islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 53 سوره النجم

    53 سوره النجم

    Rate this post

    (1) وَالنَّجْمِ إِذَا هَوَى
    1 – 1. ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.

    (2) مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوَى
    2 – 2. ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.

    (3) وَمَا يَنطِقُ عَنِ الْهَوَى
    3 – 3. ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.

    (4) إِنْ هُوَ إِلَّا وَحْيٌ يُوحَى
    4 – 4. ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.

    (5) عَلَّمَهُ شَدِيدُ الْقُوَى
    5 – 5. اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.

    (6) ذُو مِرَّةٍ فَاسْتَوَى
    6 – 6. جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.

    (7) وَهُوَ بِالْأُفُقِ الْأَعْلَى
    7 – 7. ۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.

    (8) ثُمَّ دَنَا فَتَدَلَّى
    8 – 8. وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.

    (9) فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَى
    9 – 9. پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.

    (10) فَأَوْحَى إِلَى عَبْدِهِ مَا أَوْحَى
    10 – 10. پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.

    (11) مَا كَذَبَ الْفُؤَادُ مَا رَأَى
    11 – 11. جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.

    (12) أَفَتُمَارُونَهُ عَلَى مَا يَرَى
    12 – 12. جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟

    (13) وَلَقَدْ رَآهُ نَزْلَةً أُخْرَى
    13 – 13. ۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.

    (14) عِندَ سِدْرَةِ الْمُنْتَهَى
    14 – 14. سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.

    (15) عِندَهَا جَنَّةُ الْمَأْوَى
    15 – 15. اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.

    (16) إِذْ يَغْشَى السِّدْرَةَ مَا يَغْشَى
    16 – 16. جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.

    (17) مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغَى
    17 – 17. (پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.

    (18) لَقَدْ رَأَى مِنْ آيَاتِ رَبِّهِ الْكُبْرَى
    18 – 18. بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.

    (19) أَفَرَأَيْتُمُ اللَّاتَ وَالْعُزَّى
    19 – 19. لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟

    (20) وَمَنَاةَ الثَّالِثَةَ الْأُخْرَى
    20 – 20. ۽ پوئين ٽين منات کي به؟

    (21) أَلَكُمُ الذَّكَرُ وَلَهُ الْأُنثَى
    21 – 21. ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.

    (22) تِلْكَ إِذًا قِسْمَةٌ ضِيزَى
    22 – 22. اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.

    (23) إِنْ هِيَ إِلَّا أَسْمَاء سَمَّيْتُمُوهَا أَنتُمْ وَآبَاؤُكُم مَّا أَنزَلَ اللَّهُ بِهَا مِن سُلْطَانٍ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا الظَّنَّ وَمَا تَهْوَى الْأَنفُسُ وَلَقَدْ جَاءهُم مِّن رَّبِّهِمُ الْهُدَى
    23 – 23. اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.

    (24) أَمْ لِلْإِنسَانِ مَا تَمَنَّى
    24 – 24. ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟

    (25) فَلِلَّهِ الْآخِرَةُ وَالْأُولَى
    25 – 25. پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.
    (26) وَكَم مِّن مَّلَكٍ فِي السَّمَاوَاتِ لَا تُغْنِي شَفَاعَتُهُمْ شَيْئًا إِلَّا مِن بَعْدِ أَن يَأْذَنَ اللَّهُ لِمَن يَشَاء وَيَرْضَى
    26 – 26. ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.

    (27) إِنَّ الَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِالْآخِرَةِ لَيُسَمُّونَ الْمَلَائِكَةَ تَسْمِيَةَ الْأُنثَى
    27 – 27. بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.

    (28) وَمَا لَهُم بِهِ مِنْ عِلْمٍ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِنَّ الظَّنَّ لَا يُغْنِي مِنَ الْحَقِّ شَيْئًا
    28 – 28. ۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.

    (29) فَأَعْرِضْ عَن مَّن تَوَلَّى عَن ذِكْرِنَا وَلَمْ يُرِدْ إِلَّا الْحَيَاةَ الدُّنْيَا
    29 – 29. پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.

    (30) ذَلِكَ مَبْلَغُهُم مِّنَ الْعِلْمِ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ اهْتَدَى
    30 – 30. اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

    (31) وَلِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ لِيَجْزِيَ الَّذِينَ أَسَاؤُوا بِمَا عَمِلُوا وَيَجْزِيَ الَّذِينَ أَحْسَنُوا بِالْحُسْنَى
    31 – 31. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.

    (32) الَّذِينَ يَجْتَنِبُونَ كَبَائِرَ الْإِثْمِ وَالْفَوَاحِشَ إِلَّا اللَّمَمَ إِنَّ رَبَّكَ وَاسِعُ الْمَغْفِرَةِ هُوَ أَعْلَمُ بِكُمْ إِذْ أَنشَأَكُم مِّنَ الْأَرْضِ وَإِذْ أَنتُمْ أَجِنَّةٌ فِي بُطُونِ أُمَّهَاتِكُمْ فَلَا تُزَكُّوا أَنفُسَكُمْ هُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ اتَّقَى
    32 – 32. جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.
    (33) أَفَرَأَيْتَ الَّذِي تَوَلَّى
    33 – 33. (اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.

    (34) وَأَعْطَى قَلِيلًا وَأَكْدَى
    34 – 34. ۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.

    (35) أَعِندَهُ عِلْمُ الْغَيْبِ فَهُوَ يَرَى
    35 – 35. وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.

    (36) أَمْ لَمْ يُنَبَّأْ بِمَا فِي صُحُفِ مُوسَى
    36 – 36. اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.

    (37) وَإِبْرَاهِيمَ الَّذِي وَفَّى
    37 – 37. ۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.

    (38) أَلَّا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرَى
    38 – 38. (ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.

    (39) وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَانِ إِلَّا مَا سَعَى
    39 – 39. ۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.

    (40) وَأَنَّ سَعْيَهُ سَوْفَ يُرَى
    40 – 40. ۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.

    (41) ثُمَّ يُجْزَاهُ الْجَزَاء الْأَوْفَى
    41 – 41. وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.

    (42) وَأَنَّ إِلَى رَبِّكَ الْمُنتَهَى
    42 – 42. ۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.

    (43) وَأَنَّهُ هُوَ أَضْحَكَ وَأَبْكَى
    43 – 43. ۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.

    (44) وَأَنَّهُ هُوَ أَمَاتَ وَأَحْيَا
    44 – 44. ۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.

    (45) وَأَنَّهُ خَلَقَ الزَّوْجَيْنِ الذَّكَرَ وَالْأُنثَى
    45 – 45. ۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.

    (46) مِن نُّطْفَةٍ إِذَا تُمْنَى
    46 – 46. منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.

    (47) وَأَنَّ عَلَيْهِ النَّشْأَةَ الْأُخْرَى
    47 – 47. ۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.

    (48) وَأَنَّهُ هُوَ أَغْنَى وَأَقْنَى
    48 – 48. ۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.

    (49) وَأَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعْرَى
    49 – 49. ۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.

    (50) وَأَنَّهُ أَهْلَكَ عَادًا الْأُولَى
    50 – 50. ۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.

    (51) وَثَمُودَ فَمَا أَبْقَى
    51 – 51. ۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.

    (52) وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ إِنَّهُمْ كَانُوا هُمْ أَظْلَمَ وَأَطْغَى
    52 – 52. ۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.

    (53) وَالْمُؤْتَفِكَةَ أَهْوَى
    53 – 53. ۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.

    (54) فَغَشَّاهَا مَا غَشَّى
    54 – 54. پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.

    (55) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكَ تَتَمَارَى
    55 – 55. پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.

    (56) هَذَا نَذِيرٌ مِّنَ النُّذُرِ الْأُولَى
    56 – 56. ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.

    (57) أَزِفَتْ الْآزِفَةُ
    57 – 57. ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.

    (58) لَيْسَ لَهَا مِن دُونِ اللَّهِ كَاشِفَةٌ
    58 – 58. اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.

    (59) أَفَمِنْ هَذَا الْحَدِيثِ تَعْجَبُونَ
    59 – 59. ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟

    (60) وَتَضْحَكُونَ وَلَا تَبْكُونَ
    60 – 60. ۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.

    (61) وَأَنتُمْ سَامِدُونَ
    61 – 61. ۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.

    (62) فَاسْجُدُوا لِلَّهِ وَاعْبُدُوا
    62 – 62. پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.