islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 69 سوره الحاقه

    69 سوره الحاقه

    Rate this post

    (1) الْحَاقَّةُ
    1 – 1. قيامت.

    (2) مَا الْحَاقَّةُ
    2 – 2. ڇا آھي (اھا) قيامت.

    (3) وَمَا أَدْرَاكَ مَا الْحَاقَّةُ
    3 – 3. ۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟

    (4) كَذَّبَتْ ثَمُودُ وَعَادٌ بِالْقَارِعَةِ
    4 – 4. ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.

    (5) فَأَمَّا ثَمُودُ فَأُهْلِكُوا بِالطَّاغِيَةِ
    5 – 5. پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.

    (6) وَأَمَّا عَادٌ فَأُهْلِكُوا بِرِيحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ
    6 – 6. ۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.

    (7) سَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَثَمَانِيَةَ أَيَّامٍ حُسُومًا فَتَرَى الْقَوْمَ فِيهَا صَرْعَى كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ
    7 – 7. (الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.

    (8) فَهَلْ تَرَى لَهُم مِّن بَاقِيَةٍ
    8 – 8. پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟

    (9) وَجَاء فِرْعَوْنُ وَمَن قَبْلَهُ وَالْمُؤْتَفِكَاتُ بِالْخَاطِئَةِ
    9 – 9. ۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.

    (10) فَعَصَوْا رَسُولَ رَبِّهِمْ فَأَخَذَهُمْ أَخْذَةً رَّابِيَةً
    10 – 10. ۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.

    (11) إِنَّا لَمَّا طَغَى الْمَاء حَمَلْنَاكُمْ فِي الْجَارِيَةِ
    11 – 11. بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.

    (12) لِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَتَعِيَهَا أُذُنٌ وَاعِيَةٌ
    12 – 12. ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.

    (13) فَإِذَا نُفِخَ فِي الصُّورِ نَفْخَةٌ وَاحِدَةٌ
    13 – 13. پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.

    (14) وَحُمِلَتِ الْأَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَاحِدَةً
    14 – 14. ۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.

    (15) فَيَوْمَئِذٍ وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ
    15 – 15. پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.

    (16) وَانشَقَّتِ السَّمَاء فَهِيَ يَوْمَئِذٍ وَاهِيَةٌ
    16 – 16. ۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.

    (17) وَالْمَلَكُ عَلَى أَرْجَائِهَا وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَئِذٍ ثَمَانِيَةٌ
    17 – 17. ۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.

    (18) يَوْمَئِذٍ تُعْرَضُونَ لَا تَخْفَى مِنكُمْ خَافِيَةٌ
    18 – 18. اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.

    (19) فَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِيَمِينِهِ فَيَقُولُ هَاؤُمُ اقْرَؤُوا كِتَابِيهْ
    19 – 19. پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.

    (20) إِنِّي ظَنَنتُ أَنِّي مُلَاقٍ حِسَابِيهْ
    20 – 20. بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.

    (21) فَهُوَ فِي عِيشَةٍ رَّاضِيَةٍ
    21 – 21. اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.

    (22) فِي جَنَّةٍ عَالِيَةٍ
    22 – 22. مٿاھين بھشت ۾.

    (23) قُطُوفُهَا دَانِيَةٌ
    23 – 23. جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.

    (24) كُلُوا وَاشْرَبُوا هَنِيئًا بِمَا أَسْلَفْتُمْ فِي الْأَيَّامِ الْخَالِيَةِ
    24 – 24. (چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.

    (25) وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِشِمَالِهِ فَيَقُولُ يَا لَيْتَنِي لَمْ أُوتَ كِتَابِيهْ
    25 – 25. ۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.

    (26) وَلَمْ أَدْرِ مَا حِسَابِيهْ
    26 – 26. نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟

    (27) يَا لَيْتَهَا كَانَتِ الْقَاضِيَةَ
    27 – 27. ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.

    (28) مَا أَغْنَى عَنِّي مَالِيهْ
    28 – 28. منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.

    (29) هَلَكَ عَنِّي سُلْطَانِيهْ
    29 – 29. مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.

    (30) خُذُوهُ فَغُلُّوهُ
    30 – 30. (ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.

    (31) ثُمَّ الْجَحِيمَ صَلُّوهُ
    31 – 31. وري دوزخ ۾ وجھوس.

    (32) ثُمَّ فِي سِلْسِلَةٍ ذَرْعُهَا سَبْعُونَ ذِرَاعًا فَاسْلُكُوهُ
    32 – 32. وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.

    (33) إِنَّهُ كَانَ لَا يُؤْمِنُ بِاللَّهِ الْعَظِيمِ
    33 – 33. ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.

    (34) وَلَا يَحُضُّ عَلَى طَعَامِ الْمِسْكِينِ
    34 – 34. ۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.

    (35) فَلَيْسَ لَهُ الْيَوْمَ هَاهُنَا حَمِيمٌ
    35 – 35. تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.

    (36) وَلَا طَعَامٌ إِلَّا مِنْ غِسْلِينٍ
    36 – 36. ۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.

    (37) لَا يَأْكُلُهُ إِلَّا الْخَاطِؤُونَ
    37 – 37. (جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.

    (38) فَلَا أُقْسِمُ بِمَا تُبْصِرُونَ
    38 – 38. پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.

    (39) وَمَا لَا تُبْصِرُونَ
    39 – 39. ۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).

    (40) إِنَّهُ لَقَوْلُ رَسُولٍ كَرِيمٍ
    40 – 40. ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.

    (41) وَمَا هُوَ بِقَوْلِ شَاعِرٍ قَلِيلًا مَا تُؤْمِنُونَ
    41 – 41. ۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.

    (42) وَلَا بِقَوْلِ كَاهِنٍ قَلِيلًا مَا تَذَكَّرُونَ
    42 – 42. ۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.

    (43) تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ الْعَالَمِينَ
    43 – 43. (ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.

    (44) وَلَوْ تَقَوَّلَ عَلَيْنَا بَعْضَ الْأَقَاوِيلِ
    44 – 44. ۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.

    (45) لَأَخَذْنَا مِنْهُ بِالْيَمِينِ
    45 – 45. ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.

    (46) ثُمَّ لَقَطَعْنَا مِنْهُ الْوَتِينَ
    46 – 46. وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.

    (47) فَمَا مِنكُم مِّنْ أَحَدٍ عَنْهُ حَاجِزِينَ
    47 – 47. پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.

    (48) وَإِنَّهُ لَتَذْكِرَةٌ لِّلْمُتَّقِينَ
    48 – 48. ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.

    (49) وَإِنَّا لَنَعْلَمُ أَنَّ مِنكُم مُّكَذِّبِينَ
    49 – 49. ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.

    (50) وَإِنَّهُ لَحَسْرَةٌ عَلَى الْكَافِرِينَ
    50 – 50. ۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.

    (51) وَإِنَّهُ لَحَقُّ الْيَقِينِ
    51 – 51. ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.

    (52) فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِيمِ
    52 – 52. تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.