islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 75 سوره القیامه

    75 سوره القیامه

    Rate this post

    (1) لَا أُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيَامَةِ
    1 – 1. قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.

    (2) وَلَا أُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ
    2 – 2. ۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا).

    (3) أَيَحْسَبُ الْإِنسَانُ أَلَّن نَجْمَعَ عِظَامَهُ
    3 – 3. ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون.

    (4) بَلَى قَادِرِينَ عَلَى أَن نُّسَوِّيَ بَنَانَهُ
    4 – 4. ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون.

    (5) بَلْ يُرِيدُ الْإِنسَانُ لِيَفْجُرَ أَمَامَهُ
    5 – 5. بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري.

    (6) يَسْأَلُ أَيَّانَ يَوْمُ الْقِيَامَةِ
    6 – 6. پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟

    (7) فَإِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ
    7 – 7. پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون.

    (8) وَخَسَفَ الْقَمَرُ
    8 – 8. ۽ چنڊ گرھبو.

    (9) وَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ
    9 – 9. ۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا.

    (10) يَقُولُ الْإِنسَانُ يَوْمَئِذٍ أَيْنَ الْمَفَرُّ
    10 – 10. (تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟

    (11) كَلَّا لَا وَزَرَ
    11 – 11. نه نه! ڪا واھ ڪانھي.

    (12) إِلَى رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ الْمُسْتَقَرُّ
    12 – 12. تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي.

    (13) يُنَبَّأُ الْإِنسَانُ يَوْمَئِذٍ بِمَا قَدَّمَ وَأَخَّرَ
    13 – 13. اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين.

    (14) بَلِ الْإِنسَانُ عَلَى نَفْسِهِ بَصِيرَةٌ
    14 – 14. بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي.

    (15) وَلَوْ أَلْقَى مَعَاذِيرَهُ
    15 – 15. توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري.

    (16) لَا تُحَرِّكْ بِهِ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهِ
    16 – 16. (اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين.

    (17) إِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهُ وَقُرْآنَهُ
    17 – 17. ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي.

    (18) فَإِذَا قَرَأْنَاهُ فَاتَّبِعْ قُرْآنَهُ
    18 – 18. پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ.

    (19) ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهُ
    19 – 19. وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.

    (20) كَلَّا بَلْ تُحِبُّونَ الْعَاجِلَةَ
    20 – 20. نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو.

    (21) وَتَذَرُونَ الْآخِرَةَ
    21 – 21. ۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو.

    (22) وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاضِرَةٌ
    22 – 22. ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا.

    (23) إِلَى رَبِّهَا نَاظِرَةٌ
    23 – 23. پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.

    (24) وَوُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ بَاسِرَةٌ
    24 – 24. ۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا.

    (25) تَظُنُّ أَن يُفْعَلَ بِهَا فَاقِرَةٌ
    25 – 25. ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ.

    (26) كَلَّا إِذَا بَلَغَتْ التَّرَاقِيَ
    26 – 26. نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو.

    (27) وَقِيلَ مَنْ رَاقٍ
    27 – 27. ۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي.

    (28) وَظَنَّ أَنَّهُ الْفِرَاقُ
    28 – 28. ۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو.

    (29) وَالْتَفَّتِ السَّاقُ بِالسَّاقِ
    29 – 29. ۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي.

    (30) إِلَى رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ الْمَسَاقُ
    30 – 30. اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي

    (31) فَلَا صَدَّقَ وَلَا صَلَّى
    31 – 31. پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين.

    (32) وَلَكِن كَذَّبَ وَتَوَلَّى
    32 – 32. پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين.

    (33) ثُمَّ ذَهَبَ إِلَى أَهْلِهِ يَتَمَطَّى
    33 – 33. وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو.

    (34) أَوْلَى لَكَ فَأَوْلَى
    34 – 34. توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي.

    (35) ثُمَّ أَوْلَى لَكَ فَأَوْلَى
    35 – 35. وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي.

    (36) أَيَحْسَبُ الْإِنسَانُ أَن يُتْرَكَ سُدًى

    36 – 36. ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو.

    (37) أَلَمْ يَكُ نُطْفَةً مِّن مَّنِيٍّ يُمْنَى
    37 – 37. (اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو.

    (38) ثُمَّ كَانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوَّى
    38 – 38. وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين.

    (39) فَجَعَلَ مِنْهُ الزَّوْجَيْنِ الذَّكَرَ وَالْأُنثَى
    39 – 39. پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين.

    (40) أَلَيْسَ ذَلِكَ بِقَادِرٍ عَلَى أَن يُحْيِيَ الْمَوْتَى
    40 – 40. اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟