islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 52 سوره الطور

    52 سوره الطور

    Rate this post

    (1) وَالطُّورِ
    1 – 1. (جبل) طُور جو قسم آھي.

    (2) وَكِتَابٍ مَّسْطُورٍ
    2 – 2. ۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي.

    (3) فِي رَقٍّ مَّنشُورٍ
    3 – 3. جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي.

    (4) وَالْبَيْتِ الْمَعْمُورِ
    4 – 4. ۽ آباد گھر جو (قسم) آھي.

    (5) وَالسَّقْفِ الْمَرْفُوعِ
    5 – 5. ۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي.

    (6) وَالْبَحْرِ الْمَسْجُورِ
    6 – 6. ۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي.

    (7) إِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَاقِعٌ
    7 – 7. ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي.

    (8) مَا لَهُ مِن دَافِعٍ
    8 – 8. اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي.

    (9) يَوْمَ تَمُورُ السَّمَاء مَوْرًا
    9 – 9. جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو.

    (10) وَتَسِيرُ الْجِبَالُ سَيْرًا
    10 – 10. ۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا.

    (11) فَوَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِلْمُكَذِّبِينَ
    11 – 11. تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

    (12) الَّذِينَ هُمْ فِي خَوْضٍ يَلْعَبُونَ
    12 – 12. جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن.

    (13) يَوْمَ يُدَعُّونَ إِلَى نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا
    13 – 13. جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا.

    (14) هَذِهِ النَّارُ الَّتِي كُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ
    14 – 14. (تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو.

    (15) أَفَسِحْرٌ هَذَا أَمْ أَنتُمْ لَا تُبْصِرُونَ
    15 – 15. ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟

    (16) اصْلَوْهَا فَاصْبِرُوا أَوْ لَا تَصْبِرُوا سَوَاء عَلَيْكُمْ إِنَّمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
    16 – 16. ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو.

    (17) إِنَّ الْمُتَّقِينَ فِي جَنَّاتٍ وَنَعِيمٍ
    17 – 17. بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا.

    (18) فَاكِهِينَ بِمَا آتَاهُمْ رَبُّهُمْ وَوَقَاهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ الْجَحِيمِ
    18 – 18. جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.

    (19) كُلُوا وَاشْرَبُوا هَنِيئًا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
    19 – 19. (چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو.

    (20) مُتَّكِئِينَ عَلَى سُرُرٍ مَّصْفُوفَةٍ وَزَوَّجْنَاهُم بِحُورٍ عِينٍ
    20 – 20. ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون.

    (21) وَالَّذِينَ آمَنُوا وَاتَّبَعَتْهُمْ ذُرِّيَّتُهُم بِإِيمَانٍ أَلْحَقْنَا بِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَمَا أَلَتْنَاهُم مِّنْ عَمَلِهِم مِّن شَيْءٍ كُلُّ امْرِئٍ بِمَا كَسَبَ رَهِينٌ
    21 – 21. ۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي.

    (22) وَأَمْدَدْنَاهُم بِفَاكِهَةٍ وَلَحْمٍ مِّمَّا يَشْتَهُونَ
    22 – 22. ۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون.

    (23) يَتَنَازَعُونَ فِيهَا كَأْسًا لَّا لَغْوٌ فِيهَا وَلَا تَأْثِيمٌ
    23 – 23. اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو.

    (24) وَيَطُوفُ عَلَيْهِمْ غِلْمَانٌ لَّهُمْ كَأَنَّهُمْ لُؤْلُؤٌ مَّكْنُونٌ
    24 – 24. ۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن.

    (25) وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَى بَعْضٍ يَتَسَاءلُونَ
    25 – 25. ۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا.

    (26) قَالُوا إِنَّا كُنَّا قَبْلُ فِي أَهْلِنَا مُشْفِقِينَ
    26 – 26. چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون.

    (27) فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيْنَا وَوَقَانَا عَذَابَ السَّمُومِ
    27 – 27. پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين
    (28) إِنَّا كُنَّا مِن قَبْلُ نَدْعُوهُ إِنَّهُ هُوَ الْبَرُّ الرَّحِيمُ
    28 – 28. بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي.

    (29) فَذَكِّرْ فَمَا أَنتَ بِنِعْمَتِ رَبِّكَ بِكَاهِنٍ وَلَا مَجْنُونٍ
    29 – 29. پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين.

    (30) أَمْ يَقُولُونَ شَاعِرٌ نَّتَرَبَّصُ بِهِ رَيْبَ الْمَنُونِ
    30 – 30. بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون.

    (31) قُلْ تَرَبَّصُوا فَإِنِّي مَعَكُم مِّنَ الْمُتَرَبِّصِينَ
    31 – 31. (انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان.

    (32) أَمْ تَأْمُرُهُمْ أَحْلَامُهُم بِهَذَا أَمْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ
    32 – 32. کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي.

    (33) أَمْ يَقُولُونَ تَقَوَّلَهُ بَل لَّا يُؤْمِنُونَ
    33 – 33. چوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين.

    (34) فَلْيَأْتُوا بِحَدِيثٍ مِّثْلِهِ إِن كَانُوا صَادِقِينَ
    34 – 34. پوءِ (کين) جڳائي ته جيڪڏھن سچا آھن ته اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين.

    (35) أَمْ خُلِقُوا مِنْ غَيْرِ شَيْءٍ أَمْ هُمُ الْخَالِقُونَ
    35 – 35. اھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟

    (36) أَمْ خَلَقُوا السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بَل لَّا يُوقِنُونَ
    36 – 36. آسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا، بلڪ اُھي يقين نه ٿا آڻين.

    (37) أَمْ عِندَهُمْ خَزَائِنُ رَبِّكَ أَمْ هُمُ الْمُصَيْطِرُونَ
    37 – 37. تنھنجي پالڻھار جا خزانا انھن وٽ آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟

    (38) أَمْ لَهُمْ سُلَّمٌ يَسْتَمِعُونَ فِيهِ فَلْيَأْتِ مُسْتَمِعُهُم بِسُلْطَانٍ مُّبِينٍ
    38 – 38. کين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي ته اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي.

    (39) أَمْ لَهُ الْبَنَاتُ وَلَكُمُ الْبَنُونَ
    39 – 39. الله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟

    (40) أَمْ تَسْأَلُهُمْ أَجْرًا فَهُم مِّن مَّغْرَمٍ مُّثْقَلُونَ
    40 – 40. اُنھن کان مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن.

    (41) أَمْ عِندَهُمُ الْغَيْبُ فَهُمْ يَكْتُبُونَ
    41 – 41. اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن.

    (42) أَمْ يُرِيدُونَ كَيْدًا فَالَّذِينَ كَفَرُوا هُمُ الْمَكِيدُونَ
    42 – 42. ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن.

    (43) أَمْ لَهُمْ إِلَهٌ غَيْرُ اللَّهِ سُبْحَانَ اللَّهِ عَمَّا يُشْرِكُونَ
    43 – 43. انھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.

    (44) وَإِن يَرَوْا كِسْفًا مِّنَ السَّمَاء سَاقِطًا يَقُولُوا سَحَابٌ مَّرْكُومٌ
    44 – 44. ۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي.

    (45) فَذَرْهُمْ حَتَّى يُلَاقُوا يَوْمَهُمُ الَّذِي فِيهِ يُصْعَقُونَ
    45 – 45. پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن.

    (46) يَوْمَ لَا يُغْنِي عَنْهُمْ كَيْدُهُمْ شَيْئًا وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ
    46 – 46. جنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.

    (47) وَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا عَذَابًا دُونَ ذَلِكَ وَلَكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
    47 – 47. ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

    (48) وَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعْيُنِنَا وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ حِينَ تَقُومُ
    48 – 48. ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر

    (49) وَمِنَ اللَّيْلِ فَسَبِّحْهُ وَإِدْبَارَ النُّجُومِ
    49 – 49. ۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به).