islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 68 سوره القلم

    68 سوره القلم

    Rate this post

    (1) ن وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُونَ
    1 – 1. نٓ قَلَم جو قسم آھي ۽ اُن جو به جيڪي لکندا آھن.

    (2) مَا أَنتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُونٍ
    2 – 2. ته تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نه آھين.

    (3) وَإِنَّ لَكَ لَأَجْرًا غَيْرَ مَمْنُونٍ
    3 – 3. ۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي.

    (4) وَإِنَّكَ لَعَلى خُلُقٍ عَظِيمٍ
    4 – 4. ۽ بيشڪ تون وڏي خُلق تي آھين.

    (5) فَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُونَ
    5 – 5. پوءِ سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (به) ڏسندا.

    (6) بِأَييِّكُمُ الْمَفْتُونُ
    6 – 6. ته اوھان مان ڪير چريو آھي.

    (7) إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِ وَهُوَ أَعْلَمُ بِالْمُهْتَدِينَ
    7 – 7. بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي انھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو، ۽ اھو سنئين واٽ ويندڙن کي به تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

    (8) فَلَا تُطِعِ الْمُكَذِّبِينَ
    8 – 8. تنھنڪري ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نه مڃ.

    (9) وَدُّوا لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُونَ
    9 – 9. اُھي گھرندا آھن ته جيڪڏھن نرمي ڪرين ته اُھي به نرمي ڪن.

    (10) وَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِينٍ
    10 – 10. ۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار جو چيو نه مڃ.

    (11) هَمَّازٍ مَّشَّاءٍ بِنَمِيمٍ
    11 – 11. (جو) گھڻو عيب لائيندڙ چغلي ھڻندڙ گھمندڙ.

    (12) مَنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ أَثِيمٍ
    12 – 12. خير کان جھليندڙ حد کان لنگھيل گنھگار.

    (13) عُتُلٍّ بَعْدَ ذَلِكَ زَنِيمٍ
    13 – 13. بدعادتو اِن سڀنيءَ کانپوءِ (حرامي (به) ھجي.

    (14) أَن كَانَ ذَا مَالٍ وَبَنِينَ
    14 – 14. انھي ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي.

    (15) إِذَا تُتْلَى عَلَيْهِ آيَاتُنَا قَالَ أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ
    15 – 15. جڏھن وٽس اسان جون آيتون پڙھجن (تڏھن) چوي ته اڳين جون آکاڻيون آھن.

    (16) سَنَسِمُهُ عَلَى الْخُرْطُومِ
    16 – 16. سگھوئي کيس سونڍ تي داغ ڏينداسون.

    (17) إِنَّا بَلَوْنَاهُمْ كَمَا بَلَوْنَا أَصْحَابَ الْجَنَّةِ إِذْ أَقْسَمُوا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِينَ
    17 – 17. بيشڪ اسان ھنن کي (اھڙي طرح) آزمايو جھڙي طرح باغ وارن کي آزمايو ھوسون، جڏھن قسم کنيائون ته سويرو (ئي) اُن پوک کي ضرور لُڻندا (سين).

    (18) وَلَا يَسْتَثْنُونَ
    18 – 18. ۽ اِنشاءَالله نه چيائون.

    (19) فَطَافَ عَلَيْهَا طَائِفٌ مِّن رَّبِّكَ وَهُمْ نَائِمُونَ
    19 – 19. پوءِ تنھنجي پالڻھار (جي پار) کان اُن (باغ) تي ھڪ (اھڙي) بلا پلٽي ۽ اُھي (اڃا) سمھيل ئي ھوا.

    (20) فَأَصْبَحَتْ كَالصَّرِيمِ
    20 – 20. جو (اُھو) ناڙ وانگر ٿي پيو.

    (21) فَتَنَادَوا مُصْبِحِينَ
    21 – 21. پوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا.

    (22) أَنِ اغْدُوا عَلَى حَرْثِكُمْ إِن كُنتُمْ صَارِمِينَ
    22 – 22. جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پوءِ پنھنجي پوک تي سويرو ھلو.

    (23) فَانطَلَقُوا وَهُمْ يَتَخَافَتُونَ
    23 – 23. پوءِ اُھي ھليا ۽ ھڪ ٻئي کي ھوريان چوڻ لڳا.

    (24) أَن لَّا يَدْخُلَنَّهَا الْيَوْمَ عَلَيْكُم مِّسْكِينٌ
    24 – 24. ته (جئن) ھن (پوک) ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نه سگھي.

    (25) وَغَدَوْا عَلَى حَرْدٍ قَادِرِينَ
    25 – 25. ۽ (پنھنجي گمان ۾) بخل (جي نيت) تي سگھارا ٿي سويرو پھتا.

    (26) فَلَمَّا رَأَوْهَا قَالُوا إِنَّا لَضَالُّونَ
    26 – 26. پوءِ جنھن مھل اُن (پوک) کي ڏٺائون (ته) چيائون ته بيشڪ اسين رستو ڀليل آھيون.

    (27) بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ
    27 – 27. (نه نه!) بلڪ اسين بي نصيب (ٿيل) آھيون.

    (28) قَالَ أَوْسَطُهُمْ أَلَمْ أَقُل لَّكُمْ لَوْلَا تُسَبِّحُونَ
    28 – 28. سندن چڱي (مڙس) چيو ته اوھان کي نه چيو ھومِ ڇا ته الله جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪريو؟

    (29) قَالُوا سُبْحَانَ رَبِّنَا إِنَّا كُنَّا ظَالِمِينَ
    29 – 29. چيائون ته (اسين) پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ (انھي نيت ڪري) ظالم ھواسون.

    (30) فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَى بَعْضٍ يَتَلَاوَمُونَ
    30 – 30. پوءِ ھڪ ٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي.

    (31) قَالُوا يَا وَيْلَنَا إِنَّا كُنَّا طَاغِينَ
    31 – 31. چوڻ لڳا ته ويل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھواسون.

    (32) عَسَى رَبُّنَا أَن يُبْدِلَنَا خَيْرًا مِّنْهَا إِنَّا إِلَى رَبِّنَا رَاغِبُونَ
    32 – 32. مانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو (ٻيو باغ) بدلو ڏئي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون.

    (33) كَذَلِكَ الْعَذَابُ وَلَعَذَابُ الْآخِرَةِ أَكْبَرُ لَوْ كَانُوا يَعْلَمُونَ
    33 – 33. ائين ئي آفت (پوڻي) آھي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، ارمان! جيڪڏھن سمجھن ھا.

    (34) إِنَّ لِلْمُتَّقِينَ عِندَ رَبِّهِمْ جَنَّاتِ النَّعِيمِ
    34 – 34. بيشڪ پرھيزگارن لاءِ سندن پالڻھار وٽ نعمت جا باغ آھن.

    (35) أَفَنَجْعَلُ الْمُسْلِمِينَ كَالْمُجْرِمِينَ
    35 – 35. مسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟

    (36) مَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ
    36 – 36. اوھان کي ڇا ٿيو آھي؟ ڪھڙو ٺھراءُ ٿا ڪيو؟

    (37) أَمْ لَكُمْ كِتَابٌ فِيهِ تَدْرُسُونَ
    37 – 37. اوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو.

    (38) إِنَّ لَكُمْ فِيهِ لَمَا يَتَخَيَّرُونَ
    38 – 38. ته بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو.

    (39) أَمْ لَكُمْ أَيْمَانٌ عَلَيْنَا بَالِغَةٌ إِلَى يَوْمِ الْقِيَامَةِ إِنَّ لَكُمْ لَمَا تَحْكُمُونَ
    39 – 39. اوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا جو اُنھن جو قيامت تائين حُڪم ھلندو ته بيشڪ جيڪو ٺھراءُ ڪريو ٿا سو اوھان لاءِ آھي.

    (40) سَلْهُم أَيُّهُم بِذَلِكَ زَعِيمٌ
    40 – 40. (اي پيغمبر) مشرڪن کان پڇ ته انھن مان ڪير ھن (ڳالھ) جو ذمي وار آھي.

    (41) أَمْ لَهُمْ شُرَكَاءُ فَلْيَأْتُوا بِشُرَكَائِهِمْ إِن كَانُوا صَادِقِينَ
    41 – 41. انھن (مشرڪن) کي (ھن ڳالھ ۾) ڪي شريڪ آھن ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھن ته جڳائين ته پنھنجي شريڪن کي (مدد لاءِ) آڻين.

    (42) يَوْمَ يُكْشَفُ عَن سَاقٍ وَيُدْعَوْنَ إِلَى السُّجُودِ فَلَا يَسْتَطِيعُونَ
    42 – 42. جنھن ڏينھن پنّي جي تجلّي ٿيندي ۽ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو پوءِ نه ڪري سگھندا.

    (43) خَاشِعَةً أَبْصَارُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ وَقَدْ كَانُوا يُدْعَوْنَ إِلَى السُّجُودِ وَهُمْ سَالِمُونَ
    43 – 43. انھن جون اکيون جھڪيون ھونديون. (۽) کين خواري وٺي ويندي، ۽ بيشڪ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو ھو حالانڪ اُھي چڱا ڀلا (به) ھوا.

    (44) فَذَرْنِي وَمَن يُكَذِّبُ بِهَذَا الْحَدِيثِ سَنَسْتَدْرِجُهُم مِّنْ حَيْثُ لَا يَعْلَمُونَ
    44 – 44. پوءِ (اي پيغمبر) مون کي ۽ انھيءَ کي جو ھن (قرآن جي) ڳالھ کي ڪوڙ ڀائيندو آھي ڇڏي ڏي، (اسين) انھن کي درجي بدرجي (اُتان دوزخ ۾) ڇڪينداسون جتان اُھي نه ڄاڻندا.

    (45) وَأُمْلِي لَهُمْ إِنَّ كَيْدِي مَتِينٌ
    45 – 45. انھن کي مُھلت ڏيان ٿو، بيشڪ منھنجي رِٿ پڪي آھي.

    (46) أَمْ تَسْأَلُهُمْ أَجْرًا فَهُم مِّن مَّغْرَمٍ مُّثْقَلُونَ
    46 – 46. انھن کان ڪو اجورو گھرندو آھين ڇا جنھنڪري (ان) چٽيءَ کان ڳوري بار آھن.

    (47) أَمْ عِندَهُمُ الْغَيْبُ فَهُمْ يَكْتُبُونَ
    47 – 47. (يا) انھن وٽ ڪو ڳجھ (جو علم) آھي ڇا جو اھي لکندا آھن.

    (48) فَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَلَا تَكُن كَصَاحِبِ الْحُوتِ إِذْ نَادَى وَهُوَ مَكْظُومٌ
    48 – 48. پوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نه ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو.

    (49) لَوْلَا أَن تَدَارَكَهُ نِعْمَةٌ مِّن رَّبِّهِ لَنُبِذَ بِالْعَرَاء وَهُوَ مَذْمُومٌ
    49 – 49. جيڪڏھن کيس سندس پالڻھار جي طرفان رحمت نه پھچي ھا ته ضرور سُڃ ۾ اڇليو وڃي ھا ۽ اُھو بڇڙي حال ھجي ھا.

    (50) فَاجْتَبَاهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصَّالِحِينَ
    50 – 50. پوءِ سندس پالڻھار کيس نوازيو ۽ صالحن مان ڪيائينس.

    (51) وَإِن يَكَادُ الَّذِينَ كَفَرُوا لَيُزْلِقُونَكَ بِأَبْصَارِهِمْ لَمَّا سَمِعُوا الذِّكْرَ وَيَقُولُونَ إِنَّهُ لَمَجْنُونٌ
    51 – 51. ۽ بيشڪ ڪافر جڏھن قرآن ٻڌندا آھن (تڏھن) توکي پنھنجن (تکين) اکين سان ٿيڙڻ تي آھن ۽ چوندا آھن ته بيشڪ ھي (پيغمبر) چريو آھي.

    (52) وَمَا هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعَالَمِينَ
    52 – 52. ۽ (حقيقت ۾) ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي(1) ن وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُونَ