islamic-sources

    1. home

    2. article

    3. 9 سوره توبه

    9 سوره توبه

    Rate this post

    (1) بَرَاءةٌ مِّنَ اللّهِ وَرَسُولِهِ إِلَى الَّذِينَ عَاهَدتُّم مِّنَ الْمُشْرِكِينَ
    1 – 1. جن مشرڪن سان اوھان انجام ڪيو تن ڏانھن الله ۽ سندس پيغمبر جي پاران (انجام کان) بيزاري آھي.

    (2) فَسِيحُواْ فِي الأَرْضِ أَرْبَعَةَ أَشْهُرٍ وَاعْلَمُواْ أَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْجِزِي اللّهِ وَأَنَّ اللّهَ مُخْزِي الْكَافِرِينَ
    2 – 2. (اي مشرڪؤ) مُلڪ ۾ چار مھينا سير ڪريو ۽ ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو ۽ (ڄاڻو) ته الله ڪافرن کي خراب ڪرڻ وارو آھي.

    (3) وَأَذَانٌ مِّنَ اللّهِ وَرَسُولِهِ إِلَى النَّاسِ يَوْمَ الْحَجِّ الأَكْبَرِ أَنَّ اللّهَ بَرِيءٌ مِّنَ الْمُشْرِكِينَ وَرَسُولُهُ فَإِن تُبْتُمْ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ وَإِن تَوَلَّيْتُمْ فَاعْلَمُواْ أَنَّكُمْ غَيْرُ مُعْجِزِي اللّهِ وَبَشِّرِ الَّذِينَ كَفَرُواْ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
    3 – 3. ۽ وڏي حَج جي ڏينھن الله ۽ سندس پيغمبر جي طرفان ماڻھن ڏانھن پڙھو آھي ته الله ۽ سندس پيغمبر مشرڪن کان بيزار آھي، پوءِ (اي مشرڪؤ) جيڪڏھن (شرڪ کان) توبه ڪندؤ ته اُھا اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين مُنھن ڦيرائيندؤ ته ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو، ۽ (اي پيغمبر) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

    (4) إِلاَّ الَّذِينَ عَاهَدتُّم مِّنَ الْمُشْرِكِينَ ثُمَّ لَمْ يَنقُصُوكُمْ شَيْئًا وَلَمْ يُظَاهِرُواْ عَلَيْكُمْ أَحَدًا فَأَتِمُّواْ إِلَيْهِمْ عَهْدَهُمْ إِلَى مُدَّتِهِمْ إِنَّ اللّهَ يُحِبُّ الْمُتَّقِينَ
    4 – 4. پر مشرڪن مان جن انجام ڪيو ھيوَ وري (انھن) اوھان سان (انجام ۾) ڪُجھ قُصور نه ڪيو ۽ نڪي اوھان جي خلاف ڪنھن کي مدد ڏنائون تن جو انجام سندين مدت تائين ساڻن پورو ڪريو، ڇوته الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.

    (5) فَإِذَا انسَلَخَ الأَشْهُرُ الْحُرُمُ فَاقْتُلُواْ الْمُشْرِكِينَ حَيْثُ وَجَدتُّمُوهُمْ وَخُذُوهُمْ وَاحْصُرُوهُمْ وَاقْعُدُواْ لَهُمْ كُلَّ مَرْصَدٍ فَإِن تَابُواْ وَأَقَامُواْ الصَّلاَةَ وَآتَوُاْ الزَّكَاةَ فَخَلُّواْ سَبِيلَهُمْ إِنَّ اللّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    5 – 5. پوءِ (جن مھينن ۾ لڙائي) حرام (ڪئي ويئي آھي سي) مھينا جڏھن پورا ٿين ته (عرب جي) مشرڪن کي جتي لھو تتي انھن کي ماريو ۽ انھن کي پڪڙيو ۽ انھن کي بند رکو ۽ سڀني گھَٽن تي انھن لاءِ ويھو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته سندن واٽ بند نه ڪريو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (6) وَإِنْ أَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِينَ اسْتَجَارَكَ فَأَجِرْهُ حَتَّى يَسْمَعَ كَلاَمَ اللّهِ ثُمَّ أَبْلِغْهُ مَأْمَنَهُ ذَلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لاَّ يَعْلَمُونَ
    6 – 6. ۽ جيڪڏھن مشرڪن مان ڪو ھڪڙو توکان امانَ گھُري ته کيس امانَ ڏي جيستائين (ھو) ڪلام الله ٻڌي پوءِ کيس سندس امن جي ھنڌ پھچاءِ، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھا قوم اھڙي آھي جو نه ڄاڻندي آھي.

    (7) كَيْفَ يَكُونُ لِلْمُشْرِكِينَ عَهْدٌ عِندَ اللّهِ وَعِندَ رَسُولِهِ إِلاَّ الَّذِينَ عَاهَدتُّمْ عِندَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ فَمَا اسْتَقَامُواْ لَكُمْ فَاسْتَقِيمُواْ لَهُمْ إِنَّ اللّهَ يُحِبُّ الْمُتَّقِينَ
    7 – 7. الله وٽ ۽ سندس پيغمبر وٽ مشرڪن لاءِ اَنجام ڪئن ٿيندو سواءِ انھن جي جن سان تعظيم واريءَ مسجد وٽ انجام ڪيو ھُيوَ، پوءِ اُھي جيستائين اوھان جي انجام تي بيھڪ ڪن ته اوھين انھن لاءِ بيھڪ وٺو، بيشڪ الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.

    (8) كَيْفَ وَإِن يَظْهَرُوا عَلَيْكُمْ لاَ يَرْقُبُواْ فِيكُمْ إِلاًّ وَلاَ ذِمَّةً يُرْضُونَكُم بِأَفْوَاهِهِمْ وَتَأْبَى قُلُوبُهُمْ وَأَكْثَرُهُمْ فَاسِقُونَ
    8 – 8. ڪئن (سندن انجام رھندو) ۽ جيڪڏھن اوھان تي غالب ٿين ته اوھان بابت نڪي مائٽي جو ۽ نڪي انجام جو خيال رکن، اوھان کي پنھنجين (مِٺين) زبانن سان راضي ڪندا آھن ۽ سندن دليون انڪاري آھن، ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن.

    (9) اشْتَرَوْاْ بِآيَاتِ اللّهِ ثَمَنًا قَلِيلاً فَصَدُّواْ عَن سَبِيلِهِ إِنَّهُمْ سَاء مَا كَانُواْ يَعْمَلُونَ
    9 – 9. الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ تي وڪيائون پوءِ (ماڻھن کي) سندس واٽ کان جھليائون، اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

    (10) لاَ يَرْقُبُونَ فِي مُؤْمِنٍ إِلاًّ وَلاَ ذِمَّةً وَأُوْلَـئِكَ هُمُ الْمُعْتَدُونَ
    10 – 10. ڪنھن مؤمن بابت نڪي مائٽي ۽ نڪي انجام جو خيال رکندا آھن، ۽ اھي ئي حد کان لنگھيل آھن.

    (11) فَإِن تَابُواْ وَأَقَامُواْ الصَّلاَةَ وَآتَوُاْ الزَّكَاةَ فَإِخْوَانُكُمْ فِي الدِّينِ وَنُفَصِّلُ الآيَاتِ لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
    11 – 11. پوءِ جيڪڏھن (ڪفر کان) توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته اوھان جا دين ۾ ڀائر آھن، ۽ جيڪي ماڻھو ڄاڻندا آھن تن لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا.

    (12) وَإِن نَّكَثُواْ أَيْمَانَهُم مِّن بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُواْ فِي دِينِكُمْ فَقَاتِلُواْ أَئِمَّةَ الْكُفْرِ إِنَّهُمْ لاَ أَيْمَانَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنتَهُونَ
    12 – 12. ۽ جيڪڏھن پنھنجن انجامن ٻَڌڻ کانپوءِ پنھنجا قسم ڀڃن ۽ اوھانجي دين ۾ طعنو ھڻن ته ڪفر جي سرڪردن سان جنگ ڪريو ڇو ته اُنھن جو قسم (اعتبار جوڳو) نه آھي مان اُھي جھلجن.

    (13) أَلاَ تُقَاتِلُونَ قَوْمًا نَّكَثُواْ أَيْمَانَهُمْ وَهَمُّواْ بِإِخْرَاجِ الرَّسُولِ وَهُم بَدَؤُوكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ أَتَخْشَوْنَهُمْ فَاللّهُ أَحَقُّ أَن تَخْشَوْهُ إِن كُنتُم مُّؤُمِنِينَ
    13 – 13. اھڙي قوم سان ڇونه ٿا وڙھو جن پنھنجن قسمن کي ڀڳو ۽ جي پيغمبر جي ڪڍي ڇڏڻ لاءِ سنبريا ۽ منڍئون اوھان سان (دشمني) اوّل ۾ ڪرڻ لڳا؟ کائن ڇو ٿا ڊڄو؟ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله (ھن لاءِ) وڌيڪ حقدار آھي ته کانئس ڊڄو.

    (14) قَاتِلُوهُمْ يُعَذِّبْهُمُ اللّهُ بِأَيْدِيكُمْ وَيُخْزِهِمْ وَيَنصُرْكُمْ عَلَيْهِمْ وَيَشْفِ صُدُورَ قَوْمٍ مُّؤْمِنِينَ
    14 – 14. انھن سان وڙھو ته الله اوھان جي ھٿان کين سزا ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ اوھانکي مٿن سوڀ ڏيندو ۽ مؤمنن جي قوم جي سينن کي شفا بخشيندو (ٺاريندو).

    (15) وَيُذْهِبْ غَيْظَ قُلُوبِهِمْ وَيَتُوبُ اللّهُ عَلَى مَن يَشَاء وَاللّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
    15 – 15. ۽ سندين دلين جي ڪاوڙ وڃائيندو، ۽ الله جنھن لاءِ گھرندو تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.

    (16) أَمْ حَسِبْتُمْ أَن تُتْرَكُواْ وَلَمَّا يَعْلَمِ اللّهُ الَّذِينَ جَاهَدُواْ مِنكُمْ وَلَمْ يَتَّخِذُواْ مِن دُونِ اللّهِ وَلاَ رَسُولِهِ وَلاَ الْمُؤْمِنِينَ وَلِيجَةً وَاللّهُ خَبِيرٌ بِمَا تَعْمَلُونَ
    16 – 16. ڀائيندا آھيو ڇا ته اوھان کي (جھاد جي تڪليف کان) ڇڏيو ويندو؟ حقيقت ڪري اوھان مان جن جھاد ڪيو ۽ نڪي الله ۽ نڪي پيغمبر ۽ نڪي مؤمنن کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڳجھو دوست ورتو تن کي الله اڃا نه نکيڙيو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.

    (17) مَا كَانَ لِلْمُشْرِكِينَ أَن يَعْمُرُواْ مَسَاجِدَ الله شَاهِدِينَ عَلَى أَنفُسِهِمْ بِالْكُفْرِ أُوْلَئِكَ حَبِطَتْ أَعْمَالُهُمْ وَفِي النَّارِ هُمْ خَالِدُونَ
    17 – 17. پاڻ تي ڪفر جو اقراري ٿي مشرڪن کي الله جي مسجدين جو آباد ڪرڻ روا نه آھي، اِھي اُھي آھن جن جا عمل چٽ ٿي ويا، ۽ اُھي باھ ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.

    (18) إِنَّمَا يَعْمُرُ مَسَاجِدَ اللّهِ مَنْ آمَنَ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ وَأَقَامَ الصَّلاَةَ وَآتَى الزَّكَاةَ وَلَمْ يَخْشَ إِلاَّ اللّهَ فَعَسَى أُوْلَـئِكَ أَن يَكُونُواْ مِنَ الْمُهْتَدِينَ
    18 – 18. الله جي مسجدين کي آباد ڪرڻ رڳو انھي کي جڳائيندو آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ نماز پڙھي ۽ زڪوٰة ڏني ۽ الله کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کان) نه ڊنو، پوءِ اُميد آھي ته اُھي ھدايت وارن مان آھن.

    (19) أَجَعَلْتُمْ سِقَايَةَ الْحَاجِّ وَعِمَارَةَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ كَمَنْ آمَنَ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ وَجَاهَدَ فِي سَبِيلِ اللّهِ لاَ يَسْتَوُونَ عِندَ اللّهِ وَاللّهُ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
    19 – 19. اوھان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ تعظيم واري مسجد کي آباد رکڻ اُن (جي عملن) جھڙو ڪيو آھي ڇا جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو، الله وٽ (ھي ۽ اُھو) برابر نه آھن، الله ظالم قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

    (20) الَّذِينَ آمَنُواْ وَهَاجَرُواْ وَجَاهَدُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ بِأَمْوَالِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ أَعْظَمُ دَرَجَةً عِندَ اللّهِ وَأُوْلَئِكَ هُمُ الْفَائِزُونَ
    20 – 20. جن مڃيو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجين مالن ۽ پنھنجين جانين سان جھاد ڪيو سي الله وٽ مرتبي ۾ بلڪل وڏا آھن، ۽ اُھي مُراد ماڻڻ وارا آھن.

    (21) يُبَشِّرُهُمْ رَبُّهُم بِرَحْمَةٍ مِّنْهُ وَرِضْوَانٍ وَجَنَّاتٍ لَّهُمْ فِيهَا نَعِيمٌ مُّقِيمٌ
    21 – 21. انھن کي سندن پالڻھار پاڻ وٽان ٻاجھ ۽ راضپي ۽ انھن باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو جن ۾ انھن لاءِ سدائين نعمتون آھن.

    (22) خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا إِنَّ اللّهَ عِندَهُ أَجْرٌ عَظِيمٌ
    22 – 22. منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ڇوته الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.

    (23) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ تَتَّخِذُواْ آبَاءكُمْ وَإِخْوَانَكُمْ أَوْلِيَاء إَنِ اسْتَحَبُّواْ الْكُفْرَ عَلَى الإِيمَانِ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِّنكُمْ فَأُوْلَـئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ
    23 – 23. اي مؤمنؤ پنھنجن پئرن ۽ پنھنجن ڀائرن کي دوست نه وٺو جيڪڏھن (اُھي) ڪفر کي ايمان کان پيارو رکن (ته)، ۽ جيڪي اوھان مان انھن سان دوستي ڪندا سي ئي ظالم آھن.

    (24) قُلْ إِن كَانَ آبَاؤُكُمْ وَأَبْنَآؤُكُمْ وَإِخْوَانُكُمْ وَأَزْوَاجُكُمْ وَعَشِيرَتُكُمْ وَأَمْوَالٌ اقْتَرَفْتُمُوهَا وَتِجَارَةٌ تَخْشَوْنَ كَسَادَهَا وَمَسَاكِنُ تَرْضَوْنَهَا أَحَبَّ إِلَيْكُم مِّنَ اللّهِ وَرَسُولِهِ وَجِهَادٍ فِي سَبِيلِهِ فَتَرَبَّصُواْ حَتَّى يَأْتِيَ اللّهُ بِأَمْرِهِ وَاللّهُ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الْفَاسِقِينَ
    24 – 24. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھان جا پيئر ۽ اوھان جو اولاد ۽ اوھان جا ڀائر ۽ اوھان جون زالون ۽ اوھان جا مائٽ ۽ اُھي مال جي اوھان ڪمايا آھن ۽ واپار جنھن جي بند ٿيڻ کان ڊڄو ٿا ۽ جايون جن کي پسند ڪريو ٿا سي اوھان کي الله ۽ سندس پيغمبر ۽ سندس واٽ ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آھن ته (ايسين) ترسو جيسين الله پنھنجو عذاب آڻي، ۽ الله بي دين قوم کي (سڌو) رستو نه ڏيکاريندو آھي.

    (25) لَقَدْ نَصَرَكُمُ اللّهُ فِي مَوَاطِنَ كَثِيرَةٍ وَيَوْمَ حُنَيْنٍ إِذْ أَعْجَبَتْكُمْ كَثْرَتُكُمْ فَلَمْ تُغْنِ عَنكُمْ شَيْئًا وَضَاقَتْ عَلَيْكُمُ الأَرْضُ بِمَا رَحُبَتْ ثُمَّ وَلَّيْتُم مُّدْبِرِينَ
    25 – 25. بيشڪ الله اوھان کي گھڻن ھنڌن ۾ سوڀ ڏني ۽ (پڻ جنگ) حُنين جي ڏينھن جو جڏھن اوھان جي گھڻائي اوھانکي عجب ۾ وڌو ۽ اوھان کان اوھان جي گھڻائي ڪجھ به ٽاري نه سگھي ۽ زمين پنھنجي ويڪرائي ھوندي (به) اوھان تي سوڙھي ٿي ويئي پوءِ اوھين پُٺيرا ٿي ڦريؤ.

    (26) ثُمَّ أَنَزلَ اللّهُ سَكِينَتَهُ عَلَى رَسُولِهِ وَعَلَى الْمُؤْمِنِينَ وَأَنزَلَ جُنُودًا لَّمْ تَرَوْهَا وَعذَّبَ الَّذِينَ كَفَرُواْ وَذَلِكَ جَزَاء الْكَافِرِينَ
    26 – 26. موٽي الله پنھنجي پار کان آرام پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي لاٿو ۽ (ملائڪن جو) لشڪر لاٿائين جن کي نه ٿي ڏٺوَ، ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين، ۽ اِھا ڪافرن جي سزا آھي.

    (27) ثُمَّ يَتُوبُ اللّهُ مِن بَعْدِ ذَلِكَ عَلَى مَن يَشَاء وَاللّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    27 – 27. موٽي اُن کانپوءِ الله جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (28) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ إِنَّمَا الْمُشْرِكُونَ نَجَسٌ فَلاَ يَقْرَبُواْ الْمَسْجِدَ الْحَرَامَ بَعْدَ عَامِهِمْ هَـذَا وَإِنْ خِفْتُمْ عَيْلَةً فَسَوْفَ يُغْنِيكُمُ اللّهُ مِن فَضْلِهِ إِن شَاء إِنَّ اللّهَ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
    28 – 28. اي مؤمنؤ مشرڪ رڳو پليت آھن تنھنڪري ھن ورہ پڄاڻا تعظيم واريءَ مسجد جي ويجھو نه وڃن، ۽ جيڪڏھن (اوھين) سڃائيءَ کان ڊڄندا آھيو ته جيڪڏھن الله گھريو ته پنھنجي فضل سان اوھانکي سگھوئي آسودو ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (29) قَاتِلُواْ الَّذِينَ لاَ يُؤْمِنُونَ بِاللّهِ وَلاَ بِالْيَوْمِ الآخِرِ وَلاَ يُحَرِّمُونَ مَا حَرَّمَ اللّهُ وَرَسُولُهُ وَلاَ يَدِينُونَ دِينَ الْحَقِّ مِنَ الَّذِينَ أُوتُواْ الْكِتَابَ حَتَّى يُعْطُواْ الْجِزْيَةَ عَن يَدٍ وَهُمْ صَاغِرُونَ
    29 – 29. جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن مان جيڪي نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ نڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي حرام ڪيل شيء کي حرام ڪري ڄاڻندا آھن ۽ نڪي سچو دين قبول ڪندا آھن تن سان ايستائين وڙھو جيسين (اُھي) رعيتي پنھنجي ھٿان جزيو ڏين.

    (30) وَقَالَتِ الْيَهُودُ عُزَيْرٌ ابْنُ اللّهِ وَقَالَتْ النَّصَارَى الْمَسِيحُ ابْنُ اللّهِ ذَلِكَ قَوْلُهُم بِأَفْوَاهِهِمْ يُضَاهِؤُونَ قَوْلَ الَّذِينَ كَفَرُواْ مِن قَبْلُ قَاتَلَهُمُ اللّهُ أَنَّى يُؤْفَكُونَ
    30 – 30. ۽ يَھُودين چيو ته عُزير الله جو پُٽ آھي ۽ نصارن چيو ته عيسىٰ الله جو پُٽ آھي، اِھو سندن واتن سان آھي، اڳين ڪافرن جي چوڻ جھڙي رِيس ڪندا آھن، الله مٿن لعنت ڪري، ڪيڏي جو ڪيڏي ڀُلايا ويندا آھن.

    (31) اتَّخَذُواْ أَحْبَارَهُمْ وَرُهْبَانَهُمْ أَرْبَابًا مِّن دُونِ اللّهِ وَالْمَسِيحَ ابْنَ مَرْيَمَ وَمَا أُمِرُواْ إِلاَّ لِيَعْبُدُواْ إِلَـهًا وَاحِدًا لاَّ إِلَـهَ إِلاَّ هُوَ سُبْحَانَهُ عَمَّا يُشْرِكُونَ
    31 – 31. ( ۽ ) پنھنجن عالمن ۽ پنھنجن فقيرن ۽ عيسىٰ پُٽ مريم جي کي الله کانسواءِ پالڻھار ڪري ورتائون، ۽ ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ کانسواءِ کين ٻيو حڪم نه ڪيو ويو آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان ھو پاڪ آھي.

    (32) يُرِيدُونَ أَن يُطْفِؤُواْ نُورَ اللّهِ بِأَفْوَاهِهِمْ وَيَأْبَى اللّهُ إِلاَّ أَن يُتِمَّ نُورَهُ وَلَوْ كَرِهَ الْكَافِرُونَ
    32 – 32. ( ۽ ) پنھنجن واتن سان الله جي نُور کي وسائڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ کانسواءِ نه رھندو جيتوڻيڪ ڪافر ارھا ٿين.

    (33) هُوَ الَّذِي أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَى وَدِينِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهُ عَلَى الدِّينِ كُلِّهِ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُونَ
    33 – 33. اُھو (الله) اھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان ھن لاءِ موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري جيتوڻيڪ مشرڪ رنج ٿين.

    (34) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ إِنَّ كَثِيرًا مِّنَ الأَحْبَارِ وَالرُّهْبَانِ لَيَأْكُلُونَ أَمْوَالَ النَّاسِ بِالْبَاطِلِ وَيَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ اللّهِ وَالَّذِينَ يَكْنِزُونَ الذَّهَبَ وَالْفِضَّةَ وَلاَ يُنفِقُونَهَا فِي سَبِيلِ اللّهِ فَبَشِّرْهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ
    34 – 34. اي ايمان وارؤ ڪتاب وارن عالمن ۽ فقيرن مان گھڻا ماڻھن جو مال ٺڳيءَ سان کائيندا آھن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا آھن، ۽ جيڪي سون ۽ رپي جو خزانو گڏ ڪندا آھن ۽ اُھو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھن تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

    (35) يَوْمَ يُحْمَى عَلَيْهَا فِي نَارِ جَهَنَّمَ فَتُكْوَى بِهَا جِبَاهُهُمْ وَجُنوبُهُمْ وَظُهُورُهُمْ هَـذَا مَا كَنَزْتُمْ لأَنفُسِكُمْ فَذُوقُواْ مَا كُنتُمْ تَكْنِزُونَ
    35 – 35. جنھن ڏينھن (سندن مال) دوزخ جي باھ ۾ تپائبو (جڏھن تپندو ته) پوءِ اُن سان سندن پيشانيون ۽ سندن پاسريون ۽ سندن پٺيون ڏنڀبيون، (چئبن ته) ھيءُ اُھو (خزانو) آھي جيڪو پاڻ لاءِ گڏ ڪيو ھيوَ (ان جو) مزو چکو.

    (36) إِنَّ عِدَّةَ الشُّهُورِ عِندَ اللّهِ اثْنَا عَشَرَ شَهْرًا فِي كِتَابِ اللّهِ يَوْمَ خَلَقَ السَّمَاوَات وَالأَرْضَ مِنْهَا أَرْبَعَةٌ حُرُمٌ ذَلِكَ الدِّينُ الْقَيِّمُ فَلاَ تَظْلِمُواْ فِيهِنَّ أَنفُسَكُمْ وَقَاتِلُواْ الْمُشْرِكِينَ كَآفَّةً كَمَا يُقَاتِلُونَكُمْ كَآفَّةً وَاعْلَمُواْ أَنَّ اللّهَ مَعَ الْمُتَّقِينَ
    36 – 36. بيشڪ مھينن جو ڳاڻيٽو يقيناً ڪتاب الاھي ۾ الله وٽ ٻارھن مھينا آھن جنھن ڏينھن کان آسمانن ۽ زمين کي بڻايائين منجھانئس چار (مھينا) تعظيم وارا آھن، اِھو پڪو دين آھي، تنھنڪري اوھين پاڻ کي منجھن نقصان نه لايو، ۽ سڀني مشرڪن سان وڙھو جھڙي طرح اوھان سان سڀيئي وڙھن ٿا، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي.

    (37) إِنَّمَا النَّسِيءُ زِيَادَةٌ فِي الْكُفْرِ يُضَلُّ بِهِ الَّذِينَ كَفَرُواْ يُحِلِّونَهُ عَامًا وَيُحَرِّمُونَهُ عَامًا لِّيُوَاطِؤُواْ عِدَّةَ مَا حَرَّمَ اللّهُ فَيُحِلُّواْ مَا حَرَّمَ اللّهُ زُيِّنَ لَهُمْ سُوءُ أَعْمَالِهِمْ وَاللّهُ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الْكَافِرِينَ
    37 – 37. تعظيم وارن مھينن جو اڳي پوءِ ڪرڻ رڳو ڪفر ۾ واڌارو آھي اُن سان ڪافر ڀُلايا ويندا آھن اُن (مھيني) کي ھڪ سال حلال ڳڻين ٿا ۽ ٻئي سال اُن کي حرام ڀائين ٿا ھن لاءِ ته الله جي حرام ڪيلن مھينن جي ڳاڻيٽي جي پورائي ڪن پوءِ جن کي الله حرام ڪيو آھي تن کي حلال ٿا ڪن، اُنھن لاءِ سندن بڇڙا ڪرتوت سينگاريا ويا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي ھدايت نه ڪندو آھي.

    (38) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ مَا لَكُمْ إِذَا قِيلَ لَكُمُ انفِرُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ اثَّاقَلْتُمْ إِلَى الأَرْضِ أَرَضِيتُم بِالْحَيَاةِ الدُّنْيَا مِنَ الآخِرَةِ فَمَا مَتَاعُ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا فِي الآخِرَةِ إِلاَّ قَلِيلٌ
    38 – 38. اي ايمان وارؤ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جڏھن اوھان کي چئبو آھي ته الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) نڪرو ته زمين ڏانھن ڳرا ٿي ڪرندا آھيو، آخرت جي بدران دنيا جي حياتي سان راضي ٿيا آھيو، دنيا جي حياتي جو سامان آخرت (جي مقابلي) ۾ ٿورڙي کانسواءِ نه آھي.

    (39) إِلاَّ تَنفِرُواْ يُعَذِّبْكُمْ عَذَابًا أَلِيمًا وَيَسْتَبْدِلْ قَوْمًا غَيْرَكُمْ وَلاَ تَضُرُّوهُ شَيْئًا وَاللّهُ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
    39 – 39. جيڪڏھن نه نڪرندؤ ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو، ۽ اوھان کانسواءِ ٻي قوم مٽائي آڻيندو ۽ اوھين کيس ڪُجھ ضرر نه رسائيندؤ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.

    (40) إِلاَّ تَنصُرُوهُ فَقَدْ نَصَرَهُ اللّهُ إِذْ أَخْرَجَهُ الَّذِينَ كَفَرُواْ ثَانِيَ اثْنَيْنِ إِذْ هُمَا فِي الْغَارِ إِذْ يَقُولُ لِصَاحِبِهِ لاَ تَحْزَنْ إِنَّ اللّهَ مَعَنَا فَأَنزَلَ اللّهُ سَكِينَتَهُ عَلَيْهِ وَأَيَّدَهُ بِجُنُودٍ لَّمْ تَرَوْهَا وَجَعَلَ كَلِمَةَ الَّذِينَ كَفَرُواْ السُّفْلَى وَكَلِمَةُ اللّهِ هِيَ الْعُلْيَا وَاللّهُ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
    40 – 40. جيڪڏھن پيغمبر کي مدد نه ڏيندؤ ته بيشڪ کيس الله مدد ڏني آھي جنھن مھل ڪافرن (مڪي مان) کيس ڪڍي ڇڏيو ٻن مان ھڪڙو پاڻ ھو جڏھن اُھي غار ۾ ھوا تڏھن پنھنجي سنگتيءَ کي چيائين ته اُلڪو نه ڪر تحقيق الله اسان سان (گڏ) آھي، پوءِ الله مٿس پنھنجو آرام لاٿو ۽ کيس اھڙي لشڪر سان مدد ڪيائين جو اُن کي اوھان نه ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالھ کي ھيٺ ڪيائين، الله جي ڳالھ (ھميشه) مٿاھين آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.

    (41) انْفِرُواْ خِفَافًا وَثِقَالاً وَجَاهِدُواْ بِأَمْوَالِكُمْ وَأَنفُسِكُمْ فِي سَبِيلِ اللّهِ ذَلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
    41 – 41. (ھر حال جنگ جي) ٿوري سامان ۽ گھڻي سامان سوڌا (جھاد لاءِ) نڪرو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪريو، اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.

    (42) لَوْ كَانَ عَرَضًا قَرِيبًا وَسَفَرًا قَاصِدًا لاَّتَّبَعُوكَ وَلَـكِن بَعُدَتْ عَلَيْهِمُ الشُّقَّةُ وَسَيَحْلِفُونَ بِاللّهِ لَوِ اسْتَطَعْنَا لَخَرَجْنَا مَعَكُمْ يُهْلِكُونَ أَنفُسَهُمْ وَاللّهُ يَعْلَمُ إِنَّهُمْ لَكَاذِبُونَ
    42 – 42. جيڪڏھن سامان سولو ۽ سفر ھلڪو ھجي ھا ته ضرور تنھنجي پٺيان لڳن ھا پر مٿن پنڌ پري ٿيو، ۽ الله جو قسم سگھوئي کڻندا (چوندا ته) جيڪڏھن اسين توفيق ساريون ھا ته اوھان سان گڏ نڪرون ھا، پاڻ کي (منافقيءَ سببان) ھلاڪ ڪن ٿا، ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.

    (43) عَفَا اللّهُ عَنكَ لِمَ أَذِنتَ لَهُمْ حَتَّى يَتَبَيَّنَ لَكَ الَّذِينَ صَدَقُواْ وَتَعْلَمَ الْكَاذِبِينَ
    43 – 43. الله توکي معاف ڪيو، کين تو ڇالاءِ موڪل ڏني جيسين توکي سچا پڌرا ٿين ھا ۽ (تون) ڪوڙن کي ڄاڻين ھا.

    (44) لاَ يَسْتَأْذِنُكَ الَّذِينَ يُؤْمِنُونَ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ أَن يُجَاهِدُواْ بِأَمْوَالِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ وَاللّهُ عَلِيمٌ بِالْمُتَّقِينَ
    44 – 44. جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو آھي سي پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪرڻ ۾ توکان موڪل نٿا گھرن، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي.

    (45) إِنَّمَا يَسْتَأْذِنُكَ الَّذِينَ لاَ يُؤْمِنُونَ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ وَارْتَابَتْ قُلُوبُهُمْ فَهُمْ فِي رَيْبِهِمْ يَتَرَدَّدُونَ
    45 – 45. انھن کان سواءِ ٻيو ڪو توکان موڪل نه گھرندو جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندا آھن ۽ سندن دلين ۾ شڪ پيل آھن پوءِ اُھي پنھنجي شڪ ۾ حيران آھن.

    (46) وَلَوْ أَرَادُواْ الْخُرُوجَ لأَعَدُّواْ لَهُ عُدَّةً وَلَـكِن كَرِهَ اللّهُ انبِعَاثَهُمْ فَثَبَّطَهُمْ وَقِيلَ اقْعُدُواْ مَعَ الْقَاعِدِينَ
    46 – 46. ۽ جيڪڏھن ٻاھر نڪرڻ گھرن ھا ته ان لاءِ تياريءَ جو سامان تيار ڪن ھا پر الله سندن (جھاد تي) وڃڻ پسند نه ڪيو تنھنڪري کين توفيق نه ڏنائين ۽ چيو ويونِ ته وھندڙن سان گڏجي وِھو.

    (47) لَوْ خَرَجُواْ فِيكُم مَّا زَادُوكُمْ إِلاَّ خَبَالاً ولأَوْضَعُواْ خِلاَلَكُمْ يَبْغُونَكُمُ الْفِتْنَةَ وَفِيكُمْ سَمَّاعُونَ لَهُمْ وَاللّهُ عَلِيمٌ بِالظَّالِمِينَ
    47 – 47. جيڪڏھن اوھان ۾ (گڏجي) نڪرن ھا ته اوھان ۾ شرارت کانسواءِ ٻيو ڪُجھ نه وڌائين ھا ۽ ضرور اوھانجو ٻگيٿرو گھرندڙ ٿي اوھان جي وچ ۾ فساد وجھڻ لاءِ ڊوڙن ھا، ۽ اوھان ۾ اُنھن جا (ڪي) جاسوس آھن، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.

    (48) لَقَدِ ابْتَغَوُاْ الْفِتْنَةَ مِن قَبْلُ وَقَلَّبُواْ لَكَ الأُمُورَ حَتَّى جَاء الْحَقُّ وَظَهَرَ أَمْرُ اللّهِ وَهُمْ كَارِهُونَ
    48 – 48. اُھي اڳ بيشڪ فساد جي فڪر ۾ ھوا ۽ تولاءِ بڇڙيون صلاحون ڪندا رھيا ايتري تائين جو مدد آئي ۽ الله جو حُڪم غالب ٿيو ۽ اُھي ناراض ھوا.

    (49) وَمِنْهُم مَّن يَقُولُ ائْذَن لِّي وَلاَ تَفْتِنِّي أَلاَ فِي الْفِتْنَةِ سَقَطُواْ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحِيطَةٌ بِالْكَافِرِينَ
    49 – 49. ۽ منجھائن ڪو آھي جو چوي ٿو ته مون کي موڪل ڏي ۽ مونکي فتني ۾ نه وجھ، خبردار (اُھي پاڻ) فتني ۾ پيل آھن، ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي.

    (50) إِن تُصِبْكَ حَسَنَةٌ تَسُؤْهُمْ وَإِن تُصِبْكَ مُصِيبَةٌ يَقُولُواْ قَدْ أَخَذْنَا أَمْرَنَا مِن قَبْلُ وَيَتَوَلَّواْ وَّهُمْ فَرِحُونَ
    50 – 50. (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪو سھنج پھچندو آھي ته کين ڏکيو لڳندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو توکي اھنج پھچندو آھي ته چوندا آھن ته بيشڪ پنھنجو ڪم اڳيئي سنڀالي ورتو اٿؤن ۽ اُھي سرھا ٿي ڦرندا آھن.

    (51) قُل لَّن يُصِيبَنَا إِلاَّ مَا كَتَبَ اللّهُ لَنَا هُوَ مَوْلاَنَا وَعَلَى اللّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُونَ
    51 – 51. (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آھي تنھن کانسواءِ ٻيو ڪي اسانکي ڪڏھن نه پھچندو، اُھو اسانجو سنڀاليندڙ آھي، ۽ مؤمنن کي رڳو الله تي ڀروسو ڪرڻ جڳائي.

    (52) قُلْ هَلْ تَرَبَّصُونَ بِنَا إِلاَّ إِحْدَى الْحُسْنَيَيْنِ وَنَحْنُ نَتَرَبَّصُ بِكُمْ أَن يُصِيبَكُمُ اللّهُ بِعَذَابٍ مِّنْ عِندِهِ أَوْ بِأَيْدِينَا فَتَرَبَّصُواْ إِنَّا مَعَكُم مُّتَرَبِّصُونَ
    52 – 52. (اي پيغمبر منافقن کي) چؤ ته اوھين اسان لاءِ ٻن چڱاين مان ھڪڙي کانسواءِ انتظار نه ڪڍندا آھيو، ۽ اسين (به) اوھان لاءِ انتظار ڪڍندا آھيون ته الله پاڻ وٽان يا اسان جي ھٿان اوھان کي سزا پھچائي، پوءِ اوھين انتظار ڪڍو اسين (به) اوھان سان گڏ منتظر آھيون.

    (53) قُلْ أَنفِقُواْ طَوْعًا أَوْ كَرْهًا لَّن يُتَقَبَّلَ مِنكُمْ إِنَّكُمْ كُنتُمْ قَوْمًا فَاسِقِينَ
    53 – 53. چؤ (اي منافقو) سَرھا ٿي توڻي ارھا ٿي خرچ ڪريو ته اوھان کان ڪڏھن قبول نه ڪبو، ڇوته اوھين بي دين ٽولي آھيو.

    (54) وَمَا مَنَعَهُمْ أَن تُقْبَلَ مِنْهُمْ نَفَقَاتُهُمْ إِلاَّ أَنَّهُمْ كَفَرُواْ بِاللّهِ وَبِرَسُولِهِ وَلاَ يَأْتُونَ الصَّلاَةَ إِلاَّ وَهُمْ كُسَالَى وَلاَ يُنفِقُونَ إِلاَّ وَهُمْ كَارِهُونَ
    54 – 54. ۽ کانئن سندن خرچ جو قبول ڪرڻ ھن کانسواءِ نه جھليو ويو ته اُھي الله ۽ سندس پيغمبر جا مُنڪر آھن ۽ نڪي آرس ڪرڻ کان سواءِ نماز پڙھندا آھن ۽ نڪي (الله جي واٽ ۾) رنج کانسواءِ خرچيندا آھن.

    (55) فَلاَ تُعْجِبْكَ أَمْوَالُهُمْ وَلاَ أَوْلاَدُهُمْ إِنَّمَا يُرِيدُ اللّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِهَا فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَتَزْهَقَ أَنفُسُهُمْ وَهُمْ كَافِرُونَ
    55 – 55. پوءِ توکي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد عجب ۾ وجھي، الله رڳو گھرندو آھي ته دنيا جي حياتي ۾ اُن سان کين عذاب ڪري ۽ سندن ساہ ڪُفر جي ئي حالت ۾ نڪرن.

    (56) وَيَحْلِفُونَ بِاللّهِ إِنَّهُمْ لَمِنكُمْ وَمَا هُم مِّنكُمْ وَلَـكِنَّهُمْ قَوْمٌ يَفْرَقُونَ
    56 – 56. ۽ الله جو قسم کڻندا آھن ته اُھي اوھان منجھان آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اُھي اوھان منجھان نه آھن پر اُھا ڊڄڻي قوم آھي.

    (57) لَوْ يَجِدُونَ مَلْجَأً أَوْ مَغَارَاتٍ أَوْ مُدَّخَلاً لَّوَلَّوْاْ إِلَيْهِ وَهُمْ يَجْمَحُونَ
    57 – 57. جي ڪا پناھ جي جاءِ يا ڪي چُرون يا ڪو گھڙڻ جو ھنڌ لھن ھا ته اُن ڏانھن اُھي ڊوڙندا ئي ڦِرن ھا.

    (58) وَمِنْهُم مَّن يَلْمِزُكَ فِي الصَّدَقَاتِ فَإِنْ أُعْطُواْ مِنْهَا رَضُواْ وَإِن لَّمْ يُعْطَوْاْ مِنهَا إِذَا هُمْ يَسْخَطُونَ
    58 – 58. ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي صدقن (جي وراھڻ) ۾ طعنو ھڻندا آھن، پوءِ جيڪڏھن منجھانئس ڏجين ته سَرھا ٿيندا آھن ۽ جيڪڏھن منجھانئس نه ڏجين ته انھي ئي مھل ڪاوڙبا آھن.

    (59) وَلَوْ أَنَّهُمْ رَضُوْاْ مَا آتَاهُمُ اللّهُ وَرَسُولُهُ وَقَالُواْ حَسْبُنَا اللّهُ سَيُؤْتِينَا اللّهُ مِن فَضْلِهِ وَرَسُولُهُ إِنَّا إِلَى اللّهِ رَاغِبُونَ
    59 – 59. ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جيڪي کين ڏنو آھي تنھن تي جيڪڏھن راضي ٿين ھا ۽ چون ھا ته اسان کي الله ڪافي آھي اسان کي الله پنھنجي فضل سان ڏيندو ۽ سندس پيغمبر (به ڏيندو) اسين الله ڏانھن اميدوار آھيون (ته اُنھن لاءِ ڀلو ھجي ھا).

    (60) إِنَّمَا الصَّدَقَاتُ لِلْفُقَرَاء وَالْمَسَاكِينِ وَالْعَامِلِينَ عَلَيْهَا وَالْمُؤَلَّفَةِ قُلُوبُهُمْ وَفِي الرِّقَابِ وَالْغَارِمِينَ وَفِي سَبِيلِ اللّهِ وَابْنِ السَّبِيلِ فَرِيضَةً مِّنَ اللّهِ وَاللّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
    60 – 60. صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اُڳاڙي ڪندڙن ۽ جن جون دليون (اسلام ڏانھن) ميلاپ ڪرايل آھن (تن لاءِ) ۽ ٻانھن جي آجي ڪرڻ ۽ قرضين ۽ الله جي واٽ ۾ (جھاد ڪرڻ) ۽ مسافرن لاءِ آھن، (اِھو) الله (جي پار) کان حُڪم ٿيل آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (61) وَمِنْهُمُ الَّذِينَ يُؤْذُونَ النَّبِيَّ وَيِقُولُونَ هُوَ أُذُنٌ قُلْ أُذُنُ خَيْرٍ لَّكُمْ يُؤْمِنُ بِاللّهِ وَيُؤْمِنُ لِلْمُؤْمِنِينَ وَرَحْمَةٌ لِّلَّذِينَ آمَنُواْ مِنكُمْ وَالَّذِينَ يُؤْذُونَ رَسُولَ اللّهِ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
    61 – 61. ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته پر ٻڌڙيو آھي، چؤ ته اوھان لاءِ پر ٻڌڙيو ڀلو آھي الله کي مڃيندو آھي ۽ مؤمنن (جي صلاح) کي (به) مڃيندو آھي ۽ اوھان مان ايمان وارن لاءِ ٻاجھارو آھي، ۽ جيڪي الله جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    (62) يَحْلِفُونَ بِاللّهِ لَكُمْ لِيُرْضُوكُمْ وَاللّهُ وَرَسُولُهُ أَحَقُّ أَن يُرْضُوهُ إِن كَانُواْ مُؤْمِنِينَ
    62 – 62. اوھان لاءِ الله جو قسم کڻندا آھن ته اوھان کي راضي ڪن، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھن ته الله ۽ سندس پيغمبر وڌيڪ حقدار آھن جو اُن کي راضي ڪن.

    (63) أَلَمْ يَعْلَمُواْ أَنَّهُ مَن يُحَادِدِ اللّهَ وَرَسُولَهُ فَأَنَّ لَهُ نَارَ جَهَنَّمَ خَالِدًا فِيهَا ذَلِكَ الْخِزْيُ الْعَظِيمُ
    63 – 63. نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھ؟ منجھس سدائين رھڻ وارو آھي، اِھا وڏي خواري آھي.

    (64) يَحْذَرُ الْمُنَافِقُونَ أَن تُنَزَّلَ عَلَيْهِمْ سُورَةٌ تُنَبِّئُهُمْ بِمَا فِي قُلُوبِهِم قُلِ اسْتَهْزِؤُواْ إِنَّ اللّهَ مُخْرِجٌ مَّا تَحْذَرُونَ
    64 – 64. منافق مسلمانن تي ڪنھن سورة جي لھڻ کان ڊڄن ٿا ته جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو متان مسلمانن کي ڄاڻائي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين پيا ٺـٺولي ڪريو، ڇوته جنھن کان ڊڄندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.

    (65) وَلَئِن سَأَلْتَهُمْ لَيَقُولُنَّ إِنَّمَا كُنَّا نَخُوضُ وَنَلْعَبُ قُلْ أَبِاللّهِ وَآيَاتِهِ وَرَسُولِهِ كُنتُمْ تَسْتَهْزِؤُونَ
    65 – 65. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن کائن پڇين ته ضرور چوندا ته بيشڪ کِل ۽ راند ٿي ڪئي سون، (کين) چؤ ته الله ۽ سندس آيتن ۽ سندس پيغمبر سان مسخري ڪيوَ ٿي ڇا؟

    (66) لاَ تَعْتَذِرُواْ قَدْ كَفَرْتُم بَعْدَ إِيمَانِكُمْ إِن نَّعْفُ عَن طَآئِفَةٍ مِّنكُمْ نُعَذِّبْ طَآئِفَةً بِأَنَّهُمْ كَانُواْ مُجْرِمِينَ
    66 – 66. بھانو نه ڪريو بيشڪ ايمان کانپوءِ ڪُفر اٿوَ، جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کان ٽرنداسون ته ٻيءَ ٽوليءَ کي ھن سببان سزا ڏينداسون جو اُھي ڏوھي ھوا.

    67) الْمُنَافِقُونَ وَالْمُنَافِقَاتُ بَعْضُهُم مِّن بَعْضٍ يَأْمُرُونَ بِالْمُنكَرِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ الْمَعْرُوفِ وَيَقْبِضُونَ أَيْدِيَهُمْ نَسُواْ اللّهَ فَنَسِيَهُمْ إِنَّ الْمُنَافِقِينَ هُمُ الْفَاسِقُونَ
    67 – 67. منافق ۽ منافقياڻيون ھڪ ٻئي جھڙا آھن، (اُھي) مَدن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ چڱن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ پنھنجا ھٿ (خيرات ڏيڻ کان) بند ڪندا آھن، الله کي وساريائون تنھنڪري الله (به) کين وساريو، بيشڪ منافق بي دين آھن.

    (68) وَعَدَ الله الْمُنَافِقِينَ وَالْمُنَافِقَاتِ وَالْكُفَّارَ نَارَ جَهَنَّمَ خَالِدِينَ فِيهَا هِيَ حَسْبُهُمْ وَلَعَنَهُمُ اللّهُ وَلَهُمْ عَذَابٌ مُّقِيمٌ
    68 – 68. الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ ڪافرن کي دوزخ جي باھ جو انجام ڏنو آھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا کين بس آھي، ۽ الله مٿن لعنت ڪئي آھي، ۽ انھيءَ لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.

    (69) كَالَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ كَانُواْ أَشَدَّ مِنكُمْ قُوَّةً وَأَكْثَرَ أَمْوَالاً وَأَوْلاَدًا فَاسْتَمْتَعُواْ بِخَلاقِهِمْ فَاسْتَمْتَعْتُم بِخَلاَقِكُمْ كَمَا اسْتَمْتَعَ الَّذِينَ مِن قَبْلِكُمْ بِخَلاَقِهِمْ وَخُضْتُمْ كَالَّذِي خَاضُواْ أُوْلَـئِكَ حَبِطَتْ أَعْمَالُهُمْ فِي الُّدنْيَا وَالآخِرَةِ وَأُوْلَئِكَ هُمُ الْخَاسِرُونَ
    69 – 69. اوھين (به) اھڙا ٿيا آھيو جيڪي اوھان کان اڳ ھوا (اُھي) اوھان کان سگھ ۽ مال ۽ اولاد ۾ گھڻو وڌيڪ ھوا، پوءِ پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتائون پوءِ اوھان به پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو جھڙي طرح اوھان کان اڳين پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو ۽ (اوھين به) اُنھن وانگر اجاين بحثن ۾ پئجي ويا آھيو جئن اُھي اجاين بحثن ۾ پيا، انھن جي ڪمائي دنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي، ۽ اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.

    (70) أَلَمْ يَأْتِهِمْ نَبَأُ الَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ قَوْمِ نُوحٍ وَعَادٍ وَثَمُودَ وَقَوْمِ إِبْرَاهِيمَ وِأَصْحَابِ مَدْيَنَ وَالْمُؤْتَفِكَاتِ أَتَتْهُمْ رُسُلُهُم بِالْبَيِّنَاتِ فَمَا كَانَ اللّهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلَـكِن كَانُواْ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
    70 – 70. کانئن اڳين جي خبر نه پھتي اٿن ڇا جي نُوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم، ۽ ابراھيم جي قوم ۽ مَدين وارا ۽ اونڌن ٿيلن ڳوٺن وارا ھوا، جو اُنھن ڏانھن سندن پيغمبر پڌرن مُعجزن سان آيا (ته نه مڃيائون)، پوءِ الله جو شان نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي ظُلم ڪيائون ٿي.

    (71) وَالْمُؤْمِنُونَ وَالْمُؤْمِنَاتُ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَاء بَعْضٍ يَأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنكَرِ وَيُقِيمُونَ الصَّلاَةَ وَيُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَيُطِيعُونَ اللّهَ وَرَسُولَهُ أُوْلَـئِكَ سَيَرْحَمُهُمُ اللّهُ إِنَّ اللّهَ عَزِيزٌ حَكِيمٌ
    71 – 71. ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا مددگار آھن، چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ خراب ڪمن کان جھليندا آھن ۽ نماز کي قائم ڪندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندا آھن، اُنھن تي الله سگھوئي ٻاجھ ڪندو، تحقيق الله غالب حڪمت وارو آھي.

    (72) وَعَدَ اللّهُ الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا وَمَسَاكِنَ طَيِّبَةً فِي جَنَّاتِ عَدْنٍ وَرِضْوَانٌ مِّنَ اللّهِ أَكْبَرُ ذَلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
    72 – 72. الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين سان بھشت جو انجام ڪيو آھي جنھن جي ھيٺان واھيون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن ۽ (پڻ) ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ چڱين جاين جو (انجام اٿن)، ۽ الله جو راضپو (سڀ کان) تمام وڏو آھي، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    (73) يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ جَاهِدِ الْكُفَّارَ وَالْمُنَافِقِينَ وَاغْلُظْ عَلَيْهِمْ وَمَأْوَاهُمْ جَهَنَّمُ وَبِئْسَ الْمَصِيرُ
    73 – 73. اي پيغمبر ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا جاءِ بُڇڙي آھي.

    (74) يَحْلِفُونَ بِاللّهِ مَا قَالُواْ وَلَقَدْ قَالُواْ كَلِمَةَ الْكُفْرِ وَكَفَرُواْ بَعْدَ إِسْلاَمِهِمْ وَهَمُّواْ بِمَا لَمْ يَنَالُواْ وَمَا نَقَمُواْ إِلاَّ أَنْ أَغْنَاهُمُ اللّهُ وَرَسُولُهُ مِن فَضْلِهِ فَإِن يَتُوبُواْ يَكُ خَيْرًا لَّهُمْ وَإِن يَتَوَلَّوْا يُعَذِّبْهُمُ اللّهُ عَذَابًا أَلِيمًا فِي الدُّنْيَا وَالآخِرَةِ وَمَا لَهُمْ فِي الأَرْضِ مِن وَلِيٍّ وَلاَ نَصِيرٍ
    74 – 74. الله جو قسم کڻندا آھن ته (پاڻ) نه چيو اٿن، ۽ بيشڪ ڪفر جو ڪلمو چيو اٿن ۽ پنھنجي اسلام (آڻڻ) کانپوءِ ڪُفر ڪيائون ۽ جنھن کي پھچي نه سگھيا تنھن لاءِ زور لاتائون، ۽ اِھو اُنھن رڳو ھن ڳالھ جو بدلو ڏنو جو الله پنھنجي فضل سان ۽ سندس رَسُول کين شاھوڪار ڪيو، ۽ پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ته انھن لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن ڦرندا ته الله دُنيا ۽ آخرت ۾ کين ڏکوئيندڙ عذاب سان سزا ڏيندو، ۽ مُلڪ ۾ انھن لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار آھي.

    (75) وَمِنْهُم مَّنْ عَاهَدَ اللّهَ لَئِنْ آتَانَا مِن فَضْلِهِ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكُونَنَّ مِنَ الصَّالِحِينَ
    75 – 75. ۽ منجھائن ڪي آھن جن الله سان انجام ڪيو آھي ته جيڪڏھن پنھنجي فضل سان اسان کي ڏنائين ته ضرور خيرات ڏينداسون ۽ ڀلارن مان ٿينداسون.

    (76) فَلَمَّا آتَاهُم مِّن فَضْلِهِ بَخِلُواْ بِهِ وَتَوَلَّواْ وَّهُم مُّعْرِضُونَ
    76 – 76. پوءِ جنھن مھل پنھنجي فضل سان کين مال ڏنائين ته اُن جي ڪنجوسائي ڪيائون ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ ٿي ڦريا.

    (77) فَأَعْقَبَهُمْ نِفَاقًا فِي قُلُوبِهِمْ إِلَى يَوْمِ يَلْقَوْنَهُ بِمَا أَخْلَفُواْ اللّهَ مَا وَعَدُوهُ وَبِمَا كَانُواْ يَكْذِبُونَ
    77 – 77. پوءِ الله سندن دلين ۾ کين سندن ملڻ جي ڏينھن تائين انھي سببان منافقي لاڳو ڪري ڇڏي جو الله سان اُھو انجام نه پاريائون جيڪو ساڻس ڪيائون ۽ اُنھي سببان جو ڪوڙ چوندا رھيا.

    (78) أَلَمْ يَعْلَمُواْ أَنَّ اللّهَ يَعْلَمُ سِرَّهُمْ وَنَجْوَاهُمْ وَأَنَّ اللّهَ عَلاَّمُ الْغُيُوبِ
    78 – 78. نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله سندن ڳجھا ۽ سندن پڌرا (سخن) ۽ سندن ڳجھيون صلاحون ڄاڻندو آھي ۽ تحقيق الله وڏو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.

    (79) الَّذِينَ يَلْمِزُونَ الْمُطَّوِّعِينَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ فِي الصَّدَقَاتِ وَالَّذِينَ لاَ يَجِدُونَ إِلاَّ جُهْدَهُمْ فَيَسْخَرُونَ مِنْهُمْ سَخِرَ اللّهُ مِنْهُمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
    79 – 79. اِھي اھڙا آھن جو صدقي ڏيندڙن مؤمنن جي صدقي ڏئڻ ۾ طعنا ھڻندا آھن ۽ انھن کي (به طعنا ھڻندا آھن) جيڪي (مزدوري ڪرڻ جي) اوکائي کانسواءِ ڪي نه لھندا آھن ۽ انھن سان مسخريون ڪندا آھن، الله (به) سندن مسخرين جو کين بدلو ڏيندو ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

    (80) اسْتَغْفِرْ لَهُمْ أَوْ لاَ تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ إِن تَسْتَغْفِرْ لَهُمْ سَبْعِينَ مَرَّةً فَلَن يَغْفِرَ اللّهُ لَهُمْ ذَلِكَ بِأَنَّهُمْ كَفَرُواْ بِاللّهِ وَرَسُولِهِ وَاللّهُ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الْفَاسِقِينَ
    80 – 80. انھن لاءِ بخشش گھُرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھُرين، جيڪڏھن اُنھن لاءِ ستر ڀيرا بخشش گھُرين ته به الله انھن کي ڪڏھن نه بخشيندو، اھو ھن سببان آھي جو اُنھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو، ۽ الله بي دين قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

    (81) فَرِحَ الْمُخَلَّفُونَ بِمَقْعَدِهِمْ خِلاَفَ رَسُولِ اللّهِ وَكَرِهُواْ أَن يُجَاهِدُواْ بِأَمْوَالِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ فِي سَبِيلِ اللّهِ وَقَالُواْ لاَ تَنفِرُواْ فِي الْحَرِّ قُلْ نَارُ جَهَنَّمَ أَشَدُّ حَرًّا لَّوْ كَانُوا يَفْقَهُونَ
    81 – 81. الله جي پيغمبر جي (جھاد تي) وڃڻ کانپوءِ پٺ تي رھندڙ پنھنجي (رھجي) وھڻ تي خوش ٿيا ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جِندن سان الله جي واٽ ۾ جِھاد ڪرڻ ناپسند ڪيائون ۽ (پاڻ ۾) چيائون ته گرميءَ ۾ (جھاد لاءِ) نه نڪرو، (اي پيغمبرکين) چؤ ته دوزخ جي باھ ڏاڍي گرم آھي، جيڪڏھن سمجھن ھا (ته ايئن نه ڪن ھا).

    (82) فَلْيَضْحَكُواْ قَلِيلاً وَلْيَبْكُواْ كَثِيرًا جَزَاء بِمَا كَانُواْ يَكْسِبُونَ
    82 – 82. پوءِ ٿورو کلڻ گھرجين ۽ گھڻو روئڻ گھرجين، اُنھن (اعمالن) جي بدلي ۾ جو جيڪي ڪندا آھن.

    (83) فَإِن رَّجَعَكَ اللّهُ إِلَى طَآئِفَةٍ مِّنْهُمْ فَاسْتَأْذَنُوكَ لِلْخُرُوجِ فَقُل لَّن تَخْرُجُواْ مَعِيَ أَبَدًا وَلَن تُقَاتِلُواْ مَعِيَ عَدُوًّا إِنَّكُمْ رَضِيتُم بِالْقُعُودِ أَوَّلَ مَرَّةٍ فَاقْعُدُواْ مَعَ الْخَالِفِينَ
    83 – 83. پوءِ جيڪڏھن الله توکي منجھائن ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن موٽائي نئي ته نڪرڻ لاءِ توکان موڪلائيندا پوءِ چؤ ته مون سان ڪڏھن نه نڪرندؤ ۽ مون سان گڏجي ڪنھن دشمن سان ڪڏھن نه وڙھندؤ، بيشڪ اوھين پھريون ڀيرو وھڻ سان راضي ٿيؤ تنھنڪري (ھاڻي به) پوئتي وھندڙن سان گڏجي ويھو.

    (84) وَلاَ تُصَلِّ عَلَى أَحَدٍ مِّنْهُم مَّاتَ أَبَدًا وَلاَ تَقُمْ عَلَىَ قَبْرِهِ إِنَّهُمْ كَفَرُواْ بِاللّهِ وَرَسُولِهِ وَمَاتُواْ وَهُمْ فَاسِقُونَ
    84 – 84. ۽ منجھائن جيڪو مري تنھن تي بلڪل نماز نه پڙھ ۽ نڪي سندس قبر تي بيھ، بيشڪ انھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو ۽ اُھي بي دين ٿي مُئا.

    (85) وَلاَ تُعْجِبْكَ أَمْوَالُهُمْ وَأَوْلاَدُهُمْ إِنَّمَا يُرِيدُ اللّهُ أَن يُعَذِّبَهُم بِهَا فِي الدُّنْيَا وَتَزْهَقَ أَنفُسُهُمْ وَهُمْ كَافِرُونَ
    85 – 85. ۽ تون سندن مال ۽ سندن اولاد تي عجب نه ڪر، الله گھرندو آھي ته ان جي سببان دنيا ۾ ئي کين عذاب ڪري ۽ سندن ساھ ڪفر جي ئي حالت ۾ نِڪرن.

    (86) وَإِذَآ أُنزِلَتْ سُورَةٌ أَنْ آمِنُواْ بِاللّهِ وَجَاهِدُواْ مَعَ رَسُولِهِ اسْتَأْذَنَكَ أُوْلُواْ الطَّوْلِ مِنْهُمْ وَقَالُواْ ذَرْنَا نَكُن مَّعَ الْقَاعِدِينَ
    86 – 86. ۽ جيڪڏھن ڪا سُورة (ھِن لاءِ) نازل ڪئي ويندي آھي ته الله کي مڃيو ۽ سندس پيغمبر سان گڏجي جھاد ڪريو ته منجھائن آسودا توکان موڪلائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان کي ڇڏ ته ويٺلن سان گڏ رھون.

    (87) رَضُواْ بِأَن يَكُونُواْ مَعَ الْخَوَالِفِ وَطُبِعَ عَلَى قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لاَ يَفْقَهُونَ
    87 – 87. ويٺلن زالن سان گڏ ھُجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ سندين دلين تي مُھر ھنئي وئي پوءِ اُھي نه سمجھندا آھن.

    (88) لَـكِنِ الرَّسُولُ وَالَّذِينَ آمَنُواْ مَعَهُ جَاهَدُواْ بِأَمْوَالِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ وَأُوْلَـئِكَ لَهُمُ الْخَيْرَاتُ وَأُوْلَـئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ
    88 – 88. پر پيغمبر ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن لاءِ چڱايون آھن، ۽ اُھي ئي ڇٽل آھن.

    (89) أَعَدَّ اللّهُ لَهُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا ذَلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
    89 – 89. انھن لاءِ الله اھڙا باغ تيار ڪيا آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

    (90) وَجَاء الْمُعَذِّرُونَ مِنَ الأَعْرَابِ لِيُؤْذَنَ لَهُمْ وَقَعَدَ الَّذِينَ كَذَبُواْ اللّهَ وَرَسُولَهُ سَيُصِيبُ الَّذِينَ كَفَرُواْ مِنْهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
    90 – 90. ۽ بَدوِين مان بھاني ڪرڻ وارا آيا ته کين موڪل ڏني وڃي ۽ جن الله ۽ سندس رسول کي ڪوڙو ڄاتو سي ويھي رھيا، منجھائن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب سِگھو ئي پھچندو.

    (91) لَّيْسَ عَلَى الضُّعَفَاء وَلاَ عَلَى الْمَرْضَى وَلاَ عَلَى الَّذِينَ لاَ يَجِدُونَ مَا يُنفِقُونَ حَرَجٌ إِذَا نَصَحُواْ لِلّهِ وَرَسُولِهِ مَا عَلَى الْمُحْسِنِينَ مِن سَبِيلٍ وَاللّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    91 – 91. نڪي عاجزن تي ۽ نڪي بيمارن تي ۽ نڪي اُھي جو جيڪي خرچين سو نه ٿا لھن تن تي ڪو گناھ آھي جڏھن ته الله ۽ سندس پيغمبر جا خيرخواھ ھجن، ڀلارن تي ڪو ڏوراپو نه آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (92) وَلاَ عَلَى الَّذِينَ إِذَا مَا أَتَوْكَ لِتَحْمِلَهُمْ قُلْتَ لاَ أَجِدُ مَا أَحْمِلُكُمْ عَلَيْهِ تَوَلَّواْ وَّأَعْيُنُهُمْ تَفِيضُ مِنَ الدَّمْعِ حَزَنًا أَلاَّ يَجِدُواْ مَا يُنفِقُونَ
    92 – 92. ۽ نڪي اُنھن تي (ڪو گناھ آھي) جي جڏھن تو وٽ اچن ته کين (وھٽ تي) چاڙھين ( ۽ تون) چوين ته (ڪو وھٽ) نه ٿو لھان جنھن تي اوھان کي چاڙھيان، تڏھن اُھي موٽن ۽ ھن ڏُک کان سندن اکيون ڳوڙھا ھاريندڙ ھجن ته جيڪي (الله جي واٽ ۾) خرچين سو نه ٿا لھن،

    (93) إِنَّمَا السَّبِيلُ عَلَى الَّذِينَ يَسْتَأْذِنُونَكَ وَهُمْ أَغْنِيَاء رَضُواْ بِأَن يَكُونُواْ مَعَ الْخَوَالِفِ وَطَبَعَ اللّهُ عَلَى قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لاَ يَعْلَمُونَ
    93 – 93. ڏوراپي جي واٽ انھن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي جن توکان موڪلايو ۽ اُھي شاھوڪار ھوا، رھيلن زالن سان گڏ ھجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ الله سندين دلين تي مُھر ھنئي پوءِ اُھي نه ڄاڻندا آھن.

    (94) يَعْتَذِرُونَ إِلَيْكُمْ إِذَا رَجَعْتُمْ إِلَيْهِمْ قُل لاَّ تَعْتَذِرُواْ لَن نُّؤْمِنَ لَكُمْ قَدْ نَبَّأَنَا اللّهُ مِنْ أَخْبَارِكُمْ وَسَيَرَى اللّهُ عَمَلَكُمْ وَرَسُولُهُ ثُمَّ تُرَدُّونَ إِلَى عَالِمِ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
    94 – 94. جڏھن (اوھين) اُنھن ڏانھن موٽندؤ (تڏھن) اوھان وٽ بھانو ڪندا، (انھن کي) چؤ ته بھانو نه ڪريو اوھان (جي ڳالھ) کي ڪڏھن نه مڃينداسون بيشڪ اوھان جي حال کان الله اسان کي خبر ڏني آھي، ۽ الله ۽ سندس پيغمبر اوھان جا عمل سِگھو ئي ڏسندو وري ڳجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن موٽايا ويندؤ ( ۽ ) پوءِ جيڪي ٿي ڪيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

    (95) سَيَحْلِفُونَ بِاللّهِ لَكُمْ إِذَا انقَلَبْتُمْ إِلَيْهِمْ لِتُعْرِضُواْ عَنْهُمْ فَأَعْرِضُواْ عَنْهُمْ إِنَّهُمْ رِجْسٌ وَمَأْوَاهُمْ جَهَنَّمُ جَزَاء بِمَا كَانُواْ يَكْسِبُونَ
    95 – 95. جڏھن انھن ڏانھن موٽندؤ (ته) ستت ئي اوھان جي آڏو الله جو قسم ھِن لاءِ کڻندا ته (اوھين) کائن مڙي وڃو، پوءِ کائن مڙي وڃو، بيشڪ اُھي پليت آھن، ۽ جيڪي ٿي ڪمايائون تنھن جي عوض ۾ سندين جاءِ دوزخ آھي.

    (96) يَحْلِفُونَ لَكُمْ لِتَرْضَوْاْ عَنْهُمْ فَإِن تَرْضَوْاْ عَنْهُمْ فَإِنَّ اللّهَ لاَ يَرْضَى عَنِ الْقَوْمِ الْفَاسِقِينَ
    96 – 96. اوھان وٽ ھن لاءِ قسم کڻندا ته (اوھين) کائن راضي ٿيو، پوءِ جيڪڏھن (اوھين) کائن راضي ٿيندؤ ته (به) الله بي دين ماڻھن کان راضي نه ٿيندو.

    (97) الأَعْرَابُ أَشَدُّ كُفْرًا وَنِفَاقًا وَأَجْدَرُ أَلاَّ يَعْلَمُواْ حُدُودَ مَا أَنزَلَ اللّهُ عَلَى رَسُولِهِ وَاللّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
    97 – 97. بَدوي ڪُفر ۽ منافقيءَ ۾ تمام سخت آھن ۽ ھن (عادت) جوڳا آھن ته الله پنھنجي پيغمبر تي جيڪي حُڪم لاٿا تنھن جون (شرعي) حدون نه ڄاڻن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (98) وَمِنَ الأَعْرَابِ مَن يَتَّخِذُ مَا يُنفِقُ مَغْرَمًا وَيَتَرَبَّصُ بِكُمُ الدَّوَائِرَ عَلَيْهِمْ دَآئِرَةُ السَّوْءِ وَاللّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
    98 – 98. ۽ ڳوٺاڻن مان ڪي اھڙا آھن جو خرچ ڪن ٿا سو چَٽي ڄاڻندا آھن ۽ اوھان تي زماني جي ڦيرگھير (اچڻ) جا منتظر آھن، زماني جو بڇڙو ڦيرو مٿن ھجي (شال)، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    (99) وَمِنَ الأَعْرَابِ مَن يُؤْمِنُ بِاللّهِ وَالْيَوْمِ الآخِرِ وَيَتَّخِذُ مَا يُنفِقُ قُرُبَاتٍ عِندَ اللّهِ وَصَلَوَاتِ الرَّسُولِ أَلا إِنَّهَا قُرْبَةٌ لَّهُمْ سَيُدْخِلُهُمُ اللّهُ فِي رَحْمَتِهِ إِنَّ اللّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    99 – 99. ۽ ٻھراڙي وارن مان ڪي اھڙا آھن جي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ جيڪي خرچيندا آھن تنھن کي الله وٽ ويجھائي جو ۽ پيغمبر جي دُعا حاصل ڪرڻ جو وسيلو ڪري وٺندا آھن، بيشڪ اھا انھن لاءِ ويجھائيءَ (جو سبب) آھي الله کين پنھنجي رحمت ھيٺ سگھوئي داخل ڪندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (100) وَالسَّابِقُونَ الأَوَّلُونَ مِنَ الْمُهَاجِرِينَ وَالأَنصَارِ وَالَّذِينَ اتَّبَعُوهُم بِإِحْسَانٍ رَّضِيَ اللّهُ عَنْهُمْ وَرَضُواْ عَنْهُ وَأَعَدَّ لَهُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي تَحْتَهَا الأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا ذَلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
    100 – 100. ۽ مُھاجرن ۽ انصارن مان (ايمان ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا ۽ جن چڱائيءَ سان سندين تابعداري ڪئي اُنھن (سڀني) کان الله راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن ۽ اُنھن لاءِ باغ تيار ڪيا اٿس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مُراد ماڻڻ آھي.

    (101) وَمِمَّنْ حَوْلَكُم مِّنَ الأَعْرَابِ مُنَافِقُونَ وَمِنْ أَهْلِ الْمَدِينَةِ مَرَدُواْ عَلَى النِّفَاقِ لاَ تَعْلَمُهُمْ نَحْنُ نَعْلَمُهُمْ سَنُعَذِّبُهُم مَّرَّتَيْنِ ثُمَّ يُرَدُّونَ إِلَى عَذَابٍ عَظِيمٍ
    101 – 101. ۽ اوھان جي آس پاس وارن بدوين مان (به) ڪي منافق آھن، ۽ مديني وارن مان (به)، ڪي منافقيءَ تي عادي ٿي ويا آھن، (تون) کين نه ڄاڻندو آھين، اسين انھن کي ڄاڻندا آھيون، سگھوئي اسين کين ٻه ڀيرا عذاب ڪنداسون وري وڏي عذاب ڏانھن موٽايا ويندا.

    (102) وَآخَرُونَ اعْتَرَفُواْ بِذُنُوبِهِمْ خَلَطُواْ عَمَلاً صَالِحًا وَآخَرَ سَيِّئًا عَسَى اللّهُ أَن يَتُوبَ عَلَيْهِمْ إِنَّ اللّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
    102 – 102. ۽ ٻيا (اھڙا) آھن جن پنھنجا گناھ باسيا آھن (انھن) چڱا ڪم ۽ ٻيا بڇڙا ڪم گڏي سڏي ڪيا آھن، اميد آھي ته الله مٿن ٻاجھ سان موٽندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.

    (103) خُذْ مِنْ أَمْوَالِهِمْ صَدَقَةً تُطَهِّرُهُمْ وَتُزَكِّيهِم بِهَا وَصَلِّ عَلَيْهِمْ إِنَّ صَلاَتَكَ سَكَنٌ لَّهُمْ وَاللّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ
    103 – 103. سندن مالن مان زڪوٰة وصول ڪر ته اُن سان کين (ظاھر ۾ به) پاڪ ڪندو رھين ۽ کين (باطن ۾) سٺو ڪندو رھين ۽ مٿن رحمت جي دُعا گھر، ڇوته تنھنجي دُعا انھن لاءِ آرام آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

    (104) أَلَمْ يَعْلَمُواْ أَنَّ اللّهَ هُوَ يَقْبَلُ التَّوْبَةَ عَنْ عِبَادِهِ وَيَأْخُذُ الصَّدَقَاتِ وَأَنَّ اللّهَ هُوَ التَّوَّابُ الرَّحِيمُ
    104 – 104. نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله ئي پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ (سندين) خيراتون قبول ڪندو آھي ۽ بيشڪ الله ئي توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.

    (105) وَقُلِ اعْمَلُواْ فَسَيَرَى اللّهُ عَمَلَكُمْ وَرَسُولُهُ وَالْمُؤْمِنُونَ وَسَتُرَدُّونَ إِلَى عَالِمِ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
    105 – 105. ۽ چؤ ته عمل ڪريو پوءِ الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمن (سڀئي) اوھان جا عمل ڏسندا، ۽ ڳُجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن سگھو موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو.

    (106) وَآخَرُونَ مُرْجَوْنَ لِأَمْرِ اللّهِ إِمَّا يُعَذِّبُهُمْ وَإِمَّا يَتُوبُ عَلَيْهِمْ وَاللّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
    106 – 106. ۽ ٻيا الله جي حُڪم لاءِ رھايل آھن ته يا ته کين عذاب ڪري يا کين معاف ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (107) وَالَّذِينَ اتَّخَذُواْ مَسْجِدًا ضِرَارًا وَكُفْرًا وَتَفْرِيقًا بَيْنَ الْمُؤْمِنِينَ وَإِرْصَادًا لِّمَنْ حَارَبَ اللّهَ وَرَسُولَهُ مِن قَبْلُ وَلَيَحْلِفَنَّ إِنْ أَرَدْنَا إِلاَّ الْحُسْنَى وَاللّهُ يَشْهَدُ إِنَّهُمْ لَكَاذِبُونَ
    107 – 107. ۽ (انھن مان اھڙا به آھن) جن نقصان پُھچائڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجھڻ ۽ جن (ماڻھن) الله ۽ سندس پيغمبر سان اڳ ويڙھ ڪئي آھي تن واسطي گھٽ ٺاھڻ لاءِ (ھڪ) مسجد بڻائي آھي، ۽ (اُھي) ضرور قسم کڻندا ته چڱائيءَ کانسواءِ اسانجو (بڻائڻ ۾) ٻيو ڪو ارادو نه آھي، ۽ الله شاھدي ڏئي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.

    (108) لاَ تَقُمْ فِيهِ أَبَدًا لَّمَسْجِدٌ أُسِّسَ عَلَى التَّقْوَى مِنْ أَوَّلِ يَوْمٍ أَحَقُّ أَن تَقُومَ فِيهِ فِيهِ رِجَالٌ يُحِبُّونَ أَن يَتَطَهَّرُواْ وَاللّهُ يُحِبُّ الْمُطَّهِّرِينَ
    108 – 108. منجھس اصلي نه بيھ، جا مسجد پھرين ڏينھن پرھيزگاريءَ تي اڏائي ويئي آھي تنھن ۾ توکي بيھڻ (يعني نماز پڙھڻ ۽ پڙھائڻ) وڌيڪ لائق آھي، جنھن ۾ اھڙا مڙس آھن جي پاڪ رھڻ پسند ڪندا آُھن، ۽ الله پاڪ رھڻ وارن کي پسند ڪندو آھي.

    (109) أَفَمَنْ أَسَّسَ بُنْيَانَهُ عَلَى تَقْوَى مِنَ اللّهِ وَرِضْوَانٍ خَيْرٌ أَم مَّنْ أَسَّسَ بُنْيَانَهُ عَلَىَ شَفَا جُرُفٍ هَارٍ فَانْهَارَ بِهِ فِي نَارِ جَهَنَّمَ وَاللّهُ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
    109 – 109. ڀلا جنھن پنھنجي اڏاوت الله جي ڊڄ ۽ (سندس) رضامنديءَ تي اڏي سو ڀلو آھي يا اُھو جنھن پنھنجي اڏاوت نئن جي ڪرندڙ ڀر تي اَڏي؟ پوءِ اُھا اڏيندڙ سميت دوزخ جي باھ ۾ ڪري، ۽ الله ظالمن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.

    (110) لاَ يَزَالُ بُنْيَانُهُمُ الَّذِي بَنَوْاْ رِيبَةً فِي قُلُوبِهِمْ إِلاَّ أَن تَقَطَّعَ قُلُوبُهُمْ وَاللّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
    110 – 110. جو بُڻياد بڻايائون سو سدائين سندين دلين ۾ شڪ (جو سبب) رھندو سندن دلين جي وڍڻ کانسواءِ نه ويندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

    (111) إِنَّ اللّهَ اشْتَرَى مِنَ الْمُؤْمِنِينَ أَنفُسَهُمْ وَأَمْوَالَهُم بِأَنَّ لَهُمُ الجَنَّةَ يُقَاتِلُونَ فِي سَبِيلِ اللّهِ فَيَقْتُلُونَ وَيُقْتَلُونَ وَعْدًا عَلَيْهِ حَقًّا فِي التَّوْرَاةِ وَالإِنجِيلِ وَالْقُرْآنِ وَمَنْ أَوْفَى بِعَهْدِهِ مِنَ اللّهِ فَاسْتَبْشِرُواْ بِبَيْعِكُمُ الَّذِي بَايَعْتُم بِهِ وَذَلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ
    111 – 111. الله مؤمنن کان سندن سر ۽ مال ھِن ڪري ڳڌا جو پڪ بھشت انھن لاءِ آھي، (اِھي) اُن (انجام) تي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن پوءِ ماريندا (به) آھن ۽ ماربا (به) آھن، جو انجام توريت ۽ انجيل ۽ قرآن ۾ پڪي طرح ٿيل آھي، ۽ الله کان وڌيڪ پنھنجي انجام کي پورو ڪندڙ ڪير آھي؟ پوءِ جنھن سودي جو اوھان واپار ڪيو آھي تنھن تي خوش ٿيو، ۽ اِھا ئي وڏي مُراد ماڻڻ آھي.

    (112) التَّائِبُونَ الْعَابِدُونَ الْحَامِدُونَ السَّائِحُونَ الرَّاكِعُونَ السَّاجِدونَ الآمِرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَالنَّاهُونَ عَنِ الْمُنكَرِ وَالْحَافِظُونَ لِحُدُودِ اللّهِ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِينَ
    112 – 112. اِھي توبه ڪندڙ عبادت ڪندڙ ساراھ ڪندڙ (خُدا جي واٽ ۾) مُسافري ڪندڙ رُڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ چڱائيءَ جو حُڪم ڪندڙ ۽ مدائيءَ کان جھليندڙ ۽ الله جي حدن کي نگاہ ۾ رکندڙ آھن، ۽ (اھڙن) مؤمنن کي خوشخبري ڏي.

    (113) مَا كَانَ لِلنَّبِيِّ وَالَّذِينَ آمَنُواْ أَن يَسْتَغْفِرُواْ لِلْمُشْرِكِينَ وَلَوْ كَانُواْ أُوْلِي قُرْبَى مِن بَعْدِ مَا تَبَيَّنَ لَهُمْ أَنَّهُمْ أَصْحَابُ الْجَحِيمِ
    113 – 113. پيغمبر ۽ مؤمنن کي مشرڪن لاءِ کين (ھن ڳالھ جي) پڌري ٿيڻ کانپوءِ ته اُھي دوزخي آھن بخشش گھرڻ نه جڳائي توڻيڪ مائٽيءَ وارا ھجن.

    (114) وَمَا كَانَ اسْتِغْفَارُ إِبْرَاهِيمَ لِأَبِيهِ إِلاَّ عَن مَّوْعِدَةٍ وَعَدَهَا إِيَّاهُ فَلَمَّا تَبَيَّنَ لَهُ أَنَّهُ عَدُوٌّ لِلّهِ تَبَرَّأَ مِنْهُ إِنَّ إِبْرَاهِيمَ لأوَّاهٌ حَلِيمٌ
    114 – 114. ۽ ابراھيم جو پنھنجي پيءُ لاءِ بخشش گھرڻ انجام کانسواءِ نه ھو جو اُن ساڻس انجام ڪيو ھو، پوءِ جنھن دم کيس پڌرو ٿيو ته اُھو الله جو ويري آھي (ته ھڪدم) کانئس بيزار ٿيو، بيشڪ ابراھيم بلڪل ڪئنري دل وارو بُردبار ھو.

    (115) وَمَا كَانَ اللّهُ لِيُضِلَّ قَوْمًا بَعْدَ إِذْ هَدَاهُمْ حَتَّى يُبَيِّنَ لَهُم مَّا يَتَّقُونَ إِنَّ اللّهَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ
    115 – 115. ۽ الله جو ڪم نه آھي جو ڪنھن قوم کي سڌي رستي ڏيکارڻ کانپوءِ گمراہ ڪري جيسين اُھي (ڳالھيون) اُنھن لاءِ پڌريون (نه) ڪري جن کان انھن کي بچڻ گھرجي بيشڪ الله ھر شيء ڄاڻندڙ آھي.

    (116) إِنَّ اللّهَ لَهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ يُحْيِـي وَيُمِيتُ وَمَا لَكُم مِّن دُونِ اللّهِ مِن وَلِيٍّ وَلاَ نَصِيرٍ
    116 – 116. بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي ئي آھي، (اُھو) جياري ٿو ۽ ماري ٿو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو دوست ۽ نڪو مدد ڏيندڙ آھي.

    (117) لَقَد تَّابَ الله عَلَى النَّبِيِّ وَالْمُهَاجِرِينَ وَالأَنصَارِ الَّذِينَ اتَّبَعُوهُ فِي سَاعَةِ الْعُسْرَةِ مِن بَعْدِ مَا كَادَ يَزِيغُ قُلُوبُ فَرِيقٍ مِّنْهُمْ ثُمَّ تَابَ عَلَيْهِمْ إِنَّهُ بِهِمْ رَؤُوفٌ رَّحِيمٌ
    117 – 117. پيغمبر ۽ انھن مھاجرن ۽ انصارن تي بيشڪ الله ٻاجھ سان موٽيو جن سوڙھ جي وقت ۾ پيغمبر جي تابعداري ڪئي اُن کانپوءِ جو منجھائن ھڪ ٽوليءَ جون دليون لڏي وڃڻ تي ويجھيون ھيون وري (الله) مٿن ٻاجھ سان موٽيو، ڇوته اُھو مٿن شفقت ڪندڙ مھربان آھي.

    (118) وَعَلَى الثَّلاَثَةِ الَّذِينَ خُلِّفُواْ حَتَّى إِذَا ضَاقَتْ عَلَيْهِمُ الأَرْضُ بِمَا رَحُبَتْ وَضَاقَتْ عَلَيْهِمْ أَنفُسُهُمْ وَظَنُّواْ أَن لاَّ مَلْجَأَ مِنَ اللّهِ إِلاَّ إِلَيْهِ ثُمَّ تَابَ عَلَيْهِمْ لِيَتُوبُواْ إِنَّ اللّهَ هُوَ التَّوَّابُ الرَّحِيمُ
    118 – 118. ۽ انھن ٽن تي (به) جيڪي پوئتي رھايل، ايتري قدر جو زمين ايتري ويڪرائي ھوندي به مٿن سوڙھي ٿي وئي ھئي ۽ سندن ساہ مٿن منجھيا ھوا ۽ ڀانيائون ته (ھاڻي) الله کانسواءِ ڪا جاءِ پناھ جي نه آھي، وري مٿن ھِن لاءِ ٻاجھ سان موٽيو ته توبه ڪن، تحقيق الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.

    (119) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ اتَّقُواْ اللّهَ وَكُونُواْ مَعَ الصَّادِقِينَ
    119 – 119. اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ھجو.

    (120) مَا كَانَ لِأَهْلِ الْمَدِينَةِ وَمَنْ حَوْلَهُم مِّنَ الأَعْرَابِ أَن يَتَخَلَّفُواْ عَن رَّسُولِ اللّهِ وَلاَ يَرْغَبُواْ بِأَنفُسِهِمْ عَن نَّفْسِهِ ذَلِكَ بِأَنَّهُمْ لاَ يُصِيبُهُمْ ظَمَأٌ وَلاَ نَصَبٌ وَلاَ مَخْمَصَةٌ فِي سَبِيلِ اللّهِ وَلاَ يَطَؤُونَ مَوْطِئًا يَغِيظُ الْكُفَّارَ وَلاَ يَنَالُونَ مِنْ عَدُوٍّ نَّيْلاً إِلاَّ كُتِبَ لَهُم بِهِ عَمَلٌ صَالِحٌ إِنَّ اللّهَ لاَ يُضِيعُ أَجْرَ الْمُحْسِنِينَ
    120 – 120. مديني وارن ۽ سندس آس پاس وارن بدوين کي نڪي الله جي پيغمبر کان (جھاد ۾) پوءِ تي رھڻ ۽ نڪي سندس وجود کان پاڻ کي پيارو رکڻ جڳائي، اھو ھن ڪري جو کين نڪي اُڃ ۽ نڪي ڏُک ۽ نڪي بُک الله جي واٽ ۾ پھچندي آھي ۽ نڪي اھڙي ھنڌ ويندا آھن جتي ڪافر ڪاوڙجن ۽ نڪي دشمن کي (ڪو) اھنج پھچائيندا آھن پر انھن لاءِ ھر ھڪ (ڳالھ) بابت چڱو عمل لکيو ويندو آھي، تحقيق الله ڀلارن جو اَجر نه وڃائيندو آھي.

    (121) وَلاَ يُنفِقُونَ نَفَقَةً صَغِيرَةً وَلاَ كَبِيرَةً وَلاَ يَقْطَعُونَ وَادِيًا إِلاَّ كُتِبَ لَهُمْ لِيَجْزِيَهُمُ اللّهُ أَحْسَنَ مَا كَانُواْ يَعْمَلُونَ
    121 – 121. ۽ ڪوبه خرچ ٿورو يا گھڻو نه ڪندا آھن ۽ نڪو ڪو ميدان لنگھندا آھن پر انھن لاءِ (چڱو عمل) ھن لاءِ لکيو ويندو آھي ته جيڪو تمام چڱو ڪم ڪندا آھن تنھنجو الله کين بدلو ڏئي.

    (122) وَمَا كَانَ الْمُؤْمِنُونَ لِيَنفِرُواْ كَآفَّةً فَلَوْلاَ نَفَرَ مِن كُلِّ فِرْقَةٍ مِّنْهُمْ طَآئِفَةٌ لِّيَتَفَقَّهُواْ فِي الدِّينِ وَلِيُنذِرُواْ قَوْمَهُمْ إِذَا رَجَعُواْ إِلَيْهِمْ لَعَلَّهُمْ يَحْذَرُونَ
    122 – 122. ۽ مؤمنن کي نه جڳائيندو آھي جو مڙيئي (گڏ) نڪرن، پوءِ ٽوليءَ مان ڪي ڄڻا منجھائن ھن لاءِ ڇونه نڪرندا آھن ته دين ۾ عالِم ٿين ۽ جڏھن پنھنجي قوم ڏانھن موٽي وڃن ته ان کي ڊيڄارين ته مانَ اُھي ڊڄن.

    123) يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ قَاتِلُواْ الَّذِينَ يَلُونَكُم مِّنَ الْكُفَّارِ وَلِيَجِدُواْ فِيكُمْ غِلْظَةً وَاعْلَمُواْ أَنَّ اللّهَ مَعَ الْمُتَّقِينَ
    123 – 123. اي مؤمنو ڪافرن مان جيڪي اوھان جي آس پاس آھن تن سان وڙھو ۽ ڀَلي ته (اُھي) اوھان ۾ ڪا ڏاڍائي ڏسن، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي.

    (124) وَإِذَا مَا أُنزِلَتْ سُورَةٌ فَمِنْهُم مَّن يَقُولُ أَيُّكُمْ زَادَتْهُ هَـذِهِ إِيمَانًا فَأَمَّا الَّذِينَ آمَنُواْ فَزَادَتْهُمْ إِيمَانًا وَهُمْ يَسْتَبْشِرُونَ
    124 – 124. ۽ جڏھن ڪابه سُورة لاھبي آھي ته منجھائن ڪو اھڙو آھي جو چوندو آھي ته ھن سورة اوھان مان ڪھڙي جو ايمان وڌايو آھي؟ پوءِ جن ايمان آندو آھي تن جي ايمان کي وڌايو اٿس ۽ اُھي خوش ٿيندا آھن.

    (125) وَأَمَّا الَّذِينَ فِي قُلُوبِهِم مَّرَضٌ فَزَادَتْهُمْ رِجْسًا إِلَى رِجْسِهِمْ وَمَاتُواْ وَهُمْ كَافِرُونَ
    125 – 125. ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن کي پليتي تي پليتي وڌائي اٿس ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا.

    (126) أَوَلاَ يَرَوْنَ أَنَّهُمْ يُفْتَنُونَ فِي كُلِّ عَامٍ مَّرَّةً أَوْ مَرَّتَيْنِ ثُمَّ لاَ يَتُوبُونَ وَلاَ هُمْ يَذَّكَّرُونَ
    126 – 126. نه ڏسندا آھن ڇا ته ھر سال ھڪ ڀيرو يا ٻه ڀيرا سزا ڏني ويندي اٿن؟ وري نڪي توبه ڪندا آھن ۽ نڪي اُھي نصيحت وٺندا آھن.

    (127) وَإِذَا مَا أُنزِلَتْ سُورَةٌ نَّظَرَ بَعْضُهُمْ إِلَى بَعْضٍ هَلْ يَرَاكُم مِّنْ أَحَدٍ ثُمَّ انصَرَفُواْ صَرَفَ اللّهُ قُلُوبَهُم بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لاَّ يَفْقَهُون
    127 – 127. ۽ جڏھن ڪا سورة (انھن بابت) نازل ڪبي آھي (ته) انھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن (شرمندگيءَ کان) نھاريندا آھن، ( ۽ چوندا آھن ته) ڪنھن اوھانکي ڏٺو آھي ڇا؟ وري (گھرن ڏانھن) موٽندا آھن، الله سندن دليون ھن سببان ڦيرايون آھن جو اُھا بي سمجھ قوم آھي.

    (128) لَقَدْ جَاءكُمْ رَسُولٌ مِّنْ أَنفُسِكُمْ عَزِيزٌ عَلَيْهِ مَا عَنِتُّمْ حَرِيصٌ عَلَيْكُم بِالْمُؤْمِنِينَ رَؤُوفٌ رَّحِيمٌ
    128 – 128. (اي ماڻھو) بيشڪ اوھان جي جنس منجھان اوھان وٽ پيغمبر آيو آھي اوھان جو ڏُک مٿس اوکو آھي اوھان (جي ھدايت) تي حَرِيص آھي مسلمانن تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي.

    (129) فَإِن تَوَلَّوْاْ فَقُلْ حَسْبِيَ اللّهُ لا إِلَـهَ إِلاَّ هُوَ عَلَيْهِ تَوَكَّلْتُ وَهُوَ رَبُّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ
    129 – 129. پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته مون کي الله ڪافي آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، مٿس ڀروسو ڪيم ۽ اُھو وڏي عرش جو مالڪ آھي.