islamic-sources

    1. home

    2. book

    3. حضرت زهرا (س) اهل تشيع ۽ اهلسنت جي نگاھ ۾

    حضرت زهرا (س) اهل تشيع ۽ اهلسنت جي نگاھ ۾

    حضرت زهرا (س) اهل تشيع  ۽ اهلسنت جي نگاھ ۾

    • نایب علی کمیلی رند
    • سیده مشن پاکستان
    • حیدراباد پاکسان
    download

      Download

    4 (80%) 1 vote
    description book specs comment

    حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جن جي شان، مقام ۽ مرتبي تي جيترو ڪم ڪجي ۽ جيترو سرمايو خرچ ڪجي سو بي ڪنار بحر جي مقابلي ۾ هڪ قطري جي حيثيت به نه ٿو رکي وري به سندن محبن ۽ پيروڪارن کي اهو ئي حڪم آهي ته سندن معرفت حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن به جاکوڙ کان نه ڪيٻائين، الحمد لله سيده مشن پاڪستان هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن کي اهو اعزاز حاصل آهي جو سچي سائڻ جي مشن جي پرچار لاءِ ويب سائيٽ ۽ ليٽريچر جي صورت ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، زير نظر ڪتاب ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، هي ڪتاب حجة الاسلام والمسلمين قربانيان جي ڪتاب ” امامان شيعه در نگاھ اهل سنت“ جي هڪ حصي جو سليس سنڌي ۾ ترجمو آهي، هي مجمع جهاني شيعه شناسي جي هڪ بهترين پيش ڪش آهي، آئون شڪرگذار آهيان مهديه فائونڊيشن پاڪستان جي مدير محترم مولانا سيداخترحسين نقوي جن جو جنهن هي ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو، قم المقدسه ۽ نجف اشرف ۾ سندن اڻٿڪ ديني خدمتون قابل تقدير آهن، اهڙي ريت سيده مشن پاڪستان جي مدير محترم مولانا عبدالحفيظ پتافي جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب جي ترجمي جي سلسلي ۾ راھ هموار ڪري منهنجي لاءِ بهترين موقعو فراهم ڪيو، الله تعالى کان دعا آحي ته کين سندن مقصد ۾ ڪامياب فرمائي. (آمين)
    والسلام
    نائب علي ڪميلي

    • نایب علی کمیلی رند
    • سیده مشن پاکستان
    • حیدراباد پاکسان