islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 48 سوره الفتح

    48 سوره الفتح

    Rate this post

    1) إِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِينًا
    1 – 1. (اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني.

    (2) لِيَغْفِرَ لَكَ اللَّهُ مَا تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعْمَتَهُ عَلَيْكَ وَيَهْدِيَكَ صِرَاطًا مُّسْتَقِيمًا
    2 – 2. ته تنھنجا قُصور جيڪي اڳي گذريا ۽ جيڪي پوءِ تي رھيا سي (سڀ) الله توکي معاف ڪري ۽ توتي پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ توکي سِڌي واٽ ڏيکاري.

    (3) وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصْرًا عَزِيزًا
    3 – 3. ۽ الله غالب سوڀ سان توکي سوڀارو ڪري.

    (4) هُوَ الَّذِي أَنزَلَ السَّكِينَةَ فِي قُلُوبِ الْمُؤْمِنِينَ لِيَزْدَادُوا إِيمَانًا مَّعَ إِيمَانِهِمْ وَلِلَّهِ جُنُودُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَكَانَ اللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا
    4 – 4. (الله) اُھو آھي جنھن مؤمنن جي دلين ۾ آرام نازل ڪيو ته (انھن جو) ايمان (اڳين) ايمان سان وڌيڪ ٿئي، ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آھن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (5) لِيُدْخِلَ الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا وَيُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ وَكَانَ ذَلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوْزًا عَظِيمًا
    5 – 5. ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن اُتي سدائين رھندا ۽ سندن مدايون کائن ميٽيندو، ۽ اِھا الله وٽ وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    (6) وَيُعَذِّبَ الْمُنَافِقِينَ وَالْمُنَافِقَاتِ وَالْمُشْرِكِينَ وَالْمُشْرِكَاتِ الظَّانِّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوْءِ عَلَيْهِمْ دَائِرَةُ السَّوْءِ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ وَلَعَنَهُمْ وَأَعَدَّ لَهُمْ جَهَنَّمَ وَسَاءتْ مَصِيرًا
    6 – 6. ۽ (ته) منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري جي الله تي تمام بڇڙو گمان ڀانئيندڙ آھن، بڇڙي مصيبت مٿن ھجي شال، ۽ مٿن الله ڏمريو ۽ کين لعنت ڪيائين ۽ اُنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين، ۽ اُھو بڇڙو ھنڌ آھي.

    (7) وَلِلَّهِ جُنُودُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَكَانَ اللَّهُ عَزِيزًا حَكِيمًا
    7 – 7. ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آھن، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

    (8) إِنَّا أَرْسَلْنَاكَ شَاهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذِيرًا
    8 – 8. بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.

    (9) لِتُؤْمِنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَتُعَزِّرُوهُ وَتُوَقِّرُوهُ وَتُسَبِّحُوهُ بُكْرَةً وَأَصِيلًا
    9 – 9. ته اوھين الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ سندس (دين جي) مدد ڪريو ۽ سندس عِزّت ڪريو، ۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھيو.

    (10) إِنَّ الَّذِينَ يُبَايِعُونَكَ إِنَّمَا يُبَايِعُونَ اللَّهَ يَدُ اللَّهِ فَوْقَ أَيْدِيهِمْ فَمَن نَّكَثَ فَإِنَّمَا يَنكُثُ عَلَى نَفْسِهِ وَمَنْ أَوْفَى بِمَا عَاهَدَ عَلَيْهُ اللَّهَ فَسَيُؤْتِيهِ أَجْرًا عَظِيمًا
    10 – 10. بيشڪ جيڪي توسان بيعت ڪندا آھن سي الله ئي سان بيعت ڪندا آھن، سندن ھٿن مٿان الله جو ھٿ آھي، پوءِ جيڪو (انجام) ڀڃندو سو رڳو پنھنجي ڇيئي لاءِ ٿو ڀڃي، ۽ جنھن (ڳالھ) تي الله سان انجام ڪيو اٿس تنھنکي جيڪو پورو ڪندو پوءِ سگھو تنھن کي (الله) وڏو اجر ڏيندو.
    (11) سَيَقُولُ لَكَ الْمُخَلَّفُونَ مِنَ الْأَعْرَابِ شَغَلَتْنَا أَمْوَالُنَا وَأَهْلُونَا فَاسْتَغْفِرْ لَنَا يَقُولُونَ بِأَلْسِنَتِهِم مَّا لَيْسَ فِي قُلُوبِهِمْ قُلْ فَمَن يَمْلِكُ لَكُم مِّنَ اللَّهِ شَيْئًا إِنْ أَرَادَ بِكُمْ ضَرًّا أَوْ أَرَادَ بِكُمْ نَفْعًا بَلْ كَانَ اللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرًا
    11 – 11. (اي پيغمبر) ٻھراڙيءَ وارن مان پوءِ تي رھيل توکي چوندا ته اسان کي پنھنجن مالن ۽ پنھنجي گھر جي ڀاتين رُجھايو تنھنڪري اسان لاءِ بخشش گھر، پنھنجين زبانن سان اھا (ڳالھ) چوندا آھن جا اُنھن جي دلين ۾ نه آھي، (کين) چؤ ته جيڪڏھن (الله) اوھان کي ڏک پھچائڻ جو ارادو ڪري يا اوھان کي سُک پھچائڻ جو ارادو ڪري ته الله جي سامھون اوھان لاءِ ڪير ڪجھ ڪري سگھي ٿو، بلڪ جيڪي ڪجھ ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

    (12) بَلْ ظَنَنتُمْ أَن لَّن يَنقَلِبَ الرَّسُولُ وَالْمُؤْمِنُونَ إِلَى أَهْلِيهِمْ أَبَدًا وَزُيِّنَ ذَلِكَ فِي قُلُوبِكُمْ وَظَنَنتُمْ ظَنَّ السَّوْءِ وَكُنتُمْ قَوْمًا بُورًا
    12 – 12. بلڪ ڀانيوَ ته پيغمبر ۽ مؤمن پنھنجن گھرن ڏانھن اصلي ڪڏھن نه موٽندا ۽ اِھو (گمان) اوھان جي دلين ۾ چڱو (ڪري) ڏيکاريو ويو ۽ (تمام) بڇڙو گمان ڀانيوَ، ۽ (اوھين) ھلاڪ ٿيل قوم ٿيؤ.

    (13) وَمَن لَّمْ يُؤْمِن بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ فَإِنَّا أَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ سَعِيرًا
    13 – 13. ۽ جنھن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان نه آندو ته بيشڪ اسان انھن ڪافرن لاءِ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي.

    (14) وَلِلَّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ يَغْفِرُ لِمَن يَشَاء وَيُعَذِّبُ مَن يَشَاء وَكَانَ اللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا
    14 – 14. ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (15) سَيَقُولُ الْمُخَلَّفُونَ إِذَا انطَلَقْتُمْ إِلَى مَغَانِمَ لِتَأْخُذُوهَا ذَرُونَا نَتَّبِعْكُمْ يُرِيدُونَ أَن يُبَدِّلُوا كَلَامَ اللَّهِ قُل لَّن تَتَّبِعُونَا كَذَلِكُمْ قَالَ اللَّهُ مِن قَبْلُ فَسَيَقُولُونَ بَلْ تَحْسُدُونَنَا بَلْ كَانُوا لَا يَفْقَهُونَ إِلَّا قَلِيلًا
    15 – 15. جڏھن غنيمتن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ ويندؤ تڏھن پوءِ تي رھيل چوندا اسان کي ڇڏيو ته اوھان سان ھلون، گھرندا آھن ته الله جي وعدي جي مخالفت ڪن، (کين) چؤ ته اسان سان ڪڏھن نه ھلندؤ اھڙي طرح الله اڳي ئي فرمائي چڪو آھي، پوءِ سگھو چوندا ته بلڪ اوھين اسان سان حسد ٿا ڪريو، بلڪ (ھميشه) ٿورڙي کانسواءِ (ڪجھ به) نه سمجھندا ھوا.

    (16) قُل لِّلْمُخَلَّفِينَ مِنَ الْأَعْرَابِ سَتُدْعَوْنَ إِلَى قَوْمٍ أُوْلِي بَأْسٍ شَدِيدٍ تُقَاتِلُونَهُمْ أَوْ يُسْلِمُونَ فَإِن تُطِيعُوا يُؤْتِكُمُ اللَّهُ أَجْرًا حَسَنًا وَإِن تَتَوَلَّوْا كَمَا تَوَلَّيْتُم مِّن قَبْلُ يُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا أَلِيمًا
    16 – 16. (اي پيغمبر) پوءِ تي رھيلن ٻھراڙي وارن کي چؤ ته سخت ويڙھ واريءَ قوم (جي جنگ) ڏانھن (اوھين) سگھو سڏيا ويندؤ جو ساڻن ويڙھ ڪندؤ يا ته (اُھي) مُسلمان ٿيندا، پوءِ جيڪڏھن چيو مڃيندؤ ته الله اوھان کي چڱو اجر ڏيندو، ۽ جيڪڏھن (ائين) ڦرندؤ جيئن (اوھين) ھن کان اڳ ڦريا ھئو ته (الله) اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.

    (17) لَيْسَ عَلَى الْأَعْمَى حَرَجٌ وَلَا عَلَى الْأَعْرَجِ حَرَجٌ وَلَا عَلَى الْمَرِيضِ حَرَجٌ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسُولَهُ يُدْخِلْهُ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ وَمَن يَتَوَلَّ يُعَذِّبْهُ عَذَابًا أَلِيمًا
    17 – 17. (جھاد جي رھڻ کان) نڪي انڌي تي ڪو گناھ آھي، ۽ نڪي مندي تي ڪو گناھ آھي ۽ نڪي بيمار تي ڪو گناھ آھي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، ۽ جيڪو ڦرندو تنھنکي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.
    18) لَقَدْ رَضِيَ اللَّهُ عَنِ الْمُؤْمِنِينَ إِذْ يُبَايِعُونَكَ تَحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِي قُلُوبِهِمْ فَأَنزَلَ السَّكِينَةَ عَلَيْهِمْ وَأَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِيبًا
    18 –

    (19) وَمَغَانِمَ كَثِيرَةً يَأْخُذُونَهَا وَكَانَ اللَّهُ عَزِيزًا حَكِيمًا
    19 –

    (20) وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغَانِمَ كَثِيرَةً تَأْخُذُونَهَا فَعَجَّلَ لَكُمْ هَذِهِ وَكَفَّ أَيْدِيَ النَّاسِ عَنكُمْ وَلِتَكُونَ آيَةً لِّلْمُؤْمِنِينَ وَيَهْدِيَكُمْ صِرَاطًا مُّسْتَقِيمًا
    20 –

    (21) وَأُخْرَى لَمْ تَقْدِرُوا عَلَيْهَا قَدْ أَحَاطَ اللَّهُ بِهَا وَكَانَ اللَّهُ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرًا
    21 –

    (22) وَلَوْ قَاتَلَكُمُ الَّذِينَ كَفَرُوا لَوَلَّوُا الْأَدْبَارَ ثُمَّ لَا يَجِدُونَ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا
    22 –

    (23) سُنَّةَ اللَّهِ الَّتِي قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبْدِيلًا
    23 –

    (24) وَهُوَ الَّذِي كَفَّ أَيْدِيَهُمْ عَنكُمْ وَأَيْدِيَكُمْ عَنْهُم بِبَطْنِ مَكَّةَ مِن بَعْدِ أَنْ أَظْفَرَكُمْ عَلَيْهِمْ وَكَانَ اللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرًا
    24 –

    (25) هُمُ الَّذِينَ كَفَرُوا وَصَدُّوكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ وَالْهَدْيَ مَعْكُوفًا أَن يَبْلُغَ مَحِلَّهُ وَلَوْلَا رِجَالٌ مُّؤْمِنُونَ وَنِسَاء مُّؤْمِنَاتٌ لَّمْ تَعْلَمُوهُمْ أَن تَطَؤُوهُمْ فَتُصِيبَكُم مِّنْهُم مَّعَرَّةٌ بِغَيْرِ عِلْمٍ لِيُدْخِلَ اللَّهُ فِي رَحْمَتِهِ مَن يَشَاء لَوْ تَزَيَّلُوا لَعَذَّبْنَا الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْهُمْ عَذَابًا أَلِيمًا
    25 –

    (26) إِذْ جَعَلَ الَّذِينَ كَفَرُوا فِي قُلُوبِهِمُ الْحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الْجَاهِلِيَّةِ فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكِينَتَهُ عَلَى رَسُولِهِ وَعَلَى الْمُؤْمِنِينَ وَأَلْزَمَهُمْ كَلِمَةَ التَّقْوَى وَكَانُوا أَحَقَّ بِهَا وَأَهْلَهَا وَكَانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمًا