا؟ جنھن کي الله ڀلائيندو آھي تنھن لاءِ ڪا واٽ ڪڏھن نه لھندين.

    (89) وَدُّواْ لَوْ تَكْفُرُونَ كَمَا كَفَرُواْ فَتَكُونُونَ سَوَاء فَلاَ تَتَّخِذُواْ مِنْهُمْ أَوْلِيَاء حَتَّىَ يُهَاجِرُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ فَإِن تَوَلَّوْاْ فَخُذُوهُمْ وَاقْتُلُوهُمْ حَيْثُ وَجَدتَّمُوهُمْ وَلاَ تَتَّخِذُواْ مِنْهُمْ وَلِيًّا وَلاَ نَص ِيرًا
    89 – 89. (اُھي) گھرندا آھن ته جيڪر اوھين ڪافر ٿيو جھڙا پاڻ ڪافر آھن ته سڀ ھڪ جھڙا ٿيون پوءِ منجھائن ڪنھن کي ايستائين دوست ڪري نه وٺو جيستائين الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏين، پوءِ جيڪڏھن ڦري وڃن ته پڪڙيونِ ۽ جتي لھونِ تتي قتل ڪريونِ، ۽ منجھائن ڪنھنکي نڪي دوست ۽ نڪي مددگار ڪري وٺو.

    (90) إِلاَّ الَّذِينَ يَصِلُونَ إِلَىَ قَوْمٍ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُم مِّيثَاقٌ أَوْ جَآؤُوكُمْ حَصِرَتْ صُدُورُهُمْ أَن يُقَاتِلُونَكُمْ أَوْ يُقَاتِلُواْ قَوْمَهُمْ وَلَوْ شَاء اللّهُ لَسَلَّطَهُمْ عَلَيْكُمْ فَلَقَاتَلُوكُمْ فَإِنِ اعْتَزَلُوكُمْ فَلَمْ يُقَ اتِلُوكُمْ وَأَلْقَوْاْ إِلَيْكُمُ السَّلَمَ فَمَا جَعَلَ اللّهُ لَكُمْ عَلَيْهِمْ سَبِيلاً
    90 – 90. پر (انھن سان نه وڙھو) جيڪي اھڙيءَ قوم سان ڳنڍيل ھجن جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ انجام ٿيل ھجي يا اوھان وٽ ھن حال ۾ اچن جو اوھان سان وڙھڻ يا پنھنجي قوم سان وڙھڻ کان سندن سينا دِڪ ٿيا ھجن، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته کين اوھان تي غالب ڪري ھا پوءِ اوھان کي ضرور مارين ھا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو ڪن ۽ اوھان سان نه وڙھن ۽ اوھان ڏانھن صُلح (جي پيغام) کي اُڇلين پوءِ الله اوھان لاءِ مٿن ڪا ويڙھ جي واٽ نه ڪئي آھي.

    (91) سَتَجِدُونَ آخَرِينَ يُرِيدُونَ أَن يَأْمَنُوكُمْ وَيَأْمَنُواْ قَوْمَهُمْ كُلَّ مَا رُدُّوَاْ إِلَى الْفِتْنِةِ أُرْكِسُواْ فِيِهَا فَإِن لَّمْ يَعْتَزِلُوكُمْ وَيُلْقُواْ إِلَيْكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفُّوَاْ أَيْدِيَهُمْ فَخُذُوهُمْ وَاقْتُلُوهُمْ حَيْثُ ثِقِفْتُمُوهُمْ وَأُوْلَـئِكُمْ جَعَلْنَا لَكُمْ عَلَيْهِمْ سُلْطَانًا مُّبِينًا
    91 – 91. ٻيءَ ٽوليءَ کي (اوھين) سگھوئي لھندؤ جو اوھان کان امن ۾ ھجڻ گھرندا ۽ پنھنجيءَ قوم کان (به) امن ۾ ھجڻ گھرندا، جڏھن ڪڏھن ڪنھن فتني ڏانھن سڏيا ويندا تڏھن منجھس جھٽ پٽ اونڌي منھن ڪري پوندا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو نه ڪن ۽ نڪي اوھان ڏانھن صُلح جي پيغام کي اُڇلين ۽ نڪي پنھنجي ھٿن کي (ويڙھ کان) جھلين ته انھن کي پڪڙيو ۽ جتي انھن کي لھو تِتي اُنھن کي ماريو، ۽ انھن تي اسان اوھان کي پڌرو غلبو ڏنو آھي.

    (92) وَمَا كَانَ لِمُؤْمِنٍ أَن يَقْتُلَ مُؤْمِنًا إِلاَّ خَطَئًا وَمَن قَتَلَ مُؤْمِنًا خَطَئًا فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُّؤْمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُّسَلَّمَةٌ إِلَى أَهْلِهِ إِلاَّ أَن يَصَّدَّقُواْ فَإِن كَانَ مِن قَوْمٍ عَدُوٍّ لَّكُمْ وَهُوَ مْؤْمِنٌ فَتَحْرِيرُ ر َقَبَةٍ مُّؤْمِنَةٍ وَإِن كَانَ مِن قَوْمٍ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُمْ مِّيثَاقٌ فَدِيَةٌ مُّسَلَّمَةٌ إِلَى أَهْلِهِ وَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُّؤْمِنَةً فَمَن لَّمْ يَجِدْ فَصِيَامُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ تَوْبَةً مِّنَ اللّهِ وَكَانَ اللّهُ عَلِيمًا حَكِيم ًا
    92 – 92. ۽ مؤمنن جو مارڻ ڪنھن مؤمن کي ڀُل چُڪ کانسواءِ (ڪنھن حال ۾) نه جڳائي، ۽ جيڪو مؤمن ڀُل چُڪ سان ماري ته (ھڪ ته) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪري ۽ (ٻيو ته) چَٽي سندس وارثن کي پھچائي پر جي بخشين (ته انھن کي اختيار آھي)، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي ويرين جي قوم مان آھي ۽ اُھو مؤمن ھجي ته (ڇڙو) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي ( ۽ چٽي معاف آھي)، ۽ جيڪڏھن انھيءَ قوم مان آھي جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ پڪو انجام ٿيل آھي ته چٽي سندس وارثن کي پھچائجي ۽ مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي، ۽ جيڪو نه لھي ته ٻه مھينا لڳو لڳ روزا رکي، (اھو ڪُفّارو) الله (جي پار) کان توبه جي (قبول ٿيڻ) ٿيڻ لاءِ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (93) وَمَن يَقْتُلْ مُؤْمِنًا مُّتَعَمِّدًا فَجَزَآؤُهُ جَهَنَّمُ خَالِدًا فِيهَا وَغَضِبَ اللّهُ عَلَيْهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذَابًا عَظِيمًا
    93 – 93. ۽ جيڪو مؤمن کي ڄاڻي واڻي ماريندو تنھن جي سزا دوزخ آھي منجھس سدائين رھڻ وارو آھي ۽ الله مٿس ڏمربو ۽ مٿس لعنت ڪندو ۽ اُن لاءِ وڏو عذاب تيار ڪيو اٿس.

    (94) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ إِذَا ضَرَبْتُمْ فِي سَبِيلِ اللّهِ فَتَبَيَّنُواْ وَلاَ تَقُولُواْ لِمَنْ أَلْقَى إِلَيْكُمُ السَّلاَمَ لَسْتَ مُؤْمِنًا تَبْتَغُونَ عَرَضَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا فَعِندَ اللّهِ مَغَانِمُ كَثِيرَةٌ كَذَلِكَ كُنتُم مِّن قَبْ لُ فَمَنَّ اللّهُ عَلَيْكُمْ فَتَبَيَّنُواْ إِنَّ اللّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًا
    94 – 94. اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) مسافري ڪريو تڏھن پوري طرح جاچيو ۽ جيڪو اوھانکي اَلسَّلام ڪري تنھن کي اوھين دنيا جي حياتيءَ جو سامان طلبيندڙ ٿي نه چؤ ته تون مؤمن نه آھين، ڇوته الله وٽ گھڻيون غنيمتون آھن، اڳ اوھين به اھڙا ھيؤ پوءِ الله اوھان تي احسان ڪيو پوءِ اوھين (پوري طرح) جاچيو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

    (95) لاَّ يَسْتَوِي الْقَاعِدُونَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ غَيْرُ أُوْلِي الضَّرَرِ وَالْمُجَاهِدُونَ فِي سَبِيلِ اللّهِ بِأَمْوَالِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ فَضَّلَ اللّهُ الْمُجَاهِدِينَ بِأَمْوَالِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ عَلَى الْقَاعِدِينَ دَرَجَةً وَكُـلاًّ وَعَدَ اللّهُ الْحُسْنَى وَفَضَّلَ اللّهُ الْمُجَاهِدِينَ عَلَى الْقَاعِدِينَ أَجْرًا عَظِيمًا
    95 – 95. مؤمنن مان ڪنھن عذر ڌاران (جھاد کان گھر ۾) ويھي رھندڙ ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجي مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙ (اِھي ٻئي) برابر نه آھن، پنھنجن مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙن کي الله (گھر ۾) ويھي رھندڙن کان مرتبي ۾ ڀلو ڪيو آھي، ۽ الله ھر ھڪ کي چڱائيءَ جو وعدو ڏنو آھي، ۽ الله جھاد ڪندڙن کي ويھي رھندڙن کان وڏي اجر جي ڪري ڀلو ڪيو آھي.

    (96) دَرَجَاتٍ مِّنْهُ وَمَغْفِرَةً وَرَحْمَةً وَكَانَ اللّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا
    96 – 96. پاڻ وٽان درجا ۽ بخشش ۽ ٻاجھ ڪئي اٿس، ۽ الله بخشڻھار ۽ مھربان آھي.

    97) إِنَّ الَّذِينَ تَوَفَّاهُمُ الْمَلآئِكَةُ ظَالِمِي أَنْفُسِهِمْ قَالُواْ فِيمَ كُنتُمْ قَالُواْ كُنَّا مُسْتَضْعَفِينَ فِي الأَرْضِ قَالْوَاْ أَلَمْ تَكُنْ أَرْضُ اللّهِ وَاسِعَةً فَتُهَاجِرُواْ فِيهَا فَأُوْلَـئِكَ مَأْوَاهُمْ جَهَنَّمُ وَسَاءتْ مَصِيرً ا
    97 – 97. بيشڪ جن پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تن کي ملائڪ مارڻ مھل چوندا آھن ته اوھين ڪھڙي (حال) ۾ ھيؤ؟ اُھي چوندا ته اسين مُلڪ ۾ عاجز هُئاسون، (ملائڪ کين) چوندا ته الله جو مُلڪ ويڪرو نه ھو ڇا؟ جو اُن ۾ لڏي وڃو ھا، پوءِ اُنھن جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھو ھنڌ بڇڙو آھي.

    (98) إِلاَّ الْمُسْتَضْعَفِينَ مِنَ الرِّجَالِ وَالنِّسَاء وَالْوِلْدَانِ لاَ يَسْتَطِيعُونَ حِيلَةً وَلاَ يَهْتَدُونَ سَبِيلاً
    98 – 98. پر مڙسن ۽ زالن ۽ ٻارن مان ھيڻا جو ڪا واہ لھي نه سگھندا آھن ۽ نڪا نڪرڻ جي ڪا واٽ وٺي سگھندا آھن.

    (99) فَأُوْلَـئِكَ عَسَى اللّهُ أَن يَعْفُوَ عَنْهُمْ وَكَانَ اللّهُ عَفُوًّا غَفُورًا
    99 – 99. ويجھو انھن کي الله معاف ڪرڻ تي آھي، ۽ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.

    (100) وَمَن يُهَاجِرْ فِي سَبِيلِ اللّهِ يَجِدْ فِي الأَرْضِ مُرَاغَمًا كَثِيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخْرُجْ مِن بَيْتِهِ مُهَاجِرًا إِلَى اللّهِ وَرَسُولِهِ ثُمَّ يُدْرِكْهُ الْمَوْتُ فَقَدْ وَقَعَ أَجْرُهُ عَلى اللّهِ وَكَانَ اللّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا
    100 – 100. جيڪو الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندو سو زمين ۾ گھڻيون رھڻ جون جايون ۽ (روزيءَ) جي ڪشادگي لھندو، ۽ جيڪو الله (جي واٽ ۾) ۽ سندس پيغمبر ڏانھن ھجرت ڪندڙ ٿي پنھنجي گھر کان نڪرندو پوءِ کيس موت پھچندو تنھن جو اجر بيشڪ الله تي (لازم) آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (101) وَإِذَا ضَرَبْتُمْ فِي الأَرْضِ فَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ أَن تَقْصُرُواْ مِنَ الصَّلاَةِ إِنْ خِفْتُمْ أَن يَفْتِنَكُمُ الَّذِينَ كَفَرُواْ إِنَّ الْكَافِرِينَ كَانُواْ لَكُمْ عَدُوًّا مُّبِينًا
    101 – 101. ۽ جڏھن اوھين ملڪ ۾ مسافري ڪريو تڏھن جيڪڏھن ڊڄو ٿا ته ڪافر اوھان کي پريشان ڪندا ته نماز مان ڪجھ گھٽائڻ ۾ اوھان تي گناہ ڪونھي، ڇوته ڪافر اوھان جا پڌرا ويري آھن.

    (102) وَإِذَا كُنتَ فِيهِمْ فَأَقَمْتَ لَهُمُ الصَّلاَةَ فَلْتَقُمْ طَآئِفَةٌ مِّنْهُم مَّعَكَ وَلْيَأْخُذُواْ أَسْلِحَتَهُمْ فَإِذَا سَجَدُواْ فَلْيَكُونُواْ مِن وَرَآئِكُمْ وَلْتَأْتِ طَآئِفَةٌ أُخْرَى لَمْ يُصَلُّواْ فَلْيُصَلُّواْ مَعَكَ وَلْيَأْخُذُواْ حِذ ْرَهُمْ وَأَسْلِحَتَهُمْ وَدَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ لَوْ تَغْفُلُونَ عَنْ أَسْلِحَتِكُمْ وَأَمْتِعَتِكُمْ فَيَمِيلُونَ عَلَيْكُم مَّيْلَةً وَاحِدَةً وَلاَ جُنَاحَ عَلَيْكُمْ إِن كَانَ بِكُمْ أَذًى مِّن مَّطَرٍ أَوْ كُنتُم مَّرْضَى أَن تَضَعُواْ أَسْلِحَتَك ُمْ وَخُذُواْ حِذْرَكُمْ إِنَّ اللّهَ أَعَدَّ لِلْكَافِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا
    102 – 102. ۽ (اي پيغمبر ويڙھ مھل) جڏھن منجھن ھجين پوءِ کين نماز پڙھائين ته منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي توسان (نماز ۾) بيھڻ گھرجي ۽ پنھنجن ھٿيارن کي (ساڻ) وٺڻ گھرجين، پوءِ جنھن مھل (اُھي) سجدو ڏيئي رھن (تنھن مھل) اوھان جي پوئتان ٿين، ۽ جنھن ٻئي ٽوليءَ نماز نه پڙھي آھي سي اچن تن کي توسان نماز پڙھڻ گھرجي ۽ پنھنجي بچاءَ (جي شين) ۽ پنھنجن ھٿيارن کي وٺڻ گھرجين، ڪافر گھرندا آھن ته جيڪر اوھين پنھنجن ھٿيارن ۽ پنھنجي سامان کان (ڪجھ) بي خبر ٿيو ته اوھان تي ھڪ ئي ڀيري حملو ڪن، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مينھن کان ڪو اھنج ھجي يا اوھين بيمار ھجو ته اوھان تي گناہ نه آھي ته پنھنجا ھٿيار لاھي رکو، ۽ پنھنجي بچاءَ جون شيون (ساڻ) وٺو، بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آھي.

    (103) فَإِذَا قَضَيْتُمُ الصَّلاَةَ فَاذْكُرُواْ اللّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَى جُنُوبِكُمْ فَإِذَا اطْمَأْنَنتُمْ فَأَقِيمُواْ الصَّلاَةَ إِنَّ الصَّلاَةَ كَانَتْ عَلَى الْمُؤْمِنِينَ كِتَابًا مَّوْقُوتًا
    103 – 103. پوءِ جڏھن نماز پوري ڪريو (تڏھن) بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجي پاسن ڀر الله کي ياد ڪريو، پوءِ جڏھن اوھين دلجاءِ ڪريو ته پوءِ (اصلي دستور تي) نماز پڙھو، بيشڪ نماز مؤمنن تي ٺھرايل وقت ۾ فرض آھي.

    (104) وَلاَ تَهِنُواْ فِي ابْتِغَاء الْقَوْمِ إِن تَكُونُواْ تَأْلَمُونَ فَإِنَّهُمْ يَأْلَمُونَ كَمَا تَأْلَمونَ وَتَرْجُونَ مِنَ اللّهِ مَا لاَ يَرْجُونَ وَكَانَ اللّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا
    104 – 104. ۽ ڪافرن جي ڳول ڦول ۾ سُستي نه ڪريو، جيڪڏھن اوھين ڏکوئبا آھيو ته اُھي به اوھان جھڙا ڏکوئبا آھن، ۽ اوھين الله ۾ اھا اميد ٿا رکو جا اميد انھن کي نه آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (105) إِنَّا أَنزَلْنَا إِلَيْكَ الْكِتَابَ بِالْحَقِّ لِتَحْكُمَ بَيْنَ النَّاسِ بِمَا أَرَاكَ اللّهُ وَلاَ تَكُن لِّلْخَآئِنِينَ خَصِيمًا
    105 – 105. (اي پيغمبر) بيشڪ اسان توڏانھن سچو ڪتاب ھن لاءِ لاٿو آھي ته جئن الله توکي سيکاريو آھي تئن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين، ۽ خيانت ڪندڙن جي پاس نه ڪر.

    (106) وَاسْتَغْفِرِ اللّهِ إِنَّ اللّهَ كَانَ غَفُورًا رَّحِيمًا
    106 – 106. ۽ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله تعالىٰ بخشڻھار مھربان آھي.

    (107) وَلاَ تُجَادِلْ عَنِ الَّذِينَ يَخْتَانُونَ أَنفُسَهُمْ إِنَّ اللّهَ لاَ يُحِبُّ مَن كَانَ خَوَّانًا أَثِيمًا
    107 – 107. ۽ جيڪي پنھنجن نفسن سان خيانت ڪندا آھن تن جي پاران (تون) نه جھيڙ، بيشڪ الله خيانتي گنھگار کي دوست نه رکندو آھي.

    (108) يَسْتَخْفُونَ مِنَ النَّاسِ وَلاَ يَسْتَخْفُونَ مِنَ اللّهِ وَهُوَ مَعَهُمْ إِذْ يُبَيِّتُونَ مَا لاَ يَرْضَى مِنَ الْقَوْلِ وَكَانَ اللّهُ بِمَا يَعْمَلُونَ مُحِيطًا
    108 – 108. ماڻھن کان لڪندا آھن ۽ الله کان لڪي نه سگھندا ۽ جڏھن رات جو اُھا صلاح ڪندا آھن جنھن صلاح کان الله راضي نه آھي (تڏھن) اُھو (الله) ساڻن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي.

    (109) هَاأَنتُمْ هَـؤُلاء جَادَلْتُمْ عَنْهُمْ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا فَمَن يُجَادِلُ اللّهَ عَنْهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ أَم مَّن يَكُونُ عَلَيْهِمْ وَكِيلاً
    109 – 109. خبردار اوھين اھڙي قوم آھيو جو دنيا جي حياتي ۾ (ته) سندن پاران بحث ڪندا آھيو، پوءِ قيامت جي ڏينھن سندن پاران الله سان ڪير جھيڙو ڪندو؟ يا مٿن ڪير ڀرجھلو ٿيندو؟

    (110) وَمَن يَعْمَلْ سُوءًا أَوْ يَظْلِمْ نَفْسَهُ ثُمَّ يَسْتَغْفِرِ اللّهَ يَجِدِ اللّهَ غَفُورًا رَّحِيمًا
    110 – 110. ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪندو يا پاڻ تي ظلم ڪندو وري الله کان بخشش گھرندو سو الله کي بخشڻھار مھربان لھندو.

    (111) وَمَن يَكْسِبْ إِثْمًا فَإِنَّمَا يَكْسِبُهُ عَلَى نَفْسِهِ وَكَانَ اللّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا
    111 – 111. ۽ جيڪوئي گناہ ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ ئي ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (112) وَمَن يَكْسِبْ خَطِيئَةً أَوْ إِثْمًا ثُمَّ يَرْمِ بِهِ بَرِيئًا فَقَدِ احْتَمَلَ بُهْتَانًا وَإِثْمًا مُّبِينًا
    112 – 112. ۽ جيڪو ڪا خطا يا گناہ ڪري وري اُھا (تھمت) ڪنھن بيگناہ تي ھڻي تنھن بيشڪ بُھتان ۽ پڌرو گناہ کنيو.

    (113) وَلَوْلاَ فَضْلُ اللّهِ عَلَيْكَ وَرَحْمَتُهُ لَهَمَّت طَّآئِفَةٌ مُّنْهُمْ أَن يُضِلُّوكَ وَمَا يُضِلُّونَ إِلاُّ أَنفُسَهُمْ وَمَا يَضُرُّونَكَ مِن شَيْءٍ وَأَنزَلَ اللّهُ عَلَيْكَ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَعَلَّمَكَ مَا لَمْ تَكُنْ تَعْلَمُ وَكَانَ فَ ضْلُ اللّهِ عَلَيْكَ عَظِيمًا
    113 – 113. ۽ جيڪڏھن توتي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته منجھانئن ھڪ ٽوليءَ توکي غلطي ۾ وجھڻ جي پڪي نيت ڪئي ھئي، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ (ڪنھن کي) نه ڀلائيندا آھن ۽ توکي ڪوبه ضرر نه پھچائيندا، ۽ الله توتي ڪتاب ۽ دانائي لاٿي آھي ۽ جيڪي تون نه ڄاڻندو ھئين سو توکي سيکاريائين، ۽ توتي الله جو وڏو فضل آھي.

    (114) لاَّ خَيْرَ فِي كَثِيرٍ مِّن نَّجْوَاهُمْ إِلاَّ مَنْ أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَوْ مَعْرُوفٍ أَوْ إِصْلاَحٍ بَيْنَ النَّاسِ وَمَن يَفْعَلْ ذَلِكَ ابْتَغَاء مَرْضَاتِ اللّهِ فَسَوْفَ نُؤْتِيهِ أَجْرًا عَظِيمًا
    114 – 114. سندين گھڻين ڳجھين صلاحن ۾ ڪا چڱائي نه آھي پر جنھن خيرات ڏيڻ يا چڱي ڪم يا ماڻھن جي وچ ۾ سڌاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو (تنھن جي صلاح ۾ چڱائي آھي)، ۽ جيڪو اُھو ڪم الله جي رضامندي ڳولڻ لاءِ ڪندو پوءِ سگھوئي اُن کي وڏو اجر ڏينداسون.

    (115) وَمَن يُشَاقِقِ الرَّسُولَ مِن بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُ الْهُدَى وَيَتَّبِعْ غَيْرَ سَبِيلِ الْمُؤْمِنِينَ نُوَلِّهِ مَا تَوَلَّى وَنُصْلِهِ جَهَنَّمَ وَسَاءتْ مَصِيرًا
    115 – 115. ۽ جيڪو رستي جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪندو ۽ مؤمنن جي واٽ کانسواءِ ٻي واٽ وٺندو سو جيڏانھن متوجه ٿيو آھي تيڏانھن کيس ڦيرينداسون ۽ کيس دوزخ ۾ گھيرينداسون، ۽ (اھا) جاءِ بڇڙي آھي.

    (116) إِنَّ اللّهَ لاَ يَغْفِرُ أَن يُشْرَكَ بِهِ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَلِكَ لِمَن يَشَاء وَمَن يُشْرِكْ بِاللّهِ فَقَدْ ضَلَّ ضَلاَلاً بَعِيدًا
    116 – 116. بيشڪ الله ھيءُ (ڏوہ) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ (ٻيو گناہ) جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي) شريڪ بڻائيندو سو بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀلو.

    (117) إِن يَدْعُونَ مِن دُونِهِ إِلاَّ إِنَاثًا وَإِن يَدْعُونَ إِلاَّ شَيْطَانًا مَّرِيدًا
    117 – 117. (ھيءُ مشرڪ) ان (الله) کانسواءِ عورتن کي ئي سڏيندا آھن، ۽ (حقيقت ۾) تڙيل شيطان کانسواءِ ٻئي کي نه سڏيندا آھن.

    (118) لَّعَنَهُ اللّهُ وَقَالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِنْ عِبَادِكَ نَصِيبًا مَّفْرُوضًا
    118 – 118. ان تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ (شيطان) چيو ته تنھنجي ٻانھن مان مُقرّر ڪيل حصّو ضرور وٺندس.

    (119) وَلأُضِلَّنَّهُمْ وَلأُمَنِّيَنَّهُمْ وَلآمُرَنَّهُمْ فَلَيُبَتِّكُنَّ آذَانَ الأَنْعَامِ وَلآمُرَنَّهُمْ فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلْقَ اللّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيْطَانَ وَلِيًّا مِّن دُونِ اللّهِ فَقَدْ خَسِرَ خُسْرَانًا مُّبِينًا
    119 – 119. ۽ کين ضرور گمراہ ڪندس ۽ کين ضرور سَڌن ۾ وجھندس ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس پوءِ ضرور ڍورن جي ڪنن کي چيريندا ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس ته الله جي جوڙيل (صورت) کي ڦٽائيندا (رھندا) ۽ جيڪو الله کانسواءِ شيطان کي دوست ڪري وٺندو تنھن بيشڪ پڌرو ڇيو پاتو.

    (120) يَعِدُهُمْ وَيُمَنِّيهِمْ وَمَا يَعِدُهُمُ الشَّيْطَانُ إِلاَّ غُرُورًا
    120 – 120. شيطان کين انجام ڏيندو آھي ۽ کين سَڌن ۾ وجھندو آھي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو ڪو) انجام نه ڏيندو اٿن.

    (121) أُوْلَـئِكَ مَأْوَاهُمْ جَهَنَّمُ وَلاَ يَجِدُونَ عَنْهَا مَحِيصًا
    121 – 121. اھڙن (ماڻھن) جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُن کان ڀڄڻ جي ڪا واہ نه لھندا.

    (122) وَالَّذِينَ آمَنُواْ وَعَمِلُواْ الصَّالِحَاتِ سَنُدْخِلُهُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا وَعْدَ اللّهِ حَقًّا وَمَنْ أَصْدَقُ مِنَ اللّهِ قِيلاً
    122 – 122. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سگھوئي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، (اھو) الله جو پڪو انجام آھي، ۽ انجام ڏيڻ ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير آھي.

    (123) لَّيْسَ بِأَمَانِيِّكُمْ وَلا أَمَانِيِّ أَهْلِ الْكِتَابِ مَن يَعْمَلْ سُوءًا يُجْزَ بِهِ وَلاَ يَجِدْ لَهُ مِن دُونِ اللّهِ وَلِيًّا وَلاَ نَصِيرًا
    123 – 123. ( ۽ ) نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا مدائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندو.

    (124) وَمَن يَعْمَلْ مِنَ الصَّالِحَاتَ مِن ذَكَرٍ أَوْ أُنثَى وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَأُوْلَـئِكَ يَدْخُلُونَ الْجَنَّةَ وَلاَ يُظْلَمُونَ نَقِيرًا
    124 – 124. ۽ جيڪي (ماڻھو) مرد يا زال مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪندا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ تر جيترو به ظلم نه ڪبن.

    (125) وَمَنْ أَحْسَنُ دِينًا مِّمَّنْ أَسْلَمَ وَجْهَهُ لله وَهُوَ مُحْسِنٌ واتَّبَعَ مِلَّةَ إِبْرَاهِيمَ حَنِيفًا وَاتَّخَذَ اللّهُ إِبْرَاهِيمَ خَلِيلاً
    125 – 125. ۽ دين جي ڪري انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ جنھن پنھنجو مُنھن (سر) الله لاءِ نوايو ۽ اُھو چڱائي ڪندڙ آھي ۽ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي پيروي ڪئي اٿس، ۽ الله ابراھيم کي پنھنجو خاص دوست بڻايو ھو.

    (126) وَللّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الأَرْضِ وَكَانَ اللّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ مُّحِيطًا
    126 – 126. جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي گھيرو ڪندڙ آھي.

    (127) وَيَسْتَفْتُونَكَ فِي النِّسَاء قُلِ اللّهُ يُفْتِيكُمْ فِيهِنَّ وَمَا يُتْلَى عَلَيْكُمْ فِي الْكِتَابِ فِي يَتَامَى النِّسَاء الَّلاتِي لاَ تُؤْتُونَهُنَّ مَا كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرْغَبُونَ أَن تَنكِحُوهُنَّ وَالْمُسْتَضْعَفِينَ مِنَ الْوِلْدَانِ وَأَن تَ قُومُواْ لِلْيَتَامَى بِالْقِسْطِ وَمَا تَفْعَلُواْ مِنْ خَيْرٍ فَإِنَّ اللّهَ كَانَ بِهِ عَلِيمًا
    127 – 127. (اي پيغمبر) زالن بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله انھن بابت اوھان کي حُڪم ڪري ٿو ۽ (پڻ) جيڪي اوھان کي (ھن) ڪتاب ۾ (اڳ) پڙھي ٻڌايو ويو آھي سو انھن يتيمن زالن بابت آھي جن کي سندن حق جيڪو انھن لاءِ لازم ڪيو ويو سو نه ڏيندا آھيو ۽ کين پرڻجڻ جي خواھش ڪندا آھيو ۽ (پڻ) ھيڻن ٻارن بابت (سو اُھو حُڪم قائم آھي) ۽ يتيمن (جي حقن ادا ڪرڻ) لاءِ انصاف تي بيھڪ وٺو، ۽ اوھين جيڪا ڪا چڱائي ڪندؤ تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي.

    (128) وَإِنِ امْرَأَةٌ خَافَتْ مِن بَعْلِهَا نُشُوزًا أَوْ إِعْرَاضًا فَلاَ جُنَاْحَ عَلَيْهِمَا أَن يُصْلِحَا بَيْنَهُمَا صُلْحًا وَالصُّلْحُ خَيْرٌ وَأُحْضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحْسِنُواْ وَتَتَّقُواْ فَإِنَّ اللّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًا
    128 – 128. ۽ جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس جي بي پرواھيءَ يا منھن موڙڻ کان ڊڄي ته ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ صُلح ڪن (ڪنھن به قسم جو صُلح) ته ٻنھين تي گناھ نه آھي، ۽ صُلح ڀلو آھي، ۽ نفس (ته) بخل کي ويجھو ڪيا ويا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ۽ پرھيزگار ٿيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

    (129) وَلَن تَسْتَطِيعُواْ أَن تَعْدِلُواْ بَيْنَ النِّسَاء وَلَوْ حَرَصْتُمْ فَلاَ تَمِيلُواْ كُلَّ الْمَيْلِ فَتَذَرُوهَا كَالْمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصْلِحُواْ وَتَتَّقُواْ فَإِنَّ اللّهَ كَانَ غَفُورًا رَّحِيمًا
    129 – 129. ۽ اوھين زالن جي وچ ۾ ڪڏھن به برابري رکي نه سگھندؤ توڻيڪ گھڻي خواھش ڪريو تنھنڪري اوھين (ھڪ پاسي اھڙو) سارو لاڙو نه لڙو جو ٻيءَ کي لڙڪيل وانگر ڇڏيو، ۽ جيڪڏھن اوھين (پاڻ ۾) صُلح ڪريو ۽ پرھيزگار ٿيو ته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (130) وَإِن يَتَفَرَّقَا يُغْنِ اللّهُ كُلاًّ مِّن سَعَتِهِ وَكَانَ اللّهُ وَاسِعًا حَكِيمًا
    130 – 130. ۽ جيڪڏھن ٻئي جدا ٿيندا ته الله پنھنجي فضل سان ھر ڪنھن کي آسودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو حڪمت وارو آھي.

    (131) وَللّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الأَرْضِ وَلَقَدْ وَصَّيْنَا الَّذِينَ أُوتُواْ الْكِتَابَ مِن قَبْلِكُمْ وَإِيَّاكُمْ أَنِ اتَّقُواْ اللّهَ وَإِن تَكْفُرُواْ فَإِنَّ لِلّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الأَرْضِ وَكَانَ اللّهُ غَنِيًّا حَمِيدًا
    131 – 131. جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ اوھان کان اڳ ڪتاب وارن کي ۽ (ھاڻي) خلاصو اوھان کي بيشڪ وصيت ڪئي اٿئون ته الله کان ڊڄو، ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ ته (سمجھو ته) جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله بي پرواہ ساراھيل آھي.

    (132) وَلِلّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الأَرْضِ وَكَفَى بِاللّهِ وَكِيلاً
    132 – 132. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله ڀرجھلو بس آھي.

    (133) إِن يَشَأْ يُذْهِبْكُمْ أَيُّهَا النَّاسُ وَيَأْتِ بِآخَرِينَ وَكَانَ اللّهُ عَلَى ذَلِكَ قَدِيرًا
    133 – 133. اي ماڻھؤ جيڪڏھن الله گھري ته اوھان کي فنا ڪري ڇڏي ۽ ٻـين کي پيدا ڪري، ۽ الله انھيءَ (ڪم) تي وس وارو آھي.

    (134) مَّن كَانَ يُرِيدُ ثَوَابَ الدُّنْيَا فَعِندَ اللّهِ ثَوَابُ الدُّنْيَا وَالآخِرَةِ وَكَانَ اللّهُ سَمِيعًا بَصِيرًا
    134 – 134. جيڪو دنيا ۾ (پنھنجين چڱائين جو) ثواب گھرندو آھي ته الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو ثواب آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.

    (135) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ كُونُواْ قَوَّامِينَ بِالْقِسْطِ شُهَدَاء لِلّهِ وَلَوْ عَلَى أَنفُسِكُمْ أَوِ الْوَالِدَيْنِ وَالأَقْرَبِينَ إِن يَكُنْ غَنِيًّا أَوْ فَقَيرًا فَاللّهُ أَوْلَى بِهِمَا فَلاَ تَتَّبِعُواْ الْهَوَى أَن تَعْدِلُواْ وَإِن تَلْ وُواْ أَوْ تُعْرِضُواْ فَإِنَّ اللّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًا
    135 – 135. اي ايمان وارؤ! انصاف تي بيھندڙ الله ڪارڻ شاھدي ڏيندڙ ھجو توڻيڪ اوھان کي پاڻ تي يا ماءُ پيءُ يا مٽن تي ھجي، جيڪڏھن (اُھو ماڻھو جنھن تي حق ثابت ٿئي ٿو سو) آسودو ھجي يا سڃو ته الله اُنھن تي وڌيڪ مھربان آھي، پوءِ انصاف ڪرڻ ۾ سَڌن جي پٺيان نه لڳو، ۽ جيڪڏھن اوھين وچڙائي ڳالھائيندؤ يا منھن موڙيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.

    (136) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ آمِنُواْ بِاللّهِ وَرَسُولِهِ وَالْكِتَابِ الَّذِي نَزَّلَ عَلَى رَسُولِهِ وَالْكِتَابِ الَّذِيَ أَنزَلَ مِن قَبْلُ وَمَن يَكْفُرْ بِاللّهِ وَمَلاَئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ فَقَدْ ضَلَّ ضَلاَلاً بَع ِيدًا
    136 – 136. اي مسلمانؤ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ جيڪو ڪتاب پنھنجي پيغمبر تي لاٿائين ۽ جيڪو کانئس اڳ لاٿائين تنھن کي (به مڃيو)، ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس پيغمبرن ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندو سو بيشڪ وڏيءَ ڀل ۾ ڀلو.

    (137) إِنَّ الَّذِينَ آمَنُواْ ثُمَّ كَفَرُواْ ثُمَّ آمَنُواْ ثُمَّ كَفَرُواْ ثُمَّ ازْدَادُواْ كُفْرًا لَّمْ يَكُنِ اللّهُ لِيَغْفِرَ لَهُمْ وَلاَ لِيَهْدِيَهُمْ سَبِيلاً
    137 – 137. جن ايمان آندو وري ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون وري ڪفر ۾ وڌندا ويا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو ۽ نڪي کين ڪا واٽ ڏيکاريندو.

    (138) بَشِّرِ الْمُنَافِقِينَ بِأَنَّ لَهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا
    138 – 138. (اي پيغمبر) انھن منافقن کي (ھيءَ) سڌ ڏي ته انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    (139) الَّذِينَ يَتَّخِذُونَ الْكَافِرِينَ أَوْلِيَاء مِن دُونِ الْمُؤْمِنِينَ أَيَبْتَغُونَ عِندَهُمُ الْعِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلّهِ جَمِيعًا
    139 – 139. جيڪي مؤمنن ڌاران ڪافرن کي دوست ڪري وٺندا آھن، اُنھن وٽان مانُ گھرندا آھن ڇا؟ ڇوته ھيڪاندو مانُ الله جوئي آھي.

    (140) وَقَدْ نَزَّلَ عَلَيْكُمْ فِي الْكِتَابِ أَنْ إِذَا سَمِعْتُمْ آيَاتِ اللّهِ يُكَفَرُ بِهَا وَيُسْتَهْزَأُ بِهَا فَلاَ تَقْعُدُواْ مَعَهُمْ حَتَّى يَخُوضُواْ فِي حَدِيثٍ غَيْرِهِ إِنَّكُمْ إِذًا مِّثْلُهُمْ إِنَّ اللّهَ جَامِعُ الْمُنَافِقِينَ وَالْكَافِر ِينَ فِي جَهَنَّمَ جَمِيعًا
    140 – 140. ۽ بيشڪ الله اوھان تي ڪتاب ۾ (ھيءُ حڪم) لاٿو آھي ته جڏھن (اوھين) ٻڌو ته الله جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿن ٺـٺولي ڪئي وڃي ٿي تڏھن (اوھين) ساڻن ايسين نه ويھو جيسين ٻيءَ ڪنھن ڳالھ ۾ بحث نه ڪن، اوھين اُنھيءَ مھل (جي وھندؤ ته) انھن جھڙا ٿيندؤ، ڇوته الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي دوزخ ۾ گڏ ڪندڙ آھي.

    (141) الَّذِينَ يَتَرَبَّصُونَ بِكُمْ فَإِن كَانَ لَكُمْ فَتْحٌ مِّنَ اللّهِ قَالُواْ أَلَمْ نَكُن مَّعَكُمْ وَإِن كَانَ لِلْكَافِرِينَ نَصِيبٌ قَالُواْ أَلَمْ نَسْتَحْوِذْ عَلَيْكُمْ وَنَمْنَعْكُم مِّنَ الْمُؤْمِنِينَ فَاللّهُ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ يَوْمَ الْقِي َامَةِ وَلَن يَجْعَلَ اللّهُ لِلْكَافِرِينَ عَلَى الْمُؤْمِنِينَ سَبِيلاً
    141 – 141. اھي (منافق) اوھان جو انتظار ڪڍندا آھن، پوءِ جيڪڏھن الله (جي پارکان) اوھان لاءِ ڪا فتح آھي ته چون ٿا ته (اسين) اوھان سان گڏ نه هُئاسون ڇا؟ ۽ جيڪڏھن (سوڀ جو) ڀاڱو ڪافرن جو آھي ته ڪافرن کي چون ٿا ته اسين اوھان تي غالب نه آھيون ڇا؟ ۽ مؤمنن کان اوھان کي نه بچايوسون ڇا؟ پوءِ الله قيامت جي ڏينھن اوھانجي وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ الله ڪافرن کي مؤمنن تي غلبي جي (ڪا) واٽ نه ڪندو.

    (142) إِنَّ الْمُنَافِقِينَ يُخَادِعُونَ اللّهَ وَهُوَ خَادِعُهُمْ وَإِذَا قَامُواْ إِلَى الصَّلاَةِ قَامُواْ كُسَالَى يُرَآؤُونَ النَّاسَ وَلاَ يَذْكُرُونَ اللّهَ إِلاَّ قَلِيلاً
    142 – 142. منافق (پنھنجي ڀانئڻ ۾) الله کي دلبو ڏيندا آھن ۽ (حقيقت ڪري) الله کين دلبو ڏيندڙ آھي، ۽ جڏھن نماز ڏانھن اٿندا آھن تڏھن آرسي ٿي اُٿندا آھن رڳو ماڻھن کي ڏيکاريندا آھن ۽ ٿورڙي کانسواءِ الله کي ياد نه ڪندا آھن.

    (143) مُّذَبْذَبِينَ بَيْنَ ذَلِكَ لاَ إِلَى هَـؤُلاء وَلاَ إِلَى هَـؤُلاء وَمَن يُضْلِلِ اللّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبِيلاً
    143 – 143. نه ھِن ٽولي ڏانھن آھن ۽ نڪي ھُن ٽولي ڏانھن آھن انھيءَ وچ ۾ حيران آھن، ۽ جنھن کي الله ڀلائيندو تنھن لاءِ ڪڏھن واٽ نه لھندين.

    (144) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَتَّخِذُواْ الْكَافِرِينَ أَوْلِيَاء مِن دُونِ الْمُؤْمِنِينَ أَتُرِيدُونَ أَن تَجْعَلُواْ لِلّهِ عَلَيْكُمْ سُلْطَانًا مُّبِينًا
    144 – 144. اي ايمان وارؤ اوھين ڪافرن کي مؤمنن کانسواءِ دوست ڪري نه وٺو، پاڻ تي الله جو پڌرو الزام ثابت ڪرڻ گھرندا آھيو ڇا؟

    (145) إِنَّ الْمُنَافِقِينَ فِي الدَّرْكِ الأَسْفَلِ مِنَ النَّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُمْ نَصِيرًا
    145 – 145. بيشڪ مُنافق باھ جي ھيٺين طبقي ۾ ھوندا، ۽ انھن جو مددگار ڪوئي نه لھندين.

    (146) إِلاَّ الَّذِينَ تَابُواْ وَأَصْلَحُواْ وَاعْتَصَمُواْ بِاللّهِ وَأَخْلَصُواْ دِينَهُمْ لِلّهِ فَأُوْلَـئِكَ مَعَ الْمُؤْمِنِينَ وَسَوْفَ يُؤْتِ اللّهُ الْمُؤْمِنِينَ أَجْرًا عَظِيمًا
    146 – 146. پر جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي چنبڙي ورتو ۽ خالص الله جا حُڪم مڃيا سي مؤمنن سان آھن، ۽ الله مؤمنن کي وڏو اجر سگھو ڏيندو.

    (147) مَّا يَفْعَلُ اللّهُ بِعَذَابِكُمْ إِن شَكَرْتُمْ وَآمَنتُمْ وَكَانَ اللّهُ شَاكِرًا عَلِيمًا
    147 – 147. جيڪڏھن (سندس نعمتون ڄاڻي) شڪر ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ ته الله اوھانکي ڇالاءِ عذاب ڪندو؟ ۽ الله ته قدر سڃاڻندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    (148) لاَّ يُحِبُّ اللّهُ الْجَهْرَ بِالسُّوَءِ مِنَ الْقَوْلِ إِلاَّ مَن ظُلِمَ وَكَانَ اللّهُ سَمِيعًا عَلِيمًا
    148 – 148. الله مظلوم کانسواءِ ٻئي ڪنھن جو (ڪنھين کي) وڏي سڏ ( ۽ کليل طرح) بڇڙو ڳالھائڻ پسند نه ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    (149) إِن تُبْدُواْ خَيْرًا أَوْ تُخْفُوهُ أَوْ تَعْفُواْ عَن سُوَءٍ فَإِنَّ اللّهَ كَانَ عَفُوًّا قَدِيرًا
    149 – 149. جيڪڏھن اوھين ڪا چڱائي پڌري طرح ڪندا آھيو يا اُھا لڪائي ڪندا آھيو يا مدائي کان ٽارو ڪندا آھيو ته بيشڪ الله معافي ڏيندڙ وس وارو آھي.

    (150) إِنَّ الَّذِينَ يَكْفُرُونَ بِاللّهِ وَرُسُلِهِ وَيُرِيدُونَ أَن يُفَرِّقُواْ بَيْنَ اللّهِ وَرُسُلِهِ وَيقُولُونَ نُؤْمِنُ بِبَعْضٍ وَنَكْفُرُ بِبَعْضٍ وَيُرِيدُونَ أَن يَتَّخِذُواْ بَيْنَ ذَلِكَ سَبِيلاً
    150 – 150. بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبرن کي نه مڃيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبرن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گھرندا آھن ۽ چوندا آھن ته ڪن پيغمبرن کي مڃيون ٿا ۽ ڪن (پيغمبرن) کي نه ٿا مڃيون ۽ اُنھيءَ وچ ۾ ڪا ٻي واٽ وٺڻ گھرندا آھن.

    (151) أُوْلَـئِكَ هُمُ الْكَافِرُونَ حَقًّا وَأَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ عَذَابًا مُّهِينًا
    151 – 151. اُھي شخص سي پڪ ڪافر آھن، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.

    (152) وَالَّذِينَ آمَنُواْ بِاللّهِ وَرُسُلِهِ وَلَمْ يُفَرِّقُواْ بَيْنَ أَحَدٍ مِّنْهُمْ أُوْلَـئِكَ سَوْفَ يُؤْتِيهِمْ أُجُورَهُمْ وَكَانَ اللّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا
    152 – 152. ۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو ۽ منجھانئن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ فرق نه ڪيو اُنھن کي الله سندن اجر سگھو ڏيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (153) يَسْأَلُكَ أَهْلُ الْكِتَابِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيْهِمْ كِتَابًا مِّنَ السَّمَاء فَقَدْ سَأَلُواْ مُوسَى أَكْبَرَ مِن ذَلِكَ فَقَالُواْ أَرِنَا اللّهِ جَهْرَةً فَأَخَذَتْهُمُ الصَّاعِقَةُ بِظُلْمِهِمْ ثُمَّ اتَّخَذُواْ الْعِجْلَ مِن بَعْدِ مَا جَاءتْهُمُ ال ْبَيِّنَاتُ فَعَفَوْنَا عَن ذَلِكَ وَآتَيْنَا مُوسَى سُلْطَانًا مُّبِينًا
    153 – 153. (اي پيغمبر) ڪتاب وارا توکي سوال ٿا ڪن ته آسمان کان (ھڪ ئي ڀيري) مٿن ڪتاب لاھين (ان جو خيال نه ڪر) پوءِ تحقيق ان کان (به) وڏو سوال موسىٰ کان ڪيو ھوائون پوءِ چيائون ته اسان کي الله (اکين سان) چٽو ڏيکار پوءِ سندن گناہ سببان مٿن وڄ ڪري، وري پاڻ وٽ مُعجزن جي اچڻ کانپوءِ گابي کي (خُدا ڪري) ورتائون پوءِ اُن (سندن ڏوھ) کان معافي ڏنيسون، ۽ موسىٰ کي پڌرو غلبو ڏنوسون.

    (154) وَرَفَعْنَا فَوْقَهُمُ الطُّورَ بِمِيثَاقِهِمْ وَقُلْنَا لَهُمُ ادْخُلُواْ الْبَابَ سُجَّدًا وَقُلْنَا لَهُمْ لاَ تَعْدُواْ فِي السَّبْتِ وَأَخَذْنَا مِنْهُم مِّيثَاقًا غَلِيظًا
    154 – 154. ۽ کانئن انجام وٺڻ لاءِ سندن مٿان (جبل) طُور کڙو ڪيوسون ۽ کين چيوسون ته (شھر جي) دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي گھڙو ۽ کين (ھيءُ به) فرمايوسون ته ڇنڇر (جي ڏينھن مڇي نه مارڻ جي حڪم ڪيل) ۾ حد کان نه لنگھو ۽ کانئن پڪو انجام ورتوسون.

    (155) فَبِمَا نَقْضِهِم مِّيثَاقَهُمْ وَكُفْرِهِم بَآيَاتِ اللّهِ وَقَتْلِهِمُ الأَنْبِيَاء بِغَيْرِ حَقًّ وَقَوْلِهِمْ قُلُوبُنَا غُلْفٌ بَلْ طَبَعَ اللّهُ عَلَيْهَا بِكُفْرِهِمْ فَلاَ يُؤْمِنُونَ إِلاَّ قَلِيلاً
    155 – 155. پوءِ سندن انجام ڀڃڻ ۽ الله جي آيتن کي سندن نه مڃڻ ۽ پيغمبرن کي سندن ناحق مارڻ (سببان سزا جوڳا ٿيا) ۽ سندن (انھيءَ) چوڻ سببان ته اسان جو دليون ڍڪيل آھن، (نه!) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن مُھر ھنئي آھي تنھنڪري ٿورن کانسواءِ ايمان نه آڻيندا.

    (156) وَبِكُفْرِهِمْ وَقَوْلِهِمْ عَلَى مَرْيَمَ بُهْتَانًا عَظِيمًا
    156 – 156. ۽ سندن ڪفر سببان ۽ مريم تي سندن وڏي بُھتان چوڻ سببان.

    (157) وَقَوْلِهِمْ إِنَّا قَتَلْنَا الْمَسِيحَ عِيسَى ابْنَ مَرْيَمَ رَسُولَ اللّهِ وَمَا قَتَلُوهُ وَمَا صَلَبُوهُ وَلَـكِن شُبِّهَ لَهُمْ وَإِنَّ الَّذِينَ اخْتَلَفُواْ فِيهِ لَفِي شَكٍّ مِّنْهُ مَا لَهُم بِهِ مِنْ عِلْمٍ إِلاَّ اتِّبَاعَ الظَّنِّ وَمَا قَتَل ُوهُ يَقِينًا
    157 – 157. ۽ سندن ھن چوڻ سببان ته الله جي پيغمبر مَسِيح عيسىٰ پٽ مريم جي کي ڪُٺو اٿئون، حالانڪ نه کيس ڪُٺائون ۽ نڪي کيس سوريءَ تي چاڙھيائون پر انھن کي شُبه ۾ وڌو ويو، ۽ بيشڪ جن ان بابت تڪرار ڪيو سي کانئس شڪ ۾ آھن، گمان کانسواءِ کين ان جي ڪا پڪي ڄاڻپ نه آھي، ۽ پڪ سان نه ڪُٺو اٿن.

    (158) بَل رَّفَعَهُ اللّهُ إِلَيْهِ وَكَانَ اللّهُ عَزِيزًا حَكِيمًا
    158 – 158. بلڪ الله کيس پاڻ ڏانھن مٿي کڻي ورتو، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

    (159) وَإِن مِّنْ أَهْلِ الْكِتَابِ إِلاَّ لَيُؤْمِنَنَّ بِهِ قَبْلَ مَوْتِهِ وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ يَكُونُ عَلَيْهِمْ شَهِيدًا
    159 – 159. ۽ ڪتاب وارن مان ڪوئي نه رھندو پر سندس موت کان اڳ (سڀئي) مٿس ضرور ايمان آڻيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن (عيسى) مٿن شاھد ھوندو.

    (160) فَبِظُلْمٍ مِّنَ الَّذِينَ هَادُواْ حَرَّمْنَا عَلَيْهِمْ طَيِّبَاتٍ أُحِلَّتْ لَهُمْ وَبِصَدِّهِمْ عَن سَبِيلِ اللّهِ كَثِيرًا
    160 – 160. پوءِ يھودين جي ظلم سببان (گھڻيون) سٺيون شيون جي انھن لاءِ حلال ڪيل ھيون سي مٿن حرام ڪيوسون ۽ (پڻ) گھڻن ماڻھن کي الله جي واٽ کان سندن جھلڻ سببان.

    (161) وَأَخْذِهِمُ الرِّبَا وَقَدْ نُهُواْ عَنْهُ وَأَكْلِهِمْ أَمْوَالَ النَّاسِ بِالْبَاطِلِ وَأَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ مِنْهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا
    161 – 161. ۽ پڻ سندن وياج وٺڻ سببان حالانڪ بيشڪ کانئس جھليا (به) ويا ھئا ۽ (پڻ) ماڻھن جي مالن کي سندن ناحق کائڻ سببان (گھڻيون حلال شيون مٿن حرام ڪيون ويون)، ۽ اُنھن مان ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.

    (162) لَّـكِنِ الرَّاسِخُونَ فِي الْعِلْمِ مِنْهُمْ وَالْمُؤْمِنُونَ يُؤْمِنُونَ بِمَا أُنزِلَ إِلَيكَ وَمَا أُنزِلَ مِن قَبْلِكَ وَالْمُقِيمِينَ الصَّلاَةَ وَالْمُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَالْمُؤْمِنُونَ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ أُوْلَـئِكَ سَنُؤْتِيهِمْ أَجْرً ا عَظِيمًا
    162 – 162. پر منجھانئن علم ۾ پڪا ۽ مؤمن جيڪي توڏانھن نازل ڪيو ويو تنھن کي ۽ جيڪي توکان اڳ نازل ڪيو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ نماز پڙھندڙ ۽ زڪٰوة ڏيندڙ ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندڙ آھن، سگھوئي انھن کي وڏو اجر ڏينداسون.

    (163) إِنَّا أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ كَمَا أَوْحَيْنَا إِلَى نُوحٍ وَالنَّبِيِّينَ مِن بَعْدِهِ وَأَوْحَيْنَا إِلَى إِبْرَاهِيمَ وَإِسْمَاعِيلَ وَإْسْحَقَ وَيَعْقُوبَ وَالأَسْبَاطِ وَعِيسَى وَأَيُّوبَ وَيُونُسَ وَهَارُونَ وَسُلَيْمَانَ وَآتَيْنَا دَاوُودَ زَبُورًا
    163 – 163. اسان توڏانھن (اھڙيءَ طرح) وحي ڪيو جھڙي طرح نوح ڏانھن ۽ کانئس پوءِ (ٻـين) پيغمبرن ڏانھن وحي ڪيوھوسون، ۽ ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسىٰ ۽ اَيُّوب ۽ يُونس ۽ ھارون ۽ سليمان ڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون.

    (164) وَرُسُلاً قَدْ قَصَصْنَاهُمْ عَلَيْكَ مِن قَبْلُ وَرُسُلاً لَّمْ نَقْصُصْهُمْ عَلَيْكَ وَكَلَّمَ اللّهُ مُوسَى تَكْلِيمًا
    164 – 164. ۽ ٻيا (گھڻا) پيغمبر آھن جن جو ھن کان اڳ توکي بيان ٻڌايوسون ۽ (ٻيا گھڻا) پيغمبر آھن جن جو بيان توکي نه ٻڌايوسون، ۽ الله موسىٰ سان گفتگو ڪئي.

    (165) رُّسُلاً مُّبَشِّرِينَ وَمُنذِرِينَ لِئَلاَّ يَكُونَ لِلنَّاسِ عَلَى اللّهِ حُجَّةٌ بَعْدَ الرُّسُلِ وَكَانَ اللّهُ عَزِيزًا حَكِيمًا
    165 – 165. پيغمبر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ھن لاءِ آھن ته پيغمبرن (جي اچڻ) کانپوءِ ماڻھن جي ڪا حُجّت الله تي نه رھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

    (166) لَّـكِنِ اللّهُ يَشْهَدُ بِمَا أَنزَلَ إِلَيْكَ أَنزَلَهُ بِعِلْمِهِ وَالْمَلآئِكَةُ يَشْهَدُونَ وَكَفَى بِاللّهِ شَهِيدًا
    166 – 166. پر الله جيڪو (ڪتاب) توڏانھن لاٿو آھي تنھن لاءِ (پاڻ) شاھدي ٿو ڏئي ته اُھو پنھنجي علم سان نازل ڪيو اٿس، ۽ ملائڪ به شاھدي ٿا ڏين، ۽ الله گواہ بس آھي.

    (167) إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ وَصَدُّواْ عَن سَبِيلِ اللّهِ قَدْ ضَلُّواْ ضَلاَلاً بَعِيدًا
    167 – 167. بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن) کي جھليو سي بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀُلا.

    (168) إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ وَظَلَمُواْ لَمْ يَكُنِ اللّهُ لِيَغْفِرَ لَهُمْ وَلاَ لِيَهْدِيَهُمْ طَرِيقاً
    168 – 168. تحقيق جن انڪار ڪيو ۽ ظُلم ڪندا رھيا ته الله (جو شان اھڙو) نه آھي جو کين بخشي ۽ نڪي (اھڙو) آھي جو کين (ٻي) ڪا (سڌي) واٽ ڏيکاري.

    (169) إِلاَّ طَرِيقَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا وَكَانَ ذَلِكَ عَلَى اللّهِ يَسِيرًا
    169 – 169. دوزخ جي واٽ کانسواءِ منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اھو الله تي سھنجو آھي.

    (170) يَا أَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جَاءكُمُ الرَّسُولُ بِالْحَقِّ مِن رَّبِّكُمْ فَآمِنُواْ خَيْرًا لَّكُمْ وَإِن تَكْفُرُواْ فَإِنَّ لِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ وَكَانَ اللّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا
    170 – 170. اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار وٽان پيغمبر (مُحَمَّد صَلَّي اللهُ عَلَيۡہِ وَسَلَّم) اوھان وٽ سچ وٺي آيو آھي تنھنڪري (مٿس) ايمان آڻيو جو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ (ته اوھان جو نقصان آھي) ڇوته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (171) يَا أَهْلَ الْكِتَابِ لاَ تَغْلُواْ فِي دِينِكُمْ وَلاَ تَقُولُواْ عَلَى اللّهِ إِلاَّ الْحَقِّ إِنَّمَا الْمَسِيحُ عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ رَسُولُ اللّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلْقَاهَا إِلَى مَرْيَمَ وَرُوحٌ مِّنْهُ فَآمِنُواْ بِاللّهِ وَرُسُلِهِ وَلاَ تَقُولُواْ ثَلاَثَةٌ انتَهُواْ خَيْرًا لَّكُمْ إِنَّمَا اللّهُ إِلَـهٌ وَاحِدٌ سُبْحَانَهُ أَن يَكُونَ لَهُ وَلَدٌ لَّهُ مَا فِي السَّمَاوَات وَمَا فِي الأَرْضِ وَكَفَى بِاللّهِ وَكِيلاً
    171 – 171. اي ڪتاب وارؤ پنھنجي دين ۾ حد کان نه لنگھو ۽ نڪي سچ کانسواءِ الله تي (ڪي ٻيو) چئو، عيسىٰ پُٽ مريم جو الله جو پيغمبر ۽ سندس (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل) آھي، اُھو مريم ڏانھن ھَلايائين ۽ سندس پار کان ھڪ رُوح آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ (اوھين) ٽي (خدا) نه چئو، (اھڙي چوڻ کان پاڻ کي) جھليو (اِھو) اوھان لاءِ ڀلو آھي، ھڪ الله کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پُٽن جي ھجڻ کان اُھو پاڪ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو اُن جو آھي، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي.

    (172) لَّن يَسْتَنكِفَ الْمَسِيحُ أَن يَكُونَ عَبْداً لِّلّهِ وَلاَ الْمَلآئِكَةُ الْمُقَرَّبُونَ وَمَن يَسْتَنكِفْ عَنْ عِبَادَتِهِ وَيَسْتَكْبِرْ فَسَيَحْشُرُهُمْ إِلَيهِ جَمِيعًا
    172 – 172. عيسىٰ الله جي ٻانھي ھُجڻ کان بنھ عار نه ڪندو آھي ۽ نڪي مُقرّب مَلائِڪ، ۽ جيڪو سندس ٻانھپ کان عار ڪندو ۽ وڏائي ڪندو تن سڀني کي سگھوئي (الله) پاڻ وٽ گڏ ڪندو.

    (173) فَأَمَّا الَّذِينَ آمَنُواْ وَعَمِلُواْ الصَّالِحَاتِ فَيُوَفِّيهِمْ أُجُورَهُمْ وَيَزيدُهُم مِّن فَضْلِهِ وَأَمَّا الَّذِينَ اسْتَنكَفُواْ وَاسْتَكْبَرُواْ فَيُعَذِّبُهُمْ عَذَابًا أَلُيمًا وَلاَ يَجِدُونَ لَهُم مِّن دُونِ اللّهِ وَلِيًّا وَلاَ نَصِيرًا
    173 – 173. پوءِ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي سندن اجر پُورو ڏيندو ۽ (بلڪ) پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ ڏيندو، ۽ جن (ٻانھي ھجڻ کان) عار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.

    (174) يَا أَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جَاءكُم بُرْهَانٌ مِّن رَّبِّكُمْ وَأَنزَلْنَا إِلَيْكُمْ نُورًا مُّبِينًا
    174 – 174. اي ماڻھؤ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ پڪي سند آئي آھي ۽ اوھان ڏانھن چِٽو سوجھرو (قرآن) لاٿوسون.

    (175) فَأَمَّا الَّذِينَ آمَنُواْ بِاللّهِ وَاعْتَصَمُواْ بِهِ فَسَيُدْخِلُهُمْ فِي رَحْمَةٍ مِّنْهُ وَفَضْلٍ وَيَهْدِيهِمْ إِلَيْهِ صِرَاطًا مُّسْتَقِيمًا
    175 – 175. پوءِ جن الله کي مڃيو ۽ کيس چنبڙي ورتو تن کي پنھنجي پاران ٻاجھ ۽ فضل ھيٺ سگھو داخل ڪندو ۽ پاڻ ڏانھن کين سڌو رستو ڏيکاريندو.

    (176) يَسْتَفْتُونَكَ قُلِ اللّهُ يُفْتِيكُمْ فِي الْكَلاَلَةِ إِنِ امْرُؤٌ هَلَكَ لَيْسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُخْتٌ فَلَهَا نِصْفُ مَا تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُهَآ إِن لَّمْ يَكُن لَّهَا وَلَدٌ فَإِن كَانَتَا اثْنَتَيْنِ فَلَهُمَا الثُّلُثَانِ مِمَّا تَرَكَ وَإِن كَ انُواْ إِخْوَةً رِّجَالاً وَنِسَاء فَلِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الأُنثَيَيْنِ يُبَيِّنُ اللّهُ لَكُمْ أَن تَضِلُّواْ وَاللّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ
    176 – 176. (اي پيغمبر جنھن کي اولاد ۽ ماءُ پيءُ نه ھجي تنھنجي ميراث بابت) توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله ڪلاله (جي ميراث) بابت اوھان کي فتوىٰ ٿو ڏئي، جيڪڏھن (ڪو اھڙو) مڙس مري جنھنکي اولاد نه آھي ( ۽ نه ماءُ پيءُ) ۽ کيس ھڪ ڀيڻ آھي ته جيڪي ڇڏيائين تنھنجو اڌ اُن لاءِ آھي، ۽ (جيڪڏھن اھڙي زال مري وڃي ۽ ڀاءُ جيئرو اٿن ته) ڀاءُ سندس وارث آھي سو تڏھن جو کيس اولاد نه ھجي، پوءِ جيڪڏھن ٻه ڀينر ھجن ته جيڪي ڇڏيائين تنھن مان ٻنھي لاءِ ٻه ٽھايون آھن، ۽ جيڪڏھن (وارث) ڀينرون ۽ ڀائر ھجن ته مڙس (يعني ڀاءُ) لاءِ ٻن زالن (ڀينرن) جي حصّي جيترو آھي، الله اوھان لاءِ بيان ڪندو آھي ته متان (اوھين) گمراہ ٿيو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.