islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 51سوره الذاریات

    51سوره الذاریات

    Rate this post

    (1) وَالذَّارِيَاتِ ذَرْوًا
    1 – 1. قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.

    (2) فَالْحَامِلَاتِ وِقْرًا
    2 – 2. پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.

    (3) فَالْجَارِيَاتِ يُسْرًا
    3 – 3. پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.

    (4) فَالْمُقَسِّمَاتِ أَمْرًا
    4 – 4. پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.

    (5) إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَصَادِقٌ
    5 – 5. ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.

    (6) وَإِنَّ الدِّينَ لَوَاقِعٌ
    6 – 6. ۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.

    (7) وَالسَّمَاء ذَاتِ الْحُبُكِ
    7 – 7. واٽن واري آسمان جو قسم آھي.

    (8) إِنَّكُمْ لَفِي قَوْلٍ مُّخْتَلِفٍ
    8 – 8. ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.

    (9) يُؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ أُفِكَ
    9 – 9. قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.

    (10) قُتِلَ الْخَرَّاصُونَ
    10 – 10. اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.

    (11) الَّذِينَ هُمْ فِي غَمْرَةٍ سَاهُونَ
    11 – 11. جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.

    (12) يَسْأَلُونَ أَيَّانَ يَوْمُ الدِّينِ
    12 – 12. پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟

    (13) يَوْمَ هُمْ عَلَى النَّارِ يُفْتَنُونَ
    13 – 13. (ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.

    (14) ذُوقُوا فِتْنَتَكُمْ هَذَا الَّذِي كُنتُم بِهِ تَسْتَعْجِلُونَ
    14 – 14. (چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.

    (15) إِنَّ الْمُتَّقِينَ فِي جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ
    15 – 15. بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.

    (16) آخِذِينَ مَا آتَاهُمْ رَبُّهُمْ إِنَّهُمْ كَانُوا قَبْلَ ذَلِكَ مُحْسِنِينَ
    16 – 16. جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.

    (17) كَانُوا قَلِيلًا مِّنَ اللَّيْلِ مَا يَهْجَعُونَ
    17 – 17. رات جو ٿورو سمھندا ھوا.

    (18) وَبِالْأَسْحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُونَ
    18 – 18. ۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.

    (19) وَفِي أَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّائِلِ وَالْمَحْرُومِ
    19 – 19. ۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.

    (20) وَفِي الْأَرْضِ آيَاتٌ لِّلْمُوقِنِينَ
    20 – 20. ۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.

    (21) وَفِي أَنفُسِكُمْ أَفَلَا تُبْصِرُونَ
    21 – 21. ۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟

    (22) وَفِي السَّمَاء رِزْقُكُمْ وَمَا تُوعَدُونَ
    22 – 22. ۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.

    (23) فَوَرَبِّ السَّمَاء وَالْأَرْضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِّثْلَ مَا أَنَّكُمْ تَنطِقُونَ
    23 – 23. پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو
    24) هَلْ أَتَاكَ حَدِيثُ ضَيْفِ إِبْرَاهِيمَ الْمُكْرَمِينَ
    24 – 24. اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟

    (25) إِذْ دَخَلُوا عَلَيْهِ فَقَالُوا سَلَامًا قَالَ سَلَامٌ قَوْمٌ مُّنكَرُونَ
    25 – 25. جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.

    (26) فَرَاغَ إِلَى أَهْلِهِ فَجَاء بِعِجْلٍ سَمِينٍ
    26 – 26. پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.

    (27) فَقَرَّبَهُ إِلَيْهِمْ قَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ
    27 – 27. پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟

    (28) فَأَوْجَسَ مِنْهُمْ خِيفَةً قَالُوا لَا تَخَفْ وَبَشَّرُوهُ بِغُلَامٍ عَلِيمٍ
    28 – 28. پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.

    (29) فَأَقْبَلَتِ امْرَأَتُهُ فِي صَرَّةٍ فَصَكَّتْ وَجْهَهَا وَقَالَتْ عَجُوزٌ عَقِيمٌ
    29 – 29. پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).

    (30) قَالُوا كَذَلِكَ قَالَ رَبُّكِ إِنَّهُ هُوَ الْحَكِيمُ الْعَلِيمُ
    30 – 30. چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

    (31) قَالَ فَمَا خَطْبُكُمْ أَيُّهَا الْمُرْسَلُونَ
    31 – 31. (ابراھيم) چيو ته اي قاصد‍ؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي.

    (32) قَالُوا إِنَّا أُرْسِلْنَا إِلَى قَوْمٍ مُّجْرِمِينَ
    32 – 32. چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون.

    (33) لِنُرْسِلَ عَلَيْهِمْ حِجَارَةً مِّن طِينٍ
    33 – 33. ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون.

    (34) مُسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلْمُسْرِفِينَ
    34 – 34. جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن.

    (35) فَأَخْرَجْنَا مَن كَانَ فِيهَا مِنَ الْمُؤْمِنِينَ
    35 – 35. پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون.

    (36) فَمَا وَجَدْنَا فِيهَا غَيْرَ بَيْتٍ مِّنَ الْمُسْلِمِينَ
    36 – 36. پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون.

    (37) وَتَرَكْنَا فِيهَا آيَةً لِّلَّذِينَ يَخَافُونَ الْعَذَابَ الْأَلِيمَ
    37 – 37. ۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون.

    (38) وَفِي مُوسَى إِذْ أَرْسَلْنَاهُ إِلَى فِرْعَوْنَ بِسُلْطَانٍ مُّبِينٍ
    38 – 38. ۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون.

    (39) فَتَوَلَّى بِرُكْنِهِ وَقَالَ سَاحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ
    39 – 39. پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي.

    (40) فَأَخَذْنَاهُ وَجُنُودَهُ فَنَبَذْنَاهُمْ فِي الْيَمِّ وَهُوَ مُلِيمٌ
    40 – 40. تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون.

    (41) وَفِي عَادٍ إِذْ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمُ الرِّيحَ الْعَقِيمَ
    41 – 41. ۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون.

    (42) مَا تَذَرُ مِن شَيْءٍ أَتَتْ عَلَيْهِ إِلَّا جَعَلَتْهُ كَالرَّمِيمِ
    42 – 42. جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي.

    (43) وَفِي ثَمُودَ إِذْ قِيلَ لَهُمْ تَمَتَّعُوا حَتَّى حِينٍ
    43 – 43. ۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو.

    (44) فَعَتَوْا عَنْ أَمْرِ رَبِّهِمْ فَأَخَذَتْهُمُ الصَّاعِقَةُ وَهُمْ يَنظُرُونَ
    44 – 44. پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو.

    (45) فَمَا اسْتَطَاعُوا مِن قِيَامٍ وَمَا كَانُوا مُنتَصِرِينَ
    45 – 45. پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا.

    (46) وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمًا فَاسِقِينَ
    46 – 46. ۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.
    (47) وَالسَّمَاء بَنَيْنَاهَا بِأَيْدٍ وَإِنَّا لَمُوسِعُونَ
    47 – 47. ۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون.

    (48) وَالْأَرْضَ فَرَشْنَاهَا فَنِعْمَ الْمَاهِدُونَ
    48 – 48. ۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون.

    (49) وَمِن كُلِّ شَيْءٍ خَلَقْنَا زَوْجَيْنِ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
    49 – 49. ۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.

    (50) فَفِرُّوا إِلَى اللَّهِ إِنِّي لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
    50 – 50. پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

    (51) وَلَا تَجْعَلُوا مَعَ اللَّهِ إِلَهًا آخَرَ إِنِّي لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
    51 – 51. ۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

    (52) كَذَلِكَ مَا أَتَى الَّذِينَ مِن قَبْلِهِم مِّن رَّسُولٍ إِلَّا قَالُوا سَاحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ
    52 – 52. اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.

    (53) أَتَوَاصَوْا بِهِ بَلْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ
    53 – 53. ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن.

    (54) فَتَوَلَّ عَنْهُمْ فَمَا أَنتَ بِمَلُومٍ
    54 – 54. تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين.

    (55) وَذَكِّرْ فَإِنَّ الذِّكْرَى تَنفَعُ الْمُؤْمِنِينَ
    55 – 55. ۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي.

    (56) وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ
    56 – 56. ۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.

    (57) مَا أُرِيدُ مِنْهُم مِّن رِّزْقٍ وَمَا أُرِيدُ أَن يُطْعِمُونِ
    57 – 57. نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين.

    (58) إِنَّ اللَّهَ هُوَ الرَّزَّاقُ ذُو الْقُوَّةِ الْمَتِينُ
    58 – 58. بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي.

    (59) فَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا ذَنُوبًا مِّثْلَ ذَنُوبِ أَصْحَابِهِمْ فَلَا يَسْتَعْجِلُونِ
    59 – 59. پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن.

    (60) فَوَيْلٌ لِّلَّذِينَ كَفَرُوا مِن يَوْمِهِمُ الَّذِي يُوعَدُونَ
    60 – 60. پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.