islamic-sources

    1. home

    2. book

    3. سنئين واٽ

    سنئين واٽ

    سنئين واٽ

    • سیده مشن پاکستان
    • حیدرآباد
    download

      Download

    Rate this post
    description book specs comment

    هي ڪتاب جيڪو اوهان جي آڏو آهي نظام الملڪ طوسي جي ناٺي مقاتل بن عطيه “مؤتمر علماء بغداد” (بغداد جي علامن جي ڪانفرنس) جي نالي سان لکيو آهي. جيڪو هينئر تائين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپبو رهيوآهي. ڪتاب ننڍڙي ۽ مختصر هئڻ باجود گهڻن ئي ماڻهن جي هدايت ڪري سگهيوآهي.
    جيئن ڏسندا ته هي ڪتاب، سلطان شاهه سلجوقي ۽ سندس وزير نظام الملڪ وٽ شيعه ۽ سني عالمن جي وچ ۾ هڪ مناظري جو اکين ڏٺو احوال آهي.
    هن ڪتاب جي مطالعي دؤران ڏسندا ته گهڻيون ئي شيون آهن جن کي “الله جو حڪم” يا “نبي جي سنت” چيو ٿو وڃي جڏهن ته اهي الله جي حڪم ۽ نبي جي سنت جو بلڪل ضد آهن ۽ بدعت ۽ خرافات کان علاوه ٻيو ڪجهه به نه آهن .
    ان اميد سان ته پوري دنيا جا مسلمان حقيقت ۽ سچ جي واٽ جي وائکي ٿيڻ بعد دشمني، ضد ۽ ڪيني کي ڦٽو ڪري ، الله جي رسءَ کي مظبوطي سان پڪڙن ته جيئن گمراهي جي انڌيري کان ڇوٽڪاروحاصل ڪري هدايت جي نور تائين پهچي سگهن. ان شاءَ الله تعالى.

    • سیده مشن پاکستان
    • حیدرآباد