islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 5 سوره المائده

    5 سوره المائده

    Rate this post

    1) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ أَوْفُواْ بِالْعُقُودِ أُحِلَّتْ لَكُم بَهِيمَةُ الأَنْعَامِ إِلاَّ مَا يُتْلَى عَلَيْكُمْ غَيْرَ مُحِلِّي الصَّيْدِ وَأَنتُمْ حُرُمٌ إِنَّ اللّهَ يَحْكُمُ مَا يُرِيدُ
    1 – 1. اي ايمان وارؤ (پنھنجن) انجامن کي پاڙيو، جيڪي اوھان تي پڙھبو تنھن کانسواءِ (ٻيا) چوپايا ڍور اوھان لاءِ حلال ڪيا ويا آھن پر اوھين احرام وارا ٿي شڪار کي حلال سمجھندڙ نه ٿيو، بيشڪ الله جيڪي گھرندو آھي سو حُڪم ڪندو آھي.

    (2) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تُحِلُّواْ شَعَآئِرَ اللّهِ وَلاَ الشَّهْرَ الْحَرَامَ وَلاَ الْهَدْيَ وَلاَ الْقَلآئِدَ وَلا آمِّينَ الْبَيْتَ الْحَرَامَ يَبْتَغُونَ فَضْلاً مِّن رَّبِّهِمْ وَرِضْوَانًا وَإِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُواْ وَلاَ يَجْرِمَ نَّكُمْ شَنَآنُ قَوْمٍ أَن صَدُّوكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ أَن تَعْتَدُواْ وَتَعَاوَنُواْ عَلَى الْبرِّ وَالتَّقْوَى وَلاَ تَعَاوَنُواْ عَلَى الإِثْمِ وَالْعُدْوَانِ وَاتَّقُواْ اللّهَ إِنَّ اللّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ
    2 – 2. اي ايمان وارؤ الله جي عبادت جي نشانين جي بي تعظيمي نه ڪريو ۽ نڪي تعظيم واري مھيني ۾ ۽ نڪي (ڪعبه ڏانھن موڪليل) قربانيءَ (جي جانور) جي ۽ نڪي قلائد (الله لاءِ نذر ڪيل جانورن جي ڳچين ۾ ٻڌل ڳانن) جي ۽ نڪي تعظيم واري گھر (بيت الله) ڏانھن ويندڙن جي جيڪي پنھنجي پالڻھار جو فضل ۽ رضامندي گھرندڙ آھن، ۽ جڏھن اوھين احرام کوليو تڏھن (ڀَلي) شڪار ڪريو، ۽ اوھان کي انھن ماڻھن جي دشمني جن اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ھن ڳالھ جو سبب نه ٿئي جو (اوھين) حد کان لنگھو، ۽ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ تي پاڻ ۾ مدد ڏيو، ۽ گناہ ۽ حد کان لنگھڻ تي ھڪ ٻئي کي مدد نه ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي.

    (3) حُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالْدَّمُ وَلَحْمُ الْخِنْزِيرِ وَمَا أُهِلَّ لِغَيْرِ اللّهِ بِهِ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيحَةُ وَمَا أَكَلَ السَّبُعُ إِلاَّ مَا ذَكَّيْتُمْ وَمَا ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَسْ تَقْسِمُواْ بِالأَزْلاَمِ ذَلِكُمْ فِسْقٌ الْيَوْمَ يَئِسَ الَّذِينَ كَفَرُواْ مِن دِينِكُمْ فَلاَ تَخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَأَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِي وَرَضِيتُ لَكُمُ الإِسْلاَمَ دِينًا فَمَنِ اضْطُرَّ فِي مَخ ْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِّإِثْمٍ فَإِنَّ اللّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    3 – 3. اوھان تي حرام ڪيو ويو آھي مُئل جانور ۽ (وھندڙ) رت ۽ سُوئر جو گوشت ۽ جنھن شيءِ کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي (يعني الله کان سواءِ ٻئي جي نالي مڃتا ڪيل ھجي) ۽ گھُٽو ڏيئي ماريل ۽ ڌڪ سان مُئل ۽ ڪِرڻ سان مُئل ۽ ڍور جي اُکل سان مُئل (حرام ڪيو ويو آھي) ۽ جيڪو (جانور) ڦاڙيندڙ کاڌو (سو به) پر جنھنکي (مرڻ کان اڳ) ذبح ڪيوَ (سو حرام نه آھي) ۽ جو (جانور) آستانن تي ذبح ڪجي (سو حرام ڪيو ويو آھي) ۽ اوھانجو تيرن سان وراھڻ (به)، اِھي (مڙئي) گناہ جا ڪم آھن، اڄ ڪافر اوھان جي دين کان نا اميد ٿيا تنھنڪري کانئن نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، اڄ اوھان جو دين اوھان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم، پوءِ جيڪو گناہ ڏانھن نه لاڙو ڪندڙ ٿي بک ۾ لاچار ٿئي ( ۽ مٿيون حرام شيون کائي ته روا آھي)، پوءِ تحقيق الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (4) يَسْأَلُونَكَ مَاذَا أُحِلَّ لَهُمْ قُلْ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبَاتُ وَمَا عَلَّمْتُم مِّنَ الْجَوَارِحِ مُكَلِّبِينَ تُعَلِّمُونَهُنَّ مِمَّا عَلَّمَكُمُ اللّهُ فَكُلُواْ مِمَّا أَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ وَاذْكُرُواْ اسْمَ اللّهِ عَلَيْهِ وَاتَّقُواْ اللّهَ إِنَّ اللّهَ سَرِيعُ الْحِسَابِ
    4 – 4. (اي پيغمبر) توکان پڇن ته اُنھن لاءِ ڪھڙيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، چؤ ته اوھان لاءِ (سڀ) سٺيون (شيون) حلال ڪيون ويون آھن ۽ (اُھو شڪار به حلال آھي) جيڪي شڪاري جانورن کي شڪار سيکاريندڙ ٿي (اوھان) سيکاريو آھي (يعني) جيڪي الله (شڪار ڪرڻ جو دستور) اوھان کي سيکاريو تنھن مان انھن کي سيکاريو ھجي، ته جيڪو (شڪار اُھي) اوھان لاءِ جھلين تنھن مان کائو ۽ اُن (جانور کي بڇڻ مھل) تي الله جو نالو (يعني بِسۡمِ اللهِ اَللهُ اَڪۡبرُ) چئو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت حساب وٺندڙ آھي.

    (5) الْيَوْمَ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبَاتُ وَطَعَامُ الَّذِينَ أُوتُواْ الْكِتَابَ حِلٌّ لَّكُمْ وَطَعَامُكُمْ حِلُّ لَّهُمْ وَالْمُحْصَنَاتُ مِنَ الْمُؤْمِنَاتِ وَالْمُحْصَنَاتُ مِنَ الَّذِينَ أُوتُواْ الْكِتَابَ مِن قَبْلِكُمْ إِذَا آتَيْتُمُوهُنَّ أُجُورَه ُنَّ مُحْصِنِينَ غَيْرَ مُسَافِحِينَ وَلاَ مُتَّخِذِي أَخْدَانٍ وَمَن يَكْفُرْ بِالإِيمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهُ وَهُوَ فِي الآخِرَةِ مِنَ الْخَاسِرِينَ
    5 – 5. اڄ اوھان لاءِ سٺيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، ۽ ڪتاب وارن جو طعام (به) اوھان لاءِ حلال آھي، ۽ اوھان جو طعام انھن لاءِ حلال آھي، ۽ (پڻ) پاڪدامن مؤمنياڻيون ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن مان پاڪدامن (عورتون) جڏھن پرڻو ڪندڙ نه زنا ڪندڙ ۽ نه ڳجھي آشنائي رکندڙ ٿي کين سندن ڪابين ڏيو (ته حلال ڪيون ويون)، ۽ جيڪو ايمان (يعني اُنھن حُڪمن مڃڻ) جو انڪار ڪندو تنھنجو ڪيو ڪمايو بيشڪ ناس ٿي ويو، ۽ اُھو آخرت ۾ ڇيئي وارن مان آھي.

    (6) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ إِذَا قُمْتُمْ إِلَى الصَّلاةِ فاغْسِلُواْ وُجُوهَكُمْ وَأَيْدِيَكُمْ إِلَى الْمَرَافِقِ وَامْسَحُواْ بِرُؤُوسِكُمْ وَأَرْجُلَكُمْ إِلَى الْكَعْبَينِ وَإِن كُنتُمْ جُنُبًا فَاطَّهَّرُواْ وَإِن كُنتُم مَّرْضَى أَوْ عَلَى سَف َرٍ أَوْ جَاء أَحَدٌ مَّنكُم مِّنَ الْغَائِطِ أَوْ لاَمَسْتُمُ النِّسَاء فَلَمْ تَجِدُواْ مَاء فَتَيَمَّمُواْ صَعِيدًا طَيِّبًا فَامْسَحُواْ بِوُجُوهِكُمْ وَأَيْدِيكُم مِّنْهُ مَا يُرِيدُ اللّهُ لِيَجْعَلَ عَلَيْكُم مِّنْ حَرَجٍ وَلَـكِن يُرِيدُ لِيُطَهَّ رَكُمْ وَلِيُتِمَّ نِعْمَتَهُ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
    6 – 6. اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين نماز لاءِ اُٿو تڏھن پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنھنجن مٿن کي مسح ڪريو ۽ پنھنجن پيرن کي ڀيڏين تائين (ڌوئو) ۽ جيڪڏھن اوھين جُنبي (يعني مٿي ميرا) ھجو ته پاڪ ٿيو (يعني تڙ ڪريو)، ۽ جيڪڏھن بيمار ھجو يا مسافريءَ تي (ھجو) يا اوھان مان ڪوئي پائخانه مان اچي يا اوھين زالن کي ويجھا ويا ھجو پوءِ اوھين پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن کي ۽ پنھنجن ھٿن کي منجھانئس مَسح ڪريو، ۽ الله اوھان تي ڪا تنگي نه گھرندو آھي پر گھُرندو آھي ته اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪري مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.

    (7) وَاذْكُرُواْ نِعْمَةَ اللّهِ عَلَيْكُمْ وَمِيثَاقَهُ الَّذِي وَاثَقَكُم بِهِ إِذْ قُلْتُمْ سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا وَاتَّقُواْ اللّهَ إِنَّ اللّهَ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ
    7 – 7. ۽ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو ۽ سندس اُھو اَنجام جيڪو اوھان سان پڪيءَ طرح ڪيائين تنھن کي (به ياد ڪريو) جڏھن اوھان چيو ته ٻڌوسون ۽ مڃيوسون، ۽ الله کان ڊڄو، ڇوته الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.

    (8) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ كُونُواْ قَوَّامِينَ لِلّهِ شُهَدَاء بِالْقِسْطِ وَلاَ يَجْرِمَنَّكُمْ شَنَآنُ قَوْمٍ عَلَى أَلاَّ تَعْدِلُواْ اعْدِلُواْ هُوَ أَقْرَبُ لِلتَّقْوَى وَاتَّقُواْ اللّهَ إِنَّ اللّهَ خَبِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ
    8 – 8. اي ايمان وارؤ انصاف سان شاھدي ڏيندڙ ٿي الله لڳ بيھڪ وٺندڙ ھُجو، ۽ ڪنھن قوم جي دشمني اوھان کي اوھان جي بي انصافي جو سبب نه بڻي، انصاف ڪريو، اُھو پرھيزگاري کي ڏاڍو ويجھو آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ڇوته جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

    (9) وَعَدَ اللّهُ الَّذِينَ آمَنُواْ وَعَمِلُواْ الصَّالِحَاتِ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ عَظِيمٌ
    9 – 9. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان الله وعدو ڪيو آھي ته اُنھن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.

    (10) وَالَّذِينَ كَفَرُواْ وَكَذَّبُواْ بِآيَاتِنَا أُوْلَـئِكَ أَصْحَابُ الْجَحِيمِ
    10 – 10. ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن.

    (11) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ اذْكُرُواْ نِعْمَتَ اللّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ هَمَّ قَوْمٌ أَن يَبْسُطُواْ إِلَيْكُمْ أَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ أَيْدِيَهُمْ عَنكُمْ وَاتَّقُواْ اللّهَ وَعَلَى اللّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُونَ
    11 – 11. اي ايمان وارؤ الله جي نعمت جا اوھان تي آھي سا ياد ڪريو جڏھن ھڪ قوم پنھنجن ھٿن کي اوھان ڏانھن (ويڙھ لاءِ) ڊگھي ڪرڻ جو ارادو ڪيو تڏھن سندس ھٿ اوھان کان جھليائين، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله تي ڀلي ته مؤمن ڀروسو ڪن.

    (12) وَلَقَدْ أَخَذَ اللّهُ مِيثَاقَ بَنِي إِسْرَآئِيلَ وَبَعَثْنَا مِنهُمُ اثْنَيْ عَشَرَ نَقِيبًا وَقَالَ اللّهُ إِنِّي مَعَكُمْ لَئِنْ أَقَمْتُمُ الصَّلاَةَ وَآتَيْتُمُ الزَّكَاةَ وَآمَنتُم بِرُسُلِي وَعَزَّرْتُمُوهُمْ وَأَقْرَضْتُمُ اللّهَ قَرْضًا حَسَنًا لَّأُكَفِّرَنَّ عَنكُمْ سَيِّئَاتِكُمْ وَلأُدْخِلَنَّكُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الأَنْهَارُ فَمَن كَفَرَ بَعْدَ ذَلِكَ مِنكُمْ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاء السَّبِيلِ
    12 – 12. ۽ الله بني اسرائيلن کان بيشڪ انجام ورتو، ۽ منجھن ٻارھن سردار مقرر ڪياسون، ۽ الله چيو ته تحقيق آءٌ اوھان ساڻ آھيان، جيڪڏھن نماز پڙھيو ۽ زڪٰوة ڏنوَ ۽ مُنھنجن پيغمبرن کي مڃيوَ ۽ کين مدد ڪيو ۽ الله کي چڱو قرض ڏنوَ ته البت اوھان جون مدايون اوھان کان ضرور ميٽيندس ۽ البت اوھان کي اھڙن باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، وري ھن کان پوءِ اوھان مان جيڪو ڪافر ٿيندو سو سڌيءَ واٽ کان بيشڪ ڀُلو.

    (13) فَبِمَا نَقْضِهِم مِّيثَاقَهُمْ لَعنَّاهُمْ وَجَعَلْنَا قُلُوبَهُمْ قَاسِيَةً يُحَرِّفُونَ الْكَلِمَ عَن مَّوَاضِعِهِ وَنَسُواْ حَظًّا مِّمَّا ذُكِّرُواْ بِهِ وَلاَ تَزَالُ تَطَّلِعُ عَلَىَ خَآئِنَةٍ مِّنْهُمْ إِلاَّ قَلِيلاً مِّنْهُمُ فَاعْفُ عَنْهُمْ وَ اصْفَحْ إِنَّ اللّهَ يُحِبُّ الْمُحْسِنِينَ
    13 – 13. پوءِ سندن انجام ڀڃڻ سببان مٿن لعنت ڪئي سون ۽ سندين دلين کي سخت ڪيوسون، (اُھي توريت ۾) ڪن لفظن کي پنھنجن جاين کان بدلائين ٿا ۽ جيڪا نصيحت ڪئي وئي تنھن مان حصو وساريائون، ۽ منجھائن ٿورڙن کانسواءِ انھن (سڀني) جي (ھڪ نه ٻي) خيانت تي ھميشہ واقف ٿيندو رھندين تنھنڪري کين معاف ڪر ۽ مُڙي وڃ، بيشڪ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.

    (14) وَمِنَ الَّذِينَ قَالُواْ إِنَّا نَصَارَى أَخَذْنَا مِيثَاقَهُمْ فَنَسُواْ حَظًّا مِّمَّا ذُكِّرُواْ بِهِ فَأَغْرَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاء إِلَى يَوْمِ الْقِيَامَةِ وَسَوْفَ يُنَبِّئُهُمُ اللّهُ بِمَا كَانُواْ يَصْنَعُونَ
    14 – 14. ۽ جيڪي چون ٿا ته اسين نصارىٰ آھيون تن کان (به) سندن انجام ورتوسون ۽ جيڪا نصيحت ڪئي ويئي تنھن مان ڀاڱو وساريائون، انھيءَ ڪري سندن وچ ۾ ساڙ ۽ دُشمني قيامت جي ڏينھن تائين وڌي سون، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي الله کين سگھو سُڌ ڏيندو.

    (15) يَا أَهْلَ الْكِتَابِ قَدْ جَاءكُمْ رَسُولُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيرًا مِّمَّا كُنتُمْ تُخْفُونَ مِنَ الْكِتَابِ وَيَعْفُو عَن كَثِيرٍ قَدْ جَاءكُم مِّنَ اللّهِ نُورٌ وَكِتَابٌ مُّبِينٌ
    15 – 15. اي ڪتاب وارؤ بيشڪ اسان جو پيغمبر (ﷴ ﷺ) اوھان وٽ آيو اوھين (الله جي) ڪتاب مان گھڻيون ڳالھيون لڪائيندا ھيؤ تن مان گھڻيون (ڳالھيون) اوھان کي بيان ڪري ٿو ۽ گھڻين (ڳالھين) کان ٽارو ڪري ٿو، بيشڪ اوھان وٽ الله وٽان نُور ۽ پڌرو ڪتاب (قرآن) آيو آھي.

    (16) يَهْدِي بِهِ اللّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضْوَانَهُ سُبُلَ السَّلاَمِ وَيُخْرِجُهُم مِّنِ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ بِإِذْنِهِ وَيَهْدِيهِمْ إِلَى صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ
    16 – 16. انھيءَ جي سببان الله انھن کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي جيڪي سلامتي جي واٽن ڏانھن سندس راضپو ڳولين ۽ کين اونداھين مان سوجھري ڏانھن پنھنجي حڪم سان ٻاھر ڪڍي ٿو ۽ کين سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاري ٿو.

    (17) لَّقَدْ كَفَرَ الَّذِينَ قَآلُواْ إِنَّ اللّهَ هُوَ الْمَسِيحُ ابْنُ مَرْيَمَ قُلْ فَمَن يَمْلِكُ مِنَ اللّهِ شَيْئًا إِنْ أَرَادَ أَن يُهْلِكَ الْمَسِيحَ ابْنَ مَرْيَمَ وَأُمَّهُ وَمَن فِي الأَرْضِ جَمِيعًا وَلِلّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا يَخْلُقُ مَا يَشَاء وَاللّهُ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
    17 – 17. بيشڪ جن چيو ته الله پاڻ مسيح پٽ مريم جو آھي سي بيشڪ ڪافر ٿيا، چؤ ته جيڪڏھن الله عيسىٰ پُٽ مريم جي کي ۽ سندس ماءُ کي ۽ جيڪي سڀيئي زمين ۾ آھن ناس ڪرڻ گھري ته ڪير الله کان انھن کي ڪُجھ بچائي سگھندو؟ ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، جيڪي گھري ٿو سو پيدا ڪري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.

    (18) وَقَالَتِ الْيَهُودُ وَالنَّصَارَى نَحْنُ أَبْنَاء اللّهِ وَأَحِبَّاؤُهُ قُلْ فَلِمَ يُعَذِّبُكُم بِذُنُوبِكُم بَلْ أَنتُم بَشَرٌ مِّمَّنْ خَلَقَ يَغْفِرُ لِمَن يَشَاء وَيُعَذِّبُ مَن يَشَاء وَلِلّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَإِل َيْهِ الْمَصِيرُ
    18 – 18. يھودي ۽ نصارىٰ چوندا آھن ته اسين الله جا پُٽ ۽ سندس پيارا آھيون، (اي پيغمبر کين) چؤ ته پوءِ سندوَ گناھن سببان ڇو عذاب ڪندا اٿوَ؟ بلڪ اوھين به انھيءَ جنس مان ماڻھو آھيو جيڪي خلقيائين، جنھن کي وڻيس (تنھنکي) بخشي ۽ جنھن وڻيس (تنھنکي) عذاب ڪري، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.

    (19) يَا أَهْلَ الْكِتَابِ قَدْ جَاءكُمْ رَسُولُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ عَلَى فَتْرَةٍ مِّنَ الرُّسُلِ أَن تَقُولُواْ مَا جَاءنَا مِن بَشِيرٍ وَلاَ نَذِيرٍ فَقَدْ جَاءكُم بَشِيرٌ وَنَذِيرٌ وَاللّهُ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
    19 – 19. اي ڪتاب وارؤ بيشڪ اوھان وٽ اسان جو پيغمبر اھڙي وقت ۾ آيو جو (ڪجھ وقت تائين) پيغمبرن جو اچڻ بند ٿي چڪو ھو اوھان تي بيان ٿو ڪري متان چئو ته نڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ اسان وٽ آيو، (ھائو) انھي ڪري بيشڪ اوھان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

    (20) وَإِذْ قَالَ مُوسَى لِقَوْمِهِ يَا قَوْمِ اذْكُرُواْ نِعْمَةَ اللّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ جَعَلَ فِيكُمْ أَنبِيَاء وَجَعَلَكُم مُّلُوكًا وَآتَاكُم مَّا لَمْ يُؤْتِ أَحَدًا مِّن الْعَالَمِينَ
    20 – 20. ۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو جو اوھان ۾ پيغمبر مُقرّر ڪيائين ۽ اوھان کي بادشاہ ڪيائين، ۽ اوھان کي اھي (نعمتون) ڏنائين جي جھانن وارن مان ڪنھن کي (به) نه ڏنائين.

    (21) يَا قَوْمِ ادْخُلُوا الأَرْضَ المُقَدَّسَةَ الَّتِي كَتَبَ اللّهُ لَكُمْ وَلاَ تَرْتَدُّوا عَلَى أَدْبَارِكُمْ فَتَنقَلِبُوا خَاسِرِينَ
    21 – 21. اي منھنجي قوم پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نه ڦرو نه ته ڦري ڇيئي وارا ٿيندؤ.

    (22) قَالُوا يَا مُوسَى إِنَّ فِيهَا قَوْمًا جَبَّارِينَ وَإِنَّا لَن نَّدْخُلَهَا حَتَّىَ يَخْرُجُواْ مِنْهَا فَإِن يَخْرُجُواْ مِنْهَا فَإِنَّا دَاخِلُونَ
    22 – 22. چيائون ته اي مُوسىٰ بيشڪ اتي ڏاڍي زور واري قوم آھي، ۽ اسين منجھس ايسين ڪڏھن نه گھڙنداسون جيسين اُھي منجھانس (نه) نڪرن، پوءِ جيڪڏھن اُھي اُتان نڪرن ته اسين گھِڙڻ وارا آھيون.

    (23) قَالَ رَجُلاَنِ مِنَ الَّذِينَ يَخَافُونَ أَنْعَمَ اللّهُ عَلَيْهِمَا ادْخُلُواْ عَلَيْهِمُ الْبَابَ فَإِذَا دَخَلْتُمُوهُ فَإِنَّكُمْ غَالِبُونَ وَعَلَى اللّهِ فَتَوَكَّلُواْ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
    23 – 23. جيڪي خدا کان ڊڄندا ھئا تن مان ٻه ڄڻا جن تي الله نعمت ڪئي ھئي سي چوڻ لڳا ته در کان مٿن گھڙو، پوءِ جڏھن در کان لنگھيؤ تڏھن اوھين پڪ غالب آھيو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله تي ڀروسو ڪريو.

    (24) قَالُواْ يَا مُوسَى إِنَّا لَن نَّدْخُلَهَا أَبَدًا مَّا دَامُواْ فِيهَا فَاذْهَبْ أَنتَ وَرَبُّكَ فَقَاتِلا إِنَّا هَاهُنَا قَاعِدُونَ
    24 – 24. چيائون ته اي موسىٰ بيشڪ اسين اصلي ڪڏھن منجھس نه گھڙنداسون جيسين اُھي منجھس رھندا تنھنڪري تون ۽ تنھنجو پالڻھار وڃو پوءِ وڙھو بيشڪ اسين ھتي (ئي) ويٺا آھيون.

    (25) قَالَ رَبِّ إِنِّي لا أَمْلِكُ إِلاَّ نَفْسِي وَأَخِي فَافْرُقْ بَيْنَنَا وَبَيْنَ الْقَوْمِ الْفَاسِقِينَ
    25 – 25. مُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار آءٌ پنھنجي سِرَ ۽ پنھنجي ڀاءُ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن تي (به) اختيار نٿو رکان تنھنڪري اسان جي ۽ بي فرمان قوم جي وچ ۾ جدائي ڪر.

    (26) قَالَ فَإِنَّهَا مُحَرَّمَةٌ عَلَيْهِمْ أَرْبَعِينَ سَنَةً يَتِيهُونَ فِي الأَرْضِ فَلاَ تَأْسَ عَلَى الْقَوْمِ الْفَاسِقِينَ
    26 – 26. (الله) چيو ته اُھا (پاڪ زمين) چاليھ ورھيه مٿن حرام ڪئي ويئي آھي، زمين (يعني بر) ۾ حيران پريشان رھندا، تنھنڪري بي دين قوم تي ڏک نه ڪر.

    (27) وَاتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ ابْنَيْ آدَمَ بِالْحَقِّ إِذْ قَرَّبَا قُرْبَانًا فَتُقُبِّلَ مِن أَحَدِهِمَا وَلَمْ يُتَقَبَّلْ مِنَ الآخَرِ قَالَ لَأَقْتُلَنَّكَ قَالَ إِنَّمَا يَتَقَبَّلُ اللّهُ مِنَ الْمُتَّقِينَ
    27 – 27. (اي پيغمبر) آدم جي ٻن پُٽن (ھابيل ۽ قابيل) جي خبر کين سچي طرح پڙھي ٻُڌاءِ، جڏھن ٻنھي (ھڪ ھڪ) قرباني نذر ڪئي تڏھن تڏھن ٻنھي مان ھڪڙي جي قبول ڪئي وئي ۽ ٻئي جي قبول نه ڪئي وئي، (قابيل) چيو ته ضرور ماريندوسانءِ، ۽ (ھابيل) چيو ته الله رڳو پرھيزگارن جي (قرباني) قبول ڪندو آھي.

    (28) لَئِن بَسَطتَ إِلَيَّ يَدَكَ لِتَقْتُلَنِي مَا أَنَاْ بِبَاسِطٍ يَدِيَ إِلَيْكَ لَأَقْتُلَكَ إِنِّي أَخَافُ اللّهَ رَبَّ الْعَالَمِينَ
    28 – 28. البت جيڪڏھن پنھنجو ھٿ منھنجي مارڻ لاءِ مون ڏانھن ڊگھو ڪندين ته آءٌ پنھنجو ھٿ تو ڏانھن ڪڏھن به ڊگھو نه ڪندس ته توکي ماريان، بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.

    (29) إِنِّي أُرِيدُ أَن تَبُوءَ بِإِثْمِي وَإِثْمِكَ فَتَكُونَ مِنْ أَصْحَابِ النَّارِ وَذَلِكَ جَزَاء الظَّالِمِينَ
    29 – 29. مُنھنجو ارادو آھي ته مُنھنجو گُناھ ۽ پنھنجو گُناھ تون کڻين ته دوزخين مان ٿئين، ۽ ظالمن جي اِھا سزا آھي.

    (30) فَطَوَّعَتْ لَهُ نَفْسُهُ قَتْلَ أَخِيهِ فَقَتَلَهُ فَأَصْبَحَ مِنَ الْخَاسِرِينَ
    30 – 30. پوءِ سندس نفس کيس ڀاءُ جي مارڻ تي رغبت ڏياري پوءِ کيس ڪُٺائين پوءِ ڇيئي وارن مان ٿيو.

    (31) فَبَعَثَ اللّهُ غُرَابًا يَبْحَثُ فِي الأَرْضِ لِيُرِيَهُ كَيْفَ يُوَارِي سَوْءةَ أَخِيهِ قَالَ يَا وَيْلَتَا أَعَجَزْتُ أَنْ أَكُونَ مِثْلَ هَـذَا الْغُرَابِ فَأُوَارِيَ سَوْءةَ أَخِي فَأَصْبَحَ مِنَ النَّادِمِينَ
    31 – 31. پوءِ الله ھڪ ڪانوَ کي موڪليو جنھن زمين ۾ ھن لاءِ کوٽيو ٿي ته کيس ڏيکاري ته پنھنجي ڀاءُ جي لاش کي ڪئن لڪائي، (ڪانوَ کي ڏسي) چيائين ته مون لاءِ ارمان آھي ڇا آءٌ ھن ڳالھ کان (به) عاجز ٿيس جو ھن ڪانوَ جھڙو ھُجان ھا ته پنھنجي ڀاءُ جو لاشو لڪايان ھا، پوءِ پشيمانن مان ٿيو.

    (32) مِنْ أَجْلِ ذَلِكَ كَتَبْنَا عَلَى بَنِي إِسْرَائِيلَ أَنَّهُ مَن قَتَلَ نَفْسًا بِغَيْرِ نَفْسٍ أَوْ فَسَادٍ فِي الأَرْضِ فَكَأَنَّمَا قَتَلَ النَّاسَ جَمِيعًا وَمَنْ أَحْيَاهَا فَكَأَنَّمَا أَحْيَا النَّاسَ جَمِيعًا وَلَقَدْ جَاء تْهُمْ رُسُلُنَا بِالبَ يِّنَاتِ ثُمَّ إِنَّ كَثِيرًا مِّنْهُم بَعْدَ ذَلِكَ فِي الأَرْضِ لَمُسْرِفُونَ
    32 – 32. انھيءَ ڪري بني اسرائيلن تي لازم ڪيوسون ته جيڪو ڪنھن جان جي عوض يا زمين ۾ فساد وجھڻ (واري) کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي ڪُھندو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي ڪُٺو، ۽ جنھن اُن کي بچايو تنھن ڄڻڪ مڙني ماڻھن کي بچايو، ۽ البت بيشڪ اسان جا (گھڻا) پيغمبر چٽن مُعجزن سان وٽن آيا، وري بيشڪ اُن کانپوءِ منجھائن گھڻا مُلڪ ۾ حد کان لنگھندڙ ٿيا.

    (33) إِنَّمَا جَزَاء الَّذِينَ يُحَارِبُونَ اللّهَ وَرَسُولَهُ وَيَسْعَوْنَ فِي الأَرْضِ فَسَادًا أَن يُقَتَّلُواْ أَوْ يُصَلَّبُواْ أَوْ تُقَطَّعَ أَيْدِيهِمْ وَأَرْجُلُهُم مِّنْ خِلافٍ أَوْ يُنفَوْاْ مِنَ الأَرْضِ ذَلِكَ لَهُمْ خِزْيٌ فِي الدُّنْيَا وَلَهُمْ فِي الآخِرَةِ عَذَابٌ عَظِيمٌ
    33 – 33. جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر سان وڙھندا ۽ ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) لاءِ ڪوشش ڪندا تن جي سزا ھن کانسواءِ (ٻي ڪا) نه آھي ته ڪُھجينِ يا سُوريءَ چاڙھجينِ يا سندن ھٿ ۽ سندن پير اُبتڙ سبتڙ وڍجن يا ديس نيڪالي ڏجينِ، دُنيا ۾ اُنھن لاءِ اِھا خواري آھي ۽ آخرت ۾ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.

    (34) إِلاَّ الَّذِينَ تَابُواْ مِن قَبْلِ أَن تَقْدِرُواْ عَلَيْهِمْ فَاعْلَمُواْ أَنَّ اللّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    34 – 34. پر جن اوھان جي قابو پوڻ کان اڳ توبه ڪئي، پوءِ ڄاڻو ته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (35) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ اتَّقُواْ اللّهَ وَابْتَغُواْ إِلَيهِ الْوَسِيلَةَ وَجَاهِدُواْ فِي سَبِيلِهِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ
    35 – 35. اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ ڏانھس وسيلو ڳوليو (يعني نيڪ عملن جي وسيلي سان الله تعالىٰ ڏي ويجھا ٿيو) ۽ سندس واٽ ۾ ڪوشش ڪريو مانَ اوھين ڇٽو.

    (36) إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ لَوْ أَنَّ لَهُم مَّا فِي الأَرْضِ جَمِيعًا وَمِثْلَهُ مَعَهُ لِيَفْتَدُواْ بِهِ مِنْ عَذَابِ يَوْمِ الْقِيَامَةِ مَا تُقُبِّلَ مِنْهُمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
    36 – 36. بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن ھجي ۽ اُن جيترو ٻيو به گڏ (ھجين) اُھو قيامت جي ڏينھن جي عذاب کان (بچاءَ) لاءِ عوض ڏين ته کانئن قبول نه ڪبو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    (37) يُرِيدُونَ أَن يَخْرُجُواْ مِنَ النَّارِ وَمَا هُم بِخَارِجِينَ مِنْهَا وَلَهُمْ عَذَابٌ مُّقِيمٌ
    37 – 37. باہ مان نڪرڻ گُھرندا ۽ (حقيقت ڪري) منجھانئس اُھي نڪرڻ وارا نه آھن، ۽ اُنھن لاءِ سدائين جو عذاب آھي.

    (38) وَالسَّارِقُ وَالسَّارِقَةُ فَاقْطَعُواْ أَيْدِيَهُمَا جَزَاء بِمَا كَسَبَا نَكَالاً مِّنَ اللّهِ وَاللّهُ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
    38 – 38. چورُ (مڙس) ۽ چورِ (زال) انھن جا ھٿ سندن ڪئي سببان سزا لاءِ وڍيو الله (جي پار) کان اُھو عذاب آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

    (39) فَمَن تَابَ مِن بَعْدِ ظُلْمِهِ وَأَصْلَحَ فَإِنَّ اللّهَ يَتُوبُ عَلَيْهِ إِنَّ اللّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    39 – 39. پوءِ جنھن پنھنجي ڪيل پڃاڻا توبه ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا تنھن تي الله ٻاجھ سان موٽندو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (40) أَلَمْ تَعْلَمْ أَنَّ اللّهَ لَهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ يُعَذِّبُ مَن يَشَاء وَيَغْفِرُ لِمَن يَشَاء وَاللّهُ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
    40 – 40. (اي پيغمبر) نه معلوم اٿئي ڇا؟ ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.

    (41) يَا أَيُّهَا الرَّسُولُ لاَ يَحْزُنكَ الَّذِينَ يُسَارِعُونَ فِي الْكُفْرِ مِنَ الَّذِينَ قَالُواْ آمَنَّا بِأَفْوَاهِهِمْ وَلَمْ تُؤْمِن قُلُوبُهُمْ وَمِنَ الَّذِينَ هِادُواْ سَمَّاعُونَ لِلْكَذِبِ سَمَّاعُونَ لِقَوْمٍ آخَرِينَ لَمْ يَأْتُوكَ يُحَرِّفُون َ الْكَلِمَ مِن بَعْدِ مَوَاضِعِهِ يَقُولُونَ إِنْ أُوتِيتُمْ هَـذَا فَخُذُوهُ وَإِن لَّمْ تُؤْتَوْهُ فَاحْذَرُواْ وَمَن يُرِدِ اللّهُ فِتْنَتَهُ فَلَن تَمْلِكَ لَهُ مِنَ اللّهِ شَيْئًا أُوْلَـئِكَ الَّذِينَ لَمْ يُرِدِ اللّهُ أَن يُطَهِّرَ قُلُوبَهُمْ لَ هُمْ فِي الدُّنْيَا خِزْيٌ وَلَهُمْ فِي الآخِرَةِ عَذَابٌ عَظِيمٌ
    41 – 41. اي پيغمبر انھن جو حال توکي غمگين نه ڪري جيڪي اھڙن (ماڻھن) مان ڪفر ۾ ڪاھي پوندا آھن جو پنھنجن واتن سان چوندا آھن ته ايمان آندوسون ۽ سندن دلين ايمان نه آندو آھي، ۽ (پڻ) يھودين مان، جو ڏاڍا ڪُوڙ ٻڌندڙ آھن ٻيءَ قوم (ڪافرن) لاءِ جي اڃا تو وٽ نه آيا آھن جاسُوسي ڪندڙ آھن، ڪن (صحيح) ڳالھين کي پنھنجن ھنڌن تي قائم ھجڻ کانپوءِ بدلائيندا آھن، (ماڻھن کي) چوندا آھن ته جيڪڏھن ھيءُ (حُڪم) ڏنو وڃيوَ ته اھو قبول ڪجو ۽ جيڪڏھن اُھو نه ڏنو وڃيوَ ته پري ٿجو، ۽ الله جنھن جي گمراہ ڪرڻ جو ارادو ڪندو آھي تنھن لاءِ الله (جي پار) کان (ھدايت ڪرڻ جو) ڪُجھ اختيار نه اٿيئي، اُھي (اھڙا) آھن جو انھن جي دلين کي الله پاڪ ڪرڻ نه گھرندو آھي،، دنيا ۾ انھن لاءِ خواري آھي ۽ آخرت ۾ انھن لاءِ وڏو عذاب آھي.

    (42) سَمَّاعُونَ لِلْكَذِبِ أَكَّالُونَ لِلسُّحْتِ فَإِن جَآؤُوكَ فَاحْكُم بَيْنَهُم أَوْ أَعْرِضْ عَنْهُمْ وَإِن تُعْرِضْ عَنْهُمْ فَلَن يَضُرُّوكَ شَيْئًا وَإِنْ حَكَمْتَ فَاحْكُم بَيْنَهُمْ بِالْقِسْطِ إِنَّ اللّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ
    42 – 42. ڪوڙين ڳالھين جا ٻڌندڙ آھن حرام (جو مال) کائيندڙ آھن، پوءِ جيڪڏھن تو وٽ اچن ته سندن (تڪرار جي) وچ ۾ فيصلو ڪر يا کانئن مُنھن موڙ، ۽ جيڪڏھن کانئن مُنھن موڙين ته توکي ڪجھ نقصان رسائي نه سگھندا، ۽ جيڪڏھن نبيرو ڪرين ته سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر، بيشڪ الله انصاف ڪندڙن کي دوست رکندو آھي.

    (43) وَكَيْفَ يُحَكِّمُونَكَ وَعِندَهُمُ التَّوْرَاةُ فِيهَا حُكْمُ اللّهِ ثُمَّ يَتَوَلَّوْنَ مِن بَعْدِ ذَلِكَ وَمَا أُوْلَـئِكَ بِالْمُؤْمِنِينَ
    43 – 43. ۽ ڪئن توکان ھن حالت ۾ فيصلو ڪرائيندا؟ جو وٽن توريت آھي اُن ۾ الله جو حُڪم آھي وري اُن کانپوءِ ڦري ويندا آھن، ۽ اُھي مُؤمن نه آھن.

    (44) إِنَّا أَنزَلْنَا التَّوْرَاةَ فِيهَا هُدًى وَنُورٌ يَحْكُمُ بِهَا النَّبِيُّونَ الَّذِينَ أَسْلَمُواْ لِلَّذِينَ هَادُواْ وَالرَّبَّانِيُّونَ وَالأَحْبَارُ بِمَا اسْتُحْفِظُواْ مِن كِتَابِ اللّهِ وَكَانُواْ عَلَيْهِ شُهَدَاء فَلاَ تَخْشَوُاْ النَّاسَ وَا خْشَوْنِ وَلاَ تَشْتَرُواْ بِآيَاتِي ثَمَنًا قَلِيلاً وَمَن لَّمْ يَحْكُم بِمَا أَنزَلَ اللّهُ فَأُوْلَـئِكَ هُمُ الْكَافِرُونَ
    44 – 44. تحقيق اسان توريت لاٿو آھي منجھس ھدايت ۽ نُور آھي، فرمانبردارن پيغمبرن ۽ الله وارن ۽ عالمن اُن سان يھودين لاءِ حُڪم ڪيو آھي (يعني) انھيءَ سان جيڪي الله جي ڪتاب مان ياد ڪرايو وين ۽ مٿن شاھد ھوا، پوءِ (کين اسان سمجھايو ھوته) ماڻھن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو ۽ مُنھنجي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نه وڪڻو، ۽ جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نه ڪندا سي ئي ڪافر آھن.

    (45) وَكَتَبْنَا عَلَيْهِمْ فِيهَا أَنَّ النَّفْسَ بِالنَّفْسِ وَالْعَيْنَ بِالْعَيْنِ وَالأَنفَ بِالأَنفِ وَالأُذُنَ بِالأُذُنِ وَالسِّنَّ بِالسِّنِّ وَالْجُرُوحَ قِصَاصٌ فَمَن تَصَدَّقَ بِهِ فَهُوَ كَفَّارَةٌ لَّهُ وَمَن لَّمْ يَحْكُم بِمَا أنزَلَ اللّهُ فَأ ُوْلَـئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ
    45 – 45. ۽ انھن (يھودين) تي توريت ۾ لازم ڪيوسون ته ماڻھوءَ جو عوض ماڻھو ۽ اک جو عوض اک ۽ نڪ جو عوض نڪ ۽ ڪنّ جو عوض ڪنّ ۽ ڏند جو عوض ڏند ۽ ڦٽ جو عوض اوترو ڦٽ آھي، پوءِ جيڪو ان کي بخشيندو تنھن لاءِ اُھو (بخشڻ سندس گناھن جو) ڪفّارو آھي، ۽ جيڪو الله لاٿو آھي تنھن سان جيڪي حُڪم نه ڪندا سي ئي ظالم آھن.

    (46) وَقَفَّيْنَا عَلَى آثَارِهِم بِعَيسَى ابْنِ مَرْيَمَ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ مِنَ التَّوْرَاةِ وَآتَيْنَاهُ الإِنجِيلَ فِيهِ هُدًى وَنُورٌ وَمُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ مِنَ التَّوْرَاةِ وَهُدًى وَمَوْعِظَةً لِّلْمُتَّقِينَ
    46 – 46. ۽ اُنھن (پيغمبرن) جي طريقي تي عيسىٰ پٽ مريم جي کي پوئتان موڪليوسون جو جيڪو کانئس اڳ (توريت) ھو، تنھنجو سچو ڪندڙ ھو، ۽ کيس انجيل ڏنوسون جنھن ۾ ھدايت ۽ نُور آھي، ۽ توريت جيڪو کانئس اڳ ھو تنھنجو سچو ڪندڙ ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت ھو.

    (47) وَلْيَحْكُمْ أَهْلُ الإِنجِيلِ بِمَا أَنزَلَ اللّهُ فِيهِ وَمَن لَّمْ يَحْكُم بِمَا أَنزَلَ اللّهُ فَأُوْلَـئِكَ هُمُ الْفَاسِقُونَ
    47 – 47. ۽ انجيل وارن کي جڳائي ته جيڪي الله منجھس لاٿو تنھن سان نبيرو ڪن، ۽ جيڪي الله لاٿو تنھن موجب جيڪي نبيرو نه ڪندا سي ئي بي دين آھن.

    (48) وَأَنزَلْنَا إِلَيْكَ الْكِتَابَ بِالْحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ مِنَ الْكِتَابِ وَمُهَيْمِنًا عَلَيْهِ فَاحْكُم بَيْنَهُم بِمَا أَنزَلَ اللّهُ وَلاَ تَتَّبِعْ أَهْوَاءهُمْ عَمَّا جَاءكَ مِنَ الْحَقِّ لِكُلٍّ جَعَلْنَا مِنكُمْ شِرْعَةً وَمِنْ هَاجًا وَلَوْ شَاء اللّهُ لَجَعَلَكُمْ أُمَّةً وَاحِدَةً وَلَـكِن لِّيَبْلُوَكُمْ فِي مَآ آتَاكُم فَاسْتَبِقُوا الخَيْرَاتِ إِلَى الله مَرْجِعُكُمْ جَمِيعًا فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ فِيهِ تَخْتَلِفُونَ
    48 – 48. ۽ (اي پيغمبر) توڏانھن سچائيءَ سان ڪتاب لاٿوسون جيڪي ڪتاب کانئس اڳ آھن تن جو سچو ڪندڙ ۽ مٿن نگھبان آھي تنھنڪري الله جيڪي لاٿو آھي تنھن موجب سندن وچ ۾ حُڪم ڪر ۽ جيڪي حق تو وٽ آيو آھي تنھن کان مُڙي سندين سَڌن جي تابعداري نه ڪر، اوھان مان ھر ڪنھن ٽوليءَ لاءِ شريعت ۽ (ھڪ سنئين) واٽ مُقرّر ڪئي سون، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان مڙني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر (گھريائين) ته جيڪي اوھان کي ڏنائين تنھن ۾ اوھان کي پرکي تنھنڪري چڱائيءَ ڏانھن اڳرائي ڪريو، اوھان مڙني جو الله ڏانھن موٽڻ آھي پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت اوھين تڪرار ڪندڙ ھيؤ تنھنجي فيصلي جي اوھان کي خبر ڏيندو.

    (49) وَأَنِ احْكُم بَيْنَهُم بِمَآ أَنزَلَ اللّهُ وَلاَ تَتَّبِعْ أَهْوَاءهُمْ وَاحْذَرْهُمْ أَن يَفْتِنُوكَ عَن بَعْضِ مَا أَنزَلَ اللّهُ إِلَيْكَ فَإِن تَوَلَّوْاْ فَاعْلَمْ أَنَّمَا يُرِيدُ اللّهُ أَن يُصِيبَهُم بِبَعْضِ ذُنُوبِهِمْ وَإِنَّ كَثِيرًا مِّنَ ا لنَّاسِ لَفَاسِقُونَ
    49 – 49. ۽ (وري به توکي حُڪم ٿو ڪجي) ته جيڪي الله لاٿو آھي تنھن سان سندن وچ ۾ حُڪم ڪر ۽ سندين سڌن جي تابعداري نه ڪر ۽ اُنھن کان خوف رک جيڪي الله توڏانھن لاٿو آھي تنھن جي ڪنھن (حُڪم) کان متان توکي ٿيڙين، پوءِ جيڪڏھن ڦِرن ته ڄاڻ ته الله سندن ڪن گناھن سببان کين عذاب پُھچائڻ گھُرندو آھي، ۽ ماڻھن مان گھڻا بي دين آھن.

    (50) أَفَحُكْمَ الْجَاهِلِيَّةِ يَبْغُونَ وَمَنْ أَحْسَنُ مِنَ اللّهِ حُكْمًا لِّقَوْمٍ يُوقِنُونَ
    50 – 50. اڃا جاھليت وارو حُڪم گھُرندا آھن ڇا؟ ۽ (ڪتاب الٰھي تي) يقين ڪندڙ قوم لاءِ حُڪم ڪرڻ ۾ الله کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟

    51) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَتَّخِذُواْ الْيَهُودَ وَالنَّصَارَى أَوْلِيَاء بَعْضُهُمْ أَوْلِيَاء بَعْضٍ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِّنكُمْ فَإِنَّهُ مِنْهُمْ إِنَّ اللّهَ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
    51 – 51. اي مؤمنؤ يھودين ۽ نصارن کي دوست ڪري نه وٺو، انھن مان ھڪڙا ٻـين جا دوست آھن، ۽ اوھان منجھان جيڪو کين دوست ڪري وٺندو سو بيشڪ منجھانئن آھي، بيشڪ الله ظالم ٽوليءَ کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

    (52) فَتَرَى الَّذِينَ فِي قُلُوبِهِم مَّرَضٌ يُسَارِعُونَ فِيهِمْ يَقُولُونَ نَخْشَى أَن تُصِيبَنَا دَآئِرَةٌ فَعَسَى اللّهُ أَن يَأْتِيَ بِالْفَتْحِ أَوْ أَمْرٍ مِّنْ عِندِهِ فَيُصْبِحُواْ عَلَى مَا أَسَرُّواْ فِي أَنْفُسِهِمْ نَادِمِينَ
    52 – 52. پوءِ جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي تن کي ڏسين ٿو اُنھن (يھودين ۽ نصارن جي دوستيءَ) ۾ ڊوڙندا ويندا آھن چوندا آھن ته پاڻ تي زماني جي ڦيري پُھچڻ کان ڊڄون ٿا، پوءِ ستت ئي الله فتح يا ٻيو حُڪم پاڻ وٽان موڪليندو پوءِ پنھنجي دلين ۾ جيڪي لڪائيندا آھن تنھن تي پشيمان ٿيندا.

    (53) وَيَقُولُ الَّذِينَ آمَنُواْ أَهَـؤُلاء الَّذِينَ أَقْسَمُواْ بِاللّهِ جَهْدَ أَيْمَانِهِمْ إِنَّهُمْ لَمَعَكُمْ حَبِطَتْ أَعْمَالُهُمْ فَأَصْبَحُواْ خَاسِرِينَ
    53 – 53. ۽ (قيامت ۾) مؤمن چوندا ته ھي اُھي آھن ڇا جي (دنيا ۾) الله جا وڏا وڏا قسم کڻندا ھئا ته اسين اوھان سان آھيون، (اڄ منافقيءَ سببان) سندن (سڀ) ڪئي ڪمائي ناس ٿي پوءِ اُھي ڇيئي وارا ٿيا.

    (54) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ مَن يَرْتَدَّ مِنكُمْ عَن دِينِهِ فَسَوْفَ يَأْتِي اللّهُ بِقَوْمٍ يُحِبُّهُمْ وَيُحِبُّونَهُ أَذِلَّةٍ عَلَى الْمُؤْمِنِينَ أَعِزَّةٍ عَلَى الْكَافِرِينَ يُجَاهِدُونَ فِي سَبِيلِ اللّهِ وَلاَ يَخَافُونَ لَوْمَةَ لآئِمٍ ذَل ِكَ فَضْلُ اللّهِ يُؤْتِيهِ مَن يَشَاء وَاللّهُ وَاسِعٌ عَلِيمٌ
    54 – 54. اي مؤمنؤ اوھان منجھان جيڪو دين کان ڦرندو ته سگھو ئي الله اھڙي قوم کي پيدا ڪندو جن کي (پاڻ) دوست رکندو ۽ اُھي کيس دوست رکندا اُھي مؤمنن سان نوڙت ڪندڙ ( ۽ ) ڪافرن تي سخت ھوندا، الله جي واٽ ۾ جھاد ڪندا ۽ ڪنھن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس ڏيندو آھي، ۽ الله ڪشادي فضل وارو ڄاڻندڙ آھي.

    (55) إِنَّمَا وَلِيُّكُمُ اللّهُ وَرَسُولُهُ وَالَّذِينَ آمَنُواْ الَّذِينَ يُقِيمُونَ الصَّلاَةَ وَيُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَهُمْ رَاكِعُونَ
    55 – 55. (اي مؤمنؤ) الله ۽ سندس پيغمبر ۽ اُنھن مؤمنن کان سواءِ اوھانجو ڪو دوست نه آھي جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي رڪوع ڪندڙ آھن.

    (56) وَمَن يَتَوَلَّ اللّهَ وَرَسُولَهُ وَالَّذِينَ آمَنُواْ فَإِنَّ حِزْبَ اللّهِ هُمُ الْغَالِبُونَ
    56 – 56. ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمنن کي دوست ڪري وٺندو (سو الله جي ٽولي مان ٿيندو) ڇوته الله جي ٽولي ئي غالب آھي.

    (57) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَتَّخِذُواْ الَّذِينَ اتَّخَذُواْ دِينَكُمْ هُزُوًا وَلَعِبًا مِّنَ الَّذِينَ أُوتُواْ الْكِتَابَ مِن قَبْلِكُمْ وَالْكُفَّارَ أَوْلِيَاء وَاتَّقُواْ اللّهَ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
    57 – 57. اي ايمان وارؤ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو تن منجھان جن اوھان جي دين کي چٿر ۽ راند بڻايو آھي تن کي ۽ ڪافرن کي دوست نه بڻايو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله کان ڊڄو.

    (58) وَإِذَا نَادَيْتُمْ إِلَى الصَّلاَةِ اتَّخَذُوهَا هُزُوًا وَلَعِبًا ذَلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لاَّ يَعْقِلُونَ
    58 – 58. ۽ جڏھن (اوھين) نماز لاءِ بانگ ڏيندا آھيو (تڏھن اُھي) اُن کي چٿر ۽ راند ڀائيندا آھن، اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي بي سمجھه قوم آھن.

    (59) قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ هَلْ تَنقِمُونَ مِنَّا إِلاَّ أَنْ آمَنَّا بِاللّهِ وَمَا أُنزِلَ إِلَيْنَا وَمَا أُنزِلَ مِن قَبْلُ وَأَنَّ أَكْثَرَكُمْ فَاسِقُونَ
    59 – 59. (اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ھن کانسواءِ اسان تي (ٻيو) ڪو عيب رکي سگھو ٿا ڇا؟ ته الله کي ۽ جيڪي اسان ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي اڳ لاٿو ويو آھي تنھن کي مڃيو اٿئون ۽ بيشڪ اوھان منجھان گھڻا بي دين آھن.

    (60) قُلْ هَلْ أُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِّن ذَلِكَ مَثُوبَةً عِندَ اللّهِ مَن لَّعَنَهُ اللّهُ وَغَضِبَ عَلَيْهِ وَجَعَلَ مِنْهُمُ الْقِرَدَةَ وَالْخَنَازِيرَ وَعَبَدَ الطَّاغُوتَ أُوْلَـئِكَ شَرٌّ مَّكَاناً وَأَضَلُّ عَن سَوَاء السَّبِيلِ
    60 – 60. (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله وٽ ھن کان وڌيڪ بُڇڙي عاقبت واري جي اوھان کي خبر ڏيان؟ (بڇڙي عاقبت وارا) اُھي آھن جن تي الله لعنت ڪئي آھي ۽ مٿن ڏمر ڪيو آھي ۽ منجھانئن ڪي ڀولڙا ۽ سوئر ڪيائين جنھن شيطان جي پوڄا ڪئي، اِھي بڇڙي ھنڌ رھڻ وارا آھن ۽ سڌي واٽ کان بلڪل ڀُلا آھن.

    (61) وَإِذَا جَآؤُوكُمْ قَالُوَاْ آمَنَّا وَقَد دَّخَلُواْ بِالْكُفْرِ وَهُمْ قَدْ خَرَجُواْ بِهِ وَاللّهُ أَعْلَمُ بِمَا كَانُواْ يَكْتُمُونَ
    61 – 61. ۽ جڏھن اوھان وٽ ايندا آھن تڏھن چوندا آھن ته ايمان آندوسون ھن ھوندي جو (اُھي) ڪُفر سان ايندا آھن ۽ اُھي اُن (ڪفر) سان ويندا آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن تن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي.

    (62) وَتَرَى كَثِيرًا مِّنْهُمْ يُسَارِعُونَ فِي الإِثْمِ وَالْعُدْوَانِ وَأَكْلِهِمُ السُّحْتَ لَبِئْسَ مَا كَانُواْ يَعْمَلُونَ
    62 – 62. ۽ (اي پيغمبر) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو ته گناہ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پنھنجي حرامخوريءَ ۾ تڪڙ ڪندا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو ضرور بڇڙو آھي.

    (63) لَوْلاَ يَنْهَاهُمُ الرَّبَّانِيُّونَ وَالأَحْبَارُ عَن قَوْلِهِمُ الإِثْمَ وَأَكْلِهِمُ السُّحْتَ لَبِئْسَ مَا كَانُواْ يَصْنَعُونَ
    63 – 63. الله وارا ۽ عالم کين سندن ڪُوڙ ڳالھائڻ ۽ سندن حرامخوريءَ کان ڇونه جھليندا آھن؟ جيڪي ڪندا آھن سو ضرور بڇڙو آھي.

    (64) وَقَالَتِ الْيَهُودُ يَدُ اللّهِ مَغْلُولَةٌ غُلَّتْ أَيْدِيهِمْ وَلُعِنُواْ بِمَا قَالُواْ بَلْ يَدَاهُ مَبْسُوطَتَانِ يُنفِقُ كَيْفَ يَشَاء وَلَيَزِيدَنَّ كَثِيرًا مِّنْهُم مَّا أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ طُغْيَانًا وَكُفْرًا وَأَلْقَيْنَا بَيْنَهُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاء إِلَى يَوْمِ الْقِيَامَةِ كُلَّمَا أَوْقَدُواْ نَارًا لِّلْحَرْبِ أَطْفَأَهَا اللّهُ وَيَسْعَوْنَ فِي الأَرْضِ فَسَادًا وَاللّهُ لاَ يُحِبُّ الْمُفْسِدِينَ
    64 – 64. ۽ يھودي چوندا آھن ته الله جو ھٿ تنگ آھي (يعني بخيل آھي)، سندن ھٿ بنديل ھجن جيڪي چيائون تنھن سببان لعنت ڪئي وين، (ايئن نه آھي) بلڪ سندس ٻئي ھٿ ڪشادا آھن جئن وڻندو اٿس تئن خرچيندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن جيڪو (قرآن) لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) کي بي فرمانيءَ ۽ ڪفر ۾ ضرور وڌائيندو، ۽ قيامت جي ڏينھن تائين سندن وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ڇڏيوسون، جنھن مھل جنگ لاءِ باھ ٻاريندا (تنھن مھل) الله اُھا وسائيندو آھي ۽ فساد لاءِ مُلڪ ۾ ڪوشش ڪندا آھن، ۽ الله فسادين کي دوست نه رکندو آھي.

    (65) وَلَوْ أَنَّ أَهْلَ الْكِتَابِ آمَنُواْ وَاتَّقَوْاْ لَكَفَّرْنَا عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ وَلأدْخَلْنَاهُمْ جَنَّاتِ النَّعِيمِ
    65 – 65. ۽ جيڪڏھن ڪتاب وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگاري ڪن ھا ته سندن گناہ کانئن ضرور ميٽيون ھا ۽ کين نعمت جي باغن ۾ ضرور داخل ڪريون ھا.

    (66) وَلَوْ أَنَّهُمْ أَقَامُواْ التَّوْرَاةَ وَالإِنجِيلَ وَمَا أُنزِلَ إِلَيهِم مِّن رَّبِّهِمْ لأكَلُواْ مِن فَوْقِهِمْ وَمِن تَحْتِ أَرْجُلِهِم مِّنْهُمْ أُمَّةٌ مُّقْتَصِدَةٌ وَكَثِيرٌ مِّنْهُمْ سَاء مَا يَعْمَلُونَ
    66 – 66. ۽ جيڪڏھن اُھي توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي سندن پالڻھار وٽان اُنھن ڏانھن لاٿو ويو (تن جي حڪمن کي) پورو بيھارين ھا ته پنھنجي مٿان ۽ پنھنجي پيرن ھيٺان ضرور (روزي) کائين ھا، منجھانئن ھڪ ٽولي سئين رستي آھي، ۽ اُنھن مان گھڻا جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

    (67) يَا أَيُّهَا الرَّسُولُ بَلِّغْ مَا أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ وَإِن لَّمْ تَفْعَلْ فَمَا بَلَّغْتَ رِسَالَتَهُ وَاللّهُ يَعْصِمُكَ مِنَ النَّاسِ إِنَّ اللّهَ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الْكَافِرِينَ
    67 – 67. اي پيغمبر جيڪو (قرآن) توڏانھن تنھنجي پالڻھار وٽان لاٿو ويو آھي سو پُھچاءِ، ۽ جيڪڏھن (ايئن) نه ڪيئي ته سندس پيغام نه پھچايئي، ۽ الله توکي ماڻھن کان پناہ ڏيندو، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

    (68) قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ لَسْتُمْ عَلَى شَيْءٍ حَتَّىَ تُقِيمُواْ التَّوْرَاةَ وَالإِنجِيلَ وَمَا أُنزِلَ إِلَيْكُم مِّن رَّبِّكُمْ وَلَيَزِيدَنَّ كَثِيرًا مِّنْهُم مَّا أُنزِلَ إِلَيْكَ مِن رَّبِّكَ طُغْيَانًا وَكُفْرًا فَلاَ تَأْسَ عَلَى الْقَوْمِ الْ كَافِرِينَ
    68 – 68. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ اوھين ايستائين ڪنھن واٽ تي نه آھيو جيستائين توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي پالڻھار کان اوھان ڏانھن لاٿو ويو تنھن (جي حڪمن) تي بيھڪ نه ڪريو، ۽ جيڪي تنھنجي پالڻھار کان توڏانھن لاٿو ويو آھي سو منجھانئن گھڻن (يھودين) جي بي فرمَانيءَ ۽ ڪُفر کي وڌائيندو، تنھنڪري ڪافرن جي قوم تي ارمان نه ڪر.

    (69) إِنَّ الَّذِينَ آمَنُواْ وَالَّذِينَ هَادُواْ وَالصَّابِؤُونَ وَالنَّصَارَى مَنْ آمَنَ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ وعَمِلَ صَالِحًا فَلاَ خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلاَ هُمْ يَحْزَنُونَ
    69 – 69. (جيڪي) مؤمن ۽ يھودي ۽ صابي ۽ نصارىٰ (آھن اُنھن مان) جن الله کي ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ڪو ڀؤ ڪونه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.

    (70) لَقَدْ أَخَذْنَا مِيثَاقَ بَنِي إِسْرَائِيلَ وَأَرْسَلْنَا إِلَيْهِمْ رُسُلاً كُلَّمَا جَاءهُمْ رَسُولٌ بِمَا لاَ تَهْوَى أَنْفُسُهُمْ فَرِيقًا كَذَّبُواْ وَفَرِيقًا يَقْتُلُونَ
    70 – 70. بيشڪ بني اسرائيلن کان انجام ورتوسون ۽ اُنھن ڏانھن (گھڻا) پيغمبر موڪلياسون، جڏھن ڪڏھن وٽن ڪنھن پيغمبر جيڪي سندن دلين نه ٿي گھريو سو حُڪم ٿي آندو تڏھن ھڪ ٽوليءَ کي ڪُوڙو ٿي ڀانيائون ۽ ھڪ ٽوليءَ کي ڪُٺائون ٿي.

    (71) وَحَسِبُواْ أَلاَّ تَكُونَ فِتْنَةٌ فَعَمُواْ وَصَمُّواْ ثُمَّ تَابَ اللّهُ عَلَيْهِمْ ثُمَّ عَمُواْ وَصَمُّواْ كَثِيرٌ مِّنْهُمْ وَاللّهُ بَصِيرٌ بِمَا يَعْمَلُونَ
    71 – 71. ۽ ڀانيائون ٿي ته ڪا خرابي ٿيڻي نه آھي پوءِ (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا وري (به) الله مٿن ٻاجھ سان موٽيو (جو پيغمبر موڪليائين) وري منجھانئن گھڻا (حق کان) انڌا ٿيا ۽ ٻوڙا ٿيا، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي.

    (72) لَقَدْ كَفَرَ الَّذِينَ قَالُواْ إِنَّ اللّهَ هُوَ الْمَسِيحُ ابْنُ مَرْيَمَ وَقَالَ الْمَسِيحُ يَا بَنِي إِسْرَائِيلَ اعْبُدُواْ اللّهَ رَبِّي وَرَبَّكُمْ إِنَّهُ مَن يُشْرِكْ بِاللّهِ فَقَدْ حَرَّمَ اللّهُ عَلَيهِ الْجَنَّةَ وَمَأْوَاهُ النَّارُ وَمَا ل ِلظَّالِمِينَ مِنْ أَنصَارٍ
    72 – 72. بيشڪ جن چيو ته عيسىٰ پٽ مريم جو پاڻ الله آھي سي ڪافر ٿيا، ۽ عيسىٰ چوندو ھو ته اي بني اسرائيلؤ الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، (ھيءَ پڪي ڳالھ آھي ته) جيڪو الله سان شريڪ مقرر ڪندو تنھن تي بيشڪ الله بھشت حرام ڪيو آھي ۽ سندس ھنڌ باھ آھي، ۽ ظالمن جو ھو مددگار آھي.

    (73) لَّقَدْ كَفَرَ الَّذِينَ قَالُواْ إِنَّ اللّهَ ثَالِثُ ثَلاَثَةٍ وَمَا مِنْ إِلَـهٍ إِلاَّ إِلَـهٌ وَاحِدٌ وَإِن لَّمْ يَنتَهُواْ عَمَّا يَقُولُونَ لَيَمَسَّنَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ مِنْهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
    73 – 73. جن چيو ته الله ٽن مان ھڪڙو آھي سي بيشڪ ڪافرٿيا، حالانڪ ھڪ الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي چوندا آھن تنھن کان جيڪڏھن پاڻ کي نه جھليندا ته منجھانئن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ضرور پھچندو.

    (74) أَفَلاَ يَتُوبُونَ إِلَى اللّهِ وَيَسْتَغْفِرُونَهُ وَاللّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    74 – 74. پوءِ الله ڏانھن ڇونه موٽندا آھن ۽ سندس بخشش ڇونه گھرندا آھن؟ ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (75) مَّا الْمَسِيحُ ابْنُ مَرْيَمَ إِلاَّ رَسُولٌ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدِّيقَةٌ كَانَا يَأْكُلاَنِ الطَّعَامَ انظُرْ كَيْفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الآيَاتِ ثُمَّ انظُرْ أَنَّى يُؤْفَكُونَ
    75 – 75. عيسىٰ پٽ مريم جو رڳو پيغمبر آھي، بيشڪ کانئس اڳ (گھڻا) پيغنبر گذري ويا، ۽ سندس ماءُ سچي (فرمانبردار) ھئي، اُھي کاڄ کائيندا ھئا، (اي پيغمبر) ڏس ته ڪئن انھن لاءِ نشانيون بيان ڪريون ٿا موٽي ڏس ته اُھي ڪاڏي اُلٽا ڪيا ويندا آھن.

    (76) قُلْ أَتَعْبُدُونَ مِن دُونِ اللّهِ مَا لاَ يَمْلِكُ لَكُمْ ضَرًّا وَلاَ نَفْعًا وَاللّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ
    76 – 76. (اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ اُنھن جي عبادت ڇو ڪندا آھيو؟ جي اوھان لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جا مالڪ آھن، ۽ الله ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    (77) قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ لاَ تَغْلُواْ فِي دِينِكُمْ غَيْرَ الْحَقِّ وَلاَ تَتَّبِعُواْ أَهْوَاء قَوْمٍ قَدْ ضَلُّواْ مِن قَبْلُ وَأَضَلُّواْ كَثِيرًا وَضَلُّواْ عَن سَوَاء السَّبِيلِ
    77 – 77. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ حق کانسواءِ پنھنجي دين ۾ حد کان نه لنگھو ۽ انھيءَ قوم جي سڌن جي پٺيان نه لڳو جيڪي بيشڪ (پاڻ به) اڳ ڀُلا آھن ۽ (ٻـين) گھڻن کي (به) ڀُلايو اٿن ۽ سڌيءَ واٽ کان ڀُلا آھن.

    (78) لُعِنَ الَّذِينَ كَفَرُواْ مِن بَنِي إِسْرَائِيلَ عَلَى لِسَانِ دَاوُودَ وَعِيسَى ابْنِ مَرْيَمَ ذَلِكَ بِمَا عَصَوا وَّكَانُواْ يَعْتَدُونَ
    78 – 78. بني اسرائيلن مان جيڪي ڪافر ٿيا تن تي داؤد ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي زبان سان لعنت ڪئي ويئي آھي، اُھو ھن سببان آھي جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندا ھئا.

    (79) كَانُواْ لاَ يَتَنَاهَوْنَ عَن مُّنكَرٍ فَعَلُوهُ لَبِئْسَ مَا كَانُواْ يَفْعَلُونَ
    79 – 79. جيڪي بد ڪم ڪندا ھئا تن کان ھڪ ٻئي کي نه جھليندا ھوا، جيڪي ڪندا ھئا سو ضرور بد آھي.

    (80) تَرَى كَثِيرًا مِّنْهُمْ يَتَوَلَّوْنَ الَّذِينَ كَفَرُواْ لَبِئْسَ مَا قَدَّمَتْ لَهُمْ أَنفُسُهُمْ أَن سَخِطَ اللّهُ عَلَيْهِمْ وَفِي الْعَذَابِ هُمْ خَالِدُونَ
    80 – 80. (اي پيغمبر) منجھانئن گھڻن کي ڏسين ٿو ته ڪافرن سان دوستي رکندا آھن، جيڪي اُنھن پاڻ لاءِ اڳ موڪليو آھي سو بڇڙو آھي جو مٿن الله جو ڏمرجڻ آھي ۽ اُن عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.

    (81) وَلَوْ كَانُوا يُؤْمِنُونَ بِالله والنَّبِيِّ وَمَا أُنزِلَ إِلَيْهِ مَا اتَّخَذُوهُمْ أَوْلِيَاء وَلَـكِنَّ كَثِيرًا مِّنْهُمْ فَاسِقُونَ
    81 – 81. ۽ جيڪڏھن (اُھي) الله ۽ (پنھنجي) پيغمبر کي ۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي مڃين ھا ته انھن (مشرڪن) کي دوست ڪري نه وٺن ھا پر منجھانئن گھڻا ايمان کان نڪتل آھن.

    (82) لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النَّاسِ عَدَاوَةً لِّلَّذِينَ آمَنُواْ الْيَهُودَ وَالَّذِينَ أَشْرَكُواْ وَلَتَجِدَنَّ أَقْرَبَهُمْ مَّوَدَّةً لِّلَّذِينَ آمَنُواْ الَّذِينَ قَالُوَاْ إِنَّا نَصَارَى ذَلِكَ بِأَنَّ مِنْهُمْ قِسِّيسِينَ وَرُهْبَانًا وَأَنَّهُمْ لاَ يَسْتَكْبِرُونَ
    82 – 82. (اي پيغمبر) يھودين ۽ مشرڪن کي مؤمنن لاءِ ٻـين ماڻھن کان بلڪل وڌيڪ دشمني ڪرڻ وارو ضرور ڏسندين، ۽ جيڪي چون ٿا ته اسين نصارىٰ آھيون تن کي مسلمانن سان دوستي ڪرڻ ۾ ڏاڍو ويجھو ڏسندين، اِھو ھن سببان آھي جو منجھانئن ڪي عالم ۽ ڪي فقير آھن ۽ بيشڪ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.

    (83) وَإِذَا سَمِعُواْ مَا أُنزِلَ إِلَى الرَّسُولِ تَرَى أَعْيُنَهُمْ تَفِيضُ مِنَ الدَّمْعِ مِمَّا عَرَفُواْ مِنَ الْحَقِّ يَقُولُونَ رَبَّنَا آمَنَّا فَاكْتُبْنَا مَعَ الشَّاهِدِينَ
    83 – 83. ۽ جيڪي پيغمبر ڏانھن لاٿو ويو سو جڏھن ٻڌندا آھن تڏھن سندين اکين کي انھيءَ سببان جو سچ کي سڃاتائون ڳوڙھا ڳاڙيندو ڏسندين، چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار ايمان آندوسين تنھنڪري اسان کي شاھدن ۾ لِک.

    (84) وَمَا لَنَا لاَ نُؤْمِنُ بِاللّهِ وَمَا جَاءنَا مِنَ الْحَقِّ وَنَطْمَعُ أَن يُدْخِلَنَا رَبَّنَا مَعَ الْقَوْمِ الصَّالِحِينَ
    84 – 84. ۽ اسان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله کي ۽ جيڪي اسان وٽ سچ (يعني قرآن) آيو تنھن کي ھن ھوندي به نه مڃيون جو اُميد ٿا رکون ته اسان جو پالڻھار اسان کي صالحن جي ٽوليءَ سان (گڏي بھشت ۾) گھيريندو.

    (85) فَأَثَابَهُمُ اللّهُ بِمَا قَالُواْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا وَذَلِكَ جَزَاء الْمُحْسِنِينَ
    85 – 85. پوءِ جيڪي چيائون تنھن سببان الله کين بھشت ڏنو جنھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھو ڀلارن جو بدلو آھي.

    (86) وَالَّذِينَ كَفَرُواْ وَكَذَّبُواْ بِآيَاتِنَا أُوْلَـئِكَ أَصْحَابُ الْجَحِيمِ
    86 – 86. ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو اُھي دوزخي آھن.

    (87) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تُحَرِّمُواْ طَيِّبَاتِ مَا أَحَلَّ اللّهُ لَكُمْ وَلاَ تَعْتَدُواْ إِنَّ اللّهَ لاَ يُحِبُّ الْمُعْتَدِينَ
    87 – 87. اي ايمان وارؤ جيڪي پاڪ شيون الله اوھان لاءِ حلال ڪيون آھن سي حرام نه بڻايو ۽ نڪي حد کان لنگھو، بيشڪ الله حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

    (88) وَكُلُواْ مِمَّا رَزَقَكُمُ اللّهُ حَلاَلاً طَيِّبًا وَاتَّقُواْ اللّهَ الَّذِيَ أَنتُم بِهِ مُؤْمِنُونَ
    88 – 88. ۽ جيڪي الله اوھان کي پاڪ حلال رزق ڏنو آھي تنھن مان کائو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن کي مڃيندڙ آھيو.

    (89) لاَ يُؤَاخِذُكُمُ اللّهُ بِاللَّغْوِ فِي أَيْمَانِكُمْ وَلَـكِن يُؤَاخِذُكُم بِمَا عَقَّدتُّمُ الأَيْمَانَ فَكَفَّارَتُهُ إِطْعَامُ عَشَرَةِ مَسَاكِينَ مِنْ أَوْسَطِ مَا تُطْعِمُونَ أَهْلِيكُمْ أَوْ كِسْوَتُهُمْ أَوْ تَحْرِيرُ رَقَبَةٍ فَمَن لَّمْ يَجِدْ فَصِيَامُ ثَلاَثَةِ أَيَّامٍ ذَلِكَ كَفَّارَةُ أَيْمَانِكُمْ إِذَا حَلَفْتُمْ وَاحْفَظُواْ أَيْمَانَكُمْ كَذَلِكَ يُبَيِّنُ اللّهُ لَكُمْ آيَاتِهِ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
    89 – 89. الله اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ اوھان کي نه پڪڙيندو پر جيڪي قسم اوھان پڪي نيت سان کنيا تنھن سببان اوھانکي وَٺ ڪندو، پوءِ ان جي ڪفارت وچٿرو (کاڌو) جيڪي پنھنجي عيال کي کارائيندا آھيو تنھن مان ڏھن مسڪينن کي کاڌو ڏيڻ آھي يا کين ويس ڍڪائڻ يا ٻانھون آجو ڪرڻ (جڳائي)، پوءِ جيڪو نه لھي ته ٽي ڏينھن روزو رکڻ لازم آھي، جڏھن اوھين قسم کڻو ( ۽ ڀڃو تڏھن) اِھا ڪفارت اوھان جي قسمن جي آھي، ۽ پنھنجي قسمن کي (ڀڃڻ کان) سوگھو رکو، اھڙي طرح الله اوھان لاءِ پنھنجا حڪم بيان ڪندو آھي مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.

    (90) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ إِنَّمَا الْخَمْرُ وَالْمَيْسِرُ وَالأَنصَابُ وَالأَزْلاَمُ رِجْسٌ مِّنْ عَمَلِ الشَّيْطَانِ فَاجْتَنِبُوهُ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ
    90 – 90. اي ايمان وارؤ شراب ۽ جؤا ۽ پوڄا آستانا ۽ ڍارا پليتُ شيطاني ڪمن مان آھن تنھنڪري اوھين کانئن پرھيز ڪريو ته مانَ ڇٽو.

    (91) إِنَّمَا يُرِيدُ الشَّيْطَانُ أَن يُوقِعَ بَيْنَكُمُ الْعَدَاوَةَ وَالْبَغْضَاء فِي الْخَمْرِ وَالْمَيْسِرِ وَيَصُدَّكُمْ عَن ذِكْرِ اللّهِ وَعَنِ الصَّلاَةِ فَهَلْ أَنتُم مُّنتَهُونَ
    91 – 91. شيطان جو ارادو شراب (پيارڻ) ۽ جؤا (کيڏائڻ) ۾ ھن کانسواءِ نه آھي ته اوھان جي وچ ۾ دشمني ۽ بغض وجھي ۽ الله جي ياد ڪرڻ کان ۽ نماز کان اوھان کي جھلي، پوءِ (ھاڻي به) اوھين (نه) جھلبؤ ڇا؟

    (92) وَأَطِيعُواْ اللّهَ وَأَطِيعُواْ الرَّسُولَ وَاحْذَرُواْ فَإِن تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُواْ أَنَّمَا عَلَى رَسُولِنَا الْبَلاَغُ الْمُبِينُ
    92 – 92. ۽ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ ڊڄو، پوءِ جيڪڏھن اوھين ڦرندؤ ته (پڪ) ڄاڻو ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي.

    (93) لَيْسَ عَلَى الَّذِينَ آمَنُواْ وَعَمِلُواْ الصَّالِحَاتِ جُنَاحٌ فِيمَا طَعِمُواْ إِذَا مَا اتَّقَواْ وَّآمَنُواْ وَعَمِلُواْ الصَّالِحَاتِ ثُمَّ اتَّقَواْ وَّآمَنُواْ ثُمَّ اتَّقَواْ وَّأَحْسَنُواْ وَاللّهُ يُحِبُّ الْمُحْسِنِينَ
    93 – 93. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن تي جيڪي (اڳ) کاڌائون تنھن ۾ گناہ نه آھي جڏھن پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ ايمان آندائون وري پرھيزگاري ڪيائون ۽ چڱائي ڪيائون، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.

    (94) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لَيَبْلُوَنَّكُمُ اللّهُ بِشَيْءٍ مِّنَ الصَّيْدِ تَنَالُهُ أَيْدِيكُمْ وَرِمَاحُكُمْ لِيَعْلَمَ اللّهُ مَن يَخَافُهُ بِالْغَيْبِ فَمَنِ اعْتَدَى بَعْدَ ذَلِكَ فَلَهُ عَذَابٌ أَلِيمٌ
    94 – 94. اي ايمان وارؤ الله ڪنھن شڪار (جي حڪم) سان جنھن کي اوھان جا ھٿ يا اوھان جا تير پھچن اوھان کي ھن لاءِ ضرور پرکيندو ته الله نکيڙي ته ڪير کانئس پرپُٺ ڊڄندو آھي، پوءِ جيڪو ھن کانپوءِ حد کان لنگھندو تنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    (95) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَقْتُلُواْ الصَّيْدَ وَأَنتُمْ حُرُمٌ وَمَن قَتَلَهُ مِنكُم مُّتَعَمِّدًا فَجَزَاء مِّثْلُ مَا قَتَلَ مِنَ النَّعَمِ يَحْكُمُ بِهِ ذَوَا عَدْلٍ مِّنكُمْ هَدْيًا بَالِغَ الْكَعْبَةِ أَوْ كَفَّارَةٌ طَعَامُ مَسَاكِينَ أَ و عَدْلُ ذَلِكَ صِيَامًا لِّيَذُوقَ وَبَالَ أَمْرِهِ عَفَا اللّهُ عَمَّا سَلَف وَمَنْ عَادَ فَيَنتَقِمُ اللّهُ مِنْهُ وَاللّهُ عَزِيزٌ ذُو انْتِقَامٍ
    95 – 95. اي ايمان وارؤ اوھين احرام (جي حالت) ۾ شڪار نه ڪريو، ۽ اوھان مان جنھن ڄاڻي واڻي ان کي ماريو پوءِ جيڪي ماريو اٿس تنھن جھڙو جانور جنھن لاءِ اوھان مان ٻه معتبر حُڪم ڪن سزا لازم آھي اھا قرباني ڪعبي وٽ پھچڻي آھي يا (سزا) مسڪينن جو کاڌو ڪفارت آھي يا ان جي برابر روزا رکي ھن لاءِ ته پنھنجي ڪم جي سزا چکي، جيڪي اڳي گذريو سو اَلله معاف ڪيو، ۽ جنھن موٽي ڪيو تنھن کان الله بدلو وٺندو، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي.

    (96) أُحِلَّ لَكُمْ صَيْدُ الْبَحْرِ وَطَعَامُهُ مَتَاعًا لَّكُمْ وَلِلسَّيَّارَةِ وَحُرِّمَ عَلَيْكُمْ صَيْدُ الْبَرِّ مَا دُمْتُمْ حُرُمًا وَاتَّقُواْ اللّهَ الَّذِيَ إِلَيْهِ تُحْشَرُونَ
    96 – 96. درياءَ جو شڪار اوھان لاءِ حلال ڪيو ويو ۽ ان جو کائڻ اوھان لاءِ ۽ مسافرن لاءِ نفعي وارو آھي، ۽ جھنگ جو شڪار جيستائين اوھين احرام وارا ھجو تيستائين اوھان تي حرام ڪيو ويو، ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.

    (97) جَعَلَ اللّهُ الْكَعْبَةَ الْبَيْتَ الْحَرَامَ قِيَامًا لِّلنَّاسِ وَالشَّهْرَ الْحَرَامَ وَالْهَدْيَ وَالْقَلاَئِدَ ذَلِكَ لِتَعْلَمُواْ أَنَّ اللّهَ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الأَرْضِ وَأَنَّ اللّهَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ
    97 – 97. الله تعظيم واري گھر ڪعبه تعظيم واري مھيني ۽ (ڪعبي ڏانھن موڪليل) قرباني ۽ قلائد کي ماڻھن لاءِ بيھڪ جو سبب ڪيو، اِھو (ھن لاءِ) ته اوھين ڄاڻو ته جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

    (98) اعْلَمُواْ أَنَّ اللّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ وَأَنَّ اللّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    98 – 98. ڄاڻو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آھي ۽ (ھيءبه ته) الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (99) مَّا عَلَى الرَّسُولِ إِلاَّ الْبَلاَغُ وَاللّهُ يَعْلَمُ مَا تُبْدُونَ وَمَا تَكْتُمُونَ
    99 – 99. پيغمبر تي رڳو پيغام پھچائڻ آھي، ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو (سو سڀ) الله ڄاڻندو آھي.

    (100) قُل لاَّ يَسْتَوِي الْخَبِيثُ وَالطَّيِّبُ وَلَوْ أَعْجَبَكَ كَثْرَةُ الْخَبِيثِ فَاتَّقُواْ اللّهَ يَا أُوْلِي الأَلْبَابِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ
    100 – 100. (اي پيغمبر) چؤ ته پليت ۽ پاڪ برابر نه آھن جيتوڻيڪ پليت جي گھڻائي توکي زيادہ وڻي، پوءِ اي ڌيان وارؤ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.

    (101) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَسْأَلُواْ عَنْ أَشْيَاء إِن تُبْدَ لَكُمْ تَسُؤْكُمْ وَإِن تَسْأَلُواْ عَنْهَا حِينَ يُنَزَّلُ الْقُرْآنُ تُبْدَ لَكُمْ عَفَا اللّهُ عَنْهَا وَاللّهُ غَفُورٌ حَلِيمٌ
    101 – 101. اي ايمان وارؤ انھن شين بابت سوال نه ڪريو جن جي حقيقت جيڪڏھن اوھان تي پڌري ڪئي وڃي ته اوھان کي ڏکي لڳي، ۽ جيڪڏھن قرآن لھڻ مھل ان بابت سوال ڪريو ته اوھان لاءِ پڌرو ڪيو ويندو، انھن (سوالن) کان الله اوھان کي معافي ڏني، ۽ الله بخشڻھار بردبار آھي.

    (102) قَدْ سَأَلَهَا قَوْمٌ مِّن قَبْلِكُمْ ثُمَّ أَصْبَحُواْ بِهَا كَافِرِينَ
    102 – 102. بيشڪ ھڪ قوم اوھان کان اڳ اھڙين (ڳالھين) جو سوال ڪيو ھو (پر) سمجھائڻ تي وري اُن جا ڦري مُنڪر ٿيا.

    (103) مَا جَعَلَ اللّهُ مِن بَحِيرَةٍ وَلاَ سَآئِبَةٍ وَلاَ وَصِيلَةٍ وَلاَ حَامٍ وَلَـكِنَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ يَفْتَرُونَ عَلَى اللّهِ الْكَذِبَ وَأَكْثَرُهُمْ لاَ يَعْقِلُونَ
    103 – 103. الله نڪي بحيرہ ۽ نڪي سائبہ ۽ نڪي وصيلہ ۽ نڪي حام مُقرّر ڪيو آھي پر ڪافر الله تي ڪوڙ ٻڌندا آھن، ۽ منجھانئن گھڻا نٿا سمجھن.

    (104) وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ تَعَالَوْاْ إِلَى مَا أَنزَلَ اللّهُ وَإِلَى الرَّسُولِ قَالُواْ حَسْبُنَا مَا وَجَدْنَا عَلَيْهِ آبَاءنَا أَوَلَوْ كَانَ آبَاؤُهُمْ لاَ يَعْلَمُونَ شَيْئًا وَلاَ يَهْتَدُونَ
    104 – 104. ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله لاٿو آھي تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو (تڏھن) چوندا آھن ته جنھن تي پنھنجن ابن ڏاڏن کي (ھلندو) ڏٺوسون سو اسان کي بس آھي، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ نه ڄاڻندا ھئا ۽ نڪي ھدايت وارا ھئا.

    (105) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ عَلَيْكُمْ أَنفُسَكُمْ لاَ يَضُرُّكُم مَّن ضَلَّ إِذَا اهْتَدَيْتُمْ إِلَى اللّهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيعًا فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
    105 – 105. اي مؤمنؤ اوھين پنھنجن نفسن جي ڪريو، جڏھن اوھين ھدايت وارا ٿيؤ تڏھن اُھو اوھان کي ضرر نه رسائيندو جيڪو ڀُلو، الله ڏانھن اوھان مڙني جو موٽڻ آھي پوءِ جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

    (106) يِا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ شَهَادَةُ بَيْنِكُمْ إِذَا حَضَرَ أَحَدَكُمُ الْمَوْتُ حِينَ الْوَصِيَّةِ اثْنَانِ ذَوَا عَدْلٍ مِّنكُمْ أَوْ آخَرَانِ مِنْ غَيْرِكُمْ إِنْ أَنتُمْ ضَرَبْتُمْ فِي الأَرْضِ فَأَصَابَتْكُم مُّصِيبَةُ الْمَوْتِ تَحْبِسُونَهُمَ ا مِن بَعْدِ الصَّلاَةِ فَيُقْسِمَانِ بِاللّهِ إِنِ ارْتَبْتُمْ لاَ نَشْتَرِي بِهِ ثَمَنًا وَلَوْ كَانَ ذَا قُرْبَى وَلاَ نَكْتُمُ شَهَادَةَ اللّهِ إِنَّا إِذًا لَّمِنَ الآثِمِينَ
    106 – 106. اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان مان ڪنھن کي موت ويجھو ٿئي ته وصيّت ڪرڻ مھل ٻه معتبر وصّي ڪريو جي اوھان (مسلمانن) مان ھجن يا اوھان کانسواءِ ٻيا (يعني غيرقوم جا) ھجن (ھي تڏھن) جيڪڏھن اوھين مُلڪ ۾ مسافر ھجو پوءِ اوھان کي موت جو واقعو پُھچي، جيڪڏھن (اوھين سندن گواھي ڏيڻ ۾ ڪو) شڪ رکو ٿا ته (وچينءَ) نماز کانپوءِ اوھين ٻنھي کي جھليو پوءِ اُھي (ٻئي) الله جو قسم کڻي چون ته توڻيڪ مائٽ ھوندا ته به اسين قسم جي عوض ڪا بھا نه وٺنداسون ۽ نڪي الله جي (حڪم واري) شاھدي لڪائينداسون (جي لڪائي سون) ته اُتي جو اُتي ضرور گنھگارن مان ٿينداسون.

    (107) فَإِنْ عُثِرَ عَلَى أَنَّهُمَا اسْتَحَقَّا إِثْمًا فَآخَرَانِ يِقُومَانُ مَقَامَهُمَا مِنَ الَّذِينَ اسْتَحَقَّ عَلَيْهِمُ الأَوْلَيَانِ فَيُقْسِمَانِ بِاللّهِ لَشَهَادَتُنَا أَحَقُّ مِن شَهَادَتِهِمَا وَمَا اعْتَدَيْنَا إِنَّا إِذًا لَّمِنَ الظَّالِمِينَ
    107 – 107. پوءِ جيڪڏھن معلوم ٿئي ته اُھي ٻئي گنھگار ٿيا ته جن جي مال تي ٻئي حق رکيو آھي تن جي ويجھي مائٽي وارن مان ٻيا ٻه ڄڻا انھن جي بجاءِ کڙا ٿين پوءِ الله جو قسم کڻي چون ته ٻنھي جي شاھديءَ کان اسان جي شاھدي ڏاڍي سچي آھي ۽ حد کان نه لنگھنداسون، نه ته اتي جو اتي ضرور ظالمن مان ٿينداسون.

    (108) ذَلِكَ أَدْنَى أَن يَأْتُواْ بِالشَّهَادَةِ عَلَى وَجْهِهَا أَوْ يَخَافُواْ أَن تُرَدَّ أَيْمَانٌ بَعْدَ أَيْمَانِهِمْ وَاتَّقُوا اللّهَ وَاسْمَعُواْ وَاللّهُ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الْفَاسِقِينَ
    108 – 108. اِھو (حُڪم ھن ڳالھ کي) ويجھو آھي ته اُھي (وصّي ماڻھو) سچي ڳالھه جي شاھدي ڏيڻ يا پنھنجن قسمن کڻڻ کانپوءِ قسم جي رد ٿيڻ کان ڊڄن، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ھي (حُڪم دل سان) ٻڌو، ۽ الله بي دين قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.

    109) يَوْمَ يَجْمَعُ اللّهُ الرُّسُلَ فَيَقُولُ مَاذَا أُجِبْتُمْ قَالُواْ لاَ عِلْمَ لَنَا إِنَّكَ أَنتَ عَلاَّمُ الْغُيُوبِ
    109 – 109. (ياد ڪر) جنھن ڏينھن الله سڀني پيغمبرن کي گڏ ڪندو (تنھن ڏينھن) چوندو ته اوھان کي ڇا جواب ڏنو ويو، چوندا ته اسان کي (ماڻھن جي دلين جي) خبر نه آھي، ڇوته تون ئي ڳجھن جو وڏو ڄاڻندڙ آھين.

    (110) إِذْ قَالَ اللّهُ يَا عِيسى ابْنَ مَرْيَمَ اذْكُرْ نِعْمَتِي عَلَيْكَ وَعَلَى وَالِدَتِكَ إِذْ أَيَّدتُّكَ بِرُوحِ الْقُدُسِ تُكَلِّمُ النَّاسَ فِي الْمَهْدِ وَكَهْلاً وَإِذْ عَلَّمْتُكَ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَالتَّوْرَاةَ وَالإِنجِيلَ وَإِذْ تَخْلُقُ مِنَ الطِّينِ كَهَيْئَةِ الطَّيْرِ بِإِذْنِي فَتَنفُخُ فِيهَا فَتَكُونُ طَيْرًا بِإِذْنِي وَتُبْرِىءُ الأَكْمَهَ وَالأَبْرَصَ بِإِذْنِي وَإِذْ تُخْرِجُ الْمَوتَى بِإِذْنِي وَإِذْ كَفَفْتُ بَنِي إِسْرَائِيلَ عَنكَ إِذْ جِئْتَهُمْ بِالْبَيِّنَاتِ فَقَالَ ا لَّذِينَ كَفَرُواْ مِنْهُمْ إِنْ هَـذَا إِلاَّ سِحْرٌ مُّبِينٌ
    110 – 110. جڏھن (اُن ڏينھن) الله عيسىٰ پٽ مريم جي کي چوندو ته پاڻ تي ۽ پنھنجي ماءُ تي مُنھنجي نعمت ياد ڪر، جڏھن توکي پاڪ رُوح سان مدد ڏنم، (جو) ماڻھن سان پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ وڏي وھيءَ ۾ ڳالھايُئي ٿي، ۽ جڏھن توکي ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريم، ۽ جڏھن منھنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو بڻايئي پوءِ منجھس ڦوڪيئي ته مُنھنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ مُنھنجي حُڪم سان ڄاول انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇٽايئي ٿي، ۽ جڏھن مئل کي منھنجي حُڪم سان (جيئرو ڪري) ڪڍيئي ٿي، ۽ جڏھن بني اسرائيلن (جي شر) کي توکان جھليم جڏھن وٽم معجزن سان آئين تڏھن منجھانئن ڪافرن چيو ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي.

    (111) وَإِذْ أَوْحَيْتُ إِلَى الْحَوَارِيِّينَ أَنْ آمِنُواْ بِي وَبِرَسُولِي قَالُوَاْ آمَنَّا وَاشْهَدْ بِأَنَّنَا مُسْلِمُونَ
    111 – 111. ۽ جڏھن حوارين ڏانھن الھام ڪيم ته مون تي ۽ مُنھنجي پيغمبر تي ايمان آڻيو، چيائون ته ايمان آندوسون ۽ (اي عيسى) شاھد ھج ته اسان مسلمان آھيون.

    (112) إِذْ قَالَ الْحَوَارِيُّونَ يَا عِيسَى ابْنَ مَرْيَمَ هَلْ يَسْتَطِيعُ رَبُّكَ أَن يُنَزِّلَ عَلَيْنَا مَآئِدَةً مِّنَ السَّمَاء قَالَ اتَّقُواْ اللّهَ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ
    112 – 112. (ياد ڪر) جڏھن حوارين چيو ته اي عيسىٰ پُٽ مريم جا تنھنجو پالڻھار اسان تي آسمان کان ڪو (طعام جو) خونچو لاھي سگھندو ڇا؟ (عيسى) چيو ته جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله کان ڊڄو.

    (113) قَالُواْ نُرِيدُ أَن نَّأْكُلَ مِنْهَا وَتَطْمَئِنَّ قُلُوبُنَا وَنَعْلَمَ أَن قَدْ صَدَقْتَنَا وَنَكُونَ عَلَيْهَا مِنَ الشَّاهِدِينَ
    113 – 113. چيائون (اسين ھيءُ) گھرون ٿا ته منجھانئس کائون ۽ اسان جون دليون آرام وٺن ۽ ڄاڻون ته اسان کي سچ چيو اٿيئي ۽ مٿس شاھد ھجون.

    (114) قَالَ عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنَا أَنزِلْ عَلَيْنَا مَآئِدَةً مِّنَ السَّمَاء تَكُونُ لَنَا عِيداً لِّأَوَّلِنَا وَآخِرِنَا وَآيَةً مِّنكَ وَارْزُقْنَا وَأَنتَ خَيْرُ الرَّازِقِينَ
    114 – 114. (تڏھن) عيسىٰ پٽ مريم جي چيو ته اي اسان جا پالڻھار الله اسان تي ھڪ خونچو آسمان کان لاھ ته اسان جي اڳين ۽ اسان جي پوين (سڀني) لاءِ عيد ٿئي ۽ تنھنجي نشاني ٿئي، ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون چڱو روزي ڏيندڙ آھين.

    (115) قَالَ اللّهُ إِنِّي مُنَزِّلُهَا عَلَيْكُمْ فَمَن يَكْفُرْ بَعْدُ مِنكُمْ فَإِنِّي أُعَذِّبُهُ عَذَابًا لاَّ أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِّنَ الْعَالَمِينَ
    115 – 115. الله چيو ته آءٌ اوھان تي (خونچو) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ بي فرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو جھانن (جي رھندڙن) مان ڪنھن ھڪ کي عذاب نه ڪندس.

    116) وَإِذْ قَالَ اللّهُ يَا عِيسَى ابْنَ مَرْيَمَ أَأَنتَ قُلتَ لِلنَّاسِ اتَّخِذُونِي وَأُمِّيَ إِلَـهَيْنِ مِن دُونِ اللّهِ قَالَ سُبْحَانَكَ مَا يَكُونُ لِي أَنْ أَقُولَ مَا لَيْسَ لِي بِحَقٍّ إِن كُنتُ قُلْتُهُ فَقَدْ عَلِمْتَهُ تَعْلَمُ مَا فِي نَفْسِي و َلاَ أَعْلَمُ مَا فِي نَفْسِكَ إِنَّكَ أَنتَ عَلاَّمُ الْغُيُوبِ
    116 – 116. ۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن الله چوندو ته اي عيسىٰ پٽ مريم جا تو ماڻھن کي چيو ھو ڇا؟ ته الله کانسواءِ مونکي ۽ منھنجي ماءُ کي به خدا ڪري مڃيو، (عيسى) چوندو ته تون پاڪ آھين جنھن چوڻ جو مون کي ڪو حق نه آھي سو چوڻ مون کي ڪئن جڳائيندو ھو، جيڪڏھن مون اھو چيو ھوندو ته بيشڪ اُھو توکي معلوم ھوندو، جيڪي منھنجي دل ۾ آھي سو (تون) ڄاڻندو آھين ۽ جيڪي تنھنجي دل ۾ آھي سو (آءٌ) نه ڄاڻندو آھيان، بيشڪ تون ئي ڳُجھن جو ڏاڍو ڄاڻندڙ آھين.

    (117) مَا قُلْتُ لَهُمْ إِلاَّ مَا أَمَرْتَنِي بِهِ أَنِ اعْبُدُواْ اللّهَ رَبِّي وَرَبَّكُمْ وَكُنتُ عَلَيْهِمْ شَهِيدًا مَّا دُمْتُ فِيهِمْ فَلَمَّا تَوَفَّيْتَنِي كُنتَ أَنتَ الرَّقِيبَ عَلَيْهِمْ وَأَنتَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدٌ
    117 – 117. جنھن لاءِ مون کي حُڪم ڪيو اٿيئي تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي) کين نه چيو اٿم (يعني) ھي ته الله جي عبادت ڪريو جو منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، جيسين منجھن رھيس ته (آءٌ) مٿن نگھبان رھيس، پوءِ جنھن مھل تو مونکي کڻي ورتو ته تون ئي مٿن نگھبان رھيئن، ۽ تون سڀڪنھن شيء تي خبردار آھين.

    (118) إِن تُعَذِّبْهُمْ فَإِنَّهُمْ عِبَادُكَ وَإِن تَغْفِرْ لَهُمْ فَإِنَّكَ أَنتَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
    118 – 118. جيڪڏھن کين عذاب ڪرين ته اُھي تنھنجا ٻانھا آھن، جيڪڏھن کين بخشين ته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.

    (119) قَالَ اللّهُ هَذَا يَوْمُ يَنفَعُ الصَّادِقِينَ صِدْقُهُمْ لَهُمْ جَنَّاتٌ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا رَّضِيَ اللّهُ عَنْهُمْ وَرَضُواْ عَنْهُ ذَلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
    119 – 119. الله فرمائيندو ته ھي اُھو ڏينھن آھي جو سچن کي سندين سچائي فائدو ڏيندي، اُنھن لاءِ (اُھي) بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس اصلي سداءِ رھڻ وارا آھن، الله کانئن راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن، اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    (120) لِلّهِ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ وَمَا فِيهِنَّ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
    120 – 120. آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي منجھن آھي تنھنجي بادشاھي الله جي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.