islamic-sources

Languages
  1. home

  2. book

  3. ڪم ۽ ڪاوش

ڪم ۽ ڪاوش

ڪم ۽ ڪاوش

karvkosh-sen

  • آيت الله سيد مرتضى مجتهدي سيستاني
  • قم المقدس
download
description book specs comment

پنهنجي وجود کان استفادو ڪرڻ لاءِ نيڪ ۽ اهم هدفن تائين پهچڻ لاءِ ڪم ۽
ڪوشش ڪريو ۽ ان جي جستجو ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪريو.
تاريخ جي صفات کي پنهنجي نالن سان روشن ڪرڻ واريون عظيم ۽ مشهور
شخصيتون پنهنجي اهداف ۽ مقاصد جي راهه ۾ ڪڏهن به ٿڪاوٽ جو احساس
نه ڪيو آهي ۽ انهن پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه جستجو ۽
ڪوشش ڪندي پنهنجي منزل ڏانهن قدم وڌايو آهي.
توهان به پنهنجي مهم ۽ الٰهي مقاصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريو
ڇاڪاڻ ته نيڪ اهداف تائين پهچڻ لاءِ ڪم ۽ ڪوشش گھڻي اهميت رکي ٿي.
اڪثر آيتن ۽ روايتن ۾ ان جو بار بار ذڪر ڪيو ويو آهي.
ڪيتري حد تائين ڪوشش ڪيون؟
ڪجھ ماڻهن جي ڪوشش ۽ جستجو فقط ۽ فقط دنياوي مقاصدن کي
حاصل ڪرڻ ۾ ئي منحصر آهي، اهي ڪائنات جي حقيقتن کان مڪمل طور تي
غافل هوندا آهن، اهي هميشه رهڻ واري دنيا ۽ آخرت ۾ انسان جي سعادت جو
سبب بڻجڻ وارن روحاني ۽ معنوي ڪمن کان غافل )بي خيال( هندا آهن، انهن
جو هدف صرف تجارت ۽ گھڻي کان گھڻو مال حاصل ڪرڻ هوندو آهي. انهن
جو زندگيءَ ۾ حقيقي مقصد گھڻي کان گھڻي دولت جو گڏ ڪرڻ هوندو آهي.
اڪثر ڪري ماڻهو پنهنجي هدف سان مربوط آئين ۾ تمام انهن مسئلن تي دقت
سان غور ۽ فڪر ڪندا آهن ۽ جڏهن انهن کي ان ۾ ڪامياب ٿيڻ جو يقين ٿي
ڪم ۽ ڪاوش……………………………………………………………………………………………………………………. 7
ويندو آهي ته اهي ان کي انجام ڏيندا آهن، پر هو عبادت جي ڪمن ۾ بالڪل
توجھ نه ڏيندا آهن جيڪا خدا جي نزديڪ گھڻي اهميت رکي ٿي. جڏهن ته خدا
جي نزديڪ ڪنهن عمل جو قبول ٿي وڃڻ ان عمل کي با ثمر بڻائي ڇڏيندو
آهي. ان ڪري امام علي ابن ابي طالب عليهما السلام فرمائن ٿا:
) اْلعَمَل
ََ شَدَّ عِنَايَةً مِنْكُمْ عَل
َ
قَبُولِ اْلعَمَلِ أ
ََ كُونُُا عَل )
عمل کي انجام ڏيڻ کان گهڻي ان جي قبول ٿيڻ ڏانهن توجھ ڪيو.
خدا جي بارگاهه ۾ عمل جو قبول ٿي وڃڻ اهميت رکندڙ آهي نه اهو پاڻ
عمل. بس جيڪڏهن خدا ڪنهن عمل کي قبول نه ڪري ته ان عمل جو ڪو به
فائدو نه آهي.
ان ڪري اسان کي اهڙي راهه ۾ ڪوشش ڪرڻ گھرجي جيڪا خدا جي
راضي ۽ خشنوديءَ جو سبب هجي ۽ اسان کي گھرجي ته ان جي قبوليت کي به
نظر ۾ رکون!.

  • آيت الله سيد مرتضى مجتهدي سيستاني
  • قم المقدس