islamic-sources

    1. home

    2. book

    3. هڪ تشبيھ سان قيامت جو دليل(2

    هڪ تشبيھ سان قيامت جو دليل(2

    3.3 (65.45%) 11 votes
    description book specs comment

    هاڻي ڏسڻ گھرجي ته آسمان، رات ۽ ستارن[1] جي نظارن کي ڏيکارڻ، ڪهڙي شئ ڏانهن اشارو آهي؟ ۽ اهڙي ريت بعد ۾ ايندڙ آيتن کي ڏسڻ گھرجي ته جيئن مقصد جي منابست کي سٺي نموني سان سمجھي سگھون.

    الله تعالى ان قسم کان پوءِ فرمائي ٿو: إِن كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌ يعني ڪو نفس ۽ روح اهڙو ڪونهي جنهن جي مٿان هڪ نگهبان مقرر ٿيل (نه) آهي يعني ڪو نفس ۽ روح اهڙو نه آهي سواءِ ان جي جو الله تعالى غيبي طاقتن سان _ جن کي پوري جهان تي مقرر ڪيو آهي _ ان جي حفاظت ڪري ٿو.
    آية شريفه ۾ روحن جي حفاظت مان مراد

    هتي يا مقصد هي آهي ته ڪو نفس (روح) فنا ۽ ختم نه ٿو ٿئي، الله تعالى سڀني نفسن جي حفاظت ڪري ٿو. اهو مطلب (روح جي متعلق) ڪيترن ئي آيتن مان سمجھيو وڃي ٿو.
    قرآن مجيد فرمائي ٿو: موت جي حقيقت توفّي آهي، توفي، وفا ڪرڻ ۽ انسان (جي جان) کي پوري ۽ مڪمل طور وٺڻ جي معنى ۾ آيو آهي.
    اسان جيڪڏهن موت کي جسماني زندگي جي لحاظ کان ڏسون ته هڪ ڪاٺي وانگر آهي جيڪا سڪي ڪري ختم ٿي وڃي ٿي. پر جيڪڏهن موت کي انسان جي حقيقي شخصيت ۽ قرآني نظريي مطابق انسان جي روح کي نگاه ۾ رکندي ڏسون ته توفي ٿئي ٿو، جنهن جي معنى هي آهي ته الله تعالى وٽ فرشتا آهن جيڪي انسان جي حقيقي نفس ۽ روح کي بدن کان جدا ڪن ٿا ۽ پوءِ اها حقيقت محفوظ رهي ٿي ۽ ختم نه ٿي ٿئي. اللَّهُ يَتَوَفَّى الْأَنْفُسَ حِينَ مَوْتِهَا وَالَّتِي لَمْ تَمُتْ فِي مَنَامِهَا فَيُمْسِكُ الَّتِي قَضَى عَلَيْهَا الْمَوْتَ وَيُرْسِلُ الْأُخْرَى إِلَى أَجَلٍ مُسَمًّى[2] الله تعالى ماڻھن جا رُوح سندن موت جي وقت ڪڍندو آھي ۽ جن روحن جو موت نه ٿيو آهي، تن کي ننڊ جي حالت ۾ قبض ڪندو آهي، پوءِ جن جي موت جو حڪم ٿي چڪو آهي، تن کي محفوظ رکي ٿو ۽ ٻين جي روحن کي مقرر وقت تائين واپس موٽائي ٿو.
    يا مقصد هي آهي ته هن آيه شريفه ۾ نفس (روح) جي حفاظت مان مراد، عملن کي حفاظت سان رکڻ آهي، اهو مطلب به قرآن جي ٻين آيتن مان سمجھيو وڃي ٿو. ان جو مقصد هي آهي ته نه رڳو هر نفس (روح) لاءِ محافظ آهي بلڪه ان جي عملن مٿان به هڪ محافظ آهي. الله تعالى سوره انفطار ۾ فرمائي ٿو: وَإِنَّ عَلَيْكُمْ لَحَافِظِينَكِرَامًا كَاتِبِينَ [3] ۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن، اهي بزرگ لکڻ وارا آهن.
    ان جي معنى هي آهي ته نه رڳو اسان محفوظ آهيون، بلڪه اسان جا سڀئي، برا توڙي ڀلا عمل به محفوظ آهن.
    هتان کان ئي آسمان ۽ رات جي اچڻ ۽ ظاهر ٿيندڙ جي قسم جو مقسم عليه (جنهن لاءِ قسم کنيو وڃي ٿو) سان مناسبت ظاهر ٿئي ٿي، هتي مقسم عليه هي آيه إِن كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌ آهي.
    توهان اهو خيال ڪريو ٿا ته جڏهن مري ويندؤ ته نيست ۽ نابود ۽ فنا ٿي ويندؤ ۽ ان کان پوءِ هن جهان ۽ جهان جي آسمان ۾ ٻيهر واپس نه ايندؤ؟
    اها توهان جي ڀل آهي، توهان اکين کان ته لڪي ويا آهيو پر نابود نه ٿيا آهيو، ڇاڪاڻ ته موت، هڪ غروب (لڪڻ) آهي ۽ ان غروب کان پوءِ هڪ طلوع (ظاهر ٿيڻ) به آهي.
    انسان جا عمل به ائين ئي آهن. انسان جا عمل دنياوي نظر ۾ اهڙا ڪم آهن جيڪي گذري وڃن ٿا ۽ ان انسان جو نامه اعمال جو دفتر بند ٿي وڃي، سٺو يا برو ڪم جنهن کي انسان انجام ڏنو آهي، ڪجھ وقت گذرڻ کان پوءِ ماڻهن کان وسري وڃي ٿو ۽ ان کي بلڪل ياد نه ٿو ڪيو وڃي ڄڻ ته ختم ٿي ويو آهي. حقيقت ۾ به دنياوي لحاظ کان ڪم ختم ٿي وڃي ٿو، انسان جي زندگي ۾ ان جو دفتر بند ٿي وڃي ٿو پر الله تعالى جي نظر ۾ ڇا ڪو اهڙو عمل يا ڪم آهي جنهن جو دفتر هميشه لاءِ بند ٿي چڪو هجي؟ غروب ڪري ۽ وري ڪڏهن به طلوع نه ڪري؟ ڪڏهن به نه، بلڪه انسان جا سڀ عمل انهن ستارن وانگر آهن جيڪي ڪجھ وقت لڪڻ کان پوءِ ٻيهر رات جي وقت آسمان جي فضا ۾ ظاهر ٿين ٿا، انسان جي نفساني، روحاني ۽ معنوي فضا ۾ هڪ ڏينهن ظاهر ٿيندا ۽ سڀ گذريل عمل ۽ ڪم ٻئي زماني ۾ ظاهر ٿيندا ان ڪري توهان انهن ستارن جي قصي ۽ واقعي کي جيڪي ڪجھ وقت لڪڻ کان پوءِ رات جي وقت ٻيهر ظاهر ٿين ٿا، هن جهان ۾ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي عملن لاءِ نمونه عمل قرار ڏيو.

    [1] اهي ستارا جيڪي رات جي وقت انڌاري کان پوءِ اڀرن ٿا، اهي ستارا يقيناً فضا ۾ هئا، غروب ڪيائون ان کان پوءِ وري ٻيهر اڀريا.

    [2]سورت زمر، آيت42

    [3] سورت انفطار، آيت 10،11
    منبع:http://www.qsindh.com/ نویسنده مرتضی مطهری