islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 55 سوره الرحمن

    55 سوره الرحمن

    Rate this post

    (1) الرَّحْمَنُ
    1 – 1. ٻاجھاري (الله).

    (2) عَلَّمَ الْقُرْآنَ
    2 – 2. قرآن سيکاريو.

    (3) خَلَقَ الْإِنسَانَ
    3 – 3. ماڻھو کي پيدا ڪيائين.

    (4) عَلَّمَهُ الْبَيَانَ
    4 – 4. ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.

    (5) الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بِحُسْبَانٍ
    5 – 5. سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.

    (6) وَالنَّجْمُ وَالشَّجَرُ يَسْجُدَانِ
    6 – 6. ۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.

    (7) وَالسَّمَاء رَفَعَهَا وَوَضَعَ الْمِيزَانَ
    7 – 7. ۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.

    (8) أَلَّا تَطْغَوْا فِي الْمِيزَانِ
    8 – 8. ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.

    (9) وَأَقِيمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا الْمِيزَانَ
    9 – 9. ۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.

    (10) وَالْأَرْضَ وَضَعَهَا لِلْأَنَامِ
    10 – 10. ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.

    (11) فِيهَا فَاكِهَةٌ وَالنَّخْلُ ذَاتُ الْأَكْمَامِ
    11 – 11. منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن.

    (12) وَالْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَالرَّيْحَانُ
    12 – 12. ۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.

    (13) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    13 – 13. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (14) خَلَقَ الْإِنسَانَ مِن صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ
    14 – 14. ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.

    (15) وَخَلَقَ الْجَانَّ مِن مَّارِجٍ مِّن نَّارٍ
    15 – 15. ۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.

    (16) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    16 – 16. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (17) رَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَيْنِ
    17 – 17. جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.

    (18) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    18 – 18. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (19) مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ
    19 – 19. ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.

    (20) بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيَانِ
    20 – 20. انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.

    (21) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    21 – 21. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (22) يَخْرُجُ مِنْهُمَا اللُّؤْلُؤُ وَالْمَرْجَانُ
    22 – 22. انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.

    (23) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    23 – 23. پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (24) وَلَهُ الْجَوَارِ الْمُنشَآتُ فِي الْبَحْرِ كَالْأَعْلَامِ
    24 – 24. ۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.

    (25) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    25 – 25. پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
    (26) كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ
    26 – 26. جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.

    (27) وَيَبْقَى وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ
    27 – 27. ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.

    (28) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    28 – 28. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (29) يَسْأَلُهُ مَن فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ
    29 – 29. جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.

    (30) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    30 – 30. پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (31) سَنَفْرُغُ لَكُمْ أَيُّهَا الثَّقَلَانِ
    31 – 31. اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون.

    (32) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    32 – 32. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (33) يَا مَعْشَرَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ إِنِ اسْتَطَعْتُمْ أَن تَنفُذُوا مِنْ أَقْطَارِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ فَانفُذُوا لَا تَنفُذُونَ إِلَّا بِسُلْطَانٍ
    33 – 33. اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ.

    (34) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    34 – 34. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (35) يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌ مِّن نَّارٍ وَنُحَاسٌ فَلَا تَنتَصِرَانِ
    35 – 35. اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ.

    (36) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    36 – 36. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (37) فَإِذَا انشَقَّتِ السَّمَاء فَكَانَتْ وَرْدَةً كَالدِّهَانِ
    37 – 37. پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو.

    (38) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    38 – 38. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (39) فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُسْأَلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلَا جَانٌّ
    39 – 39. پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا.

    (40) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    40 – 40. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (41) يُعْرَفُ الْمُجْرِمُونَ بِسِيمَاهُمْ فَيُؤْخَذُ بِالنَّوَاصِي وَالْأَقْدَامِ
    41 – 41. ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا.

    (42) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    42 – 42. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (43) هَذِهِ جَهَنَّمُ الَّتِي يُكَذِّبُ بِهَا الْمُجْرِمُونَ
    43 – 43. (چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو.

    (44) يَطُوفُونَ بَيْنَهَا وَبَيْنَ حَمِيمٍ آنٍ
    44 – 44. انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا.

    (45) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    45 – 45. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ
    (46) وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ جَنَّتَانِ
    46 – 46. ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن.

    (47) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    47 – 47. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (48) ذَوَاتَا أَفْنَانٍ
    48 – 48. ٻئي باغ گھاٽا آھن.

    (49) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    49 – 49. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (50) فِيهِمَا عَيْنَانِ تَجْرِيَانِ
    50 – 50. انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا.

    (51) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    51 – 51. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (52) فِيهِمَا مِن كُلِّ فَاكِهَةٍ زَوْجَانِ
    52 – 52. انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن.

    (53) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    53 – 53. پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (54) مُتَّكِئِينَ عَلَى فُرُشٍ بَطَائِنُهَا مِنْ إِسْتَبْرَقٍ وَجَنَى الْجَنَّتَيْنِ دَانٍ
    54 – 54. اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو.

    (55) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    55 – 55. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (56) فِيهِنَّ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَانٌّ
    56 – 56. اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي.

    (57) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    57 – 57. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (58) كَأَنَّهُنَّ الْيَاقُوتُ وَالْمَرْجَانُ
    58 – 58. اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن.

    (59) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    59 – 59. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (60) هَلْ جَزَاء الْإِحْسَانِ إِلَّا الْإِحْسَانُ
    60 – 60. چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.

    (61) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    61 – 61. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (62) وَمِن دُونِهِمَا جَنَّتَانِ
    62 – 62. ۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن.

    (63) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    63 – 63. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (64) مُدْهَامَّتَانِ
    64 – 64. ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن.

    (65) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    65 – 65. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (66) فِيهِمَا عَيْنَانِ نَضَّاخَتَانِ
    66 – 66. اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا.

    (67) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    67 – 67. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (68) فِيهِمَا فَاكِهَةٌ وَنَخْلٌ وَرُمَّانٌ
    68 – 68. انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا.

    (69) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    69 – 69. پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (70) فِيهِنَّ خَيْرَاتٌ حِسَانٌ
    70 – 70. انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون.

    (71) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    71 – 71. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (72) حُورٌ مَّقْصُورَاتٌ فِي الْخِيَامِ
    72 – 72. حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون.

    (73) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    73 – 73. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (74) لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَانٌّ
    74 – 74. انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي.

    (75) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    75 – 75. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (76) مُتَّكِئِينَ عَلَى رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَعَبْقَرِيٍّ حِسَانٍ
    76 – 76. ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا.

    (77) فَبِأَيِّ آلَاء رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
    77 – 77. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.

    (78) تَبَارَكَ اسْمُ رَبِّكَ ذِي الْجَلَالِ وَالْإِكْرَامِ
    78 – 78. تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي.