islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 44 سوره الدخان

    44 سوره الدخان

    Rate this post

    (1) حم
    1 – حٰمٓ.

    (2) وَالْكِتَابِ الْمُبِينِ
    2 – ھن پڌريءَ ڪتاب جو قسم آھي.

    (3) إِنَّا أَنزَلْنَاهُ فِي لَيْلَةٍ مُّبَارَكَةٍ إِنَّا كُنَّا مُنذِرِينَ
    3 – ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ ھواسون.

    (4) فِيهَا يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ
    4 – 4. اُن (برڪت واريءَ رات) ۾ سڀڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آھي.

    (5) أَمْرًا مِّنْ عِندِنَا إِنَّا كُنَّا مُرْسِلِينَ
    5 – 5. (اھو) پاڻ وٽان (پنھنجي) حڪم سان (لاٿوسون) بيشڪ اسين (ئي پيغمبر کي) موڪلڻ وارا ھواسون.

    (6) رَحْمَةً مِّن رَّبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ
    6 – 6. تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سبب (اُن کي لاٿوسون)، بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    (7) رَبِّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا إِن كُنتُم مُّوقِنِينَ
    7 – 7. (جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين وسھندڙ آھيو (ته وسھو).

    (8) لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ يُحْيِي وَيُمِيتُ رَبُّكُمْ وَرَبُّ آبَائِكُمُ الْأَوَّلِينَ
    8 – 8. اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي (جو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي (اُھوئي) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.

    (9) بَلْ هُمْ فِي شَكٍّ يَلْعَبُونَ
    9 – 9. بلڪ ڪافر (قيامت) کان شڪ ۾ آھن جو راند ڪندا آھن.

    (10) فَارْتَقِبْ يَوْمَ تَأْتِي السَّمَاء بِدُخَانٍ مُّبِينٍ
    10 – 10. پوءِ جنھن ڏينھن آسمان پڌرو دونھون آڻيندو (تنھن ڏينھن جو) تون انتظار ڪڍ.

    (11) يَغْشَى النَّاسَ هَذَا عَذَابٌ أَلِيمٌ
    11 – 11. جو ماڻھن کي ويڙھي ويندو، اھو ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    (12) رَبَّنَا اكْشِفْ عَنَّا الْعَذَابَ إِنَّا مُؤْمِنُونَ
    12 – 12. (پوءِ چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار اسان کان اِھو عذاب ٽار (جو) بيشڪ اسين مُسلمان ٿيون ٿا.

    (13) أَنَّى لَهُمُ الذِّكْرَى وَقَدْ جَاءهُمْ رَسُولٌ مُّبِينٌ
    13 – 13. کين نصيحت وٺڻي ڪيئن ٿيندي حالانڪ بيشڪ وٽن پڌرو پيغمبر آيو ھو.

    (14) ثُمَّ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَقَالُوا مُعَلَّمٌ مَّجْنُونٌ
    14 – 14. وري کانئس مُنھن موڙيائون ۽ چيائون (ٿي) ته (ھيءُ) ماڻھو سيکاريل (۽) چريو آھي.

    (15) إِنَّا كَاشِفُو الْعَذَابِ قَلِيلًا إِنَّكُمْ عَائِدُونَ
    15 – 15. بيشڪ اسين ٿورو (وقت) عذاب ٽارڻ وارا آھيون بيشڪ اوھين (وري ڪُفر ۾) ڦِرڻ وارا آھيو.

    (16) يَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرَى إِنَّا مُنتَقِمُونَ
    16 – 16. جنھن ڏينھن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون (تنھن ڏينھن) بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آھيون.

    (17) وَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاءهُمْ رَسُولٌ كَرِيمٌ
    17 – 17. ۽ بيشڪ کائن اڳ فرعون جي قوم جي آزمائش ڪئي سون ۽ وٽن (ھن ڳالھ سان) سڳورو پيغمبر آيو.

    (18) أَنْ أَدُّوا إِلَيَّ عِبَادَ اللَّهِ إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ
    18 – 18. ته الله جي ٻانھن کي منھنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ امانت دار پيغمبر (آيو) آھيان.

    (19) وَأَنْ لَّا تَعْلُوا عَلَى اللَّهِ إِنِّي آتِيكُم بِسُلْطَانٍ مُّبِينٍ
    19 – 19. ۽ (چوڻ آيو آھيان) ته الله جي آڏو ھٺ نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ پڌري حُجت آڻيندس.

    (20) وَإِنِّي عُذْتُ بِرَبِّي وَرَبِّكُمْ أَن تَرْجُمُونِ
    20 – 20. ۽ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي ته (متان) مون کي پھڻن سان ماريو.

    (21) وَإِنْ لَّمْ تُؤْمِنُوا لِي فَاعْتَزِلُونِ
    21 – 21. ۽ جيڪڏھن مون تي ايمان نه آڻيو ته مون کان پاسو ڪريو.

    (22) فَدَعَا رَبَّهُ أَنَّ هَؤُلَاء قَوْمٌ مُّجْرِمُونَ
    22 – 22. پوءِ پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته ھيءَ ڏوھاري قوم آھن.

    (23) فَأَسْرِ بِعِبَادِي لَيْلًا إِنَّكُم مُّتَّبَعُونَ
    23 – 23. پوءِ (حُڪم ڪيوسون ته) منھنجن ٻانھن کي راتو رات وٺي نڪر جو اوھان جي پٺيان پوندا.

    (24) وَاتْرُكْ الْبَحْرَ رَهْوًا إِنَّهُمْ جُندٌ مُّغْرَقُونَ
    24 – 24. ۽ (تون) سمنڊ کي سڪل ڇڏ، بيشڪ اُھي ٻڏڻ وارا لشڪر آھن.

    (25) كَمْ تَرَكُوا مِن جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ
    25 – 25. باغ ۽ تلاءَ گھڻائي ڇڏيائون.

    (26) وَزُرُوعٍ وَمَقَامٍ كَرِيمٍ
    26 – 26. ۽ پوکون ۽ خاصيون جايون (به).

    (27) وَنَعْمَةٍ كَانُوا فِيهَا فَاكِهِينَ
    27 – 27. ۽ اُھي نعمتون (به) جنھن ۾ مزا ماڻيندا ھوا.

    (28) كَذَلِكَ وَأَوْرَثْنَاهَا قَوْمًا آخَرِينَ
    28 – 28. اھڙي طرح (ٿيو)، ۽ ٻي قوم کي انھن (وسلن) جو وارث ڪيوسون.

    (29) فَمَا بَكَتْ عَلَيْهِمُ السَّمَاء وَالْأَرْضُ وَمَا كَانُوا مُنظَرِينَ
    29 – 29. پوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نه رُنو ۽ نڪي اُنھن کي مُلت ڏني ويئي.
    (30) وَلَقَدْ نَجَّيْنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ مِنَ الْعَذَابِ الْمُهِينِ
    30 – 30. ۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايوسون.

    (31) مِن فِرْعَوْنَ إِنَّهُ كَانَ عَالِيًا مِّنَ الْمُسْرِفِينَ
    31 – 31. جو فرعون کان (پھچندو) ھونِ، بيشڪ اُھو ھٺيلو حد کان لنگھندڙن مان ھو.

    (32) وَلَقَدِ اخْتَرْنَاهُمْ عَلَى عِلْمٍ عَلَى الْعَالَمِينَ
    32 – 32. ۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڄاڻي واڻي (ساري) جھان وارن کان پسند ڪيوسون.

    (33) وَآتَيْنَاهُم مِّنَ الْآيَاتِ مَا فِيهِ بَلَاء مُّبِينٌ
    33 – 33. ۽ کين اُھي مُعجزا ڏناسون جن ۾ پڌري آزمائش ھئي.

    (34) إِنَّ هَؤُلَاء لَيَقُولُونَ
    34 – 34. بيشڪ اُھي (مُشرڪ) چوندا آھن.

    (35) إِنْ هِيَ إِلَّا مَوْتَتُنَا الْأُولَى وَمَا نَحْنُ بِمُنشَرِينَ
    35 – 35. ته (اسان جي پڄاڻي) رڳو اسان جو (ھيءُ) پھريون موت آھي ۽ اسين وري نه اُٿارباسون.

    (36) فَأْتُوا بِآبَائِنَا إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ
    36 – 36. جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو.

    (37) أَهُمْ خَيْرٌ أَمْ قَوْمُ تُبَّعٍ وَالَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ أَهْلَكْنَاهُمْ إِنَّهُمْ كَانُوا مُجْرِمِينَ
    37 – 37. اُھي ڀلا آھن يا تبع (حميري) جي قوم ۽ جيڪي کائن اڳ ھوا سي؟ اُنھن (سڀني) کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اُھي ڏوھاري ھوا.

    (38) وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لَاعِبِينَ
    38 – 38. ۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي سو راند ڪري نه بڻايوسون.

    (39) مَا خَلَقْنَاهُمَا إِلَّا بِالْحَقِّ وَلَكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
    39 – 39. انھن کي پوريءَ رِٿ کانسواءِ نه بڻايوسون پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

    (40) إِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ مِيقَاتُهُمْ أَجْمَعِينَ
    40 – 40. بيشڪ انھن مڙني جو انجام نبيري جو ڏينھن آھي.

    (41) يَوْمَ لَا يُغْنِي مَوْلًى عَن مَّوْلًى شَيْئًا وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ
    41 – 41. جنھن ڏينھن ڪوبه دوست ڪنھن دوست کان ڪجھ به (عذاب) نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.

    (42) إِلَّا مَن رَّحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
    42 – 42. سواءِ اُنھيءَ جي جنھن تي الله رحم ڪيو، بيشڪ الله ئي غالب مھربان آھي.
    (43) إِنَّ شَجَرَةَ الزَّقُّومِ
    43 – 43. بيشڪ ٿوھر جو وڻ.

    (44) طَعَامُ الْأَثِيمِ
    44 – 44. گنھگار جو کاڄ آھي.

    (45) كَالْمُهْلِ يَغْلِي فِي الْبُطُونِ
    45 – 45. پگھريل ٽامي جان، پيٽن ۾ ٽچڪندو.

    (46) كَغَلْيِ الْحَمِيمِ
    46 – 46. تَتل پاڻي جي ٽچڪڻ وانگر.

    (47) خُذُوهُ فَاعْتِلُوهُ إِلَى سَوَاء الْجَحِيمِ
    47 – 47. (ملائڪن کي چونداسون ته) ھن (ڏوھيءَ کي پڪڙيو) ۽ دوزخ جي وچ ڏانھن گھليوس.

    (48) ثُمَّ صُبُّوا فَوْقَ رَأْسِهِ مِنْ عَذَابِ الْحَمِيمِ
    48 – 48. وري سندس مٿي تي تَتل پاڻي ھاريو جو (اِھو) عذاب (اٿس).

    (49) ذُقْ إِنَّكَ أَنتَ الْعَزِيزُ الْكَرِيمُ
    49 – 49. (چئبس ته اِھا سزا) چَک ڇوته تون (پنھنجي گمان ۾) سگھورو مان وارو آھين.

    (50) إِنَّ هَذَا مَا كُنتُم بِهِ تَمْتَرُونَ
    50 – 50. بيشڪ ھيءُ اُھو عذاب آھي جنھن ۾ اوھين شڪ ڪندا ھئو.

    (51) إِنَّ الْمُتَّقِينَ فِي مَقَامٍ أَمِينٍ
    51 – 51. بيشڪ پرھيزگار امن واريءَ جاءِ ۾ ھُوندا.

    (52) فِي جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ
    52 – 52. باغن ۽ تلاون ۾.

    (53) يَلْبَسُونَ مِن سُندُسٍ وَإِسْتَبْرَقٍ مُّتَقَابِلِينَ
    53 – 53. سنھي پَٽ جا (ڪپڙا) ۽ ٿُلھي پَٽ جا (ڪپڙا) ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ڍڪندا.

    (54) كَذَلِكَ وَزَوَّجْنَاهُم بِحُورٍ عِينٍ
    54 – 54. (سندن حال) ائين ھوندو، ۽ کين وڏين (سھڻين) اکين واريون حورون پرڻائينداسون.

    (55) يَدْعُونَ فِيهَا بِكُلِّ فَاكِهَةٍ آمِنِينَ
    55 – 55. منجھس سڀڪو ميوو گھرندا اھڙي حال ۾ جو امن وارا ھوندا.

    (56) لَا يَذُوقُونَ فِيهَا الْمَوْتَ إِلَّا الْمَوْتَةَ الْأُولَى وَوَقَاهُمْ عَذَابَ الْجَحِيمِ
    56 – 56. پھرين موت کانسواءِ (جو دنيا ۾ مري چڪا) اتي (ٻيو) موت نه چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.

    (57) فَضْلًا مِّن رَّبِّكَ ذَلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
    57 – 57. تنھنجي پالڻھار جي فضل سبب، اھائي وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    (58) فَإِنَّمَا يَسَّرْنَاهُ بِلِسَانِكَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ
    58 – 58. قرآن کي تنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ آسان ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.

    (59) فَارْتَقِبْ إِنَّهُم مُّرْتَقِبُونَ
    59 – 59. پوءِ (تون) انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي به انتظار ڪڍڻ وارا آھن.